الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ جِي، پرور کي پَروڙ، |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
ليک اهوئي لوڪ ۾، منجھس شڪ نه مور، |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
ڪارڻ ڪِرياتن جي، هدايت حضور، جي پر پٺ مڃين، ۽ پوريون پڙهن نمازون نور، ۽ تنهن زر مان ڏينِ ضرور، جو ڏات ڏنوسون انهن کي. |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ جي مِڙئي مڃينِ، جو توئي اُتاريوسون، ڪِ تُوهان اڳ، پڪ رکن پر لوڪ جِي، جو اڃا اڳي جَڳ. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي سندن سائين کان، مٿي سئين دڳ، ۽ اهي سوڀون سوين لڳ، ماڻڻ وارا مورهين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
جي ڦريا کون فرمان، ساڳي آهي اُنهن مٿي، ته ڏيـينِ، توڻي نه ڏيينِ، ڪو خوف اُنهن کي خان! نه آڻيندا ايمان، |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
سِيل سندن، سِيل ڪيا، هَئين مُهر منان. ۽ اٿن ڪنن ۽ اکين تي، پردا ڪي پنهان، ۽ ڀنڀٽ بي گمان، آهي وڏو ڪو اُنهن لئي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ ڪي ماڻهون چون، ته مڃيون سون صاحب رب ستار، پڻ آخر، اُهکي وار، ۽ اُهي مؤمن ناهنِ مورهين. |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
ڌوڪو ڏينِ ڌڻئ کي ۽ ٻيو آندو جن ايمان، ۽ نه ٺڳـينِ، مگر پاڻ کي، ٻِي ڪُپت هلندينِ ڪانه، ۽ نـتيجو نڌان، مورک نه سمجھن مورهين. |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
روڳ جن جي رڳن ۾، پوءِروڳ وَڌاينِ رب، ڪن ڪوڙ،تنهن سبب، اُنهن لئي، سخت عذاب ڪو. |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ چئجينِ جڏهن ته، زمين ۾، وجھو ڪين وڳوڙ، چي، اسين ته صفا صلح جا، طالب آهيون توڙ، |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
سمجھ، سيئي ڦيٽوڙ، پر نه پڙوينِ ڳالهيون. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ چئجينِ جڏهن ته، مڃيو، جيئن ماڻهن مڃيو مور، چي، اسين مڃيون ڪيئن اُنهن جيئن، جي ڀورا بي شعور، پاڳل اِهي پروڙ، سچ پچ، سوچينِ ڪين ڪي. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن گَڏيا اُنهن کي، آندو جن ايمان، چي، آيا سون ايمان ۾، آهيون مُسلمان، ۽ جڏهن سَندنِ شيطانن سان، مِليا خُلاصا خان، چي، اسِين اوهان سان آهيون، ميڙِهي مهربان، آهيون اَسان، تن عيان، ٺلهيون ڪندڙ ٺٺوليون. |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
ڏاتر سِگھو ڏينِ، ڀوڳ اُنهِئ کِل ڀوڳ جو، ۽ اِن لـئي ڇَيڪ ڇَڏينِ، پِيا منجھن، سندن مُنجھ ۾. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اُنهن سوديو، سُونهپ تي، مونجھاري جو مال، پوءِ سَندنِ سودي، سُود ڪو، بخشيَنِ ڪِين بحال، ۽ ڪينهن، سي ڪُلال، روڻـا وَهِين واٽ تي. |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
حال اُنهن جو، اُن جِيئن، ته ٻارئـِين باه ٻيهار، پوءِ چِمڪِي جڏهن چوڌار، ته سائـِين نِيَنِ سوجھرو. ۽ ڇڏينِ اُونداهين ۾، ڪجھ ڪِين ڏِسنِ، |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
ٻوڙا ٻُڌن ڪِينڪِي، گـنگا ڪِين ڪُڇنِ، اَنڌا کان اکينِ، پوءِ ڪِيئن وَرنِ، سي واٽ تي. |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا اُڀ کان، مثال مِينهن جي، جنھن ۾ وِڄ، ڪڙڪو، ڪار، ڪَنن سَندنِ ۾ آڱريون، ڪَن پئا ڪڙڪي هار، خاص مرڻ جي خوف کان؛ ۽ صاحب رب ستار، چوڪِي آھ چوڌار، ڪُوڙن ڪافرن تي. |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
وِڄ اکيون اُنهن جون، جھٽي، ڏيِئي جَھلڪار، چَليا سَندسِ چِمڪار تي، وَرِي جھڙي وار، ۽ اُڀا جڏهن اُونداھ ٿي؛ گُھريو هُوند غفار، ڪن ۽ اکيون اُنهن جون، نيائـِين نبار، صاحب ربُّ، ستار، قادر، هرڪم ڪارتي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي ماڻهئا! پوڄيو مورهين، پنهنجو پالڻهار، جنهن اوهان کي، ڪِ اڳ اوهان کان، جوڙيا سڀ جنسار، اِنهئَ اميد آسري، ته ڏرو ڀر ڏاتار، |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
ڀون بنائـِي بسترو، جنهن آگي اوهان هار، ۽ اُڀ کي ڇت ۽ اڀ ڪنان، نازل ڪيائين نار، پوءِ ڪڍيائين اَهنجي قُوت لئي، جنهن سان، ميوا مٺا، موچار، پوءِ هرگز نه ٺاهيو هٿ گھڙيا، جھالُ و ڪاڻ جبار، جنهن حال ۾ هوشيار، اوهين پروڙيو پاڻ پئا. |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جي اوهين آهيو اِن ڪنان، شڪ شبهي جو شڪار، پوءِ آڻيو ڪا اِن جھڙِي، جو اسان اتاريو، پنهنجي ٻانهين سرِ ٻيهار، ۽ سڀ سڏيو، ڌڻئ ڌار، جي سچا سخن ۾ آهيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جي نه ڪيان ، نه ڪري سگھندا، ڪڏهن اِهو ڪم ڪار، پوءِ، بچو تنهين باھ کان، ٻارڻ جنهن ٻيهار، ماڻهون، پٿر مورهين، سو دوزخ دهشتدار، توڙان ٿيو تيار، ڪارڻ قوم ڪافرين. |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ ڏي مبارڪ، جن مڃيو، پڻ چڱا ڪيؤن ڪم ڪار، اڳـتي تي آهن اُنهن لئي، بهشت، باغ بهار، جن هيٺان، هلن ناليون، وڻندڙ منجھ وڻڪار، جڏهن به منجھس ميون مان، ڪو ملينِ مزي هار، چي، مهند مليو سون جھڙو، هِي اُنهي جي آچار، الله، نه لڄي اُن ۾، ته ڏي ڪو به مثال، مڇر، ڪِ پوءِ مٿڀرو؛ پوءِ مڃِي، جن مقال، پوءِ صحيح سمجھن ڳالھ، ته هِي صفاسچ، سائين ڪنان. ۽ اُن ۾ آهن، اُنهن لـئي، ڪي ناريون نيڪ نبار، ۽ سدا سڀ ڄمار، اهي ساڪن ، اُن سکن ۾. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
پر ڦريا، جي فرمان کان، تن چيو اهڙي چال، الله ارادو ڇا ڪيو، منجھان اِن مثال؟ منجھائي، ۽ سمجھائي گھڻا، نالي مِٺو تنهن نال، ڀُلائي نه بحال، تنهن سان تَو اين بنا. |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
اُهي، جي الله ساڻ، ڀڃن ٻول، ٻَڌڻ پُئان، ۽ ٽوڙينِ، جنهن جي ٽُـڳڻ جو، چينِ پرور پاڻ، ۽ ڀون ۾ بگيڙينِ ڀاڻ، اهي مور وڃائيندڙ مورهين. |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
ڪهڙئَ طرح ڪريو، الله کان انڪار، ۽ هئا مئل مورهين، پوءِ جياريان جبار، موٽي ماري، جياري وري، قدرت ساڻ ڪلتار، آخر اُنهئَ پار، اوهين مڙئي موٽائبا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اُهو الله، آهي سو، جنهن جوڙيا اوهان هار، جيڪي سڀ زمين ۾، جوڙون ۽ جنسار، توجَّہۡ طرف اڀ جي، ڏِنو پوءِ ڏاتار، تہ تي، تہ تيار ڪيا، ساري سَت ستار، ۽ سائين سمجھدار، حقيقت هر ٽول جِي. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
۽ مالڪ تُنهنجي، ملڪن کي ، جڏهن چيو اهڙي چال، ته ڀون ۾ بنائيندڙ آهيان، ڪو نائب نيڪ نهال، چي، منجهس مقرر ڪيئن ڪرين، جو بگيڙيس بحال، ۽ خون منجھس خان وهائي، ڪندو ڪوس قِتال، ۽ اسين پڪ توکي، پاڪ چئون، تنهجِي نيڪي ڳائڻ نال، ساريون، ساراهيون، تنهنجا ڪم ڪمال، چي، آئون، جاڄاڻـا ڳالھ، اوهين نه ڄاڻو اُن کي. |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
۽ نالا سڀ آدم کي، سيکاريا ستار، موٽي ڪيائين ملڪن تي، اُنهن کي اظهار، نالا ٻڌايومِ هِنن جا، جي آهيو صفا سچار، |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
چي، پڪ آهين پاڪ تون، اسان سُڌ، نه سماچار، نه ڄاڻون، مگر ڄاڻـائيِي، جيترو جبّار، تون صحي سمجھدار، حڪمتي هوشيار گھڻو. |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
چي، آدم چو انهن کي، نالا تن نبار، پوءِ جڏهن ٻڌائين، انهن کي نالا تن نروار، چي، آن کي نه چئمِ، ته اڀ ۽ ڀون جا، ٻُجھان منجھ، ٻهار، پڻ ٻُجھان، سو ٻيهار، جو چئو، ڪِ رکوس چت ۾. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
۽ جڏهن فرمايوسون فرشتن کي، جُھڪو آدم پار، پوءِ جُھڪيا مِڙوئيِ، مگر ابليس ڪيو انڪار، ۽ پئو تڪبّر ۾ تڪرار، ۽ هئو اصلي، اِنڪارين مان. |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
۽ فرمائيوسون فضل سان، ته آدم! ڪر آرام، پڻ بيبي تُنهنجي باغ ۾، پڻ تازا تر تمام، واپرايو، وَڻي تِـتان، ميوا منجھس مدام، ۽ ويجها هِن وڻ هيڪڙي، وڃجانه وريام!، پوءِ نِسورا ناڪام، هوندا هاڃيڪارن مان. |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پوءِ شامتي شيطان، اچي ٿيڙيو اُنهن کي، پوءِ ڪڍيئينِ، جتي قراريا، منجھان تنهن مڪان، پوءِ اُتوسون ته، اترو، ڀـيـڙا بي گمان، هونداِ هيڪ ٻئن جا، اوهين عَدُو عيان، ۽ اُتيئي اوهان لئي، آهنِ آستان، ٻئا سمر ۽ سامان، ڪو زمانو زمين تي. |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ آدم استغفارڪيا، جي سکيو سندس، سائين ڪنان، پوءِ مرهين کيس ميار، اومرهيندڙ ۽ مهر ڀريو. |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
اُتوسون، ته اوترو اِتان، هيڪاندا هيڪار، پر پوءِ هدايتون منهنجون، اينديون اوهان پار، پوءِ ٿـئو سندمِ سُونهپ جو، جو تهدل تابعدار، پوءِ تن کي، نه ڀوُ ڀلڪار، ۽ نه ڳڻتي کينِ، ڪنهن ڳالھ جي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جي ڦريا ۽ ڪوڙا ڪوٺيون، اسان جا اُهڃاڻ، اُهي ڄاڃي ڄيري ڄاڻ، هونِ هميشه اُن ۾. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اوهان اي اسرائيليو! منهنجاسُک، ساريو، مون، جي ڪيا اوهان سان، وَر وَر وڙ واريو، ۽ آءٌ اوهان سان واعدا پاريان، جي اوهين پاريو، پوءِ دل ۾، ڊپ ڌاريو، هميشه، مون هيڪ جو. |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
پوءِ مڃيو هرگـز حق ڪري، جي اُتاريمِ اُهڃاڻ، صحي ڪندڙ اُن کي، جيڪي اڳي، اوهان ساڻ، ۽ ڦريل نه ٿيو اُن کان، پريندي اوهين پاڻ، ۽ مٽيو نه ٿوري ملھ مٿي، منهنجاحڪم هاڻ، پوءِ ڪڍو نه ٻئي جي ڪاڻ، مون هڪ کان، مُڙو مورهين. |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ هرگـز نه حق لڪايو، ڪنهن ڪوڙِئَ فتوا ساڻ، ۽ ڪيئن ڇپايو هاڻ، جڏهن پئا، پاڻ پروڙيو. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ قائم ڪريو نماز کي، پوري وقت پاڻ، ۽ ڏيو ڏُ کيَنِ ڏاڻ، ۽ جھڪو ڀيڙو، جھڪندڙين. |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
ڇاماڻهن چڱي مت ڏيو، ۽ وِچان وساريو پاڻ؟ ۽ جڏهن ڪتاب، قِرئت ساڻ، پڙهو ته، ڇو نه پروڙيو؟ |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
۽ سوڀون گھرو، صبرساڻ، پڻ نِمازن نال، ۽ ڳري اها ڳالھ، ڌاران نياز، ڌاريندڙين. |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جي ڀانئنِ، ته سندن سائينءَ سان، اُهي ملڻا آهن مور، پڻ هلڻا منجھ حضور، آخر آهنِ اُن ڏي. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
ساريو اي اسرائيليو! سندمِ ڀلايون ڀال، جي ڪيمِ پنهنجي ڪرم سان، توڙان توهان نال، پڻ اُتم ڪيم اقبال، اَهنجو عالمن تي. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ڏورتنهين ڏينهن کان، جڏهن پاڙبو، نه ڪري پار، هڪ جان، ٻي جان جو، پڻ ڪارون نه ان کان ڪار، ۽ نه وٺبس بدلو بار، نه ورندونِ ڪو به واهرُو. |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
