الم (آيت : 1) |
الم |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
هي اهو ئي (خدا جو) ڪتاب آهي (جنهن جي اوهان کي خبر آهي) هن ۾ (ڪنهن قسم جي) شڪ ۽ گمان جي جاءِ نه آهي. هي پرهيزگارن جو رهنما آهي. |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آهي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي ئي آخرت جو به يقين رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي. |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
خدا سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر (نشاني) هنئي آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا ۽ سندن اکين تي پردو (پيل) آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن. |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
اهي خدا ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. در اصل اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالھ کي) نٿا سمجهن. |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
سندن دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي پوءِ خدا انهن جي بيماري وڌائي. ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو (اهي) سدائين ڪوڙ ڳالهائيندڙ رهيا آهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه وجهو ته چون ٿا اسين سڌارو ڪندڙ ئي آهيون. |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
هوشيار رهو! اهي ئي فسادي آهن پر (اهي ان راز کي) نٿا ڄاڻن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چون ٿاته ڇا اسين ائين ئي ايمان آڻيون جيئن ٻين بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو! اهي ئي بيوقوف آهن پر نٿا سمجهن. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون. |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
(اهي ڇا کل مسخري ڪندا) خدا (خود) انهن سان کلون ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڍر ڏئي ٿو ۽ حالت هي آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
هي اهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار فائدو ڏنو ۽ نڪي انهن هدايت ئي حاصل ڪئي. |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي، جنهن (رات جي وقت مجمع ۾) باھ ٻاري پوءِ جڏهن باھ ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته خدا سندن روشني کي گم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو نٿا ڏسن. |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
(اهي) ٻوڙا آهن، گونگا آهن (۽) انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا. |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ ڳوڙ ۽ وڄ هجي. اهي گجگوڙ جي ڪري موت جي خوف کان پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ خدا ڪافرن کي (چوڌاري) گهيرو ڪندڙ آهي. |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
وڄ سندن نگاھ کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان جي (روشني ) ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن (وري) مٿن اوندھ ٿئي ٿي ته (گهٻرائجي) بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏين ها. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءَءَ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي بندگي ڪريو. جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جيڪي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي. من اوهين پرهيزگار ٿيو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان مان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کائڻ لاءِ پوءِ اوهين ڄاڻي واڻي (ٻين کي) خدا جي برابر نه ڪريو. |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي عبد (محمد) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ خدا کانسواءِ پنهنجا شاهد به سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان (ائين) نه ڪيو ۽ ڪڏهن به ڪري نه سگهندو ته (پوءِ) ان باھ کان پاڻ بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. جا ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي. |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ انهن کي (اي حبيب) خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيائون تن لاءِ باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. جڏهن انهن مان ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هي ته اهو ئي آهي جيڪو اڳي (دنيا ۾) اسان کي ڏنو ويو هو.(ڇو ته) کين اهو (ميوو شڪل ۾) اهڙو ئي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ انهن (باغن) ۾ پاڪ (پاڪيزيون) زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ خدا ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نٿو ڪري (پوءِ اهو مثال) مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي (هجي). پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا بيشڪ اهو (مثال) سچو آهي جيڪو سندن پالڻهار وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته خدا هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي ان (مثال) سان (خدا) گهڻن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراهيءَ ۾ نٿو ڇڏي. |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عهد و پيمان کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڀڃي ڇڏين ٿا ۽ جن (تعلقات) جو خدا حڪم ڏنو آهي، ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ زمين ۾ وڳوڙ ڪن پيا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
ڪهڙي سبب خدا کي نٿا مڃو! اوڏانهن اوهين بيجان هيوءَ! پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي (ٻيو ڀيرو قيامت ۾) جياريندو (۽) وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
هو اهو آهي جنهن، جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي متوجه ٿيو پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان جوڙيائين ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءَ کي ڄاڻيندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان انهن چيو ته ڇا، تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ وڳوڙ ڪندو ۽ رت وهائيندو، هوڏانهن (اسان جو وڌيڪ حق آهي ڇو ته) اسين تنهنجي حمد سان تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. خدا فرمايو: بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻيان ٿو (سو) اوهين نٿا ڄاڻيو. |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
۽ (آدم جي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ) آدم کي سڀ نالا سيکاريا پوءِ انهن (انسانن) کي (جن جا نالا سيکاريل هئا) ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ (خدا) فرمايو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته مو کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌايو. |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
انهن (عاجزيءَ سان) عرض ڪيو ته (تون هر عيب کان) پاڪ آهين. جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ (۽) مصلحتن کي سڃاڻڻ وارو آهين. |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
خدا (آدم کي) فرمايو ته انهن کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌاءِ! پوءِ جڏهن آدم، انهن کي (انسانن) جا نالا ٻڌايا تڏهن خدا فرمايو: ڇا! مون اوهان کي نه چيو هو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي، ان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
۽ اسان فرمايو ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) پر هن وڻ جي ويجها نه وڃجو! نه ته پوءِ پنهنجي پاڻ ئي نقصان ڪندوءَ. |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پوءِ شيطان انهن کي هتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (عيش ۽ راحت) ۾ اهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين ۽ چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪٻئي جا دشمن ٿيندوءَ. ۽ هڪ مدت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي. |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (معافيءَ گهرڻ جا) ڪي ڪلمات سکيا، پوءِ خدا (انهن جي مهابي) مٿس مهرباني ڪري سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي. |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
اسان چيو ته ان (جنت) مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائي جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ئي ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ (هي به ياد رکو ته) جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن ۽ سدائين ان ۾ پيا رهندا. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن احسانن کي ياد ڪريو جي اوهان تي اڳ ڪيا اٿم ۽ مون سان (ڪيل) عهد اقرار (ايمان وارو) پاڙيو ته آءُ به اوهان سان انجام (ثواب جو) پورو ڪريان ۽ مون کان ئي ڊڄو. |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ جو (قرآن) مون نازل ڪيو آهي اهو هن ڪتاب (توريت) جي (به) تصديق ڪري ٿو جيڪو اوهان وٽ آهي ۽ اوهين سڀ کان پهريان هن (قرآن) جا انڪاري نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ قليل قيمت (دنيا جو فائدو) نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو. |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ جيڪي (اسان جي اڳيان) عبادت لاءِ جهڪندڙ آهن تن سان گڏ اوهين به جهڪندا ڪيو. |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
اوهين ٻين کي ته چڱائي ڏسيو ٿا پر پنهنجي خبر نٿا لهو. هوڏانهن اوهين خدا جو ڪتاب پڙهندا رهو ٿا. ته ڇا! اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو! |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
۽ صبر (روزن) ۽ نماز کان مدد وٺو ۽ جيتوڻيڪ نماز ڳري ته آهي پر انهن نئڙت ڪندڙن تي (نه) |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جيڪي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا ۽ اهي ضرور تنهن ڏي موٽڻ وارا آهن. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون اوهان کي اڳ عطا ڪيون ۽ هي (به ته سوچو) ته اسان اوهان کي ساري جهان جي ماڻهن کان وڌائي ڇڏيو. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص، ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن جي شفاعت قبول ٿيندي ۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي (اوهان جي وڏن کي) فرعون جي ماڻهن (جي چنبي) کان بچايو، جي اوهان کي تمام وڏا ڏک ڏئي ستائيندا هئا.اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (پنهنجي خدمت لاءِ) جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (صبر جو) وڏو امتحان هو. |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي ته نجات ڏني ۽ اوهان جي ڏسندي ئي فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو. |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى جي چاليهن راتين جو واعدو ڪيو هو ۽ اوهان ماڻهن سندن وڃڻ کان پوءِ هڪ گابي کي (پوڄڻ لاءِ خدا) بنايو. هوڏانهن اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو. |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
