الم (آيت : 1) |
الف، لام، ميم |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
هي ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، انهن خدا کان ڊڄندڙن کي رستو ڏيکاريندڙ آهي |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق کين ڏنو اٿؤن، تنهن مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اهو، جيڪو توڏانهن لاٿو ويو آهي ۽ توکان اڳ ۾ لاٿو ويو آهي ان کي مڃين ٿا. اهي ايندڙ حياتيءَ تي يقين رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ئي پنهنجي رب وٽان آيل هدايت تي آهن، ۽ اُهي ئي ڪامياب ٿيندا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بيشڪ (جن مٿين ڳالهين کان) انڪار ڪيو، تن لاءِ تنهنجو ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي، اُهي ايمان نه آڻيندا. |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
الله سندن دلين تي ۽ ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي پردا آهن ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي چون ٿا ته ”الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندوسون“ مگر اهي ايمان نه ٿا رکن. |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
اُهي الله کي ۽ مومنن کي دوکو ڏين ٿا، مگر درحقيقت رڳو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين ۽ کين خبر به نه ٿي پوي. |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
سندن دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله انهن جي بيماريءَ کي وڌايو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، جو هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته ”ملڪ ۾ فساد نه پکيڙيو،“ ته چون ٿا ”اسين ته رڳو سڌارو ڪندڙ آهيون.“ |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار! اهي ئي پاڻ فسادي آهن پر انهن کي خبر نه آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن ايئن چئجين ٿو ته ”اوهين به ايئن ايمان آڻيو، جيئن ٻين ماڻهن آندو آهي“ ته چون ٿا ته ڇا اسين به ايئن ايمان آڻيون جيئن بيوقوفن آندو آهي؟ خبردار! اهي پاڻ بيوقوف آهن، پر نه ٿا ڄاڻن. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
جڏهن مومنن کي ملن ٿا ته چون ٿا ”اسان ايمان آندو“ ۽ جڏهين پنهنجي شيطانن سردارن کي اڪيلائي ۾ ملن ٿا ته چون ٿا ته ”اسين اوهان سان آهيون، اسان ته رڳو کل ڪئي ٿي“. |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
الله مٿن کل ڪندو آهي ۽ کين سندن سرڪشيءَ ۾ ڍر ڏيندو آهي ته ڀٽڪندا رهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اهي ئي شخص آهن، جن هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪئي، پوءِ سندن اهو واپار فائدي وارو نه ٿيو ۽ هو هدايت قبول ڪرڻ وارو ئي نه هئا. |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
سندن مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن باهه ٻاري، پوءِ جڏهن باهه سندس چوڌاري روشني ڪئي، ته الله سندن نور کسي ورتو ۽ کين اونداهين ۾ ڇڏي ڏنائين، جو نٿا ڏسي سگهن. |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
ٻوڙا آهن، گونگا آهن انڌا آهن، تنهن ڪري (هدايت ڏانهن) نه ايندا. |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا آسمان جي ان سخت مينهن وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون، گوڙ ۽ وڄ هجي اهي سندن آڱريون ڪڙڪي جي ڪري موت جي ڀؤ کان سندن ڪنن ۾ وجهن، مگر ڪافر الله جي گهيري هيٺ آهن. |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
وڄ هنن جي اکين جي روشني کسڻ تي آهي، اڃا ڪجهه روشني ڪري ٿي، ته هو ان ۾ هلن ٿا. ۽ مٿن اوندهه ڪري ٿي، ته بيهي رهن ٿا، جيڪڏهن الله گهري، ته سندن ٻڌڻ ۽ اکين جي روشني کسي وٺي. بيشڪ الله هر ڪنهن ڪم تي وس وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانو! پنهنجي رب جي بندگي ڪريو، ته من اوهين بچو، جنهن اوهان کي ۽ اوهان کان اڳين کي پيدا ڪيو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ اوهان جي رزق لاءِ ان مان ميوا پيدا ڪيائين. ان ڄاڻ هوندي الله جو شريڪ ته نه ٺهرايو. |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
جيڪڏهن اوهان کي ان ڪتاب بابت شڪ آهي، جو اسان پنهنجي بندي تي لاٿو آهي، ته جيڪڏهن ان ۾ سچا آهيو، ته ان جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻيو، ۽ ڀل الله کانسواءِ پنهنجي سڀني مددگارن کي به سڏي وٺو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان ايئن نه ڪيو ۽ ايئن ڪري به نه سگهندؤ، ته ان باهه کان بچو، جنهن جو ٻل انسان ۽ پٿر آهن، ۽ اها حق کان انڪار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي مبارڪ ڏي، ته انهن لاءِ بهشت آهن، جن هيٺان نهرون وهن ٿيون، جڏهن به انهن کي انهن مان ميوو کائڻ لاءِ ڏنو ويندو، ته چوندا ”هي ته اهو آهي، جو اڳ به اسان کي ڏنو ويو هو“ ۽ اهو ساڳيءَ شڪل جو ڏنو ويندن. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندا. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ الله مڇر يا ان کان گهٽ شيءِ جي مثال بيان ڪرڻ کان نه ٿو شرمائي. پوءِ جيڪي حق قبوليندڙ آهن، سي ڄاڻن ٿا ته اهو سچ پچ سندن رب وٽان آيل آهي ۽ جيڪي مڃڻ وارا نه آهن، سي چوڻ لڳن ٿا ته ”هنن مثالن ڏيڻ مان الله جو ڪهڙو ارادو آهي؟“ الله ان (مثال) سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ گهڻن کي هدايت ڪري ٿو، مگر گمراهه فقط انهن بدڪارن کي ٿو ڪري. |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
جي الله سان ڪيل انجام کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي ڇنندا آهن، جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڪندا آهن. اهي ئي شخص نقصان پائيندا. |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
اوهين الله جو ڪيئن ٿا انڪار ڪريو؟ جو اوهين بي جان هئا، پوءِ هن اوهان کي حياتي ڏني، پوءِ اوهان کي ماريندو. وري جياريندو. وري اوهين ڏانهس موٽائبو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
ان ئي اوهان لاءِ اهو سڀ پيدا ڪيو، جو زمين ۾ آهي، پوءِ مٿي ڌيان ڏنائين ته انهن کي پورا ست آسمان بڻايائين، هو هر هڪ شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
) ۽ ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته ”آءٌ“ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان“، چوڻ لڳا ”ڇا! تون منجهس ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪندين، جو ان ۾ خرابي ڪري ۽ خون وهائي؟ اسين ساراهه سان تنهنجي پاڪائي ۽ بزرگي بيان ڪري رهيا آهيون،“ چيائين: آءٌ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو جو اوهين نٿا ڄاڻو. |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
۽ آدم کي سڀئي نالا سيکاريائين، پوءِ انهن کي ملائڪن جي اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته ”جيڪڏهن اوهين پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهيو ته هنن جا نالا ٻڌايو.“ |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
چيائون ته ”تون پاڪ آهين- اسان فقط اهو ٿا ڄاڻون، جيڪي تو سيکاريو، بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهين.“ |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
چيائين ”اي آدم! تون هنن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ!“ پوءِ جڏهن هن کين انهن جا نالا ٻڌايا ته چيائين ”مون اوهان کي نه چيو هو، ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه کي ڄاڻان ٿو؟ ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا ان کي به ڄاڻان ٿو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ ملائڪن کي چيو ته ”آدم کي سجدو ڪريو،“ ته ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، هن انڪار ڪيو، هٺ ڪيائين ۽ نافرمانن ۾ شامل ٿي ويو. |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
پوءِ اسان آدم کي حڪم ڏنو ته ”تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ جتان به وڻيو، مزي سان کائو، پر هن وڻ کي ويجها به نه وڃو، نه ته ظالم ليکيا ويندؤ.“ |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پوءِ شيطان انهن کي اتان ٿيڙيو ۽ کين ان مزي مان ڪڍيائين جنهن ۾ هو هئا. اسان حڪم ڏنو ته ”هتان هليا وڃو. اوهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ اوهان کي زمين ۾ هڪ خاص وقت تائين رهڻو آهي ۽ گذر ڪرڻو آهي.“ |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ آدم سندس رب کان ڪي جملا سکيو، تڏهن هن توبه قبول ڪيس، بيشڪ اهوئي وڏو توبه قبول ڪرڻ ۽ رحم وارو آهي. |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
اسان چيو ته ”سڀ هتان هليا وڃو. پوءِ جڏهن مون وٽان اوهان وٽ ڪا هدايت پهچي، ته جيڪي منهنجي هدايت جي پيروي ڪندا، تن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اهي ڪو غم ئي کائيندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جي انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا، اهي ئي دوزخي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا.“ |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي يعقوب جا پوٽؤ (يهوديو!) منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جا مون اوهان تي ڪئي. مون سان ڪيل انجام کي پاڙيو ته آءٌ اوهان سان ڪيل انجام کي پاڙيان ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
جيڪو ڪتاب مون لاٿو آهي ان تي ايمان آڻيو، جو اوهان وٽ آيل ڪتاب کي سچو ڪندڙ آهي ۽ سڀ کان اڳ ان جو انڪار نه ڪريو، منهنجي آيتن کي ٿوري قيمت ۾ نه وڪڻو ۽ مون کان ئي ڊڄو. |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻ هوندي حق کي نه لڪايو. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ نماز قائم ڪريو، زڪوات ڏيو ۽ منهنجي اڳيان جهڪندڙ سان گڏ جهڪو. |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