۽ فرعون جي فِرق کان، جڏهن ڇڏائيسِينِئان جان، ڍوئينِ اوهان تي بار پئا، بُڇڙا بي گمان، ڪُهَن ڪنور اوهان جا، جوينِ ڏينيان جِيدان، ۽ اِن ۾ وڏو امتحان، اوهان لئي، الله کان. |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
۽ اسان، اوهان سڀني وچان، وِير ڇنِي جنهن وار، اوهان کي اُڪاريو سون، صحِي سلامت پار، ۽ فرعون جي فوج کي، ٻوڙيون سون منجھ ٻار، ۽ ڪنڌِئَ ڀر ڪنار، پئا پاڻ ڏسو پڌرو. |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ چاليھ راتيون ربّ ڪيون، جڏهن موسٰى سان مقرر، وَڇڙِي کي ورتان وري، اُن کانپوءِ اَبتر!، صفا ستمگر آهيو اوهين، اُن حال ۾. |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
ان کان، پوءِ اوهان کي، ڪئي سون معاف ميار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڳُڻ ڳالهيون. |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
۽ ڏنوسون موسٰى مير کي، قلم بند ڪتاب، ۽ بيان هر ڪنهن باب، ته وَرو مانَ واٽ تي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ موسٰى سندس ميڙ کي، جڏهن چيو اهڙي چال، ته قوم! پاڻهين پاڻ سان، جاڙُون ڪيان جال، هڪ گابڙي گگدام کي، پنهنجي پوڄڻ نال، پوءِ وِهلو ورو پنهنجي، بارِي ڏانهن بحال، پاڻهين پنهنجا پاڻ ۾، ڪريو ڪوس قِتال، آگي وٽ اوهان لئي، هِئَ بلڪل بهتر ڳالھ، پوءِ موٽيو اوهان تي، مِهر سان، سوئي جل جلال، سو موٽندڙ متعال، مِڙنيان مهربان گھڻو. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
چي، مهتر موسٰى! تو مٿي، نه آڻيون اعتبار، تان اسين ڏسون الله کي، اکين سان اِظهار، پوءِ قابو ڪڙ ڪي پڪڙيان، پئا نِرتًا ڪريو نهار، |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
موٽي اَهنجي موت پُوان، اُٿاريوسون ٻِيهار، اِهو اِنهئَ هار، ته ڳايون ڳُڻ ڳالهيون. |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ ڪياسون آن تي ڪرم سان، ڇانيون ميگھ ملهار، لاٿاسون آن تي، لطف سان، مَنَّ سَلوٰى مزيدار، جو طعام ڏنوسون، تنهن منجھان کائو خوش گوار، ۽ اسان تي نه ڪيون آزار، پر پاڻهين ڏکويون پاڻ کي. |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن ٻوليون سونِ ٻاجھ سان، ته گھِڙو منجھ هِن گام، پوءِ واپرايو وڻي تـتـِان، ۽ داخل ٿيو درمان، تابعدار تمام، چئو“بخشش”، ته بخشيونِيان، خطا، خرابيون خام، ۽ جلدِي ڪنداسون جام، ڀَلن سان ڀلايون. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پوءِ جاڙون جن ڪيون، تن ٻولِي، ٻِي ڪا ڳالھ، تنهن ڳالھ سوا، جا اُنهن کي، ويئيِ چئيِ چٽِي چال، پوءِ اڀ کان اُتاريوسون، اُنهن تي، وڏو ڪو وبال، جن، جاڙون ڪيون جال، ڇو ته، حڪم ڀڃن هرحال ۾. |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
۽ موسٰى سندس ميڙ لئي، جَر گھريو، جنهن وار، پوءِ چيوسون ته، پهڻ کي، پنهنجِي، هَڻ تون لٺ هيڪار، پوءِ ڌَڪ سان، اُڌميا ان منجھان، ٻارهن تلاءَ تار، هر پاڙي ڄاتو، پنهنجو، تلاءُ ڌارو ڌار، پـيئو رب جي رزق مان، ۽ کائو خوش گوار، ۽ وَلاريو نه ولهار، ڦيٽاڙي، فساد سان. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ جڏهن موسٰى مير کي، چيان اهڙي چال، ته هرگز هڪ طعام تي، صبر نه سَهون ڪي سال، پوءِ اسان ڪارڻ ڪر تون، سائين کي سوال، جو پُڙن ۾ پيدا ڪري، ڀاڄيون ڀون بحال، واڱڻ، ٿوم، دال، پڻ بهتر بصر اُن جو. چيو، ڇا مورک! مور، مَ مَٽيو گھرو جو گھٽ گھڻو، کاڄ، بدران کاڄ جي، جو زياده ضرور! لَهو مصر ملڪ ۾، ته مڱيان جو مغرور! ڀاڄيون، سي ڀرپور، آهن آل اوهان لئي. ۽ غلامي ۽ غريـبيءَ جِي، مُهر لڳينِ مور، ڏمر ۾ ڏاتارجي، وٺجِي وِيا وهلور، اِهو ڇو ته، انڪار ڪيؤن، حڪمن کان حضور، ناحق پيا نبـين کي، ڪُهن بي قصور، اِها سزا اِن ڪري، جو ڪيؤن فِسق، فجور، ۽ پئا ڀڃن بي شعور، حدون هادِئَ پاڪ جون. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
آيا، جي ايمان ۾، يا ٿيا يهودي ذات، عِيسائي، ڪِ اسيرِي، جن کي، تارن جي تات، جنهن مالڪ مڃيو، پڻ آخر ڏينهن عرصات، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ته ڏاتر سندن وٽ ڏات، اُنهن لئي اجران جا، سوکڙيون سوغات، ۽ نه مٿن ڀئو ڪنهن بات، ۽ نه ڳڻتي کين، ڪنهن ڳالھ جي. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ جڏهن ورتوسون واعِدو، مقرّر اوهان جو مُور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جبرو جبل طُور، ته اسان اوهان کي، جو ڏِنو، حُڪم منجھان حُضور، پَڪڙِيوسِ پوري زور سان، ڪريو ياد ضرور، مَنجھسِ، جو مَذڪور، تان پاڻ بَچايو، باه کان. |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
اِنهيان پوءِ اوهان ورِي، پانهِين ڏني پيمال!، ۽ رحمت ربّ جي، هوند نه هئيِ، پڻ آن تي، ڀلي جو ڀال، ته مڙوئيِ موڙِي مَال، هئا، هاريندڙن مان. |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
۽ معلوم ڪيان مذڪور، اوهان منجھان اُنهن جو، جن ڇنڇر ۾ شڪارجِي، منع ٽوڙِي مُور، پوءِ ڪَهيوسونِ، قهر ڪنان، ڪارڻ تنهن قُصور، ته بَنو بي شعور!، بي زبان، ڀولڙا. |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
پوءِ اسان ڪيو، اُنهن کي، نشاني نروار، جيڪي اڳيان اُنهن جي، پُڻ اُنهن کان پوينِ هار، ۽ نصحيت نبار، ڪارڻ ڪِري ڪندڙين. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
۽ ڪَهيو پنهنجي قوم کي، جڏهن موسٰى مهربان، ته الله اوهان کي ٿو ڪري، فضل سان فرمان، ته آڻي ڳـئون ڪا، ڳوٺ مان، ڪُهِي ڪريو قربان، چي، متان اسان کي مسخري، ٿو کِل بنائين خان! چي، رکيمِ ربَّ رحمان، هن کان، ته ڀُوڪن مان بنان. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چي، تنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا پاڻ، ڪهڙا پار؟ چي، نه هڏهين وڏِي، نه وَهڙِي ۽ وچولي ڄمار، پوءِ ڪريو اِها ڪار، جنهن جو امر اوهان کي ڪجي. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا اُن جو رنگ پار، چي چوي، ته هيڊي حد تي، ڳوڙهو رنگ اَپار، متارِي موچار، ڏاڍِي وڻٖي ڏِسندڙين. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته اِها آهي ڪهڙي؟ کولي اسان هار، ته ڳـئون ، ڳـئن جھڙيون، پئي سونِ، نه پتو پار، ۽ جي گھريو هوند غفار، ته سُتَڙ پونداسون صَحِي. |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
چي، چوي، ته ڳـئون اُها، نه هَر وَهُو هيڪار، نه ڪي کيڙي کيٽ کي، نه وهي هُرلو نار، سدا سلامت سوهڻي، نه منجھس تک لغار، چي، هاڻي آئين حق تي ، پوءِ تنهين کي تڪرار، سِير وِڌئون تنهن وار، ۽ ڪرڻو نه هونِ ڪم اِهو. |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ جڏهن ماڻهون ماريان، پوءِ تنهن ۾، ڪيان تڪرار، ۽ خُدا اُنهي خون کي، ڪڍِي ڪندڙ ٻهار، |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
ته اُن جا عضوا، اُن سان ، هڪدم هڻو هيڪار، مئا اِنپر مورهين، ٿو جياري جبار، ۽ آن کي پنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، ته قادر جا ڪم ڪار، پسي مانَ پروڙيو! |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
اِنهيان پوءِ، اوهان جا، ٿيا قلب، وري ڪٺور، ڏاڍا ڏونگر طَور، يا اِنهيان ئـِي اڳرا ۽ پڪ وَهن پهڻ منجھان، ڌوڪيو دريا لال، ۽ ڪي ڦاٽنِ، وَهَن تن مان، چشمان چڱي چال، ۽ ڪي ڪِرن تن مان ، خوف کان، خالق ذولجلال، ۽ جھڙي چلو چال ، واحد نه تنهن کان، ويسلو. |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
پوءِ اوهين ڪيئن اميد رکو، ته آن کي، مڃيندا مور، ۽ هوڏانهن، ته آهي اُنهن منجھان ، وڳر ڪو وهڳور، سڻن ڪلام ڪريم جو، پوءِ بدلينس بي شعور، جنهن بعدپين اُنِ جي، پوري رِيت پرور، ۽ جڏهن غلطي کي غرقور، پئا پروڙينِ پاڻهين. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
"۽ جنهن مهل مِليا اُنهن کي، جن آندو اعتبار، چي مڃيوسون مورهين؛ ۽ وري جھڙي وار، ڪي اُنهن جا، ڪِن سان، ٿيا خلاصا خوار، چي |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا هنڊايون نه هِي؟، ته الله جلّ جلاله، سمجھي سڀ صحِي، جيڪي ڪن ڳجھو، يا پڌرو. |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ ڪي اڻپڙھ آهن اُنهن منجھان، لکيو نه ڄاڻن ڄٽ، مگر مُلن جا وَٽ، ۽ نه وَهن، مگر وَهمن پٺيان. |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
اُنهن لئي ارمان!، جي لکن ليک هٿن سان، موٽي چونِ، منهن سان، هِي فائق کان فرمان، تنهن موجب ملھ ٿورو، مُلان ڪمائينِ مان، حيف اُنهن لئي، هٿ سندن، جي لکيا باب بيان، گنگھر سندن گذران، جو ڪمائينِ ڪوڙ سان! |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
چي، ڇُهي نه آڳ اسان کي، ڏينهن مقرر، مگر، چئو ڪِ ورتان واحد کان، اهڙو ٻول ٻيهر؟جنهن کي، ڀڃندو ڪين ڪي، پرور ڪهين پر، يا جنهن جِي، نه آن کي ڪَر، سي ٻَڌو، ڪوڙ ڪريم تي. |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
هائو، جنهن گمراه، ڪوئـِي بڇڙو ڪم ڪيو، پوءِ سندس گناه گھيريو، اُهي ڀاتي سندا باھ، هُوِن هميشاه، موڳا اُنهي ماڳ ۾. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ آندو جن ايمان، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، اُهي جنّت جا جوان، هونِ هميشه اُن ۾. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ اسرائيل جي اولاد کان، وعدو ورتو سون، جنهن وار، ته ٻي جِي ٻانهپ، ڪيم ڪجا، هيڪ ڌڻي کان ڌار، ۽ ماءُ پيءُ سان موچارئـِي، پڻ سڳن سارسنڀار، ۽ يارِي يتيمن سان، ۽ اَڀرن کي آڌار، ۽ چڱي چئو ماڻهين، پڻ نيت ساڻ نبار، ۽ نماز پڙهو، زڪوٰة ڏيو؛ پوءِ ٻاهر ٿيا ٻيهار، اوهان مان امر ڪنان، ڪن ٿورن سڳورن ڌار، ۽ حڪمن کان هيڪار، اوهين انڪاري آهيو. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مقرر اوهان جو مور، ته رت پنهنجن جا پاڻهين، نه واهيندا وهلور، ۽ نه ڪندنِ، ڪنهن جو طرف وٺِي ، ديس پنهنجي کان دور، پوءِ مِڙئي ڪيان منظور، ۽ سامهون بيٺا ساک ڏيو. |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
پوءِ پاڙي مان پنهنجي، پئا ڪن کي، ماريو مور، ۽ ڪا ٻارِي پنهنجي، ٻاهر ڪريو، ديس سندن کان دور، مٿن مدد مغرور!، ڏيو پئا، ڏوه ۽ گناھ سان. ۽ جي اچن اوهان وٽ، قيد ٿِي، ته بدلو ڏيو بدنام! ڪڍڻ اوهان تي، انهن جو، هوڏانهن آھِ حرام، پوءِ مڃيو ڪجھ ڪتاب مان؛ ۽ ڪجھ ڪتاب جا احڪام، مورک نه مڃيو مورهين؛ پوءِ ان لئي، نه ٻي انعام، جيڪو اوهان مان، ائين ڪندو، مگر آھِ مدام، لاڪسِ جُٺ جھان ۾ ۽ ڪاهِبُنِ ڏينهن قيام، وري سزا سخت ڏي؛ ۽ جي ڪريو ڪم تمام، آگو رب علام، ويل نه اُن کان، ويسلو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