تنهن کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو ته من اوهين احسان مڃيو. |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ (حق ۽ باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجھ) ڏني ته من اوهين سنئين واٽ تي هلو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي کي (خدا) بڻائي پاڻ تي تمام وڏو ظلم ڪيو ته هاڻي (ان کان سواءِ ٻيو چارو نه آهي جو) اوهين پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو ۽ (اها هن ريت ته) پنهنجي ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. اها ڳالھ اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻي چڱي آهي. پوءِ جڏهن اوهان ائين ڪيو ته خدا اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو هئو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به تو کي نه مڃينداسون جيستائين خدا کي ظاهر بظاهر نه ڏسنداسون. پوءِ اوهان کي وڄ پڪڙيو ۽ اوهين تڪيندا رهجي ويا. |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ جياري اٿاريو ته من اوهين احسان مڃيو. |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ اوهان تي من ۽ سلوى لاٿوسون (۽ اوهان کي چيو سون ته) جيڪي نفيس شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي (مزي سان) کائو. ۽ انهن ماڻهن اسان جو ته ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ (اريجا) ۾ داخل ٿيو پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) ۽ دروازي کان سجدا ڪندا ۽ زبان سان حطه (معافي) چوندا اچو ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي (ثواب) وڌيڪ ڏينداسون. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پوءِ جا ڳالھ کين چئي وئي هئي تنهن کي ترڪ ڪري شريرن وري ٻئي ڳالھ بدلائي شروع ڪئي. پوءِ اسان انهن تي جن اها شرارت ڪئي هئي، تن تي سندن بدڪاريءَ سبب آسماني آفت نازل ڪئي. |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم لاءِ پاڻي گهريو هو. پوءِ اسان فرمايو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! (ته لٺ هڻڻ سان ئي) ان مان ٻارنهن چشما ڦٽي نڪتا (۽) سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ چڱيءَ طرح سڃاتو (۽ اسان عام اجازت ڏئي ڇڏي ته) خدا جي ڏنل روزيءَ مان کائو پيئو ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ وجهندا نه گهمو. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به هڪ (قسم جي) کاڌي تي صبر نه ڪنداسون. پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته جي ڀاڄيون زمين اڳائي ٿي جيئن ته ونگا، ساڳ، ڀاڄي ۽ کڻڪ ۽ دال (مهري) ۽ بصر ۽ ٿوم تنهن مان اسان لاءِ پيدا ڪري، موسى چين ته اوهين اهڙيءَ شيءِ کي جا هر طرح چڱي آهي گهٽ شيءِ سان بدلائڻ گهرو ٿا ته (چڱو) ڪنهن شهر ۾ لهي پئو! پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي (اتي موجود) آهي. ۽ انهن تي خواري ۽ محتاجي وڌي وئي ۽ اهي خدا جي ڏمر ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اهي خدا جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق ڪهندا هئا. ۽ (هن ڪري به ته) اهي نافرماني ۽ سرڪشي ڪندا هئا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
بيشڪ مسلمانن ۽ يهودين ۽ نصارن ۽ صابي (لامذهبن) مان جن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ سندن اجورو۽ ثواب سندن خدا وٽ آهي ۽ نه انهن تي (قيامت ۾) ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان (توريت تي عمل ڪرڻ جو) انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون (۽ ارشاد ڪيوسون ته) جو توريت اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن کي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي ياد ڪريو (ته) من اوهين پرهيزگار ٿيو. |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
پوءِ اوهين تنهن کان پوءِ (پنهنجي انجام کان) ڦري ويو. پر جڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ مهرباني نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها. |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن جي حالت کان اوهين با خبر آهيو ته انهن ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي ته اسان کين فرمايو ته ذليل ڀولڙا ٿيو (۽ اهي ٿي پيا). |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
۽ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت بنايو جيڪي اتي هئا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ (پڻ) نصيحت ڪئي سون. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته بيشڪ خدا اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو تاڪيدي حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا! تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو؟ موسى چين ته آءُ خدا کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناھ گهران ٿو. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
انهن چيو ته (چڱو) تون اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڊڳي) ڪهڙي هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي نه پوڙهي هجي ۽ نه گابي بلڪه وچ ٿري هجي. مطلب ته جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
اهي چوڻ لڳا ته (واھ!) تون پنهنجي رب کان اها دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته نيٺ ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڳوڙهي هيڊي رنگ جي هجي جا ڏسندڙن کي وڻي. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
تڏهن چوڻ لڳا پنهنجي خدا کان دعا گهري اسان کي اهو ته ٻڌائي ته ان جا ٻيا پارپتا ڪهڙا آهن؟ ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ جيڪڏهن خدا گهريو ته اسين پتو ڪڍي وٺنداسون. |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي (اهڙي) هجي جا وهو نه هجي جو زمين کي کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياريندي هجي، (عيبن کان) سلامت ۽ ان ۾ ڪو داغ نه هجي. انهن چيو ته هاڻي تون پوري ڳالھ آندي آهي. پوءِ ان کي حلال ڪيائون، هوڏانهن انهن ۾ اها اميد نه هئي ته ڪو ائين ڪندا. |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) هڪ ماڻهوءَ کي ڪٺو هو. پوءِ ان (جي قتل) بابت وڙهي ڪري (هڪ ٻئي کي قاتل ٿي سڏيو) ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي خدا پڌرو ڪندڙ هو. |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
جو اسان فرمايو ته: ان ڊڳيءَ جو ڪو به ٽڪر کڻي هن (لاش) تي هڻو. اهڙيءَ طرح خدا مئلن کي جيرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (ته) من اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
وري اوهان جون دليلون ان کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) وڌيڪ ڏاڍيون ۽ بيشڪ پٿرن (ڏونگرن) مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا ۽ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به (پهاڙ) آهن جي خدا جي خوف کان (ڇپن جي صورت ۾) هيٺ ڪري پون ٿا. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي. |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
(مسلمانوء!) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾) اها اميد رکو ٿا ته اهي اوهان وانگر ايمان آڻيندا؟ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت (اڳين ۾) اهڙي هئي جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پوءِ (به) ڄاڻي واڻي ڦيرائيندي هئي. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) اهي هڪٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته اوهين انهن مسلمانن کي اهو ڪجھ ٻڌايو ٿا ڇا! جيڪي الله اوهان تي (توريت ۾) ظاهر ڪيو آهي. ته (سڀاڻي) ان سان اوهان جي پالڻهار وٽ اوهان تي حجت قائم ڪن، ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟! |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي خدا جي ڪتاب کي سواءِ پنهنجن خواهشن جي ٻيو نٿا سمجهن ۽ رڳو وهمي آهن. |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکي ۽ چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي، هن لاءِ ته هن جي بدلي معمولي ملھ (دنيا جو فائدو) وٺن. پوءِ پنهنجي طرفان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائن ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي. |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
۽ چيائون ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان وڌيڪ باھ ڪين ڇهندي. (اي رسول ص کين) چئو ته ڇا! اوهان خدا کان ڪو انجام (اقرار) ورتو آهي جو اهو پنهنجي واعدي کان ڪڏهن به نه ڦرندو؟ يا ته خدا لاءِ اهو ڪجھ چئو ٿا جو نٿا ڄاڻو. |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
هاءُ سچ آهي ته جن بڇڙائي ڪمائي ۽ کين سندن بڇڙائي وڪوڙي وئي سي ئي ته دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ سدائين پيا هوندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن ۽ ان ۾ هميشه هوندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان (توهان جي وڏن) بني اسرائيلن کان انجام ورتو هيو ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو پڻ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن (سان به) نيڪ سلوڪ ڪريو ۽ ماڻهن سان چڱي طرح (نرميءَ) سان ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو، پوءِ اوهان مان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو به انجام اقرار کان منهن موڙيندڙ. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو هو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪجو ۽ پنهنجن کي (شهر مان) دربدر نه ڪجو ته توهان (جي وڏن) اقرار ڪيو هو ۽ اوهان به اهڙي شاهدي ڏيو ٿا (ته برابر آهي) |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
پوءِ اوهين اهي آهيو جو پاڻ ۾ خونريزي ڪريو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ جماعت جو ناحق ۽ ڏاڍ سان حمايتي ٿي ٻيءَ (جماعت) کي شهر مان ڪڍي دربدر ڪريو ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو قيدي ٿي اوهان وٽ (مدد گهرڻ) اچن ٿا ته ڀونگو ڏيئي کين ڇڏايو ٿا، هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ ئي اوهان تي حرام ڪيل هو. ته پوءِ ڇا اوهين (خدا جي ڪتاب مان ڪجھ ڳالهين تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃو؟! پوءِ جيڪو اوهان مان ائين ڪندو تنهن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي نه آهي جو دنيا جي حياتيءَ ۾ ته خواري ۽ (نيٺ) قيامت جي ڏينهن انهن کي تمام سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
هي اهي آهن جن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي عيوض ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ ان کان پوءِ ( هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ مريم جي پٽ عيسى کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اوهان جي نفساني خواهش جي خلاف ڪو به حڪم آندو ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهان ڪن پيغمبرن کي ته ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي ڪهي ڇڏيو. |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
چوڻ لڳا ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن، پر خدا مٿن سندن ڪفر ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورائي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا. |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو ان (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن ان کان اڳ ۾ ڪافرن تي فتح چاهيندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجھ آيو جنهن کي سڃاتائون (به) تڏهن (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ (حق کان) انڪار ڪندڙن تي خدا جي لعنت آهي. |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
اهو بڇڙو (ملھ) آهي جنهن جي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جيئن ته) جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد جي ڪري نٿا مڃن جو خدا پنهنجي فضل سان پنهنجن عبدن (بندن) مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ اهي (خدا جي) غضب هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ (تمام) خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو. ته چون ٿا ته جيڪي اسان تي (توريت) ۾ نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي (ته) ايمان آڻيو ٿا پر جو ان جي پٺيان (قرآن) آيو آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (قرآن) سچ آهي (۽) جيڪي انهن وٽ (توريت) آهي. تنهن کي به سچو چوندڙ آهي. (اي رسول! کين) چئو ته پوءِ! اوهان (جي وڏن) هن کان اڳ خدا جي پيغمبرن کي ڇو ڪٺو جڏهن اوهين ايمان وارا آهيو؟. |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