اوهين ماڻهن کي ته نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساريو ٿا؟ ۽ خدائي ڪتاب به پڙهو ٿا. ڇا ان کي نه ٿا سمجهو؟ |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
صبر ۽ نماز جي مدد وٺو، بيشڪ اها نماز، انهن فرمانبردار بندن کانسواءِ، ٻين تي ڳوري آهي. |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جيڪي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ کين ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
۽ اي يهوديو! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جا مون اوهان تي ڪئي ۽ انهيءَ کي به ته مون اوهان کي دنيا جي سڀني قومن کان ڀلارو ڪيو. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
ان ڏينهن کان ڊڄو، جڏهن ڪو به شخص ذري جيترو به ڪنهن جي ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن کان ڪا پارت ئي قبول ڪبي، نڪي ڪنهن کان ڪو عيوض قبول ڪبو، نه کين ڪا مدد ئي ملي سگهندي. |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان کي فرعونين کان ڇوٽڪارو ڏنو، جن اوهان کي سخت عذاب ڏنو ٿي، جيڪي اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي زالن کي جيئرو رهڻ ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي رب کان وڏي آزمائش ٿي رهي هئي. |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان لاءِ درياءَ کي چيري، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ فرعونين کي اوهان جي اکين اڳيان ٻوڙيو. |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ کي چاليهن راتين جو واعدو ڏنوسون، پوءِ توهان هن پويان گابي کي سائين بڻايو ۽ اوهين وڏو گناهه ڪري رهيا هئا. |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
ان کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو، ته شايد اوهين شڪر گذار بڻجو. |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
ياد ڪريو، جو اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ پرک ڏنا، ته من اوهين سنئين واٽ لهو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو، ”اي منهنجي قوم! اوهان گابي کي سائين بڻائي، پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آهي، تنهن ڪري پنهنجي خالق وٽ توبه ڪريو ۽ پنهنجين جانين کي قتل ڪريو- اها ڳالهه اوهان لاءِ اوهان جي خالق وٽ بهتر آهي. پوءِ هن اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهوئي توبه قبول ڪرڻ وارو نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ کي چيوَ ته ”جيسين الله کي چٽو نه ڏسنداسون، تيستائين توکي هرگز نه مڃيندا سون!“ تڏهن اوهان جي ڏسندي وڄ! اچي ڪڙڪيوَ. |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
ته به مرڻ پڄاڻا اوهان کي جياريوسون، ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو. |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ اوهان تي ڪڪرن جي ڇانوَ ڪئي سون، اوهان کي من ۽ سلويٰ جو کاڌو موڪليوسون. (چيوسون) ”کائو ان پاڪ رزق مان، جو اوهان کي ڏنو اٿئون.“ پوءِ هنن اسان تي ظلم نه ڪيو بلڪ پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اسان کين چيو ته ”هن ڳوٺ منجهه وڃو، پوءِ جتان وڻيوَ اتان مزي سان کائو“ ۽ ڳوٺ جي دروازي مان سجدو ڪندي گهڙو ۽ ”حطته“ (ڏوهه بخش) چوندا وڃو ته اوهان جا ڏوهه بخشينداسون ۽ نيڪن کي وڌيڪ ڀلائي ڏينداسون. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پوءِ کين چيل ڳالهه کي ظالمن بدلائي ٻيو ڪيو. آخر اسان انهن ظالمن تي سندن نافرمانين ڪري آسمان مان عذاب نازل ڪيو. |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي دعا گهري، اسان چيو ته ”پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ!“ پوءِ ان مان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا، هر هڪ پاڙي پنهنجي پيئڻ جي جاءِ معلوم ڪئي. الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ پيئو پر ملڪ ۾ فساد نه پکيڙيندا رهو. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ ياد ڪريو جڏهن اوهان چيو ”اي موسي! اسين هرگز هڪ قسم جي کاڌي تي صبر نه ڪنداسون تنهنڪري پنهنجي رب کان دعا گهر ته اسان کي زمين جون اڀاڙيل شيون ڏئي. جيئن ڀاڄي، بادرنگ (کيرا)، ڪڻڪ، مهري جي دال ۽ بصر.“ چيائين ”ڇا، بهتر شين جي بدلي ۾ گهٽ درجي جون شيون وٺڻ گهرو ٿا؟ تڏهين ڪنهن شهر ۾ هليا وڃو. پوءِ جيڪي گهرندؤ سو اوهان کي ملندو“ ۽ مٿن ذلت ۽ محتاجي وڌي ويئي ۽ الله جي غضب هيٺ اچي ويا، ڇاڪاڻ ته هو الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا، ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا، اهو هن ڪري جو هو نافرمان هئا ۽ حد کان لنگهي ويندا هئا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
جنهن شخص به الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پوءِ هو مؤمن هجي يا يهودي سڏائي، عيسائي هجي يا صابي، ته بيشڪ انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، اهڙن شخصن کي نه ڪو ڊپ هوندو ۽ نه اهي غم کائيندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان تي طور جبل کي بلند ڪري، اوهان کان اقرار ورتو ته ”جيڪي اوهان کي ڏنوسون، سو مضبوط جهليو ۽ ان ۾ جيڪي حڪم آهن، تن کي ياد رکو، ته من اوهين بچو. |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
پوءِ اوهين ان کان پوءِ به ڦري ويا، جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت اوهان تي نه هجي ها ته هوند تباهه ٿي وڃو ٿا. |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
۽ اوهان کي انهن جي به خبر آهي جي اوهان منجهان ڇنڇر بابت حد کان اڪري ويا. جڏهن اسان حڪم ڪين ته ”ذليل باندر ٿي وڃو.“ |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
پوءِ اسان ان واقعي کي اڳين ۽ پوين لاءِ عبرت بڻايو ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله اوهان کي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ڏئي ٿو-“ چوڻ لڳا ته ”ڇا تون اسان سان مسخري ٿو ڪرين؟“ چيائين: ”مون کي شل الله جاهل ٿيڻ کان بچائي.“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اها ڪهڙِي قسم جي آهي“؟ چيائين ”هو چوي ٿو ته اها ڳئون نه پوڙهي هجي، نه وهڙي، وچٿري هجي، هاڻ حڪم ڪيل ڪم ڪريو.“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ چيائين ”الله چوي ٿو، ته ان ڳئون جو رنگ اهڙو ڳوڙهو هيڊو هجي، جو ڏسندڙن کي وڻي.“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته هو اسان کي کولي ٻڌائي ته اها ڪهڙي هجي؟ ڇو ته اسان لاءِ اهڙي ڳئون جو سڃاپڻ مشڪل ٿي پيو آهي ۽ الله گهريو ته اسين ڳولهي لهنداسون.“ |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
چيائين ”هو چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون هجي، جا نه ڪم ۾ رڌل هجي ۽ نه هر کيڙيندي هجي، نه ٻني کي پاڻي پياريندڙ هجي، چڱي ڀلي بي داغ هجي، “ چيائون ”هاڻ تو ٺيڪ ڏسيو آهي.“ پوءِ ايئن ڪرڻ تي دل نه هين ته به ان کي ڪٺائون. |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن اوهان هڪ شخص ماريو، پوءِ ان بابت جهيڙو ٿي ڪيؤ، الله کي ته اهو ظاهر ڪرڻو هو، جيڪي اوهان لڪايو ٿي. |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
تڏهن چيوسون ته ”هن مان ڪجهه هڻوس.“ ايئن ئي الله مئلن کي جياري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ٿو ڏيکاري، ته من اوهين پروڙيو. |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
پر ان کان پوءِ به اوهان جون دليون سخت ٿي وييون، جو ڄڻ ته هو پٿر آهن، بلڪ ان کان به سخت ڇو ته پٿرن مان ته ڪن مان نديون ڦٽنديون آهن منجهائن ڪي ڦاٽي پوندا آهن ۽ منجهائن پاڻي نڪرندو آهي ۽ منجهائن ڪي الله جي ڊپ کان ڪري پوندا آهن. ياد رکو ته الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
(مسلمانو!) ڇا اوهين اميد ٿا رکو ته هو اوهان جي چوڻ تي مومن ٿيندا، هن هوندي، جو منجهائن هڪ ٽولو اهو هو، جو الله جي ڪلام کي ٻڌندو هو ۽ ان کي سمجهڻ کانپوءِ به ان کي ڄاڻي ٻجهي ڦيرائي ڇڏيندو هو؟ |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
هو جڏهن مومنن کي ملن ٿا ته چون ٿا اسان به ايمان آندو پرجڏهن هڪ ٻئي سان اڪيلائي ۾ ملن ٿا ته چون ٿا ته ”ڇا، اوهين انهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايو ٿا جي الله اوهان تي کوليون آهن ته هو توهان تي اوهان جي رب وٽ حجت پيش ڪن. اهو به نٿا پروڙيو؟ |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا، کين اها خبر نه آهي، ته جيڪي به هو لڪائين ٿا يا پڌرو ڪن ٿا سو الله ته ڄاڻي ٿو؟ |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ منجهن ڪي اڻ پڙهيل به آهن، جي ڪتاب جو علم ته نه ٿا رکن، رڳو سڌون پيا ڪن ۽ فقط وهم ۽ گمان تي هلن ٿا. |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
پوءِ اهڙن لاءِ ويل آهي، جي پنهنجن هٿن سان ڪتاب لکي، وري چون ٿا ته ”هي الله وٽان آهي،“ هن لاءِ ته ايئن ڪري ڪجهه پئسا ڪمائين! پوءِ سندن هٿن جي لکڻ سبب به انهن لاءِ ويل آهي ۽ سندن ڪمائي سبب به هنن لاءِ ويل آهي. |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
هو چون ٿا ته ”اسين دوزخ ۾ ڪن ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه پونداسون،“ انهن کان پڇ ته ”ڇا، اوهان الله کان اهڙو انجام ورتو آهي، جو الله پنهنجي انجام کان نه ڦرندو، يا اوهين الله بابت اهو پيا چئو، جنهن جي ڪا خبر ڪا نه اٿوَ؟ |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
هائو، جيڪو گناهه ڪندو ۽ هو گناهن ۾ ويڙهجي وڃي، ته اهڙا شخص برابر دوزخي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اهي بهشتي آهن ان ۾ هميشه رهندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