اُنهن، وڪڻِي آخرت، ورتي حياتي هِي، پوءِ گھڻو ڪين گھٽائبو، اُنهن تان ساڙ صحِي، ۽ ايندو ڪونه ڪِهِي، ڪو وانگي، سندن واهرو. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ تورات ڏنوسون توڙ کان، موسٰى کي، مهتر، لاياسون قطار ڪري، پٺيانسِ پيغمبر، ۽ عجائب عيٰسى، مريم جي کي، بخشياسون بهتر، ٻئو ڏنوسونِس ٻَر، ان کي، پاڪ رُوح سان. پوءِ ڇا؟ پيغمبر، جڏهن به، اوهان وٽ آئيو، ته جا گُـھرن، نه جِئَ اوهان جا، کڻي ساخبر، ته لڳا پڏائڻ پاڻ کي، ڪيان طبل تڪبر، پوءِ ڪنهن ٻارِئَ کي ٻوليان ، جوٺو ساڻ جبر، ۽ ڪي مُرسل معتبر، مفت ماريَو منڪرو! |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ چي، ڪٽر قلب اسان جا، بلڪ ڪفر سندنِ ڪاڻِ، ڌڻي ڌڪارينِ پاڻ، پوءِ وِرسيل وِسهن ٿورڙو. |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ ڪيڻَنِ ڪتاب آيو، جڏهن صاحب کان، ستار، صحِي ڪندڙ ساڻنِ، جي نياپا نبار، ۽ اڳ اميدون فتح جون، هئا رکندا سڀ ڄمار، اُنهن تي، جن انڪارڪيو؛ پوءِ آيو جڏهن اُنهن پار، صحي سڃاتـئون جنهن کي، پوءِ اُن کان ڪيؤن انڪار، پوءِ ڌڻي جِي ڌِڪار، آهي انڪارينِ مٿي. |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
بلڪل بڇڙو سو ٿيو، پاڻ وڪيون جنهن ساڻ، ته ڦِرن فرمودن کان، جي پرورلاٿا پاڻ!، ته ڀلي سندس ڀال سان، ڪوه اُتاريا اُھڃاڻ، جنهن کي گُھري، سندس گولن مان، اُتي اُن اڳواڻ؟پوءِ ڏمر مٿان، ڏمر ۾، ورتائون وَٿاڻ، ۽ قيد ڪفارن ڪاڻ، جُٺ جھڙو آھِ، جنجال ڪو. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن چئجينِ، ته مڃيو مور، الله، جو اُتاريو، چي، اسان تي، جو اُتريو، مڃيون، سو مذڪور، ۽ ٻي کان، جو ٻاهر اُن کان، ڦِرنِ ساڻ فُتور، هوڏانهن، ته آهي اِهو، ظاهر حق ضرور، صحي ڪندڙ ساڻن، جو ڌاران ئي دستور، چئو، تڏهن پوءِ ڪنهن طرح، نبي سڳورا نور، ڪُهو بي قصور، جي وسهڻ وارا آهيو؟ |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
۽ موسٰى، معجزن سان آئيان، پوءِاوهان اُن پڃاڻ، پڪڙيو گابو پاڻ، ۽ اوهين ظالم زبر آهيو. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مُقرّر اوهان کان مور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جَبرو جبل طور، جو ڏنو سُونِيان، سو وٺو، زور ساڻ ضرور، ۽ سڻو؛ چي، سئوسون ۽ ڀڳو سون حڪم حضور، ۽ اُنهن جا اُٻهرائئَ سان، مَن رتا ويا مور، ڪارڻ ڪُفر قصور، ڦرڻ سندنِ، فرمان کان.چئو بڇرو سو بيان، جنهن جو امر، اوهان کي ڪري، اوهان جو ايمان، جي وسهڻ وارا آهيو؟ |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
چئو، ته اوهان لئي آخرت، جي رڳو وِچان راڄ، مقرر آهي مورهين، ڏاتار وٽ ڏاڄَ، ته موت گھرو محتاج!، جي صفا سچ تي آهيو. |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
۽ مدامِي ، سي مدعي، مرڻ نه گُھرندا مور، جو سندن هٿن سَنباهيو، ڪارڻ تنهن قصور، ۽ ظُلمينِ کان ضرور، خدا خبردار گھڻو. |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
۽ هٻڇِي حياتئَ تي، ڏسندينِ، ماڻهن ۾ مور، پڻ جن جاٽون جوڙيون، تن کان به زور ضرور، اُنهن مان، هر هيڪڙو، مڱي ٿو مغرور، ته جيرو هجي جھان ۾، هزار ورهن وهلور، ۽ جيئي سو جيڪر کڻي، ته به درد نه ڪندس دُور، ۽ پسندڙ پاڪ حضور، جيڪي ڪن جھان ۾. |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
چئو، جبرائيل جو بدخواه، ڪو آهي ته، اُن اتاريو، هِي، تنهنجي هنيـين مٿي، اِذن ساڻ اللهَ، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو اُن جي اڳيان آھِ، ۽ صحي سونھپ راه، پڻ مبارڪ مؤمنين. |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
جيڪو عدو الله ، سندس ملڪن ۽ مرسلن جو، ۽ جبرائيل، ميڪائيل جو، ويري آھِ وِڻـاھ، ته پرور پاتشاھ، عدو انڪارين جو. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
۽ توڏي اسان اُتاريون، نيشانيون نروار، ۽ اُن کان، نه ڪن انڪار، مگر ڏوهارِي ڏيھ ۾. |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
ڇا جڏهن تڏهن ، اُنهن وري، ڪيا قول قرار، ته اڇلايسِ اُنهن منجھان، ٻارِي ڪنهن بيهار، بلڪ گھڻا بدڪار، تن مان، نه مڃينِ مورهين. |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ آينِ، جڏهن اللهَ وٽان، مُرسل مهربان، صحي ڪندڙ ساڻن، جي ڀيڙا باب بيان، تڏهين تورات، جن مڃيو، تن مان، ڪوفِر قو بي فرمان، پنهنجي پُٺن پٺيان، صحيفو سُبحان، اُڇلايؤن عيان، ڪَر اُهي، ڄاڻن ئـِي ڪونه ٿا. |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ تن ٽوڻـن ڦيڻن جا، تابع ٿيا تعبان، سليمان جِي صاحبئ ۾، جي پڙهندا هئا شيطان، ۽ ڪفر نه سليمان ڪيو، پر جن ڀوت بيگمان، جادو منجھ جھان، هئا، مَنڊ سيکاريندا ماڻهين. ۽ نڪي اُتاريوسون، ٻن مَلڪن مٿي مور، هاروت ۽ ماروت تي، بابل ۾ مشهور، نه ڪنهن کي سيکاريندا، سي هئا، تان ظاهر چون ضرور، ته اسين فِتنو ۽ فتور، پوءِ ڦر نه تون، فرمان کان. پوءِ به سکن پيا، اُنهن ڪنان، سي جھاڙون جادوگر، جن سان، وجھن گوڙ گھر ۾، ڇِنن ونِي، سندس کان ور، ۽ هرگـز نه ڏينِ ڪنهن هيڪ کي، سي ضرر ذري ڀر، مُقرّر مگر، اِذن ساڻ الله جي. ۽ سوئي پيا، ساڌِين سي، جنهن مان، ضرر کين ضرور، ۽ تن مورکن کي مور، ڪسرڪسيرو ڪا نه ڏي. ۽ پتو هونِ پاڻ، ته جنهن خلل، سو خريد ڪيو، حِصّو آخرت ۾، ڪونهي انهئَ ڪاڻ. ۽ بلڪل بچڙو، سو ٿيو، پاڻ وڪيؤن، جنهن ساڻ، هوند هچارا هاڻ، صحي سوچينِ ڳالھ کي! |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ هوندو مڃيائون مورهين ۽ چڱي رکيائون چال، ته ڀلو، ڀلي وٽ ڀال، هوندرکن ڪو حوصلو! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي جن مڃيو!، سي مَ چئو، ته اي اسان جا ڌرار!، ۽ چئو نِهار اَسان ڏي، يا نبي!، ٻُڌو ڳالھ ٻيهار، ۽ آهي اِنڪارين هار، سورن ڀريو ساڙڪو. |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
جن ڪتابين، ڪفر ڪيو، تن وڻي نه اِي وائيِ، نه مشرڪن کي مورهين، جي جاٽون ڪن جائـِي، ته اُتري اُنهن جي ربّ کان، ڪا آن تي ڀلائي، ڌڻي ته وڻيس، تنهن تي، ٻاجھ ڪري ڪائـِي، ۽ ڌڻي ڌُريان ئي، والي وڏِئَ ٻاجھ جو. |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
حڪم نه مَٽيون مور ڪو، نه وسارايان سو، آڻيون ڀلو اُن کان، يا اُن جھڙو جو، ڇا نه ڄاتو تو، ته الله قادر ڪل مٿي؟ |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
تو نه ڄاتو ڇا؟، ته الله جَلَّ جَلَالہ، مڙئـِي ملڪ اُن جو، اُڀ، ڀون جا بجا، ۽ اهنجو اُن سوا، نه والي، نڪو واهرُو. |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
ڇا گھرو ٿا؟، ته سوال، ڪريو، پنهنجي پاڪ نبئ کي، مُهند مُوسٰى کي ڪيون، سوال جنهن مثال، ۽ ايمان کي، انڪار سان، جو بدليندو بحال، موڙهو، سو مَتوال، صحِي سنئين واٽ کان. |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
۽ گھڻا اهل ڪتاب مان، گُھرن بي گمان، ته اوهان کي، ايمان پُئان، ڦيرينِ ڪنان فرمان، سندن سينن جي ساڙ کان، ڪن اوهان کي ڪُفران، صفا سچ سندن لئي، جنهن بعد ٿيو بيان، پوءِ مَرهيو ۽ مهر ڪريو، آڻي تان عيان، پنهنجو حڪم حنان؛ الله قادر، ڪل مَٿي. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ نماز پڙهو ۽ زڪواة ڏيو، ۽ هڪدم پنهنجي هار،سمر اڳ سَنباهِيو، ته بهتر برقرار، ڏسندا، سو ڏاتار وٽ؛ ڪريو، جي ڪم ڪار، ته صاحب ربُّ ستار، آهي ڏسندڙ اُن کي. |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ چيائون اهڙي چال، ته بلڪل نه گھڙندو بهشت ۾، هوندو، مگر يهود جو، يا نصارو نِهال، چئو، اِهي اوهان جون ڳالهيون، خالي خام خيال، پنهنجي حُجت هرحال، سچا آهيو، ته آڻيو. |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
هائو، جنهن جُھڪائـِيو، منهن پنهنجو، مالڪ پار، ۽ اُهو هجي، ڀال ڀلائڻو، ته سائينيس وٽ، ستار، پوءِ اُن لئي آهي، اُن جو، پورو پورهيو پار، ۽ مَٿنِ، نه ڀئو ڀُلڪار، نه ڳڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي. |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
۽ ڪَهيو قوم يهود، ته نصارا، نه ڪنهن ڳالھ تي، نصارن چيو، ته نه ڪنهن ڳالھ مٿي، يهودِي بيهود، ۽ هوڏانهن پِڙهنِ، پاڪ ڪتاب کي، مُقرّر موجود، جي نه سمجھنِ سود، ائين ٻوليئون، تن جي، ٻول جيئن. پوءِ الله ڪندو انصاف، تن وچ، ڏينهن قيام جي، جنهن ۾ اختلاف، ڪندا آهن، پاڻ ۾. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ آهي ڪير ان کان، جبر جفا ڪار؟جنهن منع مسجد کان ڪِئي، سندي ربّ ستار، ته اُن ۾ نام الله جو، وٺ جي ويرو تار، ۽ ڪوشش ڪئي، اُن جي خرابي جِي خوار؛ اُهي نه گھڙن اُن ۾، سوا سو نڪي دار، جُٺ جا، هِن جھان ۾، اُنهن تي انبار، ۽ منجھ آخرت آزار، وڏو آهي اُنهن لئي. |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ اولہ ۽ اوڀر جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، پوءِ جيڏانهن به منهن موڙيو، اُهو پرور جو پار، سمجھندڙ ستار، والي سڀ وِلايتن. |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
چي ڌڻي پٽڙو ڌاريو؛ هُو پڪ پٽ کان پاڪ، بلڪ بلڪل اُن جا، جيڪي اندر ڀُون، افلاڪ، سڀ اُنهئ جِي اِملاڪ، سڀ تابع تِنهنجا، توڙکان. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
پهرين پيدا پاڻ ڪندڙ، زمين، آسمان، ۽ جنهن گھڙِي، گھڙي ٿوڪ ڪو، جوڙڻ منجھ جھان، ته فرمائيس فرمان، “ٿِي”، ته پوءِ ٿي پوي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ جي ڪجھ نه ٻُجھن، تن ٻوليو، ته ٻولي اسان ساڻ، الله جَل جلالهٗ ، يا آڻينيون اُهڃاڻ، اِيئن ٻوليون، تن جي ٻول جيئن، جي اِنهيان اڳ اَڄاڻ، ٿيا گمان گاڏهان، هِنيا تن جا هاڻ، کولياسون پنهنجا خوب طرح، ثابتيون سُھڃاڻ، اُنهئ قوم ڪاڻ، يڪدل رکن ، يقين جي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
مُڪوسونِ ئـِي، سچ ساڻ، کِيانتو ۽ خابرُو، ۽ پڇبـين نه، پيغمبر! پاڻ، بابت ڀاتينِ باه جي. |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
۽ يهود، نه نصارا توسان، رسول!، ٿين رَس، تان موٽِي سندنِ مذهب ۾، اچين تون اَوس، چئو، ڏَس اِهوئَي بس، جو آھِ، ڏَس ڏاتارجو. ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، صاحب کان، سُڄاڻ، نه والي، نڪو واهرُو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن ڏنوسونِ ڪتاب، اُهي پڙهنس، حق پڙهڻ جو، اُهي مڃينس مورهين، صحِي برصواب، ۽ خانو تن خراب، جن انهئَ کان، اِنڪارڪيو. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