۽ بيشڪ موسى اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون وري اوهان ان کان پوءِ (پوڄڻ لاءِ) اوهان گابو بڻايو ۽ اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو ۽ اوهان (جي وڏن) مٿان طور (جبل) کي کڙو ڪيوسين (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي (توريت) ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ته (سهي پر) مڃينداسون نه. سندن بي ايماني سبب (ڄڻ ته) انهن جي دلين ۾ گابي جي الفت (جي سرڪي) پياري وئي (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين ايمان دار هيو ته اوهان کي اوهان جو اهو ايمان ڪهڙو (نه) بڇڙو حڪم ڪري ٿو؟. |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
(اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽ ٻين ماڻهن کانسواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته (ڀلا) موت جي خواهش (ته) ڪريو (ته جيئن جلد جنت ۾ وڃو) جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟. |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا. انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي هنن پنهنجو پاڻ اڳي موڪليو آهي. (هرگز موت جي آرزو نه ڪندا) ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
۽ (اي رسول!) تون انهن کي (ئي دنيوي) زندگي جو سڀ کان وڌيڪ حرص وارو لهندين. ۽ مشرڪن مان به هر هڪ شخص چاهي ٿو ته جيڪر! کيس هزار ورهين جيتري ڊگهي عمر ڏني وڃي، هوڏانهن جيڪڏهن ايتري عمر ڏني به وڃي ته به اها (خدا جي) عذاب کان ڇڏائيندي ته ڪين! ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي. |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
(اي رسول! کين) چئو ته جيڪو (به) جبرائيل جو دشمن آهي (تنهن جو خدا دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجيءَ دل تي خدا جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي ۽ اهو انهن ڪتابن کي به سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوشخبري آهي. |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
جيڪو خدا ۽ سندس ملائڪن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ خدا (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
۽ بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر نشانيون نازل ڪيون ۽ انهن جو بدڪارن کانسواءِ ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
۽ (انهن جي اها حالت آهي جو) جڏهن به ڪو اقرار ڪيائون ته انهن مان هڪ ٽولي (اهو انجام) ٽوڙي ڇڏيو، بلڪه انهن مان گهڻا ايمان به نٿا رکن. |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرف کان رسول (محمد) آيو جو، جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن به اهل ڪتاب مان هڪ جماعت خدا جي ڪتاب (توريت) کي پنهنجي پٽن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن. |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ اهي ان منتر (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو (جو) ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيسين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش (جو ذريعو) آهيون ۽ تون (هن علم کي بيجا طور ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر! پوءِ انهن ٻنهي مان (جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجھ سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ ان جي زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان سان خدا جي حڪم کانسواءِ ڪنهن کي به نقصان رسائي نٿا سگهن ۽ اهو ڪجھ سکن ٿا جيڪو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن، جيڪڏهن (اها ڳالھ) ڄاڻن ها. |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ (جادو ۽ ٻين ڏوهن کان پاڻ بچائي) پرهيزگار ٿين ها ته خدا جي بارگاھ مان جيڪو کين ثواب ملي ها سو ان (ڳالھ) کان گهڻو سٺو هجي ها، ڪاش! اهي ماڻهو (ايترو ته) ڄاڻن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارو! (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) راعنا (اسان جي رعايت ڪر) نه چوندا ڪريو پر انظرنا (اسان ڏي توجه جي نظر فرمايو) چوندا ڪريو ۽ (دل سان) ٻڌندا رهو ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
(اي رسول!) جيڪي اهل ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا اهي ۽ مشرڪ پسند نٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار وٽان ڪا ڀلائي (وحي جي) لاٿي وڃي، خدا هوڏانهن پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري خاص ڪري چونڊي ٿو ۽ خدا وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي. |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
(اي رسول!) جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا (ذهن تا) وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي نشاني) آڻيون ٿا. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته بيشڪ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي؟ |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا تو کي خبر نه آهي ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي خدا جي (لاءِ ئي) آهي ۽ اوهان جو خدا کانسواءِ نڪو سرپرست (ئي) آهي ۽ نه ئي مددگار. |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
(مسلمانوءَ) ڇا اوهين به پنهنجي رسول کان ائين ئي (بي ڍنگا) سوال ڪرڻ گهرو ٿا جيئن هن کان اڳ موسى کان اجايا سوال ڪيا ويا هوڏانهن جنهن ڪفر کي ايمان جي بدلي اختيار ڪيو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو. |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
(مسلمانوء) اهل ڪتاب مان گهڻا گهر ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ اوهان کي وري ڪافر بڻائين پنهنجي حسد جي ڪري، هن کانپوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين خدا پنهنجو (ڪو ٻيو) حڪم موڪلي. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن ڳالھ تي قدرت کندڙ آهي. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. ۽ جا ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندو سا خدا وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي. |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ (يهودي) چون ٿا ته يهودين (کانسواءِ) ۽ (نصارى چون ٿا ته) نصارن کانسواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي انهن جا خيالي پلاءُ آهن. (کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته پنهنجي (اهڙي ڪا) ثابتي (ته) آڻيو! |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
ائين نه آهي پر جنهن پنهنجو رخ خدا جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه ئي اهي غمگين ئي ٿيندا. |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
۽ يهودين چيو ته عيسائين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي. توڙي جو اهي ٻئي جماعتون (رات ڏينهن) خدا جو ڪتاب (به) پڙهندا رهن ٿا. اهڙي طرح (عرب جا مشرڪ) جي ڪجھ نٿا ڄاڻن تن به اهڙي ڳالھ چئي. پوءِ جنهن ڳالھ ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو فيصلو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله ڪندو. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان (ماڻهن کي) روڪيو ۽ انهن جي برباد ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي. |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
(ڀلا جي مسجد کان روڪيو ته ڇا! ڇو ته ساري زمين) خدا جي ئي آهي اوڀر (هجي يا) اولھ، پوءِ جتي به (قبلي ڏي) منهن ڪندو اوڏانهن الله آهي. بيشڪ خدا اطاعت ڪرڻ ۾ ڪشادو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ آهي. |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
۽ يهودي چوڻ لڳا ته خدا کي اولاد آهي حالانڪه اهو (انهيءَ جهنجهٽ کان) پاڪ آهي بلڪه جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ سندس (ئي) آهي ۽ سڀ سندس (قهري قانون جا) پابند آهن. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
اهو ئي آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ!“ ته اهو (خود بخود) ٿي پوي ٿو. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ جي (مشرڪ) نٿا ڄاڻن سي چون ٿا ته الله اسان سان (پاڻ) ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟. اهڙي طرح جيڪي (ماڻهون) انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالھ چئي. سندن دليون هڪجهڙيون آهن. جي ماڻهو يقن رکن ٿا انهن کي ته اسان پنهنجون کليل نشانيون ڏيکاريون آهن. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
(اي رسول!) بيشڪ اسان تو کي سچو دين ڏئي، خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ تو کان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو. |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
۽ (اي رسول!)تو کان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي، جيستائين تون سندن (باطل) دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته بس! الله جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو تو کي علم (قرآن) پهتو، سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته تو کي خدا (جي غضب) کان بچاءُ وارو نڪو تنهنجو سرپرست ۽ نڪو مددگار ٿيندو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن کي اسان ڪتاب (قرآن مجيد) ڏنو آهي، اهي ان کي (غور ۽ فڪر سان) اهڙو پڙهن ٿا جهڙو هن کي پڙهڻ جو حق آهي. اهي الله جي هدايت تي ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيلو! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي ساري جهان تي فضليت ڏني. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان بدلو قبول ڪيو ويندو ۽ نه ان کي ڪا شفاعت فائدو پهچائيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي. |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ (اي رسول! بني اسرائيل کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ ان انهن کي پورو ڪيو تڏهن الله فرمايو ته آءُ تو کي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين؟!) فرمايائين ته (هاءُ! پر) منهنجي هن ”عهد“ تي ظالمن مان ڪو به فائز نه ٿيندو. |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
(اي رسول! انهن کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن جي ثواب ۽ پناھ جي جڳھ ڪيو ۽ (حڪم ڪيو ته) ابراهيم جي (هن) جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کان (اهو) عهد ۽ اقرار ورتو ته: منهنجي (هن) گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪيزھ رکو. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! هن (شهر) کي پناھ ۽ امن جو شهر بڻاءِ، ان ۾ رهڻ وارن مان جو، خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي، ان کي طرح طرح جا ميوا کائڻ لاءِ عطا ڪر. خدا فرمايو (چڱو! پر) جو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (عرصو) فائدو وٺڻ ڏيو. پوءِ ان کي (آخرت ۾) مجبور ڪري دوزخ ڏانهن گهليو ويندو. ۽ اها موٽڻ واري جاءِ (تمام) بڇڙي آهي. |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ (اي حبيب! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءَ دعا گهرندي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي (خدمت) قبول فرماءِ! بيشڪ تون ئي (دعا جو) ٻڌندڙ (۽ نيت جو) ڄاڻيندڙ آهين. |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
(۽) اي اسان جا پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به هڪ جماعت اهڙي ئي تابعدار ڪر ۽ اسان کي، اسان جي حج جون جايون ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