ياد ڪريو، جڏهن اسان يهودين کان پڪو انجام ورتو ته ”الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪجو ۽ ماءُ، پيءُ خواهه عزيزن، يتيمن ۽ مسڪينن سان چڱي طرح هلجو ۽ ماڻهن کي چڱائي چوندا رهو. نماز قائم رکو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. تڏهن به اوهان مان ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ڦري ويا ۽ اوهين آهيو ئي منهن موڙيندڙ. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو ته ”اوهين خونريزي نه ڪجو ۽ هڪ ٻئي کي ملڪ مان نه ڪڍجو،“ پوءِ اوهين شاهد آهيو ته اوهان اهو قبول ڪيو. |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
وري به اوهين ئي آهيو، جو پنهنجي قوم کي قتل ڪريو ٿا، پاڻ مان هڪ ٽولي کي سندن ملڪ مان ٻاهر ڪڍو ٿا ۽ انهن جي مقابلي ۾ ظلم ۽ زيادتي سان مدد ڪريو ٿا. وري جي هو قيدي ٿي اچنوَ ٿا ته ڏنڊ ڀري کين ڇڏايو ٿا، پر اوهان تي ته هنن جو گهرن مان ڪڍڻ به حرام هو! ڇا، اوهين ڪتاب مان ڪجهه مڃيو ٿا ۽ ڪجهه نٿا مڃيو؟ پوءِ جيڪو اوهان مان اهڙو ڪم ڪري، ان لاءِ انهيءَ کانسواءِ ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي، جو دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري، ۽ قيامت ڏينهن اهڙن کي سخت عذاب ڏانهن ڌڪيو ويندو. جيڪي ڪم اوهين ڪريو ٿا، الله انهن کان غافل نه آهي. )) اهي ئي شخص آهن، جن آخرت جي بدلي دنيا جي حياتي کي ورتو، تنهن ڪري نڪي مٿن عذاب گهٽائبو، نڪا مدد ملندين. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
اهي ئي شخص آهن، جن آخرت جي بدلي دنيا جي حياتي کي ورتو، تنهن ڪري نڪي مٿن عذاب گهٽائبو، نڪا مدد ملندين. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، ان کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسون ۽ مريم جي پٽ عيسيٰ کي معجزا ڏناسون ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي سون. ڇا (ايئن ناهي) جو جڏهن ڪو رسول اوهان جي مرضي جي ابتڙ ڪو ڪم وٺي ٿي آيو) ۽ ته اوهان هٺ ٿي ڪيو؟ جو منجهائن هڪڙن کي ته ڪوڙو ڪيوَ ۽ ٻين کي قتل ڪيو. |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
(يهودي) ٿا چون ته ”اسان جون دليون پردن ۾ (سلامت آهن“ بلڪ الله سندن ڪفر سبب ئي مٿن ڦٽڪار وڌي آهي جو ڪي ٿورا ايمان آڻيندا. |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
جڏهن انهن وٽ الله کان اهڙو ڪتاب آيو جو سندن ڪتاب کي سچو ڪندڙ هو ۽ ان کان اڳ ته پاڻ به ڪافرن تي فتح جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن وٽن اهو آيو جو سڃاتائون به، ته وري ان کان ڪافر ٿيا، تنهن ڪري ڪافرن تي الله جي طرفان ڦٽڪار آهي |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
اهو پاڻ سان بڇڙو سودو ڪيو اٿن، جو الله جي موڪليل کي حسد سبب نه مڃيائون، جو هن پنهنجن بندن مان جنهن تي وڻيس، ان تي پنهنجي مهرباني سان ڪتاب لاٿو، تنهن ڪري ڏمر مٿان ڏمر ڪمايائون ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
جڏهن کين چئجي ٿو ته ”جيڪي الله لاٿو آهي ان کي مڃيو“ ته چون ٿا ته ”اسين ان کي ئي مڃيون ٿا، جو اسان تي لٿو آهي“ ۽ ان کانسواءِ ٻين کي نٿا مڃين. پر قرآن ته پاڻ به سچو آهي ۽ جيڪي وٽن آهي ان کي به سچو ڪندڙ آهي. چؤ ته ”ڀلا جي سچ پچ مڃيو ٿا ته هن کان اڳ الله جي نبين کي ڇو قتل ڪندا رهيؤ؟“ |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
بيشڪ موسيٰ اوهان وٽ معجزن سان آيو هو، پوءِ به اوهان ان کان پوءِ گابي کي سائين بنايو ۽ اوهين حد کان وڌڻ وارا ٿيا آهيو. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
ياد ڪريو جڏهن اوهان مٿان طور جبل کي بيهاري اوهان کان پڪو انجام ورتوسون ته جيڪي اوهان کي ڏنوسون ان تي پڪا ٿي رهو ۽ خيال ڏيئي ٻڌو. چيائون ”اسان ٻڌو“ ۽ دل ۾ چيائون ته ”نه مڃيوسون“ جو سندن ڪفر سبب دلين ۾ گابو رچي ويو هو. چؤ ته جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته اوهان جو ايمان اوهان کي، بڇڙو ڏس ٿو ڏئي. |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
چؤ ته جيڪڏهن الله وٽ بهشت ٻين ماڻهن کان سواءِ خاص اوهان لاءِ آهي، ته جيڪڏهن سچا آهيو ته موت جي گهر ڪري ڏيکاريو! |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
پر هو سندن ڪيتن سبب ڪڏهن به موت جي گهر نه ڪندا ۽ الله ظالمن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
تون هنن کي ٻين ماڻهن خواهه مشرڪن کان به وڌيڪ جيئڻ لاءِ لالچي ڏسندين، منجهائڻ هر ڪو ايئن ٿو چاهي ته جيڪر هزار ورهيه جيئي، پر جي ايترو جيئي ته به اهو جيئڻ مٿانئس عذاب نه ٽاري سگهندو ۽ جيڪي هو ڪن ٿا سو الله خوب ڏسي ٿو. |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
جيڪو جبرئيل جو دشمن آهي، ان کي چؤ ته ان ئي قرآن کي تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان لاٿو آهي، جو پاڻ کان اڳين ڪتابن کي سچو ڪري ٿو ۽ اهو مومنن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
جيڪو شخص الله ۽ سندن ملائڪن، سندس رسولن، جبرئيل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي، ته الله به ڪافرن جو دشمن آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
بيشڪ اسان توڏانهن پڌريون آيتون موڪليون آهن، مگر بڇڙا ماڻهو ئي ان جو انڪار ڪندا. |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
ڇا ائين نه آهي ته جڏهن به انهن ڪو انجام ڪيو، انهن مان هڪ ٽولي ان کي ڦٽو ڪري ڇڏيو؟ بلڪ انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن به انهن وٽ الله وٽان ڪو رسول آيو، جو وٽن آيل ڪتاب کي سچي ڪرڻ وارو هو، ته انهن ڪتاب ڏنل ماڻهن مان هڪ ٽولي الله جي ڪتاب کي پنهنجي پٺيان اڇلائي ڦٽو ڪيو، ڄڻ ته اهو ڄاڻن ئي نٿا. |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
انهن ته ان جي پيروي ڪئي، جيڪي شيطانن سليمان جي بادشاهي وقت پڙهيو ٿي ۽ سليمان اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو هو، پر شيطان ئي ماڻهن کي جادو سيکارڻ سان ڪفر جو ڪم ڪندا هئا ۽ نڪي بابل ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي ئي لاٿو ويو هو ۽ اهي ماڻهن کي ايئن چوڻ کان سواءِ به نه سيکاريندا هئا، ته ”اسين آزمائش آهيون، ان ڪري ڪفر جو ڪم نه ڪريو.“ ته به هو انهن کان اهو سکندا هئا، جنهن سان مڙس زال جي وچ ۾ ڦيٽاڙو وجهي سگهن. پر هو ان سان الله جي حڪم کان سواءِ ڪنهن کي به نقصان نه ڏئي سگهندا هئا ۽ جيڪي سکندا ها، سو کين نقصان ڏيندو هو پر فائدو نه. هنن ڄاتو ٿي ته جيڪو انهيءَ کي وٺندو، ان لاءِ آخرت ۾ ڪو فائدو ناهي. بيشڪ اُها چيز بڇڙي آهي جنهن لاءِ پاڻ کي وڪيائون، جيڪڏهن ڄاڻن ته. |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ۽ دينداري ڪن، ته الله وٽان جيڪو ثواب ملي ها، سو گهڻو چڱو هو، جيڪر ڄاڻن ته. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارؤ! ”راعنا“ نه چئو ۽ ”انظرنا“ چئو ۽ ڪن ڏئي ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ ته درناڪ عذاب آهي. |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
ڪتاب وارن مان جن ڪفر ڪيو ۽ جيڪي شرڪ ڪندڙ آهن، تن کي نٿو وڻي، ته اوهان تي پنهنجي رب جي ڀلائي اچي. پر الله جنهن کي گهري، ان کي پنهنجي رحمت لاءِ خاص ڪري ٿو ۽ الله وڏيءَ ڀلائي وارو آهي. |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
اسين پنهنجي حڪمن مان جيڪي به بدلايون ٿا يا وسارايون ٿا ته ان کان سٺو يا ان جهڙو ٻيو آڻيون ٿا. ڇا، تون نه ٿو ڄاڻين ته الله هر هڪ لاءِ وس وارو آهي؟ |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا، تون نه ٿو ڄاڻين ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ ئي آهي؟ ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو به ولي ۽ مددگار ناهي. |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
ڇا اوهان جو به ارادو آهي ته پنهنجي رسول کان ايئن ئي سوال ڪريو، جيئن هن کان اڳ موسيٰ کان ڪيا ويا هئا؟ ۽ جيڪو ايمان بدران ڪفر وٺندو، سو برابر سنئين واٽ کان ڀلجي ويو. |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
ڪتاب وارن مان گهڻا گهرن ٿا، ته پنهنجي اندر جي ساڙ ڪري، حق جي پڌري ٿيڻ هوندي به، اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ، اوهان کي ڦيرائي ڪافر ڪن. پر هنن کي معاف ڪريو ۽ ڇڏي ڏيو، جيسين الله پنهنجو فيصلو ظاهر ڪري، بيشڪ الله کي هر هڪ ڳالهه جي سگهه آهي. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ جيڪا به ڀلائي پاڻ لاءِ (سمر طور) اڳتي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ لهندؤ ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ هو ”چون ٿا ته جنت ۾ فقط اهو داخل ٿيندو. جيڪو يهودي يا عيسائي هوندو!“ اهي سندن سڌون آهن. چؤ ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته پنهنجا دليل آڻيو.“ |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
هائو، جيڪو الله اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪائيندو ۽ هو نيڪ به هوندو، ان لاءِ سندس ڌڻيءَ وٽ اجر آهي، نه انهن کي خوف ٿيندو ۽ نه اهي غم کائيندا. |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
يهودي چون ٿا ته ”عيسائين وٽ ڪجهه به نه آهي“ ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودي ڪنهن به دين تي ناهن ۽ هو ڪتاب به پڙهن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪي خدائي علم نٿا رکن، سي به سندن جئن چون ٿا. پر الله قيامت ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن ۾ هو جهڳڙو ڪن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جو الله جي گهر ۾ الله جي نالي ياد ڪرڻ کان منع ڪري ۽ ان کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪري؟ اهڙن کي ته خوف کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جو حق به نه آهي. انهن لاءِ دنيا ۾ ته خواري آهي پر انهن لاءِ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي. |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