ساريو اي اسرائيليو!، مُنهنجي نعمت اوهان نال، اوهان سان اوّل کان، جيڪي ڀَلايمِ ڀال، ۽ اُتم ڪيو اقبال، اوهان جو، عالمن تي. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ وِجھلو ڪنان تنهن وار، جڏهن هڪ، نه ٻئي جو پار ڪبو، ۽ نه بدلو وٺبس بار ڪو، ۽ نه پارت ڪهين پار، ۽ نه هوندو اُنهن هار، اُهکي ۾ آڌارڪو. |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ آزمايو ابراهيم کي، جڏهن، سندس رب ستار، ڪِن ڳالهين ۾، پوءِ پارئين، ته ٻوليائين ٻيهار، ته توکي ڪندڙ آهيان، ماڻهن لئي مهندار، ۽ چي، سندم خاندان مان چي، منهنجو قول قرار، حاصل نه ٿـئي هيڪار، عام آزاريندڙن کي. |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ جڏهن ڪيوسون ڪعبو، ماڻهن لئي، اَمن، آستان، ۽ مصلىٰ جو مڪان، ڪريو مَقام، ابراهيم کي. ۽ جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل کان، ورتو اسان انجام، ته منهنجو گھر پاڪ رکو، طوافين لئي تمام، مُجاورن مدام، پڻ نمندڙ، نمازين لئي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ اُتو ابراهيم جڏهن، ته سانيم ربَّ سبحان! ڪر هِن سڳوري شهر کي، اَمن آستان، ۽ ڏي سندس ساڪنن کي، ميوا مهربان!، مڃيو، جنهن منجھانِ ، الله ۽ آخر ڏينهن کي. چي، جو منڪر ٿيو مور، ته وَٽَ وٺائيندوسينس ٿورڙي، باه واري بند ڏي، موٽِي ڪندوسينس مجبور، ۽ بُڇڙو ٿيو ڀرپور، موٽڻ وارو، ماڳ سو. |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ ابراهيم اُٺايا جڏهن، گھر جا پايا پاڻ، ۽ اسماعيل، ته آگا! اسان کان ڪر، قبول ڪرم ساڻ، سڻندڙ ۽ سڄاڻ، تون مولا! آهين مورهين. |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
سانيم! ڪر اسان کي، تُنهنجو تابعدار، پڻ اسان جي اولاد مان، اُمّت ايماندار، ۽ پنهنجِي پوڄا هنڌ، اسان ڏيکاريين ڏاتار!، ۽ موٽ اسان تي مِهر سان، مرهين هر ميار، تون وَرندڙ ويرو تار، مِڙنيان مهربان گھڻو. |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
موڪل ربّ ! مَنهنجانِ ڪو، تن ۾ نبي نواب، تن تي، پڙهي تُنهنجون، حُجتون هر باب، ۽ سيکارينِ ڪتاب، پڻ صحي سمجھ صواب، ۽ اُجاري اُنهن کي، هر خصلت، کان خراب، پڪ تون پاڪ جناب، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ ابراهيم جي دين کان، مُڙي ڪين مگر، جيڪو پنهنجي جان کان، بنيو بي خبر، ۽ ڌُئوسونس دنيا۾، پڻ آهي اُهو انور، ۽ آخرت اَندر، صالحن جي، ساٿ ۾. |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
۽ آ کيس جڏهن اُن جي ، پرور پاڪ حضور، ته مَڃ، چي، مَڃيمِ مور، پالڻهار پر ٿڻيـين. |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ ابراهيم سندس اولاد کي، ڪئـِي اِها تَلقين، پڻ يعقوب کي، ته اي ٻچا! ڌئو ڌڻي، اوهان لئي دين، پوءِ مرو مورهين ڪِين، مگر مسلمان ٿِي. |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
ڇا؟ هُئا اوهين اُن وار، بيٺل شاهد روبرو، موت جڏهن يعقوب تي، حاضر ٿيو هيڪار، پنهنجي پٽن سان ٿي ڪئي، جڏهن پويـين پهر پچار، ته ڪنهن کي پوڄيندا مون پُوان؟ چي پوڄينداسون پالڻهار، تو ۽ تنهنجي اَبن جو، ابراهيم اَبرار، ۽ اسماعيل، اسحاق جو، هڪ ڌڻي، هڪ دربار، ۽ تِنهن جا تابعدار، هونداسون، هرڳالھ ۾، |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اُها اُمت اڳڀري، ڪَهِي ويئي ڪالھ، اُن لئي آهن اُن جا، ميڙيؤن جيڪي مال، ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪَيا، سي اوهان لئي اعمال، ۽ اوهان کان نه سوال؟، هو، جي ڪندا هئا ڪَمڙا. |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ چي، يهودِي، ڪِ نصارا ٿيو، ته هُجو هدايت نال، چئو، ابراهيم اَٽل جو، بلڪ دين بحال، نه هو سو نِهال، پَرجي، پُوڄارين مان. |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
چيئون، آندوسون ايمان، الله تي، پُڻ اُن تي، جي اسان ڏي اُتريا، فائق جا فرمان، پڻ اُتريا ابراهيم تي، اسماعيل عاليشان، اسحاق، يعقوب تي، پڻ پوٽاپهلوان، ۽ مُوسٰى، عيسٰى کي، جي مِليا، دانا ڪنان دان، پڻ مِليو جيڪي مُرسلين، سائيَنِ کان، سبحان، اسين اُنهن مان، ڪنهن وِچ، وجھون وِڇوٽِي ڪانه، ۽ اُنهئَ هڪ جا، هر زمان ، توڙان تابع اۤهيون. |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ، جن مڃيئون، جيئن مڃيانسَ، ته ورتـئون گھاڙُو گَس، جي ڦريا، ته وڏي وِڳوڙ ۾، آهن اُهي اَوس، پوءِ اُنهن کان، الله تولئي بس، ۽ سو سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
رڱ ڌڻي جو، ۽ رڱڻ ۾، سُهڻو سائين کان ڪير؟ ۽ سيوا وير سوير، اُن جِي ڪندڙ آهيون. |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
چئو، ڇا اوهين الله ۾، ٿا حجتون ڇِڪيو هاڻ؟ ۽ اسان ۽ اوهان جو، اُهو پرور آهي پاڻ، عمل اوهان جا، اوهان لئي ۽ اسان جا اسان ڪاڻ، ۽ سَڄائـِي سُڄاڻ!، اسين اُن جا آهيون. |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
ڇا؟چئو، ته ابراهيم خود، ۽ اسماعيل عاليشان، اسحاق ۽ يعقوب نبي، پڻ پوٽا پهلوان، ته سي سڀ يهودي هئا، يا نِسورا نَصران؛ چئو، اوهين اڳرا علم ۾، يا مالڪ مهربان؟ ۽ ڪير قرارو اُن ڪنان، ظالم منجھ زمان؟ وَٽسِ، لِڪائي لوڪ کان، جا ثابتي کان سبحان؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪفران، والي، نه تنهن کان ويسلو. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اُها اُمّت اَ ڳـڀرِي، وِيئي وَڄائي وارو، جيڪِي ڪيون جھان ۾، سو سندن لئي سارو؛ ۽ جيڪي اوهان ڪمائيو، اُهو اوهان وارو، ۽ اوهان تي نه بارو، جيڪي ڪيون تن، ڪمن جو. سِگھو مورک، ماڻهون مان، چوندا اِهڙي چال، ته ڦريُنِ، ڪِنهن فِى الْحَالِ، هئا مَهند جنهن مُهاڙ تي؟ |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
چئو، اوڀر ۽ اولھ جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، سُهائئي ستار، وڻيس تنهن کي، واٽ سَنئين. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ ڪيوسون اُمّت وِچٿري، اوهان کي اِن پر، تان هُجو شاهد شرع جا، ماڻهن تي مقرر، پڻ آن تي پيغبمر، شاهد، شاهِي شاھ هجي. ۽ مُهاڙ نه ڦيريسون مورهين، هُئين مٿي، جنهن مَٿير! مگر ته ڄاڻون، مُرسل جي، ڪَڍ لڳي ٿو ڪير؟ اُنهن کان، ته پاتئين پير، پيو کسڪي، کُڙينِ ڀر پانهنجي. ۽ هُئي، سا ڳالھ ڳري، مگر مٿي تن مُؤمنين، ڪِئي ڪرم سان، جن جِي، ربّ پاڪ رهبري، ۽ الله ايمان اوهانجو ضايع نه ڪري ذرِي؛ واحد واه! ورِي، پڻ ماڻهن مٿي، مِهرڀريو. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
ڏسون پيا، تُنهنجو اُڀ ڏي مُنهن ڦيرڻ مِير!، پوءِ، تنهنجو قبلو سو ڪريون، جو وڻي توکي وير!، پوءِ منع وارِي مسجد ڏي، ڪر پنهنجو مُنهن مُنير!، ۽ اُن جي پار امير!، جنهن ماڳ هُجو منهن ڦيريو. ۽ ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سمجھن، سي سَچار، ته سندن صاحب پاڪ کان، هي آهن حق اظهار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، والِي تن، نه وسيلو. |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
۽ ڪتاب ڪرم ٿيو، جن تي، جي آڻيينِ، سڀ اُهڃاڻ، ته ڪڏهن نه، تُنهنجي قبلي جا، پوئلڳ ٿيندا، پاڻ، ۽ نه تون سُرت سُڄاڻ!، تابع تن جي طرف جو. ۽ اهي ڪي، نه ڪِن جي قبلي کي، مڃڻ وارا مور، سندن سَڌن پٺيان، جي هلندين تون حضور! جنهن بعد، آيئـِي علم مان، پوري ريت پرور، ته ظُلمينِ مان ضرور، هوندين، اُنهي حال ۾. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سي سڃاڻنسِ صحي، سڃاڻن، جنهن صورت سان، پنهنجا پٽ پَهِي، ۽ ڪي ساٿِي تن مان، سچ تي، پردو وِجھن پَهي، ۽ اُهي سمجھن پيا، |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
ته سائين کان، واجب حق، وحِي، پوءِ جي گمان ۾ گُنَهِي، تون توڙ نه ٿي، تن مان. |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
۽ هر مُهڙ، پاڻ سو، مقرر ڪندڙ مور، پوءِ چڱا! چڱاين ڏي، پُوريو پهرين پور؛ آڻِيندان، جِتي به هجو، هيڪاندو حضور؛ غالب، ربّ غفور، قادر، ڪل ڪم ڪار تي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ جِتي به نِکتين يا نبي!، ڪر، مُنهن، مَسجدپاڪ پار،۽ اِهو تُنهنجي آگي کان، آهي حق اِظهار، ۽ جڪي ڪريو ڪم ڪار، والي تن کان نه وسيلو. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ جتي به نڪتين يا نبي!، ڪر، مُنهن مَسجد پاڪ پار، منهن موڙيو، تنهين پار ڏي، جتي هجو جونجھار!، تان حجت، نه اوهان تي هجي، مورهين ماڻهن هار، مگر جاڙون جن ڪيون، تن منجھان تڪرار، پوءِ ڪنبو نه، اُنهن کان، ۽ مون ڪنان ڪنبو برقرار، تان اوهان تي، آءُ ڪريان، نعمت سندمِ، نِبار، ۽ اِن آسري آڌار، مانَ مارڳ ماڻيو!، |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جيئن ته، اوهان ۾ اوهان مان، مرسل مڪوسون مور، ته پڙهي اسان جون پَڌريون، آن تي، نشانيون نور، ۽ پڪ اوهان کي پاڪ ڪري، ڪنان فِسق، فجور، ۽ سيکارِينِيان ڪتاب، پڻ پورِي ريت پرور، ۽ مَنْهد، نه جو مذڪور، ڄاڻو، سوڄاڻائـِينِيان. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
پوءِ ساريومِ، ته آن کي ساريان، حاضر هر ڪنهن حال، پُڻ ڳايو، مُنهنجِي ڳالھ، ۽ مُنهنجا وڙ، نه وساريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي جن مڃيو! سي مدد وٺو، ساڻ صبر ۽ نماز، بارِي بي نياز، ساٿِي سَندو، صابرين. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ سي مُئا، نه ڪوٺيو مور، جي ڪُٺاربَّ جي راھ ۾، زِنده، هُو ضرور، پير اوهين پَروڙيون ڪين ٿا. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ وَٺنداسون ڀَـؤ، ۽ بک سان، آن کان امتحان، ۽ کيٽ کري ۾، کوٽ سان، منجھ مال، جسم، جان، ۽ مُبارڪ مهربان!، پوءِ صحِي ڏي تون، سَهندڙين. |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
جن کي، جڏهن ڏک رسيو، ته چيائون هِي حرف، ته اسين آهيون الله جا، سِپاهي صِرف، ۽ آخر اُن طرف، اسين هرگز هلڻا آهيون. |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
اُهي، سي آهن، جن تي، ڏاتيون سندن ڏاتار، ٻِي پڻ ٻاجھ ٻيهار، ۽ آهن سنواٽا، سي صحِي. |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
صفا، مروو صاحب جي، نيشانيان نِروار، پوءِ، جو هليو، ڀلي بيت لئي، ڪِ ڪيو عمرو اختيار، پوءِ ڪيائين، طواف تن جو، ته بلڪل نه مٿس بار، ۽ جنهن خير جي خيال سان، پڙهيو نفل نِبار، ته صاحب سمجھدار، پڻ ڳـُڻ موک آهي، مورهين. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
۽ جي لڪائنِ لوڪ کان، جي اُتارياسون عيان، حڪم ۽ هدايتون، جنهن بعد ڪياسون بيان، ماڻهن ڪاڻ، ڪتاب ۾؛ تن تي ڌڻي دَيَّان، ڪري لعنت لَعان، ۽ لعنت ڏيندڙ لعنتون. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
موٽيا جي، مگر، صحِي سُڌاريون پاڻ کي، ۽ کوليون سچيون ثابتيون، پوءِ ترت وَران، تن سر، ۽ آئون وَر وَر ڪندڙ وَر، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
ڦِريا، جي فرمان کان، مُئا ٿِي مُنڪر، لعنت لاشريڪ جِي، تن سِر سر بسر، مَلڪن جِي مُقرّر، پڻ سندِني مِڙني ماڻهين. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