(۽) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾، انهن مان ئي هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ( آسماني) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ انهن جي (نفس) کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ ڪير ابرهيم جي ملت (دين) کان ڦرندو، ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بڻايو ۽ اسان کيس دنيا ۾ چونڊيوسين ۽ هو آخرت ۾ به چڱن مان ئي ٿيندو. |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
جڏهن ان کي سندس پالڻهار فرمايو ته اسلام قبول ڪر! عرض ڪيائين ته مون ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آندو. |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ ان طريقي جي ابراهيم پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب (به) ته اي منهنجي اولاد! الله اوهان لاءِ اهو ئي دين (اسلام) چونڊيو آهي، پوءِ اوهان نه مرو مگر مسلمان ٿي. |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
(اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهان حاضر هئا ڇا! جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو، جڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندو؟ انهن چيو ته اسين، تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود اڪيلي خدا جي عبادت ڪنداسون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اها هڪ جماعت هئي جا گذري وئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
(يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن کي) چون ٿا ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندو (اي رسول! کين) چئو ته (ائين نه) بلڪه اسين ابراهيم جي طريقي تي آهيون، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
(اي مسلمانو! هي) چئو ته اسان خدا تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو آهي (قرآن) ۽ جيڪي (صحيفه) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا (انهن تي) ۽ جيڪي (ڪتاب) موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جو ڪجھ (ٻين) نبين کي سندن پالڻهار جي طرفان ڏنو ويو ۽ اسين خدا جا فرمانبردار آهيون. |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جيئن اوهان ان تي ايمان آندو آهي ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ (اي رسول!) انهن (جي شر) کان بچائڻ ڪاڻ تنهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي. ۽ اهو (سڀ جو حال) چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽) ٻڌي ٿو. |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
(مسلمانو! هن کي چئو ته الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون. |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
(اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا، هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي. |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
اوهين چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زيادھ ڄاڻيندڙ آهيو يا الله؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان (ته اهي يهودي نه هئا) آهي ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اهي اُهي ماڻهو هئا جي گذري ويا، جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
بيوقوف ماڻهو چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالھ انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ (اي رسول!) تون انهن کي چئو ته اڀرندو ۽ اولهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي عادل بڻايو ته جيئن اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. ۽ رسول (وري) توهان تي شاهد ٿئي ۽ اي رسول! جنهن قبلي (بيت المقدس) جي طرف تون اڳ (سجدو ڪندو) هئين، تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو هو ته جيئن اسين ڄاڻيون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجن کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ بيشڪ اها ڳالھ (هيڏانهن هوڏانهن منهن ڪرڻ) جن کي الله هدايت ڪئي آهي تن کان سواءِ (ٻين لاءِ) وڏي آهي ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهان جي ايمان (نماز، جا بيت المقدس ڏي منهن ڪري پڙهي اٿو) کي ضايع ڪري! بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
(اي رسول! قبلو بدلجڻ لاءِ) بيشڪ تنهنجو (وري وري) آسمان ڏانهن نهارڻ (کي) ڏسون ٿا. پوءِ اسين تو کي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون (وڌيڪ) پسند ڪرين ٿو (چڱو ڀلا! نماز ۾ ئي) تون پنهنجو منهن مسجد محترم (ڪعبه) ڏي ڦير ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو ته پنهنجا منهن (نماز ۾) ان ڏي ڪندا ڪيو ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن ٿا اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان آهي ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي. |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون به آڻيندي ته به اهي تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا ۽ نه تون سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين ۽ خود اهل ڪتاب به هڪڙا ٻين جي قبلي کي نٿا مڃن! ۽ جيڪڏهن تون علم (قرآن) اچڻ کان پوءِ به سندن خواهشن تي هلندين ته بيشڪ تون نافرمانن مان ٿيندين. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
جن کي اسان ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو، آهي (رسول کي) اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو ٻين پٽن کي سڃاڻن ٿا ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي حق کي لڪائن ٿا. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
(اي رسول!) قبلي کي بدلائڻ تنهنجي پالڻهار طرفان حق آهي. پوءِ (ائين نه ٿئي جو) تون شڪ ڪرڻ وارن مان ٿئين! |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
۽ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ ئي پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي (نماز ۾) منهن ڪندڙ آهن. پوءِ اوهين (اي مسلمانو! ان جهڳڙي کي ڇڏي ڏيو) چڱاين ڏي هڪٻئي کان اڳتي وڌو. جتي به هوندو ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (پاڻ ڏي) آڻيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام (ڪعبه) ڏي ڦير!۽ بيشڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان حق آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ اي رسول! تون جتي به وڃين ته پنهنجي منهن کي (نماز ۾) مسجد حرام ڏي ڦير! ۽ (اي مسلمانو) توهان (به) جتي هجو ته (نماز ۾) پنهجا منهن ان ڏي ڦيريو! وري (حڪم ڏيڻ جو هي به فائدو آهي) ته جيئن ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، مگر انهن مان جي ماڻهو ناحق ضد ڪن ٿا ته اهي ضرور الزام رکندا. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ ان لاءِ به ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ته جيئن توهان کي هدايت ٿئي. |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
(مسلمانو! هي احسان به ائين آهي) جيئن اسان اوهان ۾، اوهان مان هڪ رسول موڪليو، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان جي نفسن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب (قرآن) ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجھ سيکاري ٿو جو اوهين (اڳ) نه ڄاڻندا هئا. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ به اوهان جو ذڪر خير ڪندس ۽ منهنجو شڪريو ڪندا رهو ۽ ناشڪري نه ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي ايمان وارو! (مصيبت جي وقت) صبر ۽ نماز جي ذريعي (خدا جي) مدد گهرو، بيشڪ خدا صبر وارن سان ئي آهي. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ جي ماڻهو خدا جي راھ ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو، بلڪه (اهي) جيئرا آهن پر اوهين (ان ڳالھ کي) نٿا ڄاڻو. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ اسين اوهان کي ڪجھ ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ (اي رسول) اهڙي صبر ڪرڻ وارنکي خو شخبري ٻڌاءِ. |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسين، الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون. |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
انهن تي سندن پالڻهار طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت يافته آهن. |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) خدا جي نشانين مان آهن. پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناھ نه آهي (بلڪه ثواب آهي) ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان نيڪ ڪم ڪري ته پوءِ خدا به قدردان ۽ واقفڪار آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائن ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ صاف بيان ڪيو آهي، تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
پر جن ماڻهن (حق لڪائڻ کان) توبه ڪئي ۽ پنهنجي خرابيءَ کي سڌاريو ۽ (جو ڪجھ خدا جي ڪتاب ۾ آهي) کولي (صاف صاف) بيان ڪيو تنهن جي آءُ توبه قبول ڪريان ٿو ۽ آءُ ته گهڻي مهرباني ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪرڻ وارو آهيان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
هميشه ان لعنت ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي (عذاب کان) مهلت ئي ڏني ويندي. |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
۽ اوهان جو معبود هڪ الله ئي آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين (۽ جهازن) ۾ جي ماڻهن جي فائدي جو سامان (واپار وغيره) سان دريا ۾ هلن ٿيون ۽ جيڪي پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي، ان سان مئل (خشڪ ۽ بيڪار) زمين کي جياريو اٿس ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور به پکيڙيا اٿس (تنهن ۾) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم تي لڳايل آهن. (انهن سڀني ڳالهين ۾) سمجھ وارن جي لاءِ (تمام وڏيون) نشانيون آهن. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
۽ ماڻهن ۾ اهي به آهن جي، خدا کان سواءِ (ٻين کي به) سندس برابر بڻائن ٿا (۽) جهڙي محبت خدا سان ڪرڻ گهرجي تهڙي انهن سان رکن ٿا. ۽ جي ماڻهو ايمان دار آهن اهي انهن کان گهڻو وڌيڪ الله سان الفت رکن ٿا، ۽ جيڪر ظالمن کي هن وقت اها ڳالھ سجهي ها! جا ڳالھ انهن کي عذاب ڏسڻ کان پوءِ سجهندي ته (واقعي) هر طرح جي طاقت خدا کي ئي آهي، پڻ هي ته بيشڪ خدا جو عذاب سخت آهي. |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
(اهو وقت ڪهڙو نه سخت هوندو) جنهن وقت پيشوا ماڻهو پنهنجي پيروي ڪندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ اکين سان عذاب کي ڏسندا ۽ سندن لاڳاپا ٽٽي ويندا. |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ انهن جا تابعدار چوندا ته (افسوس) جيڪر اسان کي وري دنيا ۾ موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون ها جهڙو (عين وقت تي) اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙي طرح الله انهن کي سندن عمل مٿين پشيمانيون ڪري ڏيکاريندو. ۽ پوءِ ڀلا اهي ڪئين دوزخ مان نڪري سگهن ٿا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي انسانو! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال ۽ پاڪ شيون (مزي سان) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
(ياد رکو ته) اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هن ڳالھ جو به ته الله تي اها ٺاھ ٺاهيو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو! تڏهن چون ٿا ته (نه!) بلڪه اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. جيتوڻيڪ سندن پيءَ ڏاڏا ڪجھ به سمجھ نه رکندا هجن ۽ نه سڌي رستي تي هلندا رهيا هجن. |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان (جانور) جي مثال جهڙو آهي، جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو ته ڪوڪ (جي آواز) کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه ٻڌي (۽ نه سمجهي)، (اهي ماڻهو) ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي ايمان وارو! جيڪي ڪجھ اسان اوهان کي ڏنو آهي انهن مان پاڪ صاف شيون (مزي سان) کائو ۽ خدا جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