اوڀر ۽ اولهه الله جائي آهن، پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندؤ ته الله اوهانجي سامهون آهي. بيشڪ الله گهڻيءَ سگهه وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
۽ چون ٿا ته ”الله پٽ بڻايو آهي“ پر هو پاڪ آهي. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي، سڀ سندس تابعدار آهن. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
هو آسمانن ۽ زمين کي ڪينَ مان پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿو. ته رڳو ان کي چئي ٿو ”ٿي پئو“ ته اها ٿي پوي ٿي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ بي علم چون ٿا ته ”الله اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي؟“ يا ”اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿو آڻي؟“ جيڪي کانئن اڳ هئا، تن به سندن چوڻ وانگر ٿي چيو. سندن دليون هڪ جهڙيون آهن. اسان ته يقين وارن لاءِ نشانيون پڌريون ڪيون آهن. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
بيشڪ اسان توکي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ توکان دوزخ وارن جي پڇا نه ٿيندي. |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
توکان يهودي ۽ عيسائي تيستائين راضي نه ٿيندا، جيسين تون سندن دين تي نه هلندي، چؤ ته بيشڪ الله جو ڏيکاريل رستو ئي سڌو رستو آهي.“ پر جيڪڏهن تون پاڻ وٽ علم اچڻ کان پوءِ به سندن خيالن تي هلندين، ته الله وٽان تو لاءِ نه ڪو حمايت ڪرڻ وارو هوندو ۽ نه مددگار. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان جيڪي کيس پڙهڻ جيئن پڙهن ٿا سي ئي ٿا مڃين ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا، سي ئي نقصان پائيندا. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي يهوديو! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي دنيا جي ماڻهن کان ڀلارو ڪيو. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ ان ڏينهن کان ڊڄو، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي کي ذري جيترو به ڪم نه ايندو، نڪي ان کان بدلو قبول ڪبو، نڪي ان کي شفاعت ئي فائدو ڏيندي ۽ نه ڪي کين مدد ملندي، |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ ياد ڪر جڏهن ابراهيم کي سندس ڌڻي ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته هن انهن کي پورو ڪيو، چيائين ”بيشڪ آءٌ توکي ماڻهن جو اڳواڻ ڪندسن.“ چيائين ”منهنجي اولاد مان؟“ چيائين ”“ظالمن لاءِ منهنجو اهو انجام ناهي.“ |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن لاءِ گڏ ٿيڻ ۽ امن واري جاءِ بڻايو ته ”ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جي جاءِ بڻايو،“ ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي حڪم ڏنو ته ”منهنجي گهر کي چوڌاري ڦرندڙن ۽ ويهي عبادت ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.“ |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ جڏهن ابراهيم چيو ”اي منهنجا ڌڻي! تون هن شهر کي امن جي جاءِ بڻاءِ ۽ ان جي رهندڙن کي، جي انهن مان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين، ميوي جو رزق ڏي.“ چيائين: جيڪو ڪفر ڪندو، ان کي به ٿورا ڏينهن فائدو ڏيندس، پوءِ ان کي دوزخ جي عذاب ڏي لاچار ڪندس ۽ اها رهڻ جي بڇڙي جاءِ آهي! |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ ياد ڪر، جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل ڪعبي جي بنياد کي اوساريو ٿي ته ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان کان قبول ڪر، بيشڪ تون سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين.“ |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
اي اسان جا پالڻهار! اسان کي پنهنجو فرمانبردار بڻاءِ، اسان جي اولاد ۾ به تنهنجي هڪ فرمانبردار جماعت هجي، اسان کي حج جا طريقا ڏس ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون ئي توبهه قبول ڪندڙ مهربان آهين. |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
اي اسان جا ڌڻي! تون هنن ۾ منجهائن هڪ رسول موڪل، جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ ڏاهپ سيکاري ۽ انهن کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي تمام زبردست ڏاهپ وارو آهين.“ |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ ابراهيم جي دين کان ان کان سواءِ ٻيو ڪير ڦرندو، جنهن پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻايو؟ ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ چونڊيو ۽ آخرت ۾ ته هو نيڪن مان ئي هوندو. |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
ياد ڪر! جڏهن سندس ڌڻيءَ چيس ”تابعدار ٿيءُ“ چيائين ”آءٌ جهانن جي پالڻهار جو تابعدار آهيان.“ |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ ابراهيم خواهه يعقوب پنهنجي پٽن کي اهائي وصيت ڪري ويا ”اي منهنجا پٽئو! بيشڪ الله اوهان لاءِ دين کي چونڊيو آهي، سو اوهين مسلمان هجڻ بنا هرگز نه مرجو!“ |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
ڇا اوهين موجود هئا، جڏهن يعقوب وٽ موت آيو؟ جڏهن سندس پٽن کان پڇيائين ته ”مون کان پوءِ ڪنهنجي عبادت ڪندؤ؟“ چيائون ”تنهنجي سائينءَ جي عبادت ڪنداسون ۽ تنهنجي وڏن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق جي سائينءَ جي، جو هڪ ئي سائين آهي ۽ اسين سڀ ان جا تابعدار آهيون. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي، هنن جي ڪمائي هنن لاءِ آهي ۽ اوهان جي اوهان لاءِ، اوهان کان هنن جي ڪمن جي پڇا نه ٿيندي.“ |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ چون ٿا ته ”يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت پائيندؤ.“ چؤ نه بلڪ هڪ ڏي مهاڙ ڪندڙ ابراهيم جو رستو، جو الله سان ٻين کي ڀائيوار نه بنائيندو هو. |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
”چؤ ته اسان الله کي مڃيو ۽ ان کي به، جيڪي اسان ڏانهن لاٿو ويو ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جي اولاد ڏانهن لاٿو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي نبين کي پنهنجي رب کان ڏنو ويو اسين انهن ۾ ڪو فرق نٿا ڪريون ۽ اسين ان جا ئي تابعدار آهيون.“ |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏهن انهن به ايئن مڃيو جيئن اوهان مڃيو، ته بيشڪ سنئين راهه ورتائون، پر جي منهن موڙين ته پوءِ اهي رڳو ضد ۾ آهن، پوءِ انهن کي الله تنهنجي پاران بس آهي، هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
(چؤ ته اسان کي) ”الله جو رنگ آهي ۽ ڪير الله کان رڱڻ ۾ بهتر آهي؟ ۽ اسين ان جائي تابعدار آهيون.“ |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
چؤ ”ڇا؟ اوهين مون سان الله بابت ٿا جهڳڙو ڪريو! هو ته اسان جو به ڌڻي آهي ۽ اوهان جو به، اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا اوهان لاءِ ۽ اسين فقط ان جا بندا آهيون.“ |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
ڇا؟ اوهين چئو ٿا ته ”ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جو اولاد يهودي يا عيسائي هئا؟“ چؤ ته ”ڇا اوهان کي وڌيڪ خبر آهي، يا الله کي؟ ان کان ڪير وڌيڪ ظالم آهي، جو پاڻ وٽ الله کان آيل شاهديءَ کي لڪائي ٿو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، الله ان کان بي خبر نه آهي.“ |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي، انهن جي ڪمائي انهن لاءِ آهي ۽ اوهان جي اوهان لاءِ، ۽ جيڪي ڪم هو ڪندا هئا، تن بابت اوهان کي پڇا ڪا نه ٿيندي. |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
هاڻي نادان ماڻهو چوندا، ته ”ڪهڙي ڳالهه مسلمانن کي سندن انهيءَ قبلي کان ڦيرايو، جنهن تي هئا؟“ ۽ چؤ ته ”اوڀر ۽ اولهه الله جا ئي آهن، جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئين واٽ جو رستو ڏيکاري ٿو. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي وچٿري امت بڻايو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي، ۽ جنهن قبلي تي تون هئين، تنهن کي رڳو هن پرک لاءِ مقرر ڪيو هو سون، ته ڪير، رسول جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير پوئين پير ڦري ٿو؟ جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڳوري هئي، مگر انهن تي نه، جنهن کي الله رستو ڏيکاريو ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهانجي ايمانن کي چٽ ڪري، بيشڪ الله ماڻهن تي تمام مهربان رحم ڪرڻ وارو آهي. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
(اي نبي!) اسين تنهنجي منهن کي آسمان ڏانهن ڦيرائيندي ڏسون ٿا. تنهن ڪري اسين ضرور توکي وڻندڙ قبلي ڏانهن ڦيرائينداسون، هاڻي پنهنجو منهن ڪعبي ڏانهن ئي ڦيراءِ ۽ جتي به هجو ته پنهنجا منهن ان ڏانهن ئي ڦيرايو ۽ بيشڪ اڳين ڪتابن وارا ڄاڻن ٿا ته سندن رب وٽان اهو ئي حق آهي ۽ الله سندن ڪم کان بي خبر ناهي. |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
۽ جيڪڏهن تون ڪتاب وارن وٽ سڀ نشانيون آڻين، ته به هو تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا. نه تون ئي سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين، نڪي هو هڪٻئي جي قبلي کي مڃڻ وارا آهن ۽ جيڪڏهن تون پاڻ وٽ علم اچڻ کانپوءِ سندن خواهشن جي پيروي ڪندين، ته تڏهن تون بي انصافن مان ٿيندين.“ |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي انهيءَ کي ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن، ۽ بيشڪ انهن مان هڪ فرقو حق کي ڄاڻ هوندي به لڪائي ٿو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
حق اهو ئي آهي جو تنهنجو رب چوي، تنهنڪري تون شڪ ڪندڙ نه ٿيءُ. |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