هونِ هميشه اُن ۾، ۽ انهن تان آزار، هَلڪو نه ڪِبو هيڪار، ۽ نه ملندينِ، مدد مورهين. |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
۽ ڌڻي اوهان جو، هيڪ ڌڻي، ٻئون ڌڻي نه، اِنهيان ڌار، سڀ ڏيهَن جو ڏاتار، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
اصل اڀ ۽ زمين جي، جوڙڻ منجھ جنسار، ۽ ڦيرڻ ۾، ڏينهن رات جي، ۽ ٻيڙا هلن منجھ ٻار، جو ماڻهن ڏي مورهين، وَٽو منجھ واپار، ۽ جو الله، آب اُڀ ڪنان، نازل ڪيو نِبار، پوءِ ساڻِس سَر ساوا ڪيا، سوڪسِ بعد، ستار پڻ پکيڙيائين اُن ۾، چُرندڙ سڀ چوڌار ۽ وارڻ واء وَٺي جا، پڻ ڪڪر ڪارونڀار اُڀ ۽ ڀون وچ، سندس امرجا، تهدل تابعدار، نشانيون نروار، جي سمجھن، تنهين سات لئي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
۽ مُقرّر ڪن، ماڻهن مان، ڪي جَھالُون کان جبار، پرورجي، پريت جِھو، تن سان ڪن پيار، ۽ جن آندو اعتبار، سي سِڪن، سائينءَ کي گھڻو. ۽ هوند! سمجھن حال سو، ڪيا، جن ڪَلور، جڏهن ڏسن عذاب کي، پوي کِينِ پرور، ته آهي هڪ اللهَ کي، سڀئي زور ضرور، ۽ مولاسائين مور، سزا ڏين ۾، سخت گھڻو. |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جڏهن، تابع ٿيا جن جا، سي ڀڄِي ٿيا بيزار، اُنهن کان، جي تن جا هئا، تهدِل تابعدار، ۽ سُوٺائون سزا کي، اکين سان آزار، ۽ وڍجِي وئا تنهن وار، لڳ لاڳاپا اُنهن جا. |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ چيائون اهڙي چال، جن ورتي واٽ وڏن جِي، جي هجي اسان لئي، هڪ دفعو، ڳوٺ ورڻ جِي ڳَالھ، ته اسين به ڀَڄِي اُنهن کان، بيزار ٿيون بحال، جيئن اسان کان اڄ ڪالھ، ڀَڄِي هو بيزارٿيا، اِنپر ڏيکاريو اُنهن کي، ڪوجھا سندنِ ڪم ڪار، اُٺائڻ، ڪارڻ اُنهن تي، اَرمانن انبار، ۽ ٻارڻ کان ٻَهار، هُو نپٽ نه آهن نِڪرڻا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
ماڻهئا! کائو مور، مال حلال، ملڪ مان، ۽ هلو نه، شقي شيطان جي، وکِن تي وَهلور!، ظاهر آهي ضرور، دشمن اوهان جو، ڌُرڪنان. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
حڪم ڏِينِيان هُوڙ، اوڳائـِي ۽ اُ گهاڙ جو، ۽ ڪريو ربّ تي ڪوڙ، جنهن جو پتو نه، اوهان پاڻ کي. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
۽ جڏهن چئجينِ، ته چلو اُن تي، جو مالڪ لاٿو مور، چي، اسين هلنداسون اُٽلندو، مَٿي تنهن مذڪور، جنهن تي، پاتاسون پِيءَ پنهنجا؛ توڻي پڻنِ کي نه پرور، ۽ نه حاصل منجھان حُضور، ڪا هئي، هدايت انهن کي. |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
۽ جي ڦريا، اُهي اُن جِيئن، جو تنهن کي، ڪري تنوار، جو ڪجھ نه ٻُڌي، ڪُوڪ سوا، پڻ ڌاران دانهَنْ، ڌرار، ٻوڙاٻِن ڪنن کان، گُنگا منجھ گفتار، نابِينا نِبار،پوءِ صفا سمجھن ڪِين ڪِي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي آندو جن ايمان!، آن کي ڏسون، اُن منجھان، کائو چڱو ، ۽ ڳايو، آگي جا اِحسان، جي، ٻي جِي ڪريو ٿا ڪانه، سيوا، سَوا اُن جي. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
منع نه آن کي مورهين، مگر جا مُردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا ڌڻئ کان ڌار، ڪُٺِي، يا ڪُوٺِي وِيئي، ٻِئي ڪنهن لاءِ ٻِيهار، پوءِ جو لنگھڻ لاچار ٿيو، نه مُفت خور خوار، ۽ نه هلندڙ ٻاهر حڪم کان، پوءِ مٿسِ نه مُور ميار، بارِي بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
جي لِڪائـنِ ليک مان، جو اُتاريو الله، ۽ مَٿسِ وٺنِ مُلھ ٿورڙو؛ کِين بدن، سندن ۾ باه، ۽ نه ڪُڇائـٖينِ قيام ڏينهن، بارِي بادشاه، ۽ نه نيڪِي ڪَندنِ نيباه، ۽ اُنهن لئي، سزا سخت ڳرِي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
هدايت جِي هَڙ ڏيئي، وَرتئون مُونجھاڙو، ۽ بدران بخشش ڀال جي، سُوٿِيائون ساڙو، پوءِ اُهو ڪُڄاڙو؟، جنهن صبر سيکاريَنِ، باھ تي! |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اِن سبب، ته سچ تي، ليک اُهو، پروڙ لاٿو پاڻ، پوءِ ڪَن پاڪ ڪتاب ۾، جي اَجائـِي ڇِڪتان، آهن اُهي اَڄاڻ، ڪنهن ڀُل ڏٖيهائـِي ڏُور ۾. |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نيڪِي نه اِي، ته منهن ڦيريو، اوڀر، اولھ ڀر، پر نيڪِي آهِ نبار اِي، ته جنهن مڃيو مقرر، الله ۽ آخر ڏينهن کي، ۽ مَلڪ مُعتبر، پڻ پاڪ پيغمبر، ۽ ڪتابن کي، ڪوڏ مان. ۽ بَخْشِيائين سندس ڀائرين، محبت سندس ۾ مال، ڇورن ڇِنن ٻارڙن ۽ مسڪين، مسافر نال، ڳِچيان ڳٽ ڪڍڻ ۾، بندن جي بحال، پڻ سُئائين سُوال، سار لڌائين سائـِلين. ۽ پڙهِيو نمازون پوريون ۽ ڏِنئين زڪواتون زر، ۽ پنهنجا ٻول، ٻوليون، جڏهن، پاريندڙ منجھ پر، سُک ۽ ڏُ ک ۽ جنگ جھاد ۾، سَهندڙ سختيون سِر، اُهي سچ تي سر بسر، ۽ اُهي پورا پرهيز ۾. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
مؤمن ! آن تي مُقرر ٿيو، قصاص قتل ۾، آجو، آجي، سامهون ۽ گولو، گولي ڀَر، ۽ عورت، بدلو عورت جو، پوءِ جنهن کي، ڀاڻسِ ڀر، مِلي معافِي مِهر سان، پوءِ پارڻ چڱيءَ پر، ۽ ادائـِي احسان سان، ڀلائـِي بهتر، اِي رِعايت اَهنجي ربَّ کان ۽ رحمت ٻاجھ ٻيهر، تِنهن پڄاڻان پوءِ ورِي، جنهن پاتو پير ٻَهر، آهي اُنهِيء آهر، سُورن ڀريو ساڙڪو. |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
۽ اوهان ڪاڻ قصاصَ ۾ ، حياتِي هوشيار!، اِن آسري آڌار، ته پُرجهِي، پاڻ بچايو. |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
مُقرر ڪيو ويو مورهين، اوهان تي آخر، موت اوهان مان، ڪنهن مَٿي، جڏهن حاضر ٿيو هيڪر، وصيّت والدين لئي، جي ڇڏئين، سازسمر، پڻ وصيّت وهنوار سان، عزيزن آهر، ثابت سربسر، موچارن تي مورهين. |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جنهن بدليَسِ، بعد تنهن، ته ٻُڌائينسِ ٻِيهار، پوءِ اُن جو آهي، اُن مٿي، جي بدلائــِينَسِ، بار، سُڻندڙ ربُّ ستار، سمجھندڙ، سڀ ڳالهيون. |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
ڀوءِ ڀانتو، بخشيندڙ ڪنان، جنهن، ڪنهن کي ڪسر يا ڪس، پوءِ پاپ، نه تنهن تي، پاڻ ۾، جنهن ڪيا راضي رس، اَلله آهي بس، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي مڃيو، جن مذڪور!، واجب اوهان تي وار ٿيو، جيئن مَهندِينِ مٿي مور، ڪارڻ اِي، ته ڪِري ڪريو وار. (روزا) |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
ڏينهن مقرر مور، پوءِ جو اوهان مان اَ گھو ٿيو، يا سانگ سُڌاريو ڏُور، پوءِ ٻِيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. ۽ جي صِحي نه سگھنِس، اُنهن مٿي، بدلو قُوْت ڪَنگال، پوءِ جنهن کڻِي، خير ڪيو، ته لاڪسِ ڀلو بحال، جي روزا رکندا، ته آهِ سو، آن لئي نيڪ نهال، جي حقيقت حال، صحِي سمجھندا آهيو. |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
مهينو سو رمضان جو، جنهن ۾ لَٿو قرآن، صحِي سُونهپ ماڻهئين، پڻ سُونهپ سندا بيان، ۽ فرق ڪندڙ فُرقان، صفائـِي سچ، ۽ ڪوڙ جي. پوءِ جو پنهنجِي پَهر ۾، رسيو منجھ رمضان، پوءِ مر ته روزو، سو رکي؛ ۽ جو آهِ اگھو انسان، يا مسافر، مِهمان، ته ٻيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. الله اوهان ڪاڻ گُھري، سَنهج، سُهوليتون، نه گھري، تنگي، تڪليف ڪا، الله اوهان ساڻ، ڏينهن، ڏينهَنِ سامهان، پورا ڪريو پاڻ، جيئن ڏَسَيئـِين، تيئن ڏاتار جِي، واکاڻيون وَڏاڻ، ۽ ساريو مانَ سُڄاڻ!، اُن جاڳُڻ ۽ ڳالهيون. |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ جڏهن پُڇئـِي، سندمِ پڄاريَنِ، مُنهنجِي حقيت حال، چئو، آئون اوهان کي اوڏڙو، قُرب ساڻ ڪمال، سُڻان سوال، ڪَرٖيمِ جڏهن، سائل ڪو سوال، پوءِ هِي به حڪم مُنهنجو، بيشڪ ڪن بحال، مون کي مڃينِ مورهين، ٻِئا ڇڏي خام خيال، ته لاشڪ لهندا لال، مارڳ، ملڪ ملير جو. |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
روزي رات رَواٿِيان، اَهنجي وَنِين سان وهنوار، هُو ڍَڪ اوهان جو، ڍوليا!، اوهين سندنِ ڍَڪ ڍار، چورِي، چراند اَهنجِي، ڄاتِي ڄاڻـڻهار، پوءِ بخشيان بخشڻهار، ۽ معافِي ڏِنيان مورهين. پوءِ هٿ لايونِ هاڻ، ته الله اوهان لئي، جو لکيو، گُھرو پٽ پيداڪرڻ، ۽ کائو ۽ پيو پاڻ، تان اَڇو سَڳو، ڪاري ڪنان، صبح مان سڄاڻ!، اَڇري اوهان ڪاڻ، پوءِ رکو روزو رات سين. ۽ نه مِلو مسجدن ۾، ۽ جڏهن هُجو ڏَهيٖ ساڻ، اِهي حدون الله جون، پوءِ سوڙها نه پئونِ سڄاڻ!، اِن پر اوهان لئي، آيتون، پنهنجون کولي پاڻ، مولا ماڻهن ڪاڻ، ته ڪن ڪا، ڪِرِي ڪَمن ۾. |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ ڪوڙي ڦڏي سان، پاڻ ۾، نه کائو ماڻهنِ مال، ۽ اُن تي عملدارن ۾، پُڪاريو پيمال!، ته کائو ماڻهن جي، مال مان، ڀاڱو ڪو بحال، ڪوڙ نِسورٖي نال، ۽ حق ڄاڻو پئا، جنهن حال ۾. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
پُڇنِئي پهرين چندن جو، چئو، ماڻهن ۽ حج هار، مقرر هِي موقعا؛ نيڪِي نه اِي نبار، ته اچو گھرن کي، اُنهن پٺيان، پر نيڪِي هِي نِروار، ته ڪئـِي ڪِري جنهن ڪم ڪار ۾، ۽ آيو عقلدار، گھرن ۾ سندن درن کان، ادب سين اظهار، ۽ ڪنبو ڀر قهار، ته سدائين سوَلا ٿِيو. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
۽ تن سان، ربّ جي راه ۾، لَڙو اوهين لاچار، جي لڙن اوهان سين، لوڪ مان، ۽ وڃو وِک نه ٻَهار، پرور ڏي، نه پِيار، لِيڪو، لانگھائن کي. |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
۽ لَڙو ساڻنِ لال!، جتي لَهونِ لوڪ ۾، ۽ ڪَڍونِ، جتان ڪَلورسين، ڪڍيون اوهان کي ڪالھ، ۽ ٻيڻِي سخت ٻِچاپَڙي، ڪنان ڪوس قِتال، ۽ منع وارِي مسجد وٽ، نه ڪريو جنگ جِدال، تان اڳ ۾ اوهان نال، جوٽينِ جنگ اُن ۾. جوٽيو ساڻنِ جنگ، جي جنگ اوهان سين جوٽيون؛ بدلو بيدينن جو، آهي اِهڙٖي رنگ، |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جي ڪيون دَنگي کان، دنگ، ته رب مرهيندڙ، مِهر ڀريو. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
۽ قتل ڪريونِ، تان نه رهي، ڪِٿي فِتنو، ڦير، رهي دين ڌڻئَ جو، پوءِ جي، جَھليائون پير، ته وڌيڪ ڪونهي وير، سَوا ڏيھ، ڏکوئيندڙين. |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
پاڪ مهينو، پاڪ سان، منعون، منعن پار، پوءِ، جو اوهان ڏي وَڌيو، ته وڌو مٿسِ، تنهن وار، جيئن وَڌيو، اوهان تي، تيئن وڌو، ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، سمجھو، ته ربُّ ستار، ساٿِي سِيل رکندڙين. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
۽ خرچيو ربَّ جي راه ۾، ۽ پنهنجي هٿن کي پاڻ، هرگز هلاڪِي ڏي، اُڇليو ڪِين اَڄاڻ!، ۽ ڪريو نيڪِي؛ ۽ نيڪن ساڻ، پرور ڳنڍي پريتڻون. |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