اوهان تي الله رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس، پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد مان لگهندڙ هجي ۽ انهن مان ڪا شيءَ کائي ته ان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
بيشڪ جي ماڻهو انهن ڳالهين کي لڪائن ٿا جيڪي خدا ڪتاب ۾ نازل ڪيون آهن ۽ ان جي عيوض معمولي قيمت (دنيا جو فائدو) وٺن ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳي باھ کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن ڳالهائيندو ته نه! ۽ نه وري انهن کي (گناهن کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
اهي ماڻهو اهي آهن جن هدايت جي عوض گمراهي خريد ڪئي ۽ (خدا جي) بخشش جي بدلي عذاب. پوءِ اهي ماڻهو دوزخ جي باھ کي ڪئين سهندا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اهو هن ڪري جو خدا جو برحق ڪتاب نازل ڪيو ۽ جن ڪتاب ۾ ڦير گهير ڪئي، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي. |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نيڪي رڳو اها ٿوڙئي آهي جو فقط پنهنجا منهن (نماز ۾) اوڀر يا اولھ ڏانهن ڪريو! پر نيڪ اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ (خدا جي) ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ (الله جي) الفت ۾ پنهنجو مال غريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ (غلامي وغيره جي) قيد کان ڇڏائڻ ۾ ڏي ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوات ڏيندo رهي ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ. جڏهن اهي انجام ڪن ٿا ۽ سختي ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت ثابت قدم رهيا. اهي ماڻهو اهي آهن جي (ايماني دعوى ۾) سچا نڪتا ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي ايمان وارو! جي ماڻهو (ناحق) ماريا وڃن، انهن جي عيوض اوهان کي جان جي بدلي جان وٺڻ جو حڪم ڏنو ٿو وڃي، آزاد جي عوض آزاد ۽ غلام جي بدلي غلام، عورت جي بدلي عورت. پوءِ جنهن (قاتل)کي سندن (مومن) ڀاءُ جي طرفان ڪجھ معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻ گهرجي. اها اوهان جي پالڻهار جي طرفان آساني ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان بعد زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
اي عقل وارو!قصاص (جا قانون مقرر ڪرڻ) ۾ توهان جي زندگي آهي (پڻ انهيءَ لاءِ جاري ڪيل آهن) ته جيئن توهان (خونريزيءَ کان) پرهيز ڪيو. |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
(مسلمانو!) اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته جڏهن اوهان مان ڪنهن جي سامهون موت اچي، بشرطيڪه اهو ڪجھ مال ڇڏڻ وارو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن لاءِ چڱي وصيت ڪري، جي ماڻهون خدا کان ڊڄن ٿا انهن تي اهو حق آهي. |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ٻڌڻ کان بعد بدلائيندو ته ان جو گناھ رڳو انهن تي آهي جيڪي انهن کي بدلائيندا. بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
پوءِ (هاءُ البت) جو شخص وصيت ڪرڻ واري جي بيجا طرفداري يا بي انصافيءَ جو خوف رکندو هجي ۽ انهن وارثن ۾ صلح ڪرائي ڇڏي ته مٿس ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي ايمان وارو! روزا رکڻ جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا ائين توهان تي به فرض ڪيل آهن ته جيئن (اهڙي اطاعت سبب) اوهان ڪيترن ئي گناهن کان بچو. |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
(اهي به هميشه نه پر) ڳڻيل ڏينهن آهن. تنهن هوندي به (روزن جي ڏينهن ۾) جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته انهن ڏينهن مان (جيترا قضا ٿيل هجن) ڳڻي رکي ۽ انهن تي جيڪي (تڪليف سان) روزا رکي ته سگهندا هجن (پر نه رکن ته هڪ روزيءَ جي) فديه ۾ هڪ مسڪين جو کاڌو کارائڻ لازم آهي. ۽ جيڪو خوشيءَ سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ٿو اهو ان لاءِ چڱو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهدار آهيو ته (ياد رکو! ته فديه کان) روزو رکڻ اوهان لاءِ (بهرحال) چڱو آهي. |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو، جو ماڻهن جو رهنما آهي ۽ ان ۾ سڌي رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون پڌريون ڳالهيون آهن. (مسلمانو!) پوءِ اوهان مان جيڪو پنهنجي جاءِ تي هجي، ان کي گهرجي ته روزا رکي. ۽ جيڪو بيمار يا سفر ۾ هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ته جيئن اوهين شڪر گذار بڻجو. |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
(اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جيئن سڌي رستي تي اچن. |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
(مسلمانو!) روزي جي رات ۾ پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جو اوڇڻ آهيو خدا ڏٺو ته اوهان (گناھ ڪري) پنهنجو نقصان ڪندا هئا (جو لڪي لڪي اوهين پنهنجين زالن سان مباشرت ڪندا هئا) ته ان اوهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان کي معاف ڪيو. سو هاڻي انهن سان ڀلي ملو ۽ (اولاد لاءِ) جيڪي خدا توهان لاءِ (تقدير ۾) لکيو آهي، تنهن جي طلب ڪريو ۽ ايستائين کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو، ڪاري ڌاڳي (اوڀر طرف) کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ (هائو) جڏهن توهان مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ ويهو ته (رات جو به) انهن (زالن) سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙي طرح خدا، ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته من اهي پرهيزگار ٿين ( نافرمانيءَ کان بچن). |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو ۽ نه ان کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته جيئن ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ناحق هٿ ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
(اي رسول!) تو کان چنڊ بابت پڇن ٿا (ته ڇو گهٽجي ۽ وڌي ٿو) (کين) چئو ته ان مان ماڻهن جي (دنياوي ڳالهين) ۽ حج جا وقت معلوم ٿين ٿا. ۽ اها چڱائي نه آهي ته اوهين گهرن ۾ پٺيان ڪوٺن (کڏن) کان (ٽپي) اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ (اچڻ وقت) گهرن جي دروازن کان اچو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته من مراد کي پهچو. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
۽ خدا جي راھ ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ خدا زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
۽ انهن (مشرڪن) کي قتل ڪريو جتي به کين لهو. ۽ انهن کي (اتان مڪي مان لوڌي) ڪڍو، جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن ۽ فتنو (شرڪ) خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. ۽ انهن سان مسجد حرام وٽ تيستائين جنگ نه ڪريو جيستائين اوهان سان اتي جنگ نه ڪن. پوءِ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ڪن ته انهن کي قتل ڪريو. ڪافرن جي اها ئي سزا آهي. |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (شرڪ باقي) نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم (دين اسلام) رهي. پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ چڱو نه آهي. |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
عزت وارو مهينو عزت واري مهيني جي برابر آهي. (۽ مهيني جي ٻئي ڪا خصوصيت نه آهي) سڀ عزت واريون شيون هڪ ٻئي جي برابر آهن. پوءِ جيڪو اوهان تي زيادتي ڪري ته اوهين به ان تي زيادتي ڪريو جيتري اوهان تي زيادتي ڪئي اٿس ۽ الله کان ڊڄو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻو ته خدا پرهيزگارن جو ساٿي آهي. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
۽ خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ۽ پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو ۽ نيڪي ڪريو. بيشڪ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
۽ فقط خدا جي راضپي واسطي ئي حج ۽ عمره کي پورو ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين (بيماري وغيره سبب) لاچار ٿيو ته پوءِ جهڙي قرباني آسانيءَ سان ملي (سا اوهان تي لازم آهي) ۽ پنهنجا مٿا تيستائين نه ڪوڙايو جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي (نه) پهچي. پوءِ اوهان مان جيڪو بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ تڪليف هجي ته (کيس ان جي) بدلي ۾ روزا يا خيرات يا قرباني ڏيڻ (لازم) آهي. پوءِ جڏهن بي خوف ٿيو ته پوءِ جيڪو عمره کي حج سان ملائي فائدو وٺي ته جا قرباني آسانيءَ سان ملي (سا ان تي لازم آهي) ۽ جنهن کي قرباني نه ملي ته حج (جي ڏينهن) ۾ ٽي ڏينهن روزا (رکي) ۽ ست (روزا) جڏهن اوهين (گهر) موٽي اچو. اهي پورا ڏھ روزا آهن. اهو حڪم ان لاءِ آهي جنهن جي گهر جا ڀاتي مسجد حرام جي ويجهو رهندڙ نه هجن. ۽ خدا کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته خدا جي سزا سخت آهي. |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج جا مهينا ته (هاڻي سڀ کي) معلوم آهن (شوال ذيقعد ۽ ذي الحج) پوءِ جو شخص انهن مهينن ۾ پاڻ تي حج لازم ڪري ٿو ته (احرام کان، حج جي آخر تائين) نه زال وٽ وڃي نه ڪي گناھ ڪري ۽ نه جهڳڙو ڪري. ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ (رستي لاءِ) پاڻ سان ثمر کڻو بيشڪ ڀلو ثمر پرهيزگاري آهي. ۽ اي عقل مندو! مون کان ڊڄو! |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
۽ ان ۾ ڪو ڏوھ نه آهي جو (حج سان گڏ) اوهان پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار جي فائدي) جي خواهش ڪريو. پوءِ جڏهن عرفات کان موٽو ته مشعر الحرام وٽ خدا جو ذڪر ڪريو ۽ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاريو اٿس (تئين) ان کي ياد ڪريو ۽ بيشڪ هن کان اڳي اوهان گمراهن مان هئا. |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
وري اتان موٽيو جتان عام ماڻهون موٽن ٿا پر الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي حج جا ارڪان پورا ڪريو ته تڏهن الله جو ذڪر ڪريو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪرڻ وانگر يا ان کان به زياده ياد ڪريو ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان جا پاليندڙ (جو ڏيڻو اٿي سو) دنيا ۾ ئي ڏي، هوڏانهن پوءِ آخرت ۾ اهڙن لاءِ ڪو به حصو نه آهي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ ثواب ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ! |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
انهن لاءِ پنهنجي ڪمائي مان حصو (آرام) آهي ۽ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
۽ خدا کي (منى وارن) ڳڻيلن ڏينهن ۾ ياد ڪريو پوءِ جيڪو ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري (موٽي) ته ان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ جيڪو (ٽئين ڏينهن تائين) رهي ته ان تي به ڪو گناھ نه آهي. (هي رعايت) ان لاءِ آهي جيڪو پرهيزگار هجي ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ پڪ ڄاڻو ته (هڪ ڏينهن) اوهان سڀئي ان ڏي قبرن مان اٿاريا ويندا. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
۽ اي رسول! ڪي ماڻهو (منافقن مان اهڙا به آهن جي) جن جون (من موهيندڙ) ڳالهيون (هن فاني) دنيا جي حياتيءَ ۾ تو کي ڏاڍيون سٺيون ٿيون لڳن. ۽ اهي پنهنجي دلي محبت بابت خدا کي شاهد مقرر ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (توهان جي) دشمنن ۾ سخت جهڳڙالو آهي. |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