هر هڪ لاءِ قبلو آهي جنهن ڏانهن منهن ڪري ٿو، پوءِ نيڪين ۾ هڪ ٻئي کان وڌو. جتي به هوندؤ الله اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ تون جيڏانهن نڪرين، ته پنهنجو منهن ڪعبي ڏي ڦيراءِ، اهو بيشڪ تنهنجي رب جي طرفان حق آهي ۽ الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
تون جيڏانهن به نڪرين ته پنهنجو منهن ڪعبي ڏانهن ڦيراءِ! جتي به هجو، ته پنهنجا منهن انهيءَ ڏانهن ڦيرايو. ان لاءِ، ته ماڻهن کي اوهان تي ڪا حجت نه رهي. مگر جيڪي انهن مان بي انصاف آهن تن کان نه ڊڄو، پر مون کان ڊڄو ۽ هن لاءِ ته اوهان تي پنهنجي سڀ نعمت ڪريان ۽ من اوهين سڌي واٽ لهو. |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جيئن اوهان ۾ اوهان مان ئي هڪ رسول موڪليوسون، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، اوهان کي پاڪ ڪري ٿو، اوهان کي ڪتاب ۽ ڏاهپ سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو جي اوهين نه ڄاڻندا هئا. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
تڏهن مون کي ياد ڪريو، ته آءٌ اوهانکي ياد ڪندس، ۽ منهنجي نعمتن جو قدر ڪريو ۽ بيقدري نه ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي مومنو! صبر ۽ نماز جي مدد وٺو. بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن جو همراهه آهي. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
جيڪي الله جي راهه ۾ مارجن ٿا، انهن کي مئل نه چئو، بلڪ اهي جيئرا آهن، مگر اوهان کي خبر نه آهي. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
اوهان کي ڪجهه قدر خوف، بک ۽ مالن، جانين ۽ فصلن جي گهٽتائي سان ضرور آزمائينداسون ۽ انهن صبر ڪندڙن کي خوشخبري ڏئي. |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
جن تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا ته ”اسين الله جا ئي آهيون ۽ ان ڏانهن ئي موٽنداسون.“ |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
اهڙن تي ئي سندن رب جون عنايتون ۽ مهرباني آهي ۽ اهي ئي سڌيءَ واٽ تي آهن. |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن، پوءِ جيڪو ڪعبي جو حج يا عمرو ڪري، تنهن کي انهن ٻنهي جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي ۽ جيڪو خوشيءَ سان ڪا نيڪي ڪندو ته الله ان جو قدر ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
جيڪي شخص اسان جا لاٿل چٽا حڪم ۽ هدايتون، ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به لڪائين ٿا انهن تي الله ۽ لعنت ڪندڙ لعنت ڪن ٿا. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
مگر جن توبهه ڪئي، پاڻ سڌاريائون ۽ ظاهر ڪيائون، ته آءٌ اهڙن جي توبهه قبول ڪريان ٿو ۽ آءٌ ئي معاف ڪندڙ مهربان آهيان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪفر ۾ ئي مري ويا، اهڙن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
ان ۾ هميشه رهندا، نه انهن کان عذاب هلڪو ڪبو، نڪي کين مهلت ملندي. |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
۽ اوهان جو سائين هڪڙو ئي سائين آهي، ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين نه آهي، هو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ، رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ، سمنڊ ۾ ماڻهن جي فائدي جون شيون کڻي هلندڙ ٻيڙين ۽ الله جيڪو آسمان مان پاڻي لاهي ٿو ۽ ان سان مئل زمين کي جيئاري ٿو ۽ ان ۾ سڀ قسم جا جانور پکيڙي ٿو، ۽ هوائن جي بدلجڻ ۽ آسمان ۽ زمين وچ ۾ نوايل ڪڪرن، انهن سڀني ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جي الله ڌاران ٻين کي سندس شريڪ بڻائين ٿا، جو انهن سان الله جهڙي محبت رکن ٿا، پر ايمان وارا ته الله جي ئي محبت ۾ وڌيڪ پختا آهن، جيڪڏهن اهي ظالم اهو هينئر ئي سمجهن، جڏهن عذاب کي ڏسي سمجهندا، ته سموري قوت الله کي ئي آهي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي، (ته ڪهڙو نه چڱو). |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جڏهن اڳواڻ پنهنجي پوئلڳن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا۽ سندن سڀ لاڳاپا ڇڄي ويندا. |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
انهيءَ وقت پوئلڳ چوندا ته ”جيڪر اسين دنيا ۾ موٽي سگهون ها، ته هوند اسين به کانئن ائين بيزار ٿيون ها، جيئن هو اسان کان ٿيا آهن!“ ايئن الله کين سندن عمل پشيمانيءَ جهڙا ڪري ڏيکاريندو، پر هو دوزخ جي باهه مان نه نڪري سگهندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي انسانو! زمين جي حلال ۽ پاڪ شين مان کائو. ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، ڇو ته هو اوهان جو پڌرو دشمن آهي. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
هو اوهان کي رڳو بڇڙن ۽ بيحيائيءَ جي ڪمن جو حڪم ڏئي ٿو ۽ الله بابت اهي ڳالهيون چورائي ٿو، جن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
جڏهن کين چئجي ٿو ته ”الله جي موڪليل حڪمن جي پيروي ڪريو!“ ته چون ٿا ته ”بلڪ اسين ته انهن ڪمن جي پيروي ڪنداسون، جن تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندڙ ڏٺوسون،“ پوءِ کڻي سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه سمجهندا هئا ۽ نڪي سنئين واٽ تي هئا. |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
ڪافرن جو مثال ان وانگر آهي، جو اهڙي کي پڪاري، جيڪو سڏ ۽ دانهن کانسواءِ ڪجهه به نه ٻڌي. هو ٻوڙا گونگا ۽ انڌا آهن، تنهن ڪري ڪجهه به نه ٿا سمجهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي مومنو! انهن پاڪ شين مان کائو، جي اوهان کي ڏنيون اٿئون ۽ جيڪڏهن اوهين خاص الله جي بندگي ڪريو ٿا ته سندن شڪر ڪريو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
هن اوهان تي رڳو مردار، رت، سوئر جو گوشت ۽ ان (جانور) کي حرام ڪيو آهي، جنهن تي الله ڌاران ٻئي ڪنهن جو نالو مشهور ڪجي، پر جيڪو نافرماني ۽ حد اڪرڻ ڌاران لاچار ٿئي، ته مٿس گناهه ناهي، بيشڪ الله بخشڻهار ۽ نهايت مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
جيڪي الله جي موڪليل ڪتاب مان ڪجهه لڪائيندا ۽ ان جي بدلي ڪجهه ملهه وٺندا آهن، اهي رڳو دوزخ جي باهه ئي سندن پيٽ ۾ ٿا وجهن ۽ الله قيامت ڏينهن انهن سان نه ڳالهائيندو، نڪي انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
انهن شخصن هدايت جي بدلي ۾ گمراهي ۽ بخشش جي عيوض عذاب کي خريد ڪيو. انهن کي دوزخ جي باهه لاءِ ڪيترو نه ٽڪاءُ آهي! |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اهو هن ڪري، جو الله سچو ڪتاب موڪليو ۽ جن ڪتاب بابت اختلاف ڪيو، اهي ضد ۾ تمام پري وڃي پيا. |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نيڪي اها نه آهي، جو اوهين پنهنجا منهن اوڀر ۽ اولهه ڏي ڦيريو، مگر وڏي نيڪي ان جي آهي، جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن، ملائڪن، ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ سندس محبت ۾ عزيزن، يتيمن، محتاجن، مسافرن، سوال ڪندڙن ۽ غلامن جي آزاد ڪرڻ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪيو ۽ نماز کي قائم رکيو ۽ زڪوات ڏني ۽ اهڙا ماڻهو جڏهن ڪو انجام ڪن، ته ان کي پورو ڪن، اهي سختي ۽ تڪليف ۽ لڙائي جي وقت ۾ صبر ڪن، اهي ئي ماڻهو سچا آهن ۽ اهي ئي نيڪ آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي مومنو! ماريلن بابت اوهان تي بدلو وٺڻ فرض ڪيو ويو آهي ته آزاد بدران آزاد جو، ٻانهي بدران ٻانهي جو، زال بدران زال جو، پر جنهن کي سندس ڀاءُ وٽان معاف ٿئي، ته پوءِ رواج موجب ڏنڊ مقرر ڪجي ۽ انهيءَ کي چڱيءَ طرح ادا ڪجي، اها اوهان جي رب کان سولائي ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ اڳرائي ڪندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
۽ اي عقل وارؤ! اوهان لاءِ بدلو وٺڻ حياتي آهي، ته اوهين بڇڙاين کان بچو. |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
جڏهن اوهان مان ڪو مرڻ کي ويجهو ٿئي، ته مال ڇڏڻ واري صورت ۾ پيءُ ماءُ ۽ مائٽن لاءِ وصيت ڪرڻ اوهان تي فرض آهي ۽ اهو نيڪن تي حق آهي. |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
جيڪو ان کي ٻڌڻ کانپوءِ بدلائيندو، ته ان جو گناهه بدلڻ وارن تي ئي آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
مگر جيڪو وصيت ڪرڻ واري کان طرفداري يا گناهه جو ڀؤ رکندو هجي، ۽ انهن ۾ ٺاهه ڪرائي، ته ان تي گناهه نه آهي، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي ايمان وارؤ! اوهان تي به ايئن روزا فرض ڪيل آهن، جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا، ته اوهين بڇڙاين کان بچو. |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
اهي ڳڻيل ڏينهن آهن، پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي، يا سفر ۾ هجي، ته ٻين ڏينهن مان اوترائي ڏينهن، ۽ جنهن کي ان جي طاقت آهي ته هڪ مسڪين جو کاڌو ڏئي. جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪري، ته ان لاءِ چڱو آهي ۽ جي روزو رکو، ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا. |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان جو مهينو اهو آهي، جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو، جو انسان لاءِ رهنما، سچائي جي روشن دليلن وارو ۽ کرو کوٽو جدا ڪندڙ آهي. جيڪو اوهان مان اهو مهينو ڏسي، ته ان کي روزا رکڻ گهرجن ۽ جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي، ته ٻين ڏينهن مان اوترا. الله اوهان لاءِ سولائي ڪرڻ گهري ٿو، ڏکيائي ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ هن لاءِ ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ الله جي واٽ ڏيکارڻ سبب سندس وڏائي بيان ڪريو ته اوهين شڪرگذار ٿيو. |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ جڏهن مهنجا بندا توکان مون بابت بڇن، ته (چئو) آئون ويجهو آهيان، جڏهن به ڪو مون کي سڏي ٿو ته آءٌ سندس سڏ جو جواب ڏيان ٿو، انهن کي به گهرجي ته منهنجا حڪم مڃين ۽ مون تي يقين رکن ته من سنئين واٽ تي اچن. |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