۽ پورو حج ۽ عُمرو ڪريو، صاحب لڳ سبحان، پوءِ جي، روڪيا راه ۾، ته اوهان کي آسان، جيڪي لڳو، جوک مان ڪريو سو قربان، ۽ تان مَڃتارَسي مڪان،، مَٿا نه ڪُوڙايو مورهين. پوءِ جي، اوهان مان، ڪو اگھو، ياسِر ۾، ڪنهن گند غير، پوءِ بدلو روزو، ۽ خير، ياقرباني ڪا قرب مان. پوءِ جڏهن اوهين آرامِيا، امن سان اَمان، پوءِ جنهن عمرو، حج سان ڪيو، ڀيڙو بيگمان، ته لڳيس، جو آسان، سو ڪري، قربانين مان. پوءِ جنهن پاتِي ڪانه، ته ٽي روزا، حج ڏينهن ۾، ۽ ست روزا، جڏهن رسيا، خاني پنهنجي خان!، آهِن اِهي عيان، پورا ڏھ ڏينهڙا. حڪم اِهو اُن هار، ته حاضر نه، حرم اُن جا، منع وارِي مسجد وٽ؛ ۽ ڪنبو ڀر قهار، ڄاڻو، ته ڄاڻـڻهار، آهِ سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج، مقرر ماھَ، پوءِ، جو هليو حج لئي اُن ۾، پوءِ نه صحبت صاحبان، نه ڪو غرض گناه، نه هرگز جھڳڙو، حج ۾؛ ۽ آگو آهي آگاه، جيڪي ڪريو اُن کان، ۽ کڻو خرچ راه، خاصو خرچ واٽ جو، پرهيز ۽ پناه، ۽ اي عقل جا آگاه!، ڏَرو مون، ڏاتار کان. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
نه گناه اوهان تي، جي گھرو، ڏاتار وٽان ڏات، پوءِ ساراهيون سبحان کي، جڏهن اُٿليا، کان عرفات، مُزدلفي مڪان وٽ؛ پڻ ڪريو تِنهن جِي تات، آن کي سبق سيکاريو، پڪ جيئن، پاڪ ذات، ۽ ڀُليَل منجھ بات، توڻي اڳي هئا، اِن ڪنان. |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
موٽِي اُٿلو، اُٿليا، ٻئاماڻهون جتان مور؛ ۽ گھرو پرور پاڪ کان، بخششون ڀرپور؛ هرگز پاڪ حضور، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن پنهنجا حڪم پوراڪَيان، پوءِ ساريو ربّ ستار، سارڻ اَهنجو اَبن کي، اُنهئ جي آچار، يا پاڻان پِرت پچار، اڳرِي گھڻو اُن ڪنان. ڪي ماڻهن مان مورهين، چونِ اهڙي چال، ته ڌڻيم! دُنيا ۾ ڏيئون، ڪو موچارو مال، ۽ ڪونهي ڀاڳ بحال، اُن لئي آخرت ۾. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ ڪي چون، ته دُنيا ۾ ڌڻيم!، نيڪي ڏِج نبار، پڻ اسان کي آخرت ۾، نيڪِي نصيب ڪار، ۽ بچائينيون باه کان؛ |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اُنهن ڪيا،جي ڪم ڪار، مقرر تنهن مان مورهين، حِصو تنين هار؛۽ تڪڙو آھِ تڪرار،هادِي حرف حساب۾. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
۽ مقرر ڏينهَن ۾ مورهين، ساريو ربُّ، ستار، پوءِ ڏوه نه تنهن، ٻن ڏينهن ۾، جنهن تڪڙ ڪِئي تڪرار، ۽ جنهن دير ڪئـِي خير سان، ته به برسر نه مٿس بار، تنهن ڪارڻ، ڪِري جنهن ڪِئي؛ ۽ ڪنبو ڀر قهار، ۽ سمجھو، ته سندس پار، اوهين مِڙوئـِي ميڙبا. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
۽ ماڻهن منجھان، ڪن جِي، توکي وڻي تنوار، هِن جياپي جھٽ پٽ ۾، ۽ ڏي اُن جِي ساک ستار، جيڪي من ۾، تنهن مڪار، اُهو سخت خُصومت، خار ۾. |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
۽ وَريو جڏهن، ته زمين ۾ ڊوڙيو آس پاس، ته ڦٽائيس، ۽ فصل کي، پڻ نسل ڪري ناس؛ ۽ پرور نه ڪري پاس، ڦيٽاري، فساد کي. |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جڏهن چئجي اُن کي، ته ڪنب ڪنان قهار، ته ڪيسِ عزت اُن جِي، منجھ گُنه گرفتار، پوءِ هاوِي بس، تنهن هار، ۽ بلڪل بڇڙو بسترو! |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
۽ ماڻهن منجھان، ڪِن پاڻ وڪيو، ربَّ جِي رضا ڪاڻ، ۽ بي شڪ بندن ساڻ، مالڪ مهربان گھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي مڃيو، جن مُور! سي اچو، سڀ اسلام ۾، ۽ نه هَلو شقِي شيطان جي، وِکن پٺيان وهلور! ظاهر آهي ضرور، سو عدو، اوهان جو اَصل کان. |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
پوءِ، جي ٿِڙڪيا، تنهن پُئان، ته آيانِيان اُهڃاڻ، پوءِ سمجھو، ته ربُّ سُڄاڻ، آھِ سٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
نه ڪڍنِ انتظار، مگر اچي اُنهن کي، مَلهارين ۽ مَلڪن جي، قادر منجھ قطار، ۽ ٿيو نبيرو نِبار؛ ۽ سڀ موٽن، ڪم ڪريم ڏي. |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
اِسرائيل جي اولاد کان، پُچ تون پاڻ پچار، ته آيون اوهان کي، ڪيتريون نِشانيون نِروار، ۽ الله جي انعَام کي، جنهن بدلايو بدڪار، جنهن بعد، ڀلائي اُن کي، حاصل ٿِئـِي هيڪار، پوءِ صاحب ربُّ، ستار، سزا ڏيڻ ۾ سخت گھڻو. |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
اُهي، جن انڪار ڪيو، تن ڪُفارن ڪاڻ، صفا سينگارِي ويئـِي، هئَ ننڍي حياتِي هاڻ، ۽ جن مڃيو، تن تان مسخريون، ڪن ٿا اڄ اَڄاڻ، ۽ تن کان مٿاهان، محشر ماڳ ۾، جِن پرهيز ڪئي پاڻ، ۽ سَمر ڏيس سُڄاڻ، وڻيس تنهن کي، ڳَڻ ڳوت ري. |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
اصل سڀ انسان، هئا اُمت هيڪڙي، پوءِ مالڪ مرسل موڪليا، کِيرون ڏيندڙ خان، ۽ ڄاڻوئـِي ڄيري سندا!؛ پڻ سَٻاجھي سبحان، لاٿا ڪتاب ڪرم سان، تن ڀيڙا بيگمان، تان ماڻهن وچ ۾ مورهين، کولينِ خوب بيان، ناحق نِت نادان، ڪن جھيڙا، جَھڳڙا، جن ۾. ۽ بلڪل نه بِگڙيا اُن ۾، مگر سي مَغرور، جن کي، آيو سو، اُن پٺيان، ته مِلينِ نشانيون نور، هِڪ ٻئي سان هوڏ ڪري؛ پوءِ مَڃيو، جن مذڪور، سَچ سُهائين اُن ۾، جنهن ۾ وِڙهيا ٿي وهلور، سندس مَنظورِي، مهرسان؛ ۽ جنهن کي، گُھري ربّ غفور، ته مالڪ ڏسيس مور، سَنئين وَهين واٽڙِي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
ڇاڪيان خام خيال؟، ته گِھڙندا باغ بهشت ۾، اَڃا آن کان، جي اڳ گذريا، آيان نه اُنهن جو حال، بک ۽ ڏک رَسيا تن کي، پڻ لوڏياويا لال، تان مُرسل، ڪِ جن مڃيو، سي چون اِهڙي چال، ته ڪٿي مدد الله جِي، صحِي ڳالھ سنڀال، ته سندِي جل جلال، واهر آهي، ويجھڙي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
پڇنِئي پيغمبر! ته ڇا خرچينِ، خداخاطر؟چئو، جيڪي خرچيان خير ۾، پوءِ ٻن اَبن آهر، پنهنجنِ، ۽ ڇِنن ڇورن جِي، واجبِي واهر، ۽ مسافر، مسڪين لئي، جو ڏيو لڳ ڏاتر، ته سمجھندڙ ساتِر، خوب طرح، اُن خير کي. |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
لَڙڻ اوهان تي، لِکيو ويو، ۽ اُهو ڪَراهت اوهان ڪر، ۽ بُرو هوندڀانيو، جو آن لئي ڀلو بهتر، ۽ چڱي ڀانيو چِيز سا، جا اوهان لئي اَبتر، ۽ سائين سر بسر، ڄاڻي، نه ڄاڻو، ڪُجھ اوهين. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
پُڇنِئي مهيني پاڪ کان، مَنجھس ڪوس، قِتال، چئو، جنگ جھيڙو اُن ۾ وڏو آهي وبال، ۽ روڪڻ ربَّ جي راھ کان، پڻ نافرماني، تنهن نال، ۽ منع وارِي مسجد کان، ۽ بارِئَ وٽ بحال، وڏي، ويٺل اُن مان، لوڌي ڪڍڻ لال! ۽ ٻِتُوْڙ، ٻائيتال، ويتر وڏو، ويڙھ کان. ۽ سدا اوهان کي سامهون، ڪندا ٻئا قِتال، تان ڦيرينيان دين کان، جي هُنينِ وس ۾ ڳالھ، ۽ پوءِ آن مان، پنهنجي دين کان، ڦِرندو جو ڦيريال، پوءِ مرندو اُهو، اُن حال ۾، ڪافر ٿي ڪلال، پوءِ هِن ۽ هُن جھان ۾، پورهياتن پيمال، ۽ اُهي ڀاتي باھِ بحال، اُهي هونِ هميشه اُن ۾. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
آندوجن ايمان، پڻ سانگ سُڌاريا سپرين، ۽ لَڙيا ربَّ جي راه ۾، مانجھي منجھ ميدان، اُهي رکن آسرا، رحمت ۾ رحمان، ۽ سَٻاجھو سُبحان، مرهيندڙ، مِهرڀريو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
جوا ۽ شراب جِي، توکان، پُڇن ڳالھ، چئو، ججھو جوکو ٻنهي ۾، ۽ ڪي نفعا، ماڻهن نال، ۽ بَڙو آهي بحال، نقصان، سندن نفعي کان. ۽ توکان پُڇنِ ڳالھ، ته ڇاخرچينِ خير ۾؟ چئو، بچت، بيان ٿو ڪري، مالڪ اِن مثال، اوهان ڪارڻ آيتون، نشانيون نهال، ته صحِي |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
سوچيو ڳالھ، هِن ۽ هُنْ جھان جِي. ۽ ڇورن ڇنن ٻارن جِي، توکان پُڇن ڳالھ، چئو، سُڌاريو سندن، خاصو آهي خيال، جي ڀيڙا ڪريونِ، ته بحال، آهن ڀاءُ اوهان جا. ۽ بدخواھ کي، خير خواه کان، ڄاڻي ڄاڻڻ هار، ۽ ڌڻي وڻي ته ڌار جو، برسِر رکنِيان بار، خدا خبردار، پڻ حڪمتِي، هوشيار گھڻو. |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
۽ نه پرڻيون پوڄارڻيون، تان وَرنِ وَحدت پار، ۽ ڀَلِي بُتِ پُوڄ ڪنان، دوڙ ديندار، ۽ صورت منجھ سِينگار، توڻي وڻـِنيان ويترِي. پَرِ پوڄارِي، ڪنهن کي، نه پرڻايو ڪنهن پر، تان مڃي، سو مورهين؛ ۽ آهي ڀَلو بهتر، مؤمن، مشرڪ ذات کان، ۽ توڻِي وَڻنِيان سو ويتر، اُهي ڪوٺينِ آگ ڏي، ۽ ڪوٺي ربَّ رهبر، بهشت ۽ بخشش ڏي، پنهنجي حڪم سان هيڪر، ۽ سندس حڪم هدايتون، کولي خوب خبر، ماڻهن لئي مقرر، تان صحِي سنڀالينِ پاڻ کي. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ پڇنئي گندين جو، چئو ته اِها آهي ميرائي مر، پوءِ گوشو گھر وارين کان، ڪريو گندين ۾ گوهر!، ويجھانه وڃونِ، تان پاڪ ٿين پوتر، پوءِ جڏهن پاڪ پاڻ ٿيون، ته اچونِ ڀلي تنهن ڀر، جتان جل جلالہ، ڪيو اوهان کي امر، پڇتائيندڙ پرورکي، وڻن ٿا ويتر، پڻ پاڪ ڌڻي پرور، پاڪن کي، پيار ڏي. |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
پوک اوهان جون عورتون، آهن اوهان هار، پوءِ اچو پنهنجي پوک کي، پسند ڪيان جنهن پار، ۽ سمر سنباهيو پاڻ لئي ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، ۽ سمجھو ته ملندا مورهين، اُن سان آخرڪار، ۽ مُبارڪون موچار، ڏي مڃيندڙن کي مورهين. |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
ڌاڙِي ڌڻئَ کي، نه ڪريو، پنهنجن قسمن ڪاڻ، ڀلو ڪريو ۽ ڀلئَ ڀَت، ڪري ڪريو پاڻ، ۽ مَن سڌاريو ماڻهين، ڪڍو وِچانِ ڪاڻ، ۽ سڻندڙ ۽ سڄاڻ، اَللهُ جل جلالہٗ. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
اَهنجي سَکڻنِ سونهَنْ، نه جھليندان جبار، پڪ پڪڙيندان اُن ۾، جا ڪئـِي قلبن اَهنجي ڪار، ۽ بارِي بخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
اُن لئي، ته سندنِ زالن کان، قسم وجھن ڪنهن ڪاڻ، چار مهينا ترسڻو، پوءِ، جي پرتا پاڻ، ته صاحب سُرت سڄاڻ، مرهيندڙ، مِهر ڀريو. |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ تِهانپوءِ طلاق جو، جي ڪيائون پَھ پڪو، ته سائينءَ تان صدقو، سو سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو، |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