۽ جڏهن اهو حاڪم ٿيو ته زمين ۾ (اها) ڪوشش ڪندو ته ان ۾ فساد وجهي ۽ پوک ۽ نسل کي تباھ ڪري. ۽ الله فساد کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جڏهن کيس چئجي ٿو ته خدا کان ڊڄ! ته ان کان (سندس) مغروري گناھ ڪرائيندي، پوءِ اهڙي (بدبخت) لاءِ دوزخ بس آهي. ۽ اها تمام بڇڙي جاءِ آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
۽ انسانن مان (خدا جا عبد) ڪي اهڙا به آهن جو خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان (به) وڪڻي ڇڏين ٿا ۽ خدا اهڙن عبدن تي تمام گهڻو مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي ايمان وارو! اوهين سڀئي (گڏجي) اسلام ۾ (چڱيءَ طرح) داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو! بيشڪ اوهان جو اهو ظاهر بظاهر دشمن آهي. |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
پوءِ جيڪڏهن، هن کان پوءِ جو، اوهان کي ظاهر ڳالهيون پهتيون آهن، ٿڙندوء ته چڱيءَ طرح ياد رکو ته خدا هر طرح غالب ۽ تدبير وارو آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
ڇا! اهي ماڻهو هن ڳالھ جا منتظر آهن ته الله جو عذاب وٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اچي ۽ (عذاب جا) ملائڪ به ۽ سڀ جهڳڙا ختم ٿين. هوڏانهن (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي ئي موٽايا ويندا. |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
(اي رسول!) بني اسرائيل کان پڇ ته اسان انهن کي ڪهڙيون نه ظاهر نشانيون ڏنيون. ۽ جڏهن ڪنهن شخص وٽ خدا جي نعمت (ڪتاب) آڻي، ان کان پوءِ به ان کي بدلائي ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي. |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ دنيا جي (فاني) زندگي تمام سٺي ڪري ڏيکاري ويئي آهي ۽ اهي ايمان وارن تان مسخريون ٿا ڪن. مگر جيڪي پرهيزگار ٿيا اهي قيامت جي ڏينهن انهن کان گهڻو مٿي هوندا ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي بي حساب روزي عطا فرمائي ٿو. |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
(شروع ۾ سڀ) ماڻو هڪ ئي دين تي هئا. پوءِ (پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته) خدا (نجات سان) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارا نبي موڪليا ۽ انهن نبين سان گڏ برحق ڪتاب به نازل ڪيو ته جيئن (اهو ڪتاب) ماڻهن ۾ جنهن ڳالھ بابت انهن جهڳڙو ڪيو هجي ته فيصلو ڪري ۽ پوءِ (افسوس ته اهو آهي جو) ان حڪم سان اختلاف به انهن ئي ڪيو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو! (پڻ اهو به) ان کان پوءِ جڏهن الله جا صاف صاف حڪم انهن وٽ آيا ۽ (وري) اهي به پنهنجي شرارت سان! تڏهن خدا پنهنجي خاص مهرباني سان ايماندارن کي اها راھ ڏيکاري جنهن ۾ انهن ماڻهن اختلاف وجهي ڇڏيو هو ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
ڀلا اوهان کي هي خيال آهي ڇا ته اوهين جنت ۾ داخل ٿيندوء! هوڏانهن اوهان تي انهن جهڙي حالت پيش نه آئي آهي جيڪي اوهان کان اڳ گذري ويا، جو انهن کي طرح طرح جي تڪليف (فاقه ڪشيءَ، محتاجي) ۽ بيماريءَ ورتو. پڻ اهي زلزلي ۾ ايتري قدر لوڏيا ويا جو آخر (عاجز ٿي) رسول ۽ ايمان وارا، جي ان (نبي) سان گڏ هئا، چوڻ لڳا (ڏسجي ته) خدا جي مدد ڪڏهن ايندي؟ ڏسو! (گهٻرايو نه) خدا جي مدد پڪ ويجهي آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
اي رسول ماڻهو تو کان پڇن ٿا ته (خدا جي راھ ۾) ڇا ڏيون! (کين) چئو ته اوهان پنهنجي پاڪ ڪمائيءَ مان جو ڪجھ خرچ ڪيو ته اهو اوهان جي ماءُ پيءُ ۽ قريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين جو حق آهي. ۽ جيڪا به ڀلائي ڪندوء تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي. |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
(مسلمانو!) توهان تي جهاد فرض ڪيو ويو آهي ۽ اها ڳالھ اوهان کي ڳوري ٿي لڳي. ۽ شايد اوهان ڪنهن شيءَ (جهاد) کي پسند نه ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ چڱي هجي. ۽ شايد ڪنهن شيءَ کي اوهان پسند ڪريو ۽ (در اصل) اها، توهان لاءِ بڇڙي هجي! ۽ خدا ته چڱي طرح ڄاڻي ٿو، پر اوهين نٿا ڄاڻو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
(اي رسول! تو کان) تعظيم واري مهيني ۾ جنگ بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته ان ۾ جنگ ڪرڻ وڏو گناھ آهي. (۽ هي به ياد رکو ته) خدا جي راھ کان روڪڻ ۽ الله جو انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ ۽ ان جي رهڻ وارن کي ان مان ڪڍڻ، خدا وٽ (ان کان به) وڏو گناھ آهي. ۽ فتنو برپا ڪرڻ خون خرابه کان (به) تمام وڏو آهي. ۽ جيڪڏهن پڄي سگهندا ته اهي اوهان سان تيستائين هميشه جنگ ڪندا رهندا جيستائين اوهان کي پنهنجي دين (اسلام) کان ڦيرين ۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندا ۽ ڪافر ٿي مرندا تنهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويندا ۽ اهي ئي ماڻهو جهنمي آهن (۽) اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو، اهي ئي ماڻهو الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
(اي رسول!) تو کان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا (کين) چئو ته انهن ٻنهين ۾ وڏو گناھ آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجھ) فائدو به آهي. ۽ انهن ٻنهين جو گناھ هنن جي فائدي کان گهڻو وڏو آهي. ۽ تو کان پڇن ٿا ته خدا جي راھ ۾ ڇا خرچ ڪريون؟ (کين) چئو ته پنهنجي ضرورت کان بچيل (خرچيو) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري (ته) من اوهين خيال ڪريو. |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾ ۽ تو کان يتيمن بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته انهن لاءِ سڌارو ڪرڻ چڱو آهي ۽ جيڪڏهن انهن سان گڏجي رهندوءَ ته (ڪجھ حرج نه آهي) آخر اهي به ته توهان جا ڀائر آهن ۽ خدا فساديءَ کي خير خواھ کان (الڳ چڱي طرح) ڄاڻي ٿو ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي مصيبت ۾ وجهي ها. بيشڪ خدا زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
۽ (مسلمانو!) مشرڪ زالن سان تيستائين نڪاح نه ڪريو جيستائين ايمان آڻين. ڇو ته مشرڪ عورت، سونهن ۽ سوڀيا ۾ توهان کي ڪيڏي به سٺي لڳي پر وري به ايماندار عورت هن کان ضرور سٺي آهي. ۽ مشرڪ جيستائين ايمان نه آڻين تيستائين پنهنجون عورتون هنن جي نڪاح ۾ نه ڏيو ۽ مشرڪ ڪيترو به ڇو نه توهان کي چڱو لڳي پر تڏهن به مومن بندو هن کان ضرور سٺو آهي. اهي (مشرڪ مرد يا عورت) ماڻهن کي دوزخ ڏي سڏين ٿا ۽ خدا پنهنجي عنايت سان جنت ۽ بخشش جي طرف سڏي ٿو. ۽ پنهنجا حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ته جيئن من اهي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ (اي رسول!) تو کان حيض جي باري ۾ پڇن ٿا. (کين) چئو ته اها (گندگي) بيماري آهي، پوءِ حيض جي حالت ۾ زالن کان جدا رهن ۽ اهي جيستائين پاڪ نه ٿين، سندن ويجهو نه وڃن پوءِ جڏهن پاڪ ٿين، تڏهن جتان خدا اوهان کي حڪم ڪيو آهي، اتان انهن ڏي اچو. بيشڪ خدا توبه ڪندڙن ۽ پاڪائي رکندڙن کي دوست رکي ٿو. |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
اوهان جون زالون (ڄڻ ته) اوهان جي پوک آهن. پوءِ پنهنجي پوک ڏي جتان وڻيو اتان اچن ۽ پنهنجي آئينده جي ڀلائي لاءِ (صالح عمل) موڪليو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. پڻ هي به ياد رهي ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي سندن سامهون وڃڻو آهي. (اي رسول) ايمان وارن کي (نجات) جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
۽ (مسلمانو!) الله جي نالن کي پنهنجي قسمن لاءِ بهانو نه بنايو ته جيئن (ماڻهن سان) ڀلائي ڪرڻ ۽ پرهيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
توهان جي اجائي قسم کڻڻ (جو اوهان جي وات مان بي اختيار نڪري) تي پڪڙ ته نه ڪندو، پر انهن قسمن تي اوهان جي ضرور گرفت ڪندو جنهن جو دل سان ارادو ڪيو اٿو. ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ بردبار آهي. |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جيڪي (ماڻهو) پنهنجي زالن (وٽ وڃڻ) کان قسم کڻن ٿا تن کي چار مهينا مهلت آهي، پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي قسم کان (انهيءَ عرصي ۾) باز آيا ته بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ نهايت رحم واور آهي. |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جيڪڏهن طلاق جو قصد ڪيائون ته (به) خدا بيشڪ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
۽ طلاق ڏنل زالون پاڻ کي ٽن حيضن تائين ترسائين ۽ انهن کي جائز نه آهي ته جيڪي خدا سندن رحم (پيٽ) ۾ پيدا ڪيو آهي سو لڪائين، جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ ان (مدت) ۾ سندن مڙس انهن جي موٽائڻ جا زياده حقدار آهن، جيڪڏهن اهي سڌاري جو ارادو ڪن ۽ انهن (زالن) جو به (اهڙو) حق آهي جهڙو زالن تي (سندن مڙسن جو) حق آهي دستور موافق. ۽ مڙسن جو مٿن درجو (حڪومت) آهي. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي. |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق (رجعي، جنهن کان پوءِ رجوع ٿي سگهي ٿي) ٻه ڀيرا ئي آهي، پوءِ يا ته (شريعت جي موافق) چڱي طرح روڪڻ يا ڀلائي سان (ٽيون دفعو) بلڪل ڇڏڻ لازم آهي ۽ جيڪي اوهان انهن (زالن) کي ڏنو آهي تنهن مان ڪجھ موٽائي وٺڻ اوهان کي جائز نه آهي. مگر جو اهي ٻئي (زال مڙس) خدا جي حڪمن کي قائم نه ڪرڻ کان ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته اهي ٻئي خدا جا حڪم ادا ڪري نه سگهندا ته پوءِ زال پنهنجي بدلي ۾ جيڪي ڏنو تنهن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ انهن ٻنهين تي ڪو گناھ نه آهي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ انهن کان لنگهي نه وڃو. ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا سي ئي ظالم آهن. |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٽين) طلاق (بائن به) ڏنائين ته ان کان پوءِ اها (زال) ان لاءِ حلال نه ٿيندي جيستائين ڪنهن ٻئي مڙس سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ به هن کي طلاق ڏني ته انهن ٻنهين تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو وري پاڻ ۾ (نڪاح سان) ملي وڃن. جيڪڏهن اهي ٻئي خيال ڪن ٿا ته الله جي حڪمن کي قائم رکي سگهندا ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن جن کي سمجهدار ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪري ٿو. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏهن اوهان زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏني ۽ انهن جي عدت پوري ٿيڻ تي اچي ته (يا ته) دستور موافق کين جهليو يا دستور موافق انهن کي سٺي نموني رخصت ڪريو ۽ انهن کي تڪليف پهچائڻ لاءِ نه روڪيو ته جيئن (وري هنن تي) ڏاڍ ڪرڻ لڳو ۽ جو ائين ڪندو ته ان پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ خدا جي آيتن کي مسخري ڪري نه سمجهو. ۽ پاڻ تي الله جي عنايت ڪيل نعمتن کي ياد ڪريو. ۽ جيڪو ڪتاب ۽ علم اوهان تي نازل ڪيو اٿس جنهن سان اوهان کي نصيحت ڪري ٿو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته خدا هر شيءَ جو ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
۽ جڏهن اوهان زالن کي طلاق ڏني پوءِ اهي جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدت کي پهتيون تڏهن انهن کي سندن (ٻين) مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ شريعت جي مطابق راضي ٿين. اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو سٺو ۽ زيادھ پاڪ آهي. ۽ (ان جي خوبي) خدا وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان (اهڙو) نه ٿا ڄاڻو. |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
(طلاق ڏيڻ کان پوءِ) جو ماڻهو پنهنجي ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پيارن گهرجي ته ان جي ڪري مائرون پنهنجي اولاد کي پورا ٻه سال کير پيارين. ۽ انهن (مائرن) جو کاڌو ۽ ڪپڙو دستور موافق ان (مرد) تي آهي جنهن جو ٻار آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿي ڏني وڃي. نه ماءُ کي پنهنجي ٻار جي ڪري ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري نقصان پهچايو وڃي ۽ وارث تي به اهڙو ئي (حق) آهي. پوءِ جيڪڏهن ٻئي پنهنجي رضامندي ۽ صلاح سان (اڳ) ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن ڪو به گناھ نه آهي ۽ جيڪڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي (ڪنهن دائي کان) ٿڃ پيارڻ گهرو ٿا ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي، جڏهن اوهان کي جو ڪجھ دستور موجب ڏيڻو آهي، سو (انهن جي) حوالي ڪيو! ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته توهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا پڪ ڏسي ٿو. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