روزي وارين راتين ۾ پنهنجي زالن سان صحبت ڪرڻ جي اوهان کي موڪل آهي، اهي اوهان جو ڍڪ آهن ۽ اوهين انهن جو ڍڪ آهيو. الله کي خبر آهي ته اوهان پنهنجو نقصان ڪيو ٿي، سو اوهان کي معاف ڪيائين ۽ ڇڏي ڏنائين، هاڻي ڀلي ساڻن صحبت ڪريو ۽ جيڪي الله اوهان لاءِ لکيو آهي، سو طلبيو ۽ کائو ۽ پيئو. ايتري تائين جو اوهان کي رات جو سُنڌو صبح جي سُنڌي کان پڌرو نظر اچي، پوءِ رات تائين روزو پورو ڪريو ۽ مسجدن ۾ ڏهي ڪڍڻ وقت زالن سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن، سو انهن جي ويجهو نه وڃو. اهڙيءَ طرح الله پنهنجي حڪم کي ماڻهن لاءِ کولي بيان ڪري ٿو ته اهي بڇڙاين کان بچن. |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
هڪ ٻئي جا مال ناجائز نمونن ۾ نه کائو ۽ انهن کي حاڪمن وٽ انهي لاءِ نه پهچايو ته ڄاڻي ٻجهي ظلم سان ماڻهن جي مال مان ڪو حصو کائو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
۽ توکان چنڊن بابت پڇن ٿا، چئو ته اهي ماڻهن لاءِ مقرر وقتن ۽ حج لاءِ آهن. ۽ گهرن ۾ پٺئين طرف کان اچڻ نيڪي نه آهي. بلڪ نيڪي ان جي آهي، جو الله کان ڊڄي، گهرن ۾ سندن دروازن مان گهڙو ۽ الله کان ڊڄندا رهو، ته ڪامياب ٿيو. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
الله جي واٽ ۾ انهن سان وڙهو، جي اوهان سان وڙهن ٿا ۽ اڳرائي نه ڪريو. بيشڪ الله اڳرائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
انهن کي قتل ڪيو، جتي به کين لهو ۽ انهن کي اتان ڪڍو، جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن. ۽ فتنو قتل کان به سخت آهي. انهن سان ڪعبي وٽ نه وڙهو، جيسين هو اوهان سان اتي نه وڙهن. پر جي اوهان سان وڙهن، ته ڀل ساڻن وڙهو. اهائي سزا آهي ڪافرن جي. |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جي پاڻ روڪجن، ته بيشڪ الله بخشڻهار ۽ نهايت مهربان آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
انهن سان ايتري قدر وڙهو، جو ڪو به فتنو باقي نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم باقي رهي. جيڪڏهن هو پاڻ کي روڪين، ته پوءِ ظالمن ڌاران ٻئي ڪنهن تي اڳرائي نه ٿئي. |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
عزت وارا ئي مهينا عزت وارن مهينن جو بدلو آهن ۽ عزت ۾ به ادلو بدلو آهي جيڪو اوهان تي اڳرائي ڪري، ته اوهين به ان تي ايتري اڳرائي ڪريو، جيتري اوهان تي ڪيائين. الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو، ته الله نيڪن جو مددگار آهي. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي مصيبت ۾ نه وجهو. نيڪي ڪريو، بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو. |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
حج عمرو الله لاءِ پورو ڪريو، پر جيڪڏهن اوهين روڪجي پئو، ته پوءِ جيڪا قرباني سولائيءَ سان ڪري سگهو. جيسين قرباني پنهنجي جاءِ تي نه پهچي، تيسين مٿو نه ڪوڙايو. جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا سندس مٿي ۾ تڪليف هجي، ته پوءِ روزي يا خيرات يا قربانيءَ جو بدلو ڏئي. پوءِ جڏهن بي فڪر ٿيو، تڏهن جيڪو عمري کي حج سان ملائڻ جو فائدو وٺي، ان کي جيڪا قرباني پڄي سگهي ڪري، جنهن کي نه ملي ته حج جي ڏينهن ۾ ٽي ڏينهن روزا رکي، ۽ جڏهن موٽو، تڏهن ست ڏينهن ٻيا به. اهي ٿيا پورا ڏهه. اهو حڪم ان لاءِ آهي، جنهن جي گهر وارا ڪعبي وٽ نه رهندا هجن. الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج جا مهينا عام طرح معلوم آهن، جنهن تي انهن مهينن ۾ حج ڪرڻ لازم ٿئي، ته حج ۾ عورتن ڏانهن لاڙو رکڻ ۽ ڪو گناهه ۽ جهڳڙو ڪرڻ نه گهرجي ۽ جيڪا نيڪي ڪندؤ، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ پاڻ سان سمر کڻو، بيشڪ چڱو سمر (سوال کان) بچڻ آهي ۽ اي عقلمندؤ! مونکان ڊڄندا رهو. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
پنهنجي رب جي فضل طلبڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. جڏهن عرفات کان موٽو، ته الله کي مشعرالحرام وٽ ياد ڪريو ۽ جيئن اوهان کي سيکاريائين، تيئن ياد ڪريوس، جيتوڻيڪ اوهين انهيءَ کان اڳ اڻ واقف هئا. |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
پوءِ جتان ماڻهو موٽن ٿا، اوهين به اتان موٽو. الله کان بخشش گهرو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن حج جون رسمون پوريون ڪري وٺو ته الله کي ائين ياد ڪريو، جيئن پنهنجن وڏن کي ياد ڪريو ٿا. يا ان کان به وڌيڪ ياد ڪريو. ڪي ماڻهو چون ٿا ته ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڏي“ ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ حصو نه آهي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ انهن مان ڪي چون ٿا ”اي اسانجا رب! اسان کي دنيا ۾ به چڱائي ڏي، آخرت ۾ به چڱائي ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچاءِ!“ |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
انهن جيڪي ڪمايو آهي، سوئي سندس حصو آهي، الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
الله کي (منا ۾) ڳڻيل ڏينهن ۾ ياد ڪريو، پوءِ جيڪو الله کان ڊڄي، سو جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري، ته به مٿس گناهه ناهي ۽جي دير ڪري ته به مٿس ڪو گناهه ڪونهي. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوهين ان وٽ گڏ ڪيا ويندؤ. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جنهن جون ڳالهيون توکي هن دنيا جي زندگيءَ بابت پسند اچن ٿيون ۽ جيڪي سندس دل ۾ آهي، ان تي الله کي پيو شاهد ڪري. پر هو (اصل ۾) سخت جهڳڙالو آهي. |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
جڏهن تو وٽان موٽي ٿو، ته زمين ۾ فساد ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو رهي ٿو، پوکون ۽ نسل چٽ ڪري ٿو. ۽ الله فساد کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
جڏهن چئجيس ٿو ته الله کان ڊڄ! ته ان کي آڪڙ گناهه تي آڀاري ٿي، سو ان لاءِ دوزخ بس آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
۽ ٻيو اهڙو به ماڻهو آهي، جو پنهنجي جان کي الله جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ وڪڻي ٿو، ۽ الله ٻانهن تي نهايت مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي مومنو! اسلام ۾ پوريءَ طرح داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي پٺيان نه لڳو، بيشڪ اهو اوهان جو چٽو دشمن آهي. |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
جيڪڏهن اوهين چٽن حڪمن جي پهچڻ بعد به ٿڙندؤ، ته سمجهي ڇڏيو ته الله غالب ڏاهپ وارو آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
ڇا، هو انهيءَ جو ئي انتظار ڪن ٿا ته الله ۽ سندس فرشتا ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اچن ۽ قصو فيصل ٿي وڃي؟ مگر سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽندڙ آهن. |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
يهودين کان پڇ، ته ”اسان کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون؟“ جيڪو الله جي نعمتن کي وٽس اچڻ کانپوءِ ۽ بدلائيندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
ڪافرن لاءِ دنيا جي حياتيءَ کي سهڻو ڪيل آهي، هو ايمان وارن تي ٺٺوليون ڪن ٿا. مگر جيڪي نيڪ آهن، سي قيامت ڏينهن مٿن کلندا. الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
سڀ ماڻهو هڪ دين تي هئا. پوءِ الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان سچي ڪتاب کي موڪليائين، ته ماڻهن ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪري، جن بابت نٿا ٺهن. ته ان ڪتاب بابت ان ڪتاب وارن ئي هڪ ٻئي جي حسد سببان صاف حڪمن پهچڻ کان پوءِ اختلاف ڪيو، پوءِ الله پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي ان سچيءَ ڳالهه جي واٽ ڏيکاري، جنهن ۾ هنن اختلاف ڪيو ٿي. ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئين واٽ ڏيکاريندو آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
ڇا، اوهين ايئن ڀانيو ٿا ته جنت ۾ داخل ٿيندؤ ۽ اوهان کي اڳين ماڻهن واريون حالتون پيش نه آيون آهن؟ انهن کي سختي ۽ تڪليف پهتي ۽ ايتري قدر ڌوڻيا ويا، جو رسول ۽ ساڻس گڏ مومن چئي اُٿيا، ته ”الله جي مدد ڪٿي آهي؟“ ٻڌو! ”الله جي مدد ويجهي آهي!“ |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
توکان پڇن ٿا ته ”ڇا خيرات ڪن؟“ چؤ ته ”جيڪي به خيرات ڪريو، سا پيءُ ماءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، محتاجن ۽ مسافرن لاءِ آهي. ۽ اوهان جيڪا به ڀلائي ڪندؤ، تنهن کي الله خوب ڄاڻي ٿو. |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
اوهان تي لڙائي فرض ڪئي ويئي آهي، پر اها اوهان کي نه ٿي وڻي پر، شايد اوهان کي ڪا ڳالهه نه وڻندي هجي، مگر اها اوهان لاءِ بهتر هجي ۽ شايد اوهان کي ڪا ڳالهه وڻندي هجي مگر اها اوهان لاءِ بڇڙي هجي. اهو الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
توکان عزت واري مهيني ۾ لڙائي بابت بڇن ٿا، چؤ ته ”ان ۾ لڙائي ڪرڻ وڏو گناهه آهي، پر الله جي واٽ کان روڪڻ، ان کي نه مڃڻ، ڪعبي کان روڪڻ، ان جي ماڻهن کي ان مان ڪڍڻ، الله وٽ ان کان به وڏو گناهه آهي، فتنو قتل کان به وڏو آهي. اهي اوهان سان هميشه وڙهندا رهندا، جيسين هو اوهان کي پنهنجي دين کان هٽائي سگهن. ۽ جيڪو اوهان مان پنهنجي دين کان هٽندو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مرندو، ته اهڙن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿي ويندا. اهي دوزخي آهن ان ۾ هميشه رهندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن الله جي راهه ۾ وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ هر ڪا ڪوشش ڪئي، سي ئي الله جي رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