طلاق واريون ترسنديون، ٽي گنديون بي گمان، نه رَوا تِنين، ته رکن ڳُجھو، جو جوڙِيَنِ، ربَّ منجھ جان، جي آڻينِ ٿِيون اِيمان، الله ۽ آخر ڏينهن تي. ۽ حق سندنِ، حقدار، وڌيڪ سندن وارڻ ۾، جي انهن ۾، سُڌاري، صلح جو، ورتئون لڪو ويچار، ۽ اُنهن لئي به، جھڙو اُنهن مَٿي، ڀلائئَ جو بار، ۽ مرتبو مردن جو، ٻايَنِ تي ٻيهار، ۽ صاحب ربُّ ستار، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق آهي ٻه دفعا، پوءِ وارڻ سين وهنوار، يا نبيرو نيڪئَ سان ؛ ۽ حلال نه اوهان هار، جو هُن کي ڏِنان هيڪار، ورِي وَٺو ڪجھ، تنهن منجھان. مگر ڀانتئون مورهين، اِهو خوف خطر، ته حدون هادئَ پاڪ جون، نه پاريندا ڪنهن پر، اوهين به ڊِنان، ته الله جي، نه هلندا حڪمن سر، پوءِ ڏوه نه اُنهن تي، ان ۾، ته مِقدار ڪو مقرر، ٻيهر ڏنو ٻَير، بدلو بِدا جي باب ۾. اِهي دنگ ڌڻئَ جا، پوءِ مَٽيو نه، تن کان مور، ڌڻئَ جي دنگن کي، جو مَٽيندو مغرور، ظالم سي ضرور، آزاريندڙ اصلئين. |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جي طلاق ڏنائين، تنهن کي، پوءِ مٿس نه مور مباح، تان وڃِي حَق نڪاح، ڪندِي ٻِي، ڪنهن ڪانڌ سان. پوءِ، جي تنهن طلاق ڏنيس، ته مورنه مَٿنِ ميار، ته ورِي پرڻجن پاڻ ۾، اِن آسري آڌار، ته حدون هادئَ پاڪ جون، ڪندا برقرار؛ ۽ حدون هاديءَ پاڪ جون، آهن اِهي اظهار، ٿو کولينِ خلقڻهار، جي سمجھن، تنهن ساٿ لئي. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏهن جويون ڇڏيان، پوءِ پُهتيون، پنهنجي کڻ، پوءِ ڳَنديون ساڻ ڳُڻ، يا ڳُڻ سان ڳَنڍيون ڇوڙيون. ۽ نه جوکي لئي، تن جھليو، تان لنگھو حدکان هاڻ، ۽ جو اِيئن ڪندو، تنهن ڪيون، جاڙون سندِس جئَ ساڻ؛ ۽ مُور نه بنايو مَسخرِي، آگي جا اُهڃاڻ، ۽ ساريو سَهنج سُڄان!، اوهان ساڻ، الله جا. پڻ اوهان تي اُتاريو، جو پرور پاڪ ڪتاب، ۽ سمجھ، سمجھائـِينِيان، جنهن سان، بِلاباب، ۽ ڪريو ڪِري ڪريم کان ۽ سمجھو برصواب، پڪ سان پاڪ جناب، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
پوءِ جڏهن جويون ڇڏيان، پوءِ کُڻ پنهنجي، پُهتيون پاڻ، پوءِ ڏاڻ نه ڏيونِ، هن کان، ته ڪن حق پنهنجا هاڻ، جڏهن ٺهيا پاڻ ۾، نيڪ نموني ساڻ، اِهي اوهان مان، اُن کي، آڇا وڃن اُهڃاڻ، ته ڏاتار مَڃي، ۽ ڏينهن ٻئو، جو اچڻو اِن پُڃاڻ، پاڪ ۽ پوتر گھڻو، اِهو اوهان ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سڄاڻ، ڄاڻي، نه ڄاڻو اوهين. |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
۽ اَمڙ سندنِ اولاد کي، پاڻ پيارينِ کِير، پڪا، پورا ٻه ورهيه، اُن لئي، وڻي جنهن وِير، ته سانڍيو وڃي صَغِير، مدت مقرر کير جي. ۽ جنهن جو ڄاول ٻار، ته موجب راڄاريت جي، اَٽو لَٽو اُنهئَ جو، برسر مٿسِ بار، ڪنهن ٻائـِي، سندس ٻار سان، ڪَس ڏيڻ نه ڪار، نه ٻَڙي، سندس ٻار سان، لوئي ڪبو لاچار، ۽ انهي جي آچار، واجب ورثيدار تي. پوءِ جي وڻيو اُٿوڙڻ اُنهن کي، هڪ ٻئي ۾ ٺهياپاڻ، ۽ صلاح مصلحت ساڻ، ته ڏُوهين مٿي، نه ڏوه ڪو. ۽ جي گھرو، ته سانڍلو کِير تي، اَهنجا ٻچا ٻار، ته ڏوه نه اوهان تي، جڏهن ڏنان، جو باسيان پورهيو پار، موجب رواج راڄ جي؛ ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، ۽ سمجھو ته ڪريو جا ڪار، سا ڏسندڙ آھِ، ڏيہ ڌڻي. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
مَرن جي اوهان منجهان، وَنيون ڇڏي وَر، سي چار مهينا ترسنديون، ڏھ ڏينهن ٻيا ويتر، پوءِ جڏهن، پهتيون پنهنجي کڻ کي، ته ڏوھ نه اوهان سر، جنهن ۾ پنهنجي جان ۾، ڪن نيڪيءَ ساڻ نظر، ۽ جيڪي ڪريو سربسر، آگو آگاه، اُن ڪنان. |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
"۽ ڏوھ نه اوهان تي اُن ۾، جيڪي ظاهر ڪيان ظهور، مڱن مڱڻ، يامَن ۾ |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
ڏوه نه اوهان تي، جي ڇڏيان، ٻانهون سي ٻيهار، لَـڳا نه، جن سان لاڳ سندنِ، نه مقرر ڪيان مِقدار، ڏيونِ وَٽو واجبي، سُکيء تي سَگھ هار، پهچ پٽاندر پانهجي، آھِ، بُکـئي تي بار، سُوئـِي نيڪ نِبار، چالو حق چڱن تي. |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جي ڇڏيونِ، اڳي هن کان، ته صحت ڪريون تن ساڻ، هوڏانهن هُن لئي، ڪري چڪا، مَهر مُقرر پاڻ، پوءِ جيڪا مَهر مقرر ڪيان، پوءِ اُن جو اڌ، اُن ڪاڻ، مگر معافي ڏينِ سي، يا ڇڏي اُهو اڳواڻ، سندو ڏي وٺ ڏاڻ، هُجي جنهن جي هٿ ۾. ۽ جي وڙ ڪريو، ته ويجھڙو تقوٰى کي تڪرار، ۽ هڪ ٻئي وچ، نه وِساريو قدر برقرار، ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏسڻ وارو ڏيھ ڌڻي. |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
نمازون ۽ نماز وچينءَ جِي رکو سارسنڀار، ۽ تهدل تابعدار، اُٿو لَـڳ الله جي. |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
پوءِ جي ڀانيان ڀؤ، ته پڙهو پيادا، سوار، پوءِ جڏهن سولا سُکي ٿيا، ته ساريو ربُّ ستار، جنهن جِي نه، هُنيا سُڌسار، جنهن صورت، سو سيکارئين. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
۽ جي گُذرن اوهان منجھان، ونيون ڇڏي، وَر، وصّيت سندن ونين لئي، وَٽو ورھيه ڀر، بنا ڪڍڻ ڪکن مان، پوءِ جي پاڻهين ٿِينِ ٻَهر، پوءِ پاپ نه اوهان تي اُن ۾، جيڪي ڪن پنهنجي سِر، موجب پدرِي پر، سائين سٻر، سٻوجھ گھڻو. |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ واجب وَهِي وَٽ سان، وَٽو واڍوڙِينِ ڪاڻ، موچارن تي مورهين؛ |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
ٿو اِن پر کولي پاڻ، الله، سندس اُهڃاڻ، ته صحِي مانَ سوچيو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
نه ڏٺئي؟ سندن ڏيرن مان، نڪري ٿيا نروار، موت، مرض جي سور کان، اُوهئا ڪئين هزار، پوءِ مرو اُنهي ماڳ تي، ڪَهيو کين قهار، موٽِي تن، مئي پُٺيان، جياريو جبّار، مالڪ مٿي ماڻهئين، وڏي ڀال ڀتار، پر گھڻائي گنوار، نه موکينِ، منجھان ماڻهئين. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
لَڙو ربَّ جي راه ۾، ۽ ڪريو پورِي پڪ، ته باري آهي بيشڪ، سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
آهي ڪير؟ قرض ڏي، صاحب کي سُهڻو، ته ٻيڻو ڏئيس ٻاجھ سان، ٻيڻيان ٻين گھڻو، ۽ جھلي، ڪِ ججھو رزق ڏي، سوهادِي هڪ ڄڻو، ۽ اُن ڏي موٽڻو، آھ ِاوهان مِڙن کي. |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
ڇاهِنيئين نه لائيِي لال! ته اسرئيل جي اولاد مان، موسىٰ کان پوءِ، مارڪي ڪيو، سندن نبيءَ کي سوال، ته مقرر اسان مٿان، ڪرڪو بادشاه بحال، ته لڙون ربَّ جي راه ۾، تڏهن چيائين اِن چال، ڇا ائين ته اوهين ناهِيو، ته جڏهن جل جلال، ڪيو حڪم قِتال، ته مرڳو نه لڙندا مورهين؟ چي، ڪيئن نه ربَّ جي راه ۾، ڪنداسون قِتال؛ جڏهن پنهنجي گھرن ۽ پٽن کا، ڪڍياوياسون ڪالھ، پوءِ جڏهن مَٿن جنگ لِکي ويئـِي، ته ڦرِي ويا فى الحال، مگر منجھائُنِ ٿوررا، ڪي نِرمل نيڪ نهال، ۽ بيدادن کان بحال، پورو واقف پاڻ ڌڻي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
نبيءَ سندن فرمايو، ته سائين ڪيو سالار، توهان تي، طالوت کي، ته ٻوليائون ٻيهار، اُهو اسان مٿان ڪِئين ٿئي، مُلڪ جو مهندار، ۽ مُلڪ جا حقدار، اسين وڌيڪ اُن ڪنان. ۽ مور نه مليس مال مان، مِلڪيت ڪا گھڻي، چي، اوهان مٿي اُن کي، ڌُران ڌُئو ڌڻي، ۽ سَرسِي سُڌ ۽ جسم ۾، خدا ڏِنيس کڻي، ۽ مالڪ پنهنجو ملڪ ڏئي، جو وڃِي کيس وَڻي، ۽ عطا اَڻ ڳڻِي، ڏيندڙ، پڻ ڏاهو ڌڻي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ نبي سندن فرمايو، ته اُن جي اڳوانيءَ جا آثار، پيتي اِينديان پڌري، منجھس قلب قرار، پنهنجي پرورپاڪ کان، تسلي تڪرار، پڻ موسٰى ۽ هارون ڇڏيا، جي باقي يادگار، کڻيو ايندا اُن کي، ملائڪ موچار، آھ اوهان لئي اُن ۾، نشاني نروار، اوهين اعتبار، جي آڻڻ وارا آهيو. |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ طالوت، جڏهن فوجن سان، ڌوڪي ٿيو ڌار، چي پرور آن کي پرکڻو، مَهندان مٿي نار، پوءِ منهنجو ناھِ، جو ٿيو تِڪي تِنهن مان تار، ۽ جو چڪو نه چکيو ان مان، سو منهنجو تابعدار، مگر چُرون، جنهن چائيو، سندس هٿ سان هيڪار، پوءِ پِي ٿيا پُرڪار، مگر منجهائُنِ ٿورڙا. پوءِ جڏهن لنگھيس پاڻ، ۽ اُن سان آندو جن ايمان، چي، جالوت ۽ سندس فوجن سان، اڄ اسان ۾ ڪا نه، مورهين منجھ ميدان، طاقت جنگ جِھاد جِي. چِٽو مِٺو تن چيو، جن اِها ڳالھ ڳڻِي، ته ملڻا آهن، مورهين، داور ساڻ، ڌڻي، ته گھڻو، گھڻي ٽولي کي، ٽولي ڳاڻ ڳڻِي، حڪم سان حق پاڪ جي، ڪيو هيٺ هڻِي، ۽ جي بيهن بار کڻي، سائين ساٿِي اُنهن جو. |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
۽ جڏهن جالوت ۽ سندن فوجن کي، سامهان ٿيا شير، چي، سانيم! صبر اسان ڏيـين ۽ ڪر پختاسندئون پير، ۽ واهر ڪج هِن وير، قادر ڪافر قوم تي. |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
پوءِ حڪم سان حق پاڪ جي، هڪدم ڏنائونِ هار، دائود ڪُٺو جالوت کي، پڻ ڏيہ ڏِنس ڏاتار، ۽ حڪومت ۽ حڪمت گھڻي، پڻ سيکاريس ستار، ۽ جيڪي گھريو غفار، هٿ جا هنر ۽ حِرفتون. ۽ جي پَلڻ پرور جو نه هؤ، ڪِن ماڻهن کي، ڪِن ساڻ، ته لڳو لُڙ لوڪ ۾، ڀون ٿئـِي بلڪل پاڻ، پر پرٿڻين تي پاڻ، آھِ ڀلو، ڀال ڀلائڻو. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
پڪ پرهون ٿا تو مٿي، اِهي الله جا اُهڃاڻ، ۽ تون آهين سڄڻ! سُڄاڻ، مرسلن مان مورهين. |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اُهي مرسل مهربان، ڪي، وَڌاياسون، ڪن کان، ڪن سان ڳالهائيو، تن منجھان، روبرو رحمان، ۽ ڪن کي درجا ڪيترا، بخشياسون بي گمان، ۽ عيسٰي پٽ مريم کي، نوازياسون نِشان، پڻ ساڻ پاڪ جان، آڌاريو سون اُن کي. ۽ جي گھريو هوند غفار، ته پٺيان نه لڙيا پاڻ ۾، جنهن بعد آيون اُنهن کي، نشانيون نروار، پر پوءِ ڦِٽا پاڻ ۾، پوءِ منجھانِ ڪنهن موچار، ڪنهن مڃو ۽ ڪو منڪر ٿيو، جيڪر گھريو غفار، ته لڙڻ نه لڳاپاڻ ۾، پر صاحب ربُّ ستار، ڪري سو ڪم ڪار، جنهن کي پسند پاڻ ڪري. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي جن آندو اعتبار!، سي خداڪارڻ خير ڏيو، جو ڏنو سونِيان، تنهن منجھان، اڳ ۾، ته اچي ساوار، جنهن ۾ سودو، سُنهد نه ڪا، نه پارت ڪنهين پار، ۽ اُهي هر گز هاڃيڪار، ڦِريل جي فرمان کان. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
ڌڻي جنهن ڌارا، نه ڪا درگاه، ۽ دربار، سدا سوئـِي جيرو، قائم برقرار، اِي وڙ نه تنهن، ته وير ڪنهن، وٺيس خواب خمار، اُن لئي سڀ اُڀن ۾، عجب رنگ اسرار، پڻ زمن زمين ۾، جِنسون ۽ جنسار، ڪير نه ڪُڇي اُن وٽ، اُن جي اجازت ڌار، اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ هي نه اُن جي علم مان، ڄاڻڻ لِک لغار، مگر جنهن کي جيترو، گُھري ربُّ غفار، آهي اُڀن، ڀون ڪنان، اُن جو علم اَپار، ۽ اُن ٻن سندي سنڀال ۾ ، بلڪل نه ٿـئيس بار، اُهو مٿاهون، مختار، وڏِي وڏائـِي جو ڌڻي. |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
منجھ دين، ذرو نه زور، جڏهن کُلِي واٽ ڪُواٽ کان، پوءِ، جو ڦِري ڦيريال کان ۽ مالڪ مڃي، سو مور، ته جنهن جو چڄڻ نه ڇيہ سين، سا ڏاڍي پڪڙئين ڏور، سائين سڀ ڪنهن طور، سڻندڙ ۽ سڄاڻ گھڻو. |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله ٻيلي اُنهن جو، مڃيو جن مذڪور، نِئينِ پاسي نور، ڪڍي اُنهن کي اُونداهين مان. ۽ جي ڦِريا، اوليا انهن جا، مُفت مونجھارو مور، اُنهن کي اُونداهين ڏي، نِينِ منجھان را نور، اُهي دوزخِي درپور، هونِ هميشه اُن ۾. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