۽ اوهان مان جي ماڻهو زالون ڇڏي مرن (تن جون زالون) پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) چار مهينا ۽ ڏھ ڏينهن ترسائين. پوءِ جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدي کي پهچن تڏهين شريعت موافق جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن تنهن ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ توهان ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي. |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
۽ اوهان تي هن (ڳالھ) ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو (عدت ۾) اشاري سان زالن جي سڱ جي گهر ڪريو يا تنهن جي دلين ۾ لڪائي رکو. خدا کي علم آهي ته اوهين انهن کي ياد ڪندو پر دستور جي موافق ڳالھ ڪرڻ کان سواءِ انهن کي لڪ چپ ۾ (نڪاح جو) وعدو نه ڏيو ۽ نه نڪاح جو پڪو ارادو ڪريو. جيستائين مقرر ڪيل (عدت) پنهنجي پڇاڙي کي نه پهچي ۽ ياد رکو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا پڪ ڄاڻي ٿو. پوءِ ان کان ڊڄندا رهو. ۽ هي سمجهو ته خدا وڏو بخشڻ وارو بردبار آهي. |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي زالن کي هٿ لاتو هجي ۽ نه مهر تي مقرر ڪيو هجيو، ۽ اوهان طلاق ڏني هجي (ته ان به) اوهان تي ڪجھ الزام نه آهي! انهن عورتن سان (دستور موافق) آسودي تي پنهنجي حيثيت موافق آهي ۽ سڃي تي پنهنجي طاقت آهر آهي، دستور جي موافق خرچ ڏيڻو آهي (اهو ڪم) نيڪي ڪندڙن تي لازم آهي. |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏني ۽ اوهان انهن لاءِ ڪجھ مهر به مقرر ڪيو اٿو تنهن جو اڌ (ڏيڻو آهي) پر جيڪڏهن اهي (زالون) معاف ڪن يا سندن ولي جنهن جي هٿ ۾ ان جي نڪاح جو اختيار هجي. ۽ جيڪڏهن (سارو مهر) بخش ڪن ته (اها ڳالھ) پرهيزگاري جو زياده ويجهو آهي. ۽ پنهنجي بزرگي کي نه وساريو بيشڪ اوهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسندڙ آهي. |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
(اي مسلمانو!) توهان سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچين نماز (صبح يا ظهر يا عصر) جي پابندي ڪيو ۽ خاص خدا جي ئي لاءِ (نماز ۾) قنوت پڙهندڙ ٿي بيهو. |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
پوءِ جيڪڏهن اوهين (ڪنهن کان) ڊڄو ۽ (پوري نماز نه پڙهي سگهو ته) سوار يا پياده (جيئن ٿي سگهي، پڙهو) پوءِ جڏهن بي ڊپا ٿيو ته الله کي ياد ڪيو جيئن اوهان کي (پنهنجي رسول جي ذريعي) اهو ڪجھ سيکاريو اٿس جنهن کي اوهين نه ڄاڻندا هئا. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
۽ جيڪي اوهان مان مرن ۽ زالون ڇڏين سي پنهنجن زالن لاءِ هڪ سال تائين خرچ ڏيڻ جي (گهر مان) ڪڍڻ کان سواءِ (ڀلي) وصيت ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهي (نڪاح وغيره) جائز ڳالهين لاءِ نڪرن (۽) جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن ته اوهان تي (ان ۾) ڪو گناھ نه آهي. ۽ خدا هر شيءَ تي غالب ۽ قوت وارو آهي |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ جن زالن کي (مهر مقرر ڪرڻ ۽ هٿ لائڻ کان سواءِ) طلاق ڏنل هجي، تن کي دستور موافق خرچ ڏيڻ پرهيزگارن تي لازم آهي. |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو (ته) من اوهين سمجهو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
(اي رسول!) ڇا! تو، انهن کي نه ڏٺو جيڪي پنهنجي گهرن مان موت جي ڊپ کان ڀڄي نڪتا ۽ اهي هزارين ماڻهو هئا، خدا انهن کي فرمايو ته سڀئي مري وڃو! (۽ اهي مري ويا) وري خدا انهن کي جيئرو ڪيو. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو احسان نٿا مڃن. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
۽ (مسلمانو!) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ خدا ضرور (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
اهو ڪير آهي جو الله کي قرض حسنه ڏئي ته الله ان لاءِ اهو ڪيئي دفعا وڌائي. ۽ خدا (روزي) تنگ ڪري ٿو ۽ ڪشادي ڪري ٿو ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندا. |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
(اي رسول!) ڇا موسى! کان پوءِ بني اسرائيلين جي سردارن (جي حالت) تي تو نظر ڪين ڪئي؟ جڏهن انهن پنهنجي نبي (شموئيل) کي چيو ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مقرر ڪريو ته اسين خدا جي راھ ۾ جنگ ڪريون (تڏهن) نبيءَ چيو ته جيڪڏهن اوهان تي جنگ ڪرڻ لازم ڪئي وڃي ته متان اوهان جهاد نه ڪريو. انهن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راھ ۾ جهاد نٿا ڪريون. هوڏانهن اسين پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا آهيون ۽ پنهنجن ٻارن کان جدا ڪيا ويا آهيون. پوءِ جڏهن مٿن جنگ ڪرڻ لازم ڪئي ويئي تڏهن انهن مان ٿورن کان سواءِ (ٻيا سڀ) ڦري ويا ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
۽ انهن کي سندن نبي چيو ته بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاھ مقرر ڪيو آهي. چوڻ لڳا ته ان جي حڪومت (ڀلا) اسان تي ڪئين ٿي سگهي ٿي؟ هوڏانهن حڪومت جا حقدار ان کان ته اسين وڌيڪ آهيون. ڇو ته کيس ايترو مال (۽ دولت) به ته نه ڏنل آهي. چيائين ته بيشڪ الله ان کي اوهان تي فضيلت ڏني آهي ۽ (مال ۾ نه سهي، پر) علم ۽ جسم (طاقت) ۾ گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجو ملڪ ڏئي ٿو ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ انهن کي سندن نبي چيو ته ان جي بادشاهيءَ جي نشاني هيءَ آهي جو اوهان وٽ صندوق ايندي جنهن ۾ اوهان پنهنجي پالڻهار وٽان هڪ تسڪين قلب ۽ پڻ انهن تبرڪات مان بچيل هونديون جي موسى ۽ هارون جي اولاد، يادگار ڇڏي ويئي آهي ۽ ان صندوق کي ملائڪ کڻي ايندا. جيڪڏهن ايمان وارا آهيو ته بيشڪ ان ۾ توهان لاءِ (پوري) نشاني آهي. |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏهن طالوت، لشڪر سميت (ايليا شهر) مان روانو ٿيو (ته کين) چيائين ته الله اوهان کي هڪ نديءَ بابت آزمائڻ وارو آهي. پوءِ جنهن به ان مان پاڻي پيتو سو منهنجو نه آهي ۽ جنهن ان کي نه چکيو سو منهنجو آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي هٿ سان (رڳو) هڪ لپ ڀري (پيتي ته حرج نه آهي) پوءِ اتان ڪن ٿورن کان سواءِ (ٻين سڀني) پيتو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ جي مومن ان سان گڏ هئا نديءَ مان پار ٿيا ته (خالص مومنن کان سواءِ) سڀ چوڻ لڳا ته اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. پر انهن کي، جن کي يقين آهي ته (هڪ ڏينهن) خدا کي منهن ڏيکارڻو آهي انهن (بي خوف ٿي) چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٿوري جماعت خدا جي حڪم سان گهڻي جماعت تي غالب ٿي آهي. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي. |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
مطلب ته جڏهن اهي ماڻهو جالوت ۽ سندس فوج جي مقابلي ۾ نڪتا ته دعا ڪيائون: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ڪامل صبر عطا فرمائي ۽ (جنگ جي ميدان ۾) اسان جا قدم ڄمائي رک ۽ اسان کي ڪافر قوم تي سوڀ ڏي. |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
پوءِ ته انهن ماڻهن الله جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي شڪست ڏني ۽ داود جالوت کي قتل ڪيو ۽ خدا ان کي بادشاهي ۽ تمدن جي تدبير عطا فرمائي. پڻ (علم ۽ هنر مان) جو ڪجھ گهريائين سو به کيس سيکاريائين. ۽ جيڪڏهن خدا خاص ماڻهن جي ذريعي ٻين (شريرن) جي شر کي نه ٽاري ها ته هوند! سموري زمين تي فساد ٿي وڃي ها. پر خدا ته ساري جهان جي ماڻهن تي فضل (۽ رحم) ڪري ٿو. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
(اي رسول!) خدا جون هي سچيون آيتون آهن جي تو کي پوري طرح پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون پيغمبرن مان آهين. |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اهي سڀ پيغمبر آهن. انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت آهي جنهن سان خدا ڳالهايو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيائين ۽ اسان عيسى پٽ مريم جن کي ڪهڙا نه ظاهر معجزا عطا ڪيا، پڻ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته، اهي ماڻهو جيڪي انهن (نبين) کان پوءِ هئا سي وٽن پڌرن دليلن اچڻ کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر اختلاف ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر اختيار ڪيو. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها. پر خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي ايمان وارو! اسان اوهان کي جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪري وٺو. ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪا خريد فروخت ۽ نه ڪا ياري دوستي ۽ نه ڪا پارت سفارش (ئي ڪم ايندي) ۽ ڪفر ڪرڻ وارا ئي ته ظلم وسائن ٿا. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله ئي اها (ذات پاڪ) آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي اهو زندھ ۽ ساري جهان جو سنڀاليندڙ آهي. ان کي نه پنڪي ۽ نه ننڊ وٺي ٿي. جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو سندس ئي آهي. اهو ڪير آهي جو سندس اجازت کان سواءِ وٽس سفارش ڪري. جو ڪجھ انهن جي اڳيان (موجود) آهي (سو) ۽ جو ڪجھ سندن پٺيان (ٿي چڪو) آهي (خدا سڀ کي) ڄاڻي ٿو. ۽ ماڻهو سندس علم مان ڪهن شيءَ تي به احاطو ڪري نه ٿا سگهن. پر اهو (جنهن کي) جيترو گهري (ته سيکاري) سندس ڪرسي آسمانن ۽ زمين تي حاوي آهي ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ به مٿس ڳري نه آهي ۽ اهو (سڀ کان) مٿاهون آهي. |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين ۾ ڪا زبردستي نه آهي بيشڪ هدايت گمراهيءَ کان پڌري ٿي آهي. پوءِ جيڪو ڪوڙن الاهن (بتن) کان انڪار ڪندو ۽ الله تي ايمان آڻيندو ته ان اها مضبوط رسي جهلي جا ڇڄڻ واري نه آهي ۽ خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي. |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله ايمان وارن جو سرپرست آهي. انهن کي (گمراهيءَ جي) اونداهين مان ڪڍي (نور هدايت جي) روشنيءَ ڏي آڻي ٿو ۽ جيڪي ڪافر ٿيا تن جا سرپرست (وري) شيطان آهن. جو انهن کي (ايمان جي) روشني مان ڪڍي (ڪفر جي) اونداهين ۾ وجهن ٿا. اهي دوزخي آهن. اهي سدائين ان ۾ پيا هوندا. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
(اي رسول!) ڇا تون ان ڏي نه ڏٺو جنهن ابراهيم سان پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ هن ڪري جهڳڙو ڪيو جو خدا هن کي بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيس ته: منهنجو پاليڻدڙ اهو آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. ان چيو ته آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو. ابراهيم چيو (چڱو! ته) پوءِ خدا ته سج کي اڀرندي کان آڻي ٿو ۽ تون ان کي الهندي کان آڻ. پوءِ اهو ڪافر حيرانيءَ ۾ پئجي ويو (پر ايمان نه آندائين) ۽ الله ظالمن کي منزل مقصود تي (ڪڏهن به) نٿو پهچائي. |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