توکان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا، چؤ ته ”انهن ٻنهي ۾ وڏو گناهه آهي، ماڻهن لاءِ فائدا به آهن پر سندن گناهه فائدي کان وڏو آهي“ ۽ توکان پڇن ٿا ته ”ڇا خيرات ڪن“؟ چؤ ته ”جيڪي بچت هجيوَ“ اهڙيءَ طرح الله پنهنجي حڪمن کي بيان ڪري ٿو ته اوهين فڪر ڪريو. |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا ۽ آخرت جي ڳالهين بابت ۽ توکان يتيمن بابت پڇن ٿا. چؤ ته ”انهن کي سڌارڻ بهتر آهي ۽ انهن کي جي پاڻ سان ملايو ته ڀائر اٿو!“ الله کي ڦٽائيندڙ ۽ سڌاريندڙ جي پوري خبر آهي، جي الله گهري ته اوهان کي تڪليف ۾ وجهي ها. بيشڪ الله زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
مشرڪياڻين سان نڪاح نه ڪريو، جيسين ايمان نه آڻين، بيشڪ مومن ٻانهي مشرڪ زال کان بهتر آهي کڻي اُها اوهان کي پسند اچي. ۽ مشرڪن سان به نڪاح نه ڪريو جيسين اهي ايمان نه آڻين، بيشڪ مومن ٻانهو مشرڪ کان بهتر آهي. کڻي اهو اوهان کي پسند اچي. اهي اوهان کي دوزخ ڏانهن سڏين ٿا. ۽ الله پنهنجي حڪم سان جنت ۽ بخشش ڏانهن سڏي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجا حڪم پڌرا ڪري ٻڌائي ٿو، ته اهي نصيحت وٺن. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
توکان ماهواريءَ بابت پڇن ٿا، چؤ ته اها گندگي آهي، تنهن ڪري ماهواريءَ ۾ زالن کان پري رهو ۽ کين ويجها نه وڃو، جيسين پاڪ ٿين. پوءِ جڏهن پاڪ ٿين، ته وٽن اتان وڃو، جتان الله حڪم ڏنو اٿوَ، بيشڪ الله توبهه ڪندڙن ۽ صاف رهندڙن کي پسند ڪندو آهي. |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
اوهان جون زالون اوهان جي ٻني آهن، سو پنهنجي ٻنيءَ ۾ جيئن وڻيوَ تيئن اچو ۽ پنهنجي لاءِ اڳ جو توشو ڪريو. الله کان ڊڄندا رهو، ۽ سمجهي ڇڏيو ته اوهين ضرور ان سان ملندؤ ۽ مومنن کي خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
الله جي نالي کي پنهنجي قسمن کڻڻ لاءِ ڍال نه بڻايو، هن لاءِ ته چڱائي ڪرڻ ۽ دينداريءَ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
الله اوهان کي اجاين قسمن بابت پڪڙ نٿو ڪري، مگر جيڪي دل جي ارادي سان قسم کڻو ٿا، انهن تي پڪڙ ڪري ٿو. ۽ الله بخشڻهار، بردبار آهي. |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جيڪي پنهنجي زالن وٽ وڃڻ کان قسم کائين، انهن کي چار مهينا ترسڻو آهي، پوءِ جي هو ٺهي ويا، ته الله بخشڻهار مهربان آهي. |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جي طلاق جو پڪو ارادو ڪن، ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
طلاق ڏنليون پاڻ کي ٽن حيضن تائين انتظار ۾ رکن، ۽ جي آخرت کي مڃين ٿيون ته جيڪو سندن پيٽ ۾ الله خلقيو آهي، سو لڪائڻ جائز نه اٿن. ان مدت ۾ کين موٽائي وٺڻ جا سندن مڙس ئي حقدار آهن، جي اهي سلوڪ جو ارادو رکن ٿا ۽ عورتن جو به مردن تي ايئن حق آهي، جيئن مردن جو مٿن دستور موجب حق آهي، پر مردن کي مٿن درجو مليل آهي ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي. |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق ٻن ڀيرن تائين آهي، پوءِ يا ته دستور موجب رکڻو آهي يا چڱيءَ طرح ڇڏي ڏيڻو آهي. ۽ جيڪا مهر اوهان ڏني اٿن، ان مان ڪجهه به وٺڻ روا نه اٿوَ. سواءِ انهيءَ جي، جڏهن ٻئي الله جي حدن کي قائم نه رکي سگهڻ کان ڊڄن پر جيڪڏهن ڊڄو، ته هو الله جون حدون قائم نه رکي سگهندا ته مٿن ڪو گناهه نه آهي ته عورت بدلو ڏئي ڇٽي وڃي. اهي الله جون حدون آهن، تنهن ڪري انهن کان اڳتي نه وڌو ۽ جيڪي الله جي حدن کان اڳتي وڌندا ته اهي ئي ظالم آهن. |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جي هن (ٽيون ڀيرو) طلاق ڏنيس ته ان کانپوءِ اها ان لاءِ حلال نه آهي جيسين ٻئي سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جي اهو به طلاق ڏئيس ته پوءِ اڳئين تي گناهه نه آهي جو وري پاڻ ۾ ملي وڃن جيڪڏهن ڀانئن ٿا، ته الله جون حدون قائم رکي سگهندا. اهي الله جون حدون آهن، جي هو علم ڄاڻن وارن لاءِ بيان ڪري ٿو. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
جڏهن عورتن کي طلاق ڏنؤ، پوءِ اهي سندن عدت پوري ڪرڻ تي هجن، ته انهن کي دستور موجب رکو، يا چڱيءَ طرح ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي ڏکوئڻ لاءِ حد کان وڌيڪ روڪي نه رکو. جيڪو ايئن ڪندو، سو پنهنجو ئي نقصان ڪندو. الله جي آيتن کي مسخري ڪري نه سمجهو، اوهان تي الله جي ڪيل نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت مان موڪليائين (ان کي به). اوهان کي ان جي نصيحت ڪري ٿو. الله کان ڊڄندا رهو ۽ سمجهي ڇڏيو ته الله هر هڪ ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
جڏهن اوهان عورتن کي طلاق ڏني ۽ هو پنهنجي عدت پوري ڪن ته انهن کي سندن مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جڏهن هو پاڻ ۾ دستور موجب راضي ٿين. جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت تي يقين رکي ٿو، ان کي ان ڳالهه جي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. اها ڳالهه اوهان لاءِ تمام سٺي ۽ وڌيڪ پاڪ آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهين نه ٿا ڄاڻو. |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
(طلاق ڏنل) مائون پنهنجن ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين ٿڃ پيارين، جيڪو ٿڃ جي مدت پوري ڪرڻ گهري. ٻارن جي پيءُ تي دستور موجب انهن جو کاڌو ۽ ڪپڙو آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي نه ماءُ کي اولاد جي ڪري تڪليف ڏني وڃي، ۽ نه پيءُ کي سندس ٻچي جي ڪري، ۽ وارث تي به اهڙو ئي حق آهي. ۽ جيڪڏهن هڪٻئي جي راضپي ۽ صلاح سان اڳ ۾ ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن گناهه نه آهي پر جيڪڏهن پنهنجي اولاد کي ٿڃ پيارڻ چاهيو ۽ اوهين دستور موجب اجورو ڏيو ته پوءِ ڪو گناهه نه آهي. ۽ الله کان ڊڄندا رهو، سمجهي ڇڏيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
جيڪي اوهان مان مري وڃن ۽ سندن زالون ڇڏين ته اهي چار مهينا ڏهه ڏينهن پاڻ کي ترسائين، پوءِ جڏهن عدت پوري ڪن، ته پوءِ جيڪي هو رواج موجب پنهنجي (نڪاح) لاءِ ڪن، ته ان لاءِ اوهان تي ڪو ڏوهه نه آهي ۽ الله اوهان جي سڀني ڪمن کان خبردار آهي. |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
۽ اوهان تي ان لاءِ ڪو ڏوهه نه آهي جو اشاري ۾ انهن زالن کي نڪاح جو پيغام ڏيو، يا اُهو پنهنجي دل ۾ لڪائي رکو. الله کي خبر آهي، ته اوهين جلد انهن سان ذڪر ڪندؤ. مگر ڳجهيءَ طرح انهن کي نڪاح جو وعدو نه ڏئي ڇڏيو، فقط رواج موجب ڪجهه چئو ۽ مقرر وقت پوري ٿيڻ تائين نڪاح جو پڪو ارادو نه ڪريو. ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوهان جي دل ۾ آهي، تنهن جي الله کي خبر آهي، تنهنڪري ان کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻهار بردبار آهي. |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
جيڪڏهن اوهين عورتن کي هٿ لڳائڻ ۽ مهر مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو، ته ان لاءِ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي ۽ انهن کي ڪجهه خرچ ڏيو، طاقت واري تي ان جي موافق ۽ تنگيءَ واري تي ان جي حال موجب. (اهو) خرچ ڏيڻ دستور موجب آهي. نيڪن تي لازم آهي. |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
جيڪڏهن اوهين کين هٿ لڳائڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو ۽ انهن لاءِ مهر مقرر ڪري چڪا آهيو، ته پوءِ مقرر ڪيل جو اڌ ڏيڻ گهرجي، سواءِ انهي جي، جو هو ڇڏين، يا جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آهي، سو ڇڏي، ۽ جي اوهين ڇڏيو، ته اهو نيڪيءَ جهڙو آهي ۽ هڪ ٻئي تي احسان ڪرڻ کي نه وساريو، بيشڪ الله اوهان جي ڪمن کي خوب ڏسي ٿو. |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
سڀني نمازن جو خيال رکو ۽ (خاص ڪري) وچ واريءَ نماز جو ۽ الله جي اڳيان ادب سان بيهو. |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
۽ جي ڪو ڊپ هجيو ته پيادل يا سوار ٿي پڙهو. پوءِ جڏهن امن ۾ هجو ته الله کي ايئن ياد ڪريو جيئن اوهان کي اهو سيکاريو اٿس جو اوهين نه ڄاڻيندا هئا. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
جيڪي اوهان مان مري وڃن ۽ زالون ڇڏين ته سندن زالن لاءِ هڪ ورهيه تائين گهر مان ڪڍڻ ڌاران خرچ جي وصيت ڪن. پوءِ جي هو پاڻ نڪري وڃن ته جيڪا پاڻ لاءِ ڀلائي واري ڳالهه ڪن، ته ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
طلاق ڏنل عورتن کي رواج موجب خرچ ڏيڻو آهي. (اهو) نيڪن تي لازم آهي. |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو ته اوهين سمجهو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
ڇا، اوهان انهن ڏي نظر نه ڪئي، جي سندن گهرن مان موت جي ڊپ کان هزارن جي انداز ۾ نڪتا؟ پوءِ الله چين ته مري وڃو. پوءِ وري انهن کي جيئرو ڪيائين. بيشڪ الله ماڻهن تي مهربان آهي، مگر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
۽ الله جي راهه ۾ وڙهو ۽ ڄاڻو ته الله خوب ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
آهي ڪو اهڙو، جو الله کي چڱو قرض ڏئي ته هو ان کي ڪئين دفعا وڌائي ڏئي؟ ۽ الله ئي رزق کي تنگ ۽ ڪشادو ڪري ٿو ۽ ان ڏانهن ئي موٽايو ويندؤ. |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
ڇا، موسيٰ کان پوءِ يهودين جي هڪ جماعت ڏي نظر نه ڪيوَ؟ جڏهن انهن نبيءَ کي چيو، ته ”اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر، ته اسين الله جي راهه ۾ وڙهون.“ چيائين ”ڇا اوهان ۾ اها اميد آهي، ته جيڪڏهن اوهان کي لڙائي جو حڪم ڏجي ته اوهين وڙهندؤ؟“ چيائون ”اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي واٽ ۾ نه وڙهون، جڏهن پنهنجن گهرن ۽ اولاد کان تڙيا ويا آهيون؟“ پوءِ جڏهن کين لڙائي جو حڪم ٿيو، ته ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ ڦري ويا ۽ الله گنهگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