ڇا؟ نه ڏٺئـِي، تنهن پار، جنهن حضرت ابراهيم سان، سندس پرور پاڪ ۾، تَڙيل ڪيو تڪرار، مٿي اِن آڌار، ته مولا تنهن مُلڪ ڏنون. اُتو ابراهيم جڏهن، ته سانيمِ، سو سُڄاڻ، جو جياري ۽ ماري، اِي انهيءَ جا اُهڃاڻ، چي، اُوتان آئون پاڻ، جياريان، ۽ ماريان. اُتو ابرهيم ورِي، ته سانيمِ، سو سڄاڻ، جو آڻي سج اوڀر ڪنان، تون اولهيان، اُن کي آڻ، پوءِ اِن کان جنهن انڪار ڪيو، سو هَڄي ويو هاڻ، ۽ سنئين سائين پاڻ، نه ڏَسي، ڏيھ ڏکوئيندڙين. |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا اُن جيئن، جو لنگھيو، اُن شهر مٿان شير، جنهن جون ڇِتيون، ڀِتين مٿي، ڊهي ٿيل ڍير، چي، وسائيس ڪٿان هن وير، سائين سندس سُڃَوَر پُٺيان. پوءِ مالڪ ماريو ان کي، سڄاسارا، سَو سال، وري اُٿارئين ان کي، چي، لاتئـِي هت ڇا لال!، چي، جاليمِ جل جلال! هڪ ڏينهن، ڪِ حصّو ڏينهن جو. چي، پِئو رهين پٽ ۾، سڄاسارا، سَو سال، پوءِ کاڌو ۽ پيتو پنهنجو، جاچ چڱيءَ چال، ته پئي نه پارُوٿا ٿيا، ۽ پس پنهنجي، گڏه جو حال، ۽ توکي ڪريون ڪمال!، ماڻهن ڪارڻ معجزو. ۽ ڏِس هڏن ڏي هيڪار، ته ڪنهن صورت کين سنواريون، پوءِ مَٿن ماس چاڙهيون؛ جڏهن پورا مِليَسِ پار، چي، سَمجھان ته ربُّ ستار، آھِ قادر هرڪم ڪار تي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ اُتو ابراهيم جڏهن، ته ڏيکاريمِ ڏاتار!، ته مُئاڪِيئن جيارين، چي، ڪِ نه آندئـِي اعتبار؟ چي آنه، پر اِنهي هار، تان ٿيئي قَلب قرار مون. چي، پڪڙ پکي چار، پوءِ ملائينِ پاڻ سين، پوءِ جزوا ساري جبل تي، ڌَر اُنهن جا، ڌارو ڌار، پوءِ سڏينِ ته ايندئـِي سامهان، اُڏرندا اِظهار، پوءِ سمجھ ته ربُّ ستار، آھِ سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
خرچينِ ربَّ جي راھ ۾، جي مؤمن پنهنجو مال، مثال تن جو مورهين، اُن داڻي جي مثال، جنهن ست سنگ ڪڍيا، هرسنگ ۾، سَئو داڻا سالم سال، ۽ ڌڻي وڻيس تنهن کي ڏي، ٻيڻو ٻاجھ نال، ۽ بيحد ڪندڙ ڀال، سائين سڄڻ، سڄاڻ گھڻو. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
خرچين ربَّ جي راه ۾، جي مؤمن پنهنجامال، ٿورو نه ٿاڦينِ، تنهن پٺيان، جو بخشيائون بحال، نه ڪاڻ ڏيکارينِ ڪنهن طرح؛ اُن جو اجر اُنهن نال، ثابت سندن سائينءَ وٽ، نه مٿنِ خوف خيال، نه ڳڻتي ڪنهين ڳالھ، اُهي مُؤمن کِيندا مورهين، |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
چوڻ چڱائـِئَ جو، ۽ ڪرڻ قُصور گُذر، جنهن صدقي پٺيان ساهِڻو، تنهن کان، ڀلا بهتر، ۽ بي پرواه، سو پرور، پڻ خاوند کانڌِيرو گھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي جن مڃيو!، سي مورهين، پنهنجا خير کَرو، ضايع نه ڪر ذَرو، ڪنهن تي، ڪاوڙ ۽ ڪاڻ سان. اُن جيئن، ڏي جو مال سندس، منجھ ماڻهن، مُهن نِهار، پڻ نه آڻي اِعتبار، الله ۽ آخر ڏينهن تي. اُن جا پٿر جيئن پار، جنهن تي، دڙا ڌُور جا، پوءِ آيَسِ مِينهن اَپار، جنهن ڌوئي ڇڌيسِ ڌَونرسرو. نه سگھن سنڀالي تنهن منجھان، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائين سَنئون پار، نه ڏَسي ڪافر قوم کي. |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
۽ جي صدقو سندنِ مال ڪَن، ربَّ جي رضارکڻ هار، پڻ سَمر ثابت پاڻ، لئي توشو ڪن تيار، بُلندي تي باغ جِيئن، سي آهن نيڪ نبار، ورِي مٿانسِ وڏ ڦڙو، نَميو نارو نار، پوءِ ميوا سندس مُند تي، ٻِيڻاڏنائين ٻِيهار، جي وَٺو نه مٿس وَڏ ڦرو، ته ماڪ ئي موچار، ۽ ڪريو، جي ڪم ڪار، ڏسندڙ تن کي، ڏيھ ڌڻي. |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا؟ آن مان، ڪنهن وانگئَ وڻي، ته باغ هجي تنهن هار، خاصو کجين، ڊاکن جو، هيٺان هلنسِ نار، سڀ ميوا منجھس، اُن لئي تازا تہ تيار، پوءِ پهتي پيرِي، اُن کي، ۽ هُونسِ هيڻاٻار، پوءِ لڳي لُوه اُن کي، جنهن ۾، ڪاڙهو ڪارُونڀار، ساڙي تنهن سُڃ ڪيو؛ اِن پر پڌرا پار، ڏي، اوهان کي ڏاتار، ته سُوجھٖي مانَ صحِي ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي جن مڃيو!، تنهن مان، مال ڏيو، چڱو چڱيءَ چال، جو ميڙيان، ڪِ اوهان لئي، اسان ڀون مان، ڪڍيو بحال، ۽ نه ڪريو اُن مان، خبيث کي، خرچڻ جو خيال، ۽ جنهن کي، نه اوهين وٺڻا، مگر منجھ مال، اکيون پوريو پنهنجون؛ ۽ سمجھو صحِي ڳالھ، ته تونگر ربُّ تعالىٰ، سو ساراهيل گھڻو. |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
آن کي شقي شيطان، انجام ڏي اَڻ هوند جو، پڻ فرمائي فرمان، اوهان کي اُ گھاڙ جو. ۽ ربُّ پنهنجي بخشش، ڀال جا، ڏينِيان قول قرار، بخشيندڙ بسيار، پڻ پرور پورو پارکُو. |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
وڻيس تنهن کي، سمجھ ڏي، ۽ سمجھ مِـلِـي جنهن مور، پوءِ نيڪِي تنهن نصيب ٿِئي،زياده ضرور، ۽ پورِي جن پرور، نه سڱائـِينِ، تن سوا. |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
۽ جيڪي ڪيان خرچ ڪو، يا ٻَڌان نذرنياز، سو رازق سمجھي راز؛ ۽ ڪونهي ڏَڍ ڏُ کوئيندڙين. |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جي کُليو کُلايو خير ڏيو، ته اِها به چڱي چال، جي لڪايوسِ لوڪ ڪنان، ۽ ڏيو مسڪينن مال، پوءِ ڀلو اوهان لئي آهِ سو، ڪرم ساڻ ڪمال، ۽ ميٽي اوهان جي مَدينِ مان؛ جيڪي ڪريو اَڄ ڪالھ، ۽ ڪنان هر ڪنهن ڳالھ، خدا خبردار گھڻو. |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
اصل نه آهي، تو مٿي، سونهپ تن سُڄاڻ!، پر سَنئين سُهائي پاڻ، جنهن کي، گھري جل شانَــهٗ، ۽ جيڪي خرچيو خير مان، پوءِ اهو اوهان هار، ۽ نه ڪريو خير خدا جي، مرضي ماڻڻ ڌار، ۽ جو ڪندا خدا لڳ خير ڪو، ته ڏيندان پورا پار، ۽ هرگز هڪڙو وار، ڪسَ اوهان کي ڪين ڏي. |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
اُن ڪنگالن ڪاڻ، جي روڪيا ربَّ جي راه ۾، نه رکن وِت وڃڻ جِي، ڀون ۾ ڪِنهين ڀاڻ، ڀانئي کين، نه پنڻ کان، آسودا اَڄاڻ، پيشانِين مان پَڌرو، سڃاڻينِ سُڄاڻ!، نه پِنن، پُڪارن ساڻ، ماڻهن ڪنان مورهين. ۽ جيڪي خرچيو خير ۾، گھڻو يا ٿورو، ته صاحب سڳورو، آهي ويتر واقف اُن ڪنان. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جي صدقو سندن مالڪن، ڏينهن، رات، ڳجھو، ڪِ پَڌر، پوءِ اُن جو اَجر، اُنهن لئي، سائين وٽ سَڌر، نه ڀَئو مَٿنِ برسِر، ۽ نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جي. |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
جي کائـِين سَوائـِي، نه اُٿين ، مگر جيئن اُٿئـِي، جنهن کي، جَهڙپ سان، جن ڪيو، تڙتان توائي، جن واري اِي وائـِي، ته وِڪرو پڻ وِياج جِيئن. ۽ صاحب سُوْد حرام ڪيو، ۽ سودو صاف حلال، پوءِ آئـِي سندس آگي ڪنان، جنهن نصيحت نِهال، پوءِ روڪيو، ته روا اُن لئي، جيڪي ڪمايئين ڪالھ، ۽ اُن جو آھِ الله ڏي، نِبيرو نيڪال، جو وريو وِياج ڏي، ته اهي خام خيال، ڀاتِي باھِ بحال، هونِ هميشه اُن ۾. |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
واحد وِياج ناس ڪري، ۽ سنڀالي صدقا، ۽ ڏي نه محبت ڪا، هر بي شڪر، بدڪار کي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
مڃيو جن مذڪور، پڻ ڪيون نيڪ ڪمايون، ۽ پڙهيو نمازون پوريون، ۽ ڪڍيون زڪوٰة ضرور، اُنهن لئي سندنِ الله وٽ، اُنهن جا اَجر اُجور، ۽ خوف نه مٿنِ مور، ۽ نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي جن مڃيو!، سي مورهين، ڏَرو ڀر ڏاتار، ۽ جيڪي رهيو وياج مان، سو ترڪ ڪريو تڪرار، جي اوهين اعتبار، آڻڻ وارا آهيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پوءِ جي اوهان عمل نه ڪيو، ته ڄاڻو جنگ ضرور، ربَّ ۽ سندس رسول کان؛ جي موٽيا اوهين مور، پوءِ اوهان لئي، اوهان جي، مالن سندا مور، نه ڪندا پاڻ ڪلُور، نه ڪلُور، اوهان سان ئـِي ڪبو. |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
پوءِ، جي آهي ڪرڪ ڪَنگال، پوءِ نظر سُهوليت، سُهنج جو، جي ڇڏيو، ته اوهان لئي، اِهو ڀَلو آهي بحال، نتيجو نهال، جي صحِي آهيو سمجھندا. |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ تنهن ڏينهان ڏَرو، جنهن ۾، رُجوع ڪبا ربَّ پار، هر ڪنهن، جي ڪم ڪيا، تِنهنجو پورو ڏِبس پار، ۽ اُنهن سان اُن وار، ذرو ظلم ڪينَ ڪبو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي جن آندو اعتبار!، سي جڏهن کُڻ تي، کڻت ڏيو، پوءِ لکوس، ۽ اوهان وچ ۾ لِکي لکڻهار، عدل ۽ انصاف سان؛ نه وٺي ڪو ويچار، لکندڙ لکي جنهن طرح، سيکاريسِ ستار، پوءِ لکي منشي مورهين، ۽ جنهن تي حق حقدار، سو پڙهي پاڻ زبان سان، ۽ ڏَري ڀر ڏاتار، ۽ اُن مان لِک لَغار، ۽ ڪَمِي ڪري ڪانه ڪا. پوءِ، جي ڀورو، يابي پُهچ هجي، جنهن تي حق حقدار، يا ڪن بيان زبان سان، نه سارينِ، ساسگھ سار، ته وري وارث اُن جو، ٻولي سچ ٻِيهار، ۽ ٻه ساکي مرد سچار، گواھ گھرايو پاڻ مان. ٻه مرد نه هجن، ته مرد هڪ ۽ ٻايون ٻه ٻيهار، شاهدن مان جن کي، سمجھو پاڻ سچار، جي ڀُلجي هِڪ هيڪار، ٻي عورت اُن کي ياد ڏي. ۽ شاهد نه وٺن ويچار، جڏهن سڏجن ساک لئي، ۽ نه ليرا ٿيو، ته لِکو تنهين، ننڍوڪِ، وڏو وهنوار، کُڻ سين، کَرو اوهان لئي، سو صاحب وٽ، ستار، پڻ سچي پچي ساک لئي، پورا پورا پار، ۽ نه وِر سو ڪنهين وار، اِهو اُن کي اوڏڙو. مگر وِڪرو پاڻ ۾، جو حاضر حال مال، ته پائـِي پاپ نه آن تي، جي نه لکوس لال!، ۽ شاهد ضرور بيهاريو، جڏهن رَک رَکال، ۽ نه شاهد۽ لکندڙ نال، ڪئـِي وڃي تڪليف ڪا. ۽ جي ڪيان اِها ڪار، ته پاپ اوهان لئي پاڻ تي، ۽ ڪنبو ربَّ ڪريم کان؛ ٿو سيکارينِيان ستار، ۽ سائين سمجھدار، حقيقت هر ڳالھ جي. |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
۽ جي هجو پنڌ ۾ ۽ لهو نه، لکندڙ پاڻ، پوءِ گِروِي قبضي ساڻ،رکڻِي ڪنهن وٽ راڄ مان. پوءِ، امانت اوهان مان، ڪنهن وٽ رکي ڪو، پوءِ اُن جِي امانت اُن کي، ساري ڏئي ، سو، ۽ سو نڪو سائينسِ جو، سانڍي مَر سرير ۾. ۽ سچي شاهدِي کي، لِڪايو نه لَغار، جو لڪائيس، ته قلب اُن جو، بي شڪ آهِ بدڪار، ۽ ڪريو، جي ڪم ڪار، واحد واقف اُن ڪنان. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
آهن سڀ الله جا، اُڀ ڀون ۾، جي جنسار، ۽ جيڪي اوهان جي جِيءَ ۾، سا کوليو خبر چار، يا لڪايوسِ، ته ليکو اُن جو، ساري وَٺندان ستار، پوءِ، وڻيس مرهي تنهن کي، وڻيس ڏي آزار، ڪل ڪم کي، ڪلتار، پهچڻ وارو پاڻ ڌڻي. |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
مُرسل پاڻ مڃيو، جيڪي اُتريو، اُنهيء پار، سندس پرور پاڪ کان، پڻ مؤمن مڻيان دار، سڀن صاحب کي مڃيو، پڻ ملائڪ موچار، پڻ ڪتاب ۽ قاصد اُن جا، تنين وِچ تڪرار، ويڇو نه وجھون وار جو، ۽ ٻوليائون ٻيهار، ٻُڌوسون ۽ ٻَڌاسون، تهدِل تابعدار، پن بخشين بخشڻهار! ۽ آخر تو ڏي اَچڻو. |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
بارِي نه ڪهن تي بار رکي، سندس پڄندِي ڌار، جي ڪيون نيڪ ڪمايون، ته هارُ، سندن هارِ، پُڻ اُنهن سِر آزار، جي ڪيون بدڪمايون. ربَّ اسان جا!، اسان کي، ڪر نه گرِفتار، جي ُڀلجِي، ڀَريو سون پيرڪو، يا وِساريون ڪنهن وار، ۽ نه رک اسان تي، اڳين تي، جيئن باري! رکـئـِي بار، ۽ نه رک اسان تي، اسان ۾، جنهن لئي سگھ نه سار، ۽ مره اسان کي، ميٽ مَديون، ۽ بخشين بخشڻهار، تون ئـِي اسان جو آهين، مولا مددگار، پوءِ وِهلو ڪِج وَهار، قادر! قوم ڪُفّار تي. |