(اي رسول!) تو مثلا ان (بندي جي حال) تي به نظر ڪئي جو هڪ ڳوٺ مان لنگهيو ۽ اهو ڳوٺ پنهنجين ڇتين ڀر ڪريل هو (ان کي ڏسي) چيائين ته ڪئين هن کي الله هن جي ڦٽڻ کان پوءِ آباد ڪندو؟ پوءِ خدا کيس (ماري ڇڏيو ۽) سو سال مردو رکيو. وري ان کي اٿاريائين. خدا فرمايو ته: تون هتي ڪيترو وقت رهيو آهين؟ ان چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو ڪجھ حصو رهيو آهيان. خدا فرمايو ته: (نه) بلڪه تون سو سال رهيو آهين. پوءِ تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي ڏي ڏس ته (ذرو به) بگڙيو نه آهي. ۽ پنهنجي گڏھ ڏي ڏس ته ڪئين اسين ان جي (هڏين کي) سلائي وري انهن کي گوشت ڍڪايون ٿا. پوءِ جڏهن مٿس (اهو حال) ظاهر ٿيو تڏهن چيائين ته آءُ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ (اي رسول! اهو واقعو به ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي به ته ڏيکار ته تون مئل کي ڪئين جيئرو ڪندو آهين؟ خدا فرمايو، ڇا تو کي (ان تي) ايمان نه آهي؟ ابراهيم عرض ڪيو ته (ڇو ڪين) ايمان ته آهي (پر اکين سان ڏسڻ ان ڪري چاهيان ٿو ته) منهنجيءَ دلي تسلي ٿئي. خدا فرمايو چڱو ائين آهي ته پوءِ تون چار پکي وٺ. پوءِ انهن کي پاڻ سان هيراءِ (پوءِ انهن مان هڪ هڪ ٽڪرو رک. پوءِ انهن کي سڏ، بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
جيڪي خدا جي راھ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا تن جي (خرچ جو) مثال ان داڻي وانگر آهي جنهن ست سنگ ڪڍيا (۽) داڻا هجن. ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي وڌائي ڏي ٿو. ۽ خدا جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جي ماڻهو پنهنجا مال خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ نڪي احسان رکن ٿا ۽ نه (جن تي احسان ڪيو اٿن تن کي) ستائن ٿا، تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ انهن جو اجر (۽ ثواب) آهي ۽ (آخرت ۾) انهن کي نه خوف ٿيندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
(سائل کي) نرميءَ سان جواب ڏئي ڇڏڻ ۽ (ان جي وري وري گهرڻ تي ڇڙٻ نه ڏي بلڪه) ان کان درگذر ڪرڻ ان خيرات کان سٺو آهي جنهن کان پوءِ (سائل کي) ايذاءُ پهچي. ۽ خدا بي پرواھ بردبار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي ايمان وارو! پنهنجي خيراتن کي احسان رکڻ ۽ (سائل کي) ايذاءُ ڏيڻ سان ان وانگر نه وڃايو جيڪو پنهنجو مال ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي. پوءِ ان جو مثال لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي هجي پوءِ ان (مينهن) ان کي بلڪل صاف ڪري (ڌوئي) ڇڏيو. جو ڪجھ ڪمايائون تنهن مان ڪا به شيءَ کين هٿ نه ايندي (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ خدا ڪافرن کي هدايت (ذريعي منزل مقصود تي) نه ٿو پهچائي. |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
۽ جي ماڻهو پنهنجا مال الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي يقين جي ڪري خرچ ڪن ٿا، تن جو مثال هڪ سرسبز باغ وانگر آهي، جو دڙي تي هجي (۽) ان تي سخت مينهن وسيو، پوءِ پنهنجو ڦر ٻيڻو ڪيو. پر جيڪڏهن ان تي مينهن نه به وسي ها ته ماڪ ئي (اهو ڪم ڏئي ها) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، خدا تنهن کان با خبر آهي. |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا اوهان مان ڪو به (هيءَ ڳالھ) پسند ڪندو ان کي کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي جنهن جي هيٺان واھ وهندا هجن، پڻ ان باغ ۾ ان لاءِ (ٻيا به) سڀ ميوا هجن ۽ ان کي ٻڍاپو اچي وٺي ۽ سندس (ننڍا ننڍا) ڪمزور ٻار هجن. ۽ ان (باغ) کي اهڙو واڇوڙو لڳي جنهن ۾ باھ هجي ۽ پوءِ اهو باغ سڙي خاڪ ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح خدا توهان لاءِ آيتون صاف صاف بيان ڪري ٿو ته من اوهين (غور ۽) فڪر ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون اوهان ڪمايون آهن تن مان ۽ انهن (پاڪ شين) مان به (خرچ ڪريو) جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان ڪڍيون آهن ۽ خراب شيءِ (جي خرچ ڪرڻ) جو ارادو به نه ڪريو حالانڪه جيڪڏهن اوهان کي ڪو اهڙو مال ڏئي ته اوهين نه ٿا وٺو. پر هي ته (مروت سبب) چشم پوشي ڪريو ٿا. ۽ ياد رهي ته خدا بيشڪ بي نياز (۽) حمد جي لائق آهي. |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان اوهان کي سڃائيءَ جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي بيحيائيءَ (بخيليءَ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي طرفان معافيءَ ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏئي ٿو. ۽ الله جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي (خدا جي طرف کان) حڪمت عطا ٿئي ٿي ته بيشڪ ان کي خوبين جي وڏي دولت هٿ لڳي. ۽ صاحبان لب (عقلمند) کانسواءِ ڪو به نصيحت مڃي ئي نه ٿو. |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
۽ جيڪو به مال اوهين خرچ ڪريو ٿا، يا جيڪا به باس باسيو ٿا، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (هي به ياد رهي ته) ظالمن جا (جيڪي خدا جو حق ماري ٻين جو نذر ڪن ٿا، قيامت ۾) ڪي به مددگار نه ٿيندا. |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن خيرات کي ظاهر ۾ ڏيو ته اهو (ظاهر ڪري ڏيڻ به) سٺو آهي پر جيڪڏهن ان کي لڪائي غيرن کي ڏيندو ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ اهڙي خيرات ڏيڻ کي خدا توهان جي گناهن جو ڪفارو ڪندو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان واقف آهي. |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
(اي رسول!) انهن کي منزل مقصود تائين پهچائڻ تنهنجو فرض نه آهي (تنهنجو ڪم رڳو رستو ڏيکارڻ آهي) مگر هائو خدا جنهن کي گهري ته منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي. ۽ جو ڪجھ مال نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو سو اوهان لاءِ آهي. ۽ توهان ته خدا جي رضا کان سواءِ ٻي ڪم ۾ خرچ ڪيو ئي نٿا ۽ جيڪي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو (قيامت ۾) اوهان کي اهو ڀرپور واپس ملندو ۽ اوهان جو حق نه ماريو ويندو. |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
(اها خيرات) خاص انهن حاجتمندن لاءِ آهي جيڪي خدا جي راھ ۾ (دنيا جي ڪم ڪرڻ کان) روڪيا ويا آهن. ۽ (روزي حاصل ڪرڻ لاءِ) زمين ۾ سفر ڪري نه ٿا سگهن. سوال کان بچڻ جي ڪري نا واقف کين مالدار سمجهي ٿو. تون انهن کي سندن صورت مان سڄاڻيندين. ته محتاج آهي (ڇاڪاڻ ته) اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نه ٿا ڪن. ۽ جو به مال خرچ ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ پڌرو (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندا آهن، تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) سندن رب وٽ آهي. (قيامت ۾) نه انهن تي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
جيڪي وياج کائن ٿا، سي (قيامت ۾) رڳو انهيءَ (ماڻهوءَ) جي اٿندڙ جهڙو اٿندا جنهن کي شيطان جي اثر سبب چريو ڪيو هجي. اهو هن ڪري آهي جو اهي (وياج خور) چون ٿا ته واپار (به ته) وياج جهڙو آهي. هوڏانهن خدا واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت (منع) آئي آهي ۽ (وياج وٺڻ) ڇڏي ڏنائين ته (هن حڪم نازل ٿيڻ کان اڳ) جو وياج وٺي چڪو، اهو هاڻي ان کي معاف آهي ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانهن (سونپيل) آهي. ۽ جن اها ساڳئي روش اختيار ڪئي سي دوزخي آهن، اهي منجهس سدائين پيا رهندا. |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
خدا وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن کي وڌائي ٿو ۽ جيڪي ناشڪرا گنهگار آهن خدا انهن کي دوست نٿو رکي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
(هائو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏيندا رهيا تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) انهن جي پالڻهار وٽ آهي. ۽ (قيامت ۾) نه انهن کي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه وري اهي غمگين ئي هوندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي سو جيڪڏهن اوهين سچا (۽ خالص) مومن آهيو ته ڇڏي ڏيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پوءِ جيڪڏهن (ائين) نه ڪيَوَ ته الله ۽ سندس رسول سان وڙهڻ لاءِ تيار رهو. پر جي اوهان توبه ڪئي آهي ته توهان جو اصل مال آهي، نه توهان ڪنهن جو زبردستي نقصان ڪريو ۽ نه توهان تي زبردستي ڪئي ويندي. |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
۽ جيڪڏهن ڪو (قرضي) تنگ دست آهي ته آسودگيءَ تائين ان کي مهلت ڏيڻي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته توهان جي حق ۾ هيءَ (ڳالھ) زياده سٺي آهي جو اصل به بخشيون. |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان کي الله ڏي موٽايو ويندو، پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ڪمايو هوندائين تنهن جو پورو بدلو ڏنوويندو ۽ ان جي ذرو به حق تلفي نه ٿيندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهين مقرر ڪيل مدت تائين پاڻ ۾ قرض ڏيڻ وٺڻ جو معاملو ڪريو ته ان جي لک (پڙھ) ڪندا ڪريو. ۽ لکڻ واري کي گهرجي ته انصاف سان (بلڪل پوري ڳالھ) لکي. ۽ لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري. پوءِ جيئن ان کي خدا سيکاريو آهي تئين ان کي لکڻ گهرجي. ۽ جنهن تي قرض آهي سو لکائي ۽ پنهنجي پالڻهار خدا کان ڊڄي ۽ ان مان ڪجھ به گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي سو جيڪڏهن بي عقل يا ضعيف هجي. يا اهو لکائي نٿو سگهي ته سندس ڪم هلائيندڙ، انصاف سان لکائي ۽ پنهنجن مردن مان ٻه گواھ شاهد ڪريو. ۽ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون انهن شاهدن مان هجن جن کي اوهين پسند ڪندا هجو. هن لاءِ ته انهن ٻنهين (زالن) مان جيڪڏهن هڪ ڀلجي وڃي ته ان کي ٻي ياد ڏياري. ۽ جڏهن شاهدن کي حاڪمن وٽ شاهدي لاءِ سڏايو وڃي ته حاضر هجڻ کان انڪار نه ڪن. ۽ ان (قرض) کي، ٿورو هجي يا گهڻو پنهنجي مدت تائين رکڻ کان نه گهٻرايو. خدا وٽ اها لکپڙھ تمام انصافي ڪاروائي آهي. ۽ شاهديءَ لاءِ به ڏاڍي سٺي ڳالھ آهي. ۽ بلڪل ٺيڪ شبه ۾ نه پئو. پر روبرو واپار هئڻ وقت جنهن کي پاڻ ۾ هٿون هٿ ڏيو يا وٺو ته ان جي (سودي) جي نه لکڻ ۾ اوهان تي الزام نه آهي. (هائو) جڏهن اهڙي ڏي وٺ جو سودو هجي ته شاهد رکو. ۽ نقصان نڪي لکندڙ ۽ نڪي شاهد کي پهچايو وڃي. ۽ جيڪڏهن (اهو ڪم) ڪندئو ته اها ضرور اوهان جي شرارت آهي. ۽ خدا کان ڊڄو خدا توهان کي (معاملي جي صفائي) سيکاري ٿو ۽ اهو هر ڳالھ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
پر جيڪڏهن اوهين مسافريءَ ۾ هجو ۽ لکندڙ نه ملي ته پوءِ (ڪي شيون) قبضي ۾ گروي ڪري (رکو) پوءِ جيڪڏهن اوهان مان هڪڙا ٻين تي ڀروسو ڪن ته پوءِ جنهن تي ڀروسو ڪيو ويو آهي سو پنهنجي امانت (قرض) ادا ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄي. (مسلمانو) توهان شاهدي نه لڪايو. ۽ جيڪو ان کي لڪائيندو تنهن جي دل گنهگار آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو خدا ڄاڻي ٿو. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمينن ۾ آهي سو الله ئي جو آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي، پوءِ اوهين ان کي ظاهر ڪريو يا لڪايو خدا اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي گهري ته بخشيءَ ۽ جنهن کي گهري ته عذاب ڪندو ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي. |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
(اسان جي) رسول (محمد) تي جو ڪجھ سندس پالڻهار وٽان نازل ڪيو ويو، تنهن تي ايمان آندو. ۽ مومنن (به) ايمان آندو. سڀني الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن تي (به) ايمان آندو. ۽ چيائون ته اسين سندس رسولن مان ڪنهن به هڪڙي ۾ فرق نٿا ڪريون ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو. تو کان معافي گهرون ٿا. اي اسان جا پالڻهار! ۽ تو ڏي ئي موٽڻو آهي. |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
خدا ڪنهن کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏي. جنهن چڱو ڪم ڪيو ته پنهنجي فائدي لاءِ ڪيو ۽ برو ڪم ڪيائين ته (ان جو وبال) مٿس آهي. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي اهڙو بار نه رک جهڙو تو انهن تي رکيو جيڪي اسان کان اڳ هئا. اي اسان جا پالڻهار! ۽ اسان کان اهو بار نه کڻاءِ جنهن جي اسان کي طاقت نه آهي. ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان تي رحم ڪر! تون ئي اسان جو مالڪ آهين. تون ئي ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر. |