سندن نبيءَ چين ته ”بيشڪ الله طالوت کي اوهان جو بادشاهه مقرر ڪيو آهي.“ چوڻ لڳا ته ”هو اسان تي ڪيئن بادشاهت ڪندو، جو اسين حڪومت جا ان کان وڌيڪ حقدار آهيون ۽ هو ته شاهوڪار به نه آهي؟“ نبيءَ چيو ته ”الله ان کي اوهان لاءِ چونڊيو ۽ کيس علم ۽ جسم ۾ وڌايائين ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سندس ملڪ ڏئي ٿو ۽ الله فضل ڪرڻ وارو سڀ ڪم ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ سندن نبيءَ چين ته ”ان جي حڪومت جي نشاني هيءَ آهي، ته اوهان وٽ صندوق ايندي، جنهن ۾ اوهان جي رب کان تسليٰ آهي ۽ اهي بچيل شيون به، جي موسيٰ ۽ هارون جي اولاد ڇڏيون آهن ان کي فرشتا کڻي ايندا، جي اوهين يقين رکو ٿا ته بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ پوري نشاني آهي. |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
جڏهن طالوت فوجون وٺي ٻاهر نڪتو، ته چيائين ”بيشڪ الله اوهان کي هڪ نديءَ وٽ آزمائيندو، سو جيڪو ان مان پاڻي پيئندو، منهنجو نه آهي، جنهن ان کي نه چکيو سو برابر منهنجو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو هڪ ٻڪُ ڀري پئي. پوءِ ڪن ٿورن کانسواءِ ٻين سڀني پاڻي پيتو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس مومن ساٿي ندي اڪريا، ته چوڻ لڳا ته ”اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان وڙهڻ جي طاقت نه آهي!“ پر جن کي خيال هو ته کين الله سان ملڻو آهي، سي چوڻ لڳا ته ”گهڻائي ڀيرا الله جي حڪم سان ٿوري جماعت گهڻيءَ جماعت تي غالب ٿي آهي ۽ الله ثابت قدمن جو مددگار آهي.“ |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
جڏهن هو جالوت ۽ سندس فوجن جي سامهون ٿيا ته ”چيائون ته ”اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان جا پير محڪم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر.“ |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
پوءِ انهن (جالوتين کي) الله جي حڪم سان شڪست ڏني ۽ دائود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله ان کي حڪومت ۽ ڏاهپ ڏني ۽ جيڪي گهريائين سو کيس سيکاريائين ۽ جيڪڏهن الله هڪڙن ماڻهن سان ٻين کي دفع نه ڪري، ته جيڪر ملڪ خراب ٿئي، پر الله جهان جي ماڻهن تي وڏو مهربان آهي. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
اهي الله جون آيتون آهن، جي اسين توکي پوري طرح ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ تون رسولن مان آهين. |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اهي رسول آهن، جن کي اسان هڪ ٻئي کان ڀلارو ڪيو، انهن مان ڪو اهو آهي جنهن سان الله ڳالهايو ۽ انهن کي هڪ ٻئي کان بلند درجا ڏنائين. ۽ عيسيٰ پٽ مريم کي روشن دليل ڏناسون ۽ جبرئيل سان ان جي مدد ڪئي سون. جيڪڏهن الله گهري ته ماڻهو پڌرن حڪمن جي اچڻ کان پوءِ جيڪر نه وڙهن، پر ڌار ڌار خيالن جا ٿي ويا، منجهائن ڪن ايمان آندو ۽ ڪي انهن مان ڪافر ٿيا. جيڪڏهن الله گهري ها ته جيڪر هڪ ٻئي سان نه وڙهن ها، مگر الله کي جيڪي وڻي ٿو، سو ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي مومنو! جيڪي اوهان کي ڏنو اٿئون، ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪريو، ان ڏينهن اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نڪو سودو هوندو نه ڪا دوستي ۽ شفاعت. ۽ ڪافر ئي ظالم آهن. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله کانسواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جي لائق ناهي، هو هميشه جيئرو ۽ سڀ کي قائم رکندڙ آهي، کيس نڪي ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سندس ئي آهي. ڪير آهي، جو وٽس سندس اجازت کانسواءِ شفاعت ڪري؟ جيڪي ماڻهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي ان سڀ جي خبر اٿس ۽ اهي سندس مرضي کانسواءِ سندس علم مان ڪجهه هٿ ڪري نٿا سگهن، سندس بادشاهي آسمانن ۽ زمين تي ڇانيل آهي ۽ انهن جو سنڀالڻ کيس نٿو ٿڪائي. هو سڀ کان مٿاهون، بزرگيءَ وارو آهي. |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين جي معاملي ۾ زبردستي نه آهي، بيشڪ سنئين واٽ گمراهيءَ کان نروار ٿي چُڪي آهي، پوءِ جيڪو گمراهه ڪندڙ طاقتن کي مڃڻ کان انڪار ڪندو ۽ الله تي يقين رکندو، تنهن بيشڪ اهڙي مضبوط ڪڙي کي جهليو، جو ٽٽڻ وارو نه آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله مومنن جو مددگار آهي. هو انهن کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو ۽ جن ڪفر ڪيو، اهي شيطان جا رفيق آهن. هو انهن کي روشنيءَ مان انڌيرن ۾ آڻي ٿو. اهي ئي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهندا. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
ڇا، تو ان ماڻهوءَ جي حال تي غور نه ڪيو، جنهن ابراهيم سان سندس رب بابت جهڳڙو ڪيو؟ تڏهن، جو الله کيس بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيو ته ”منهنجو رب اهو آهي، جو جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو.“ هن چيو ته ”آءٌ به جياريان ۽ ماريان ٿو.“ ابراهيم چيو ته ”الله سج کي اوڀر کان آڻي ٿو، تون ڀلا ان کي اولهه کان آڻ.“ انهيءَ تي اهو ڪافر حيران رهجي ويو. ۽ الله بي انصاف ماڻهن کي سنئين واٽ نه ڏيکاريندو آهي. |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا، تو ان ماڻهوءَ تي غور نه ڪيو، جو هڪ شهر وٽان ٿي لنگهيو، جنهنجيون ڇتيون ڪريل هيون. چيائين ته ”هن جي (ڦٽڻ) کان پوءِ الله ڪيئن ان کي جيئرو ڪندو!“ پوءِ الله کيس سؤ ورهيه موت جي حالت ۾ رکي وري اٿاريو، پڇيائين: ”هن حالت ۾ ڪيتري دير هئين؟“ چيائين ته: آءٌ هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيس.“ چيائين ”نه، بلڪ تون سؤ ورهيه رهين، پوءِ پنهنجي کاڌي ۽ پاڻي ڏانهن ڏس، ته انهن ۾ بدبو نه ٿي آهي. ۽ پنهنجي گڏهه ڏانهن به ڏس. اسين توکي ماڻهن لاءِ عبرت جي نشاني بڻائينداسون. ۽ هڏن ڏانهن ڏس، کيس ڪيئن اڀاري جوڙيون ٿا، پوءِ کين گوشت ڍڪايون ٿا.“ جڏهن مٿس اهو حال پڌرو ٿيو، چيائين ته ”آءٌ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله هر ڳالهه تي وسوارو آهي.“ |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
ياد ڪر جڏهن ابراهيم چيو ”اي ڌڻي! مون کي ڏيکار ته تون ڪيئن ٿو مئن کي جيارين؟“ چيائين ؛”توکي يقين نه آهي؟“ چيائين ”ڇو نه، پر پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ گهران ٿو،“ چيائين ته ”چار پکي وٺ ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ پوءِ انهن مان هر هڪ جزي کي جبل تي رک، پوءِ انهن کي سڏ، هو توڏانهن ڊوڙندا ايندا ۽ ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب ڏاهپ واروآهي.“ |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
جيڪي شخص الله جي واٽ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، تنهن جو مثال انهيءَ داڻي جهڙو آهي، جنهن مان ست سنگ نڪرن، هر هڪ سنگ ۾ سؤ سؤ داڻا هجن، ۽ الله جنهن لاءِ وڻيس تنهن کي وڌائي ٿو، ۽ الله بي حد بخشش ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جي شخص الله جي واٽ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، پوءِ جيڪي خرچ ڪيائون، ان جو احسان نٿا ڄاڻائين ۽ نڪي ستائين ٿا. انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي. نه انهن کي ڪو خوف آهي ۽ نه اهي غم کائيندا. |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
چڱو جواب ڏيڻ ۽ بخشش، ان صدقي کان بهتر آهي جنهن کان پوءِ ستائڻ هجي، ۽ الله بي پرواهه بردبار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي مومنو! پنهنجي صدقن کي احسان رکڻ ۽ ستائڻ سان ان ماڻهوءَ وانگر چٽ نه ڪريو جيڪو پنهنجي مال کي ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين نه ٿو رکي. ان جو مثال هڪ صاف پٿر جهڙو آهي، جنهن تي ڪجهه مٽي هجي پوءِ زورائتو مينهن وسي ۽ ان کي صاف ڪري ڇڏي. اهڙن جيڪي ڪمايو، تنهن مان ڪجهه هٿ نه ايندن، ۽ الله ڪافرن کي سنئين واٽ نٿو ڏيکاري. |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
جي شخص پنهنجي ثابت قدم رهڻ ۽ الله جي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن مالن کي خرچ ڪن ٿا تن جو مثال هڪ اچيءَ زمين جي باغ وانگر آهي، جنهن تي زورائتو مينهن پوي اهو ٻيڻو ڦر ڏئي پر جي زورائتو مينهن نه پوي، ته پوءِ ماڪ ئي ڪافي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا، اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو. ته ان لاءِ انگورن ۽ کجين جا باغ هجن، جن هيٺان نهرون وهنديون هجن، ان لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا هجن. ۽ ان کي پوڙهپ اچي ورتو، کيس ضعيف اولاد به آهي، پوءِ ان (باغ) کي اهڙو واچوڙو لڳي جنهن ۾ باهه هجي ۽ اهو سڙي وڃي؟ اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ آيتن کي پڌرو بيان ڪري ٿو، ته اوهين غور ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي مومنو! اوهان جيڪو رزق ڪمايو آهي، ۽ جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان اپايو، تنهن مان سٺيون شيون الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ اهڙي گنديءَ چيز مان خرچ ڪرڻ جو ارادو نه ڪريو جنهن کي جيڪر اوهين به اک ٻوٽڻ کان سواءِ نه وٺو ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواهه ساراهيل آهي. |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان اوهان کي غريبيءَ کان ڊيڄاري ٿو ۽ بي حيائي جو حڪم ڏئي ٿو، پر الله اوهان کي پاڻ وٽان بخشش ۽ مهربانيءَ جو انجام ڏئي ٿو ۽ الله گهڻو ڪشادو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
هو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏاهپ ڏئي ٿو ۽ جنهن کي ڏاهپ ڏني وئي ان کي گهڻي ڀلائي ملي ۽ نصيحت عقل وارا ئي قبول ڪن ٿا. |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
جيڪا به اوهين خيرات ڪندا هجو، يا ڪوئي نذر باسيندا هجو، ته بيشڪ الله کي ان جي خبر آهي ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن ظاهر ظهور خيرات ڏيو، ته اها چڱي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن ان کي لڪائي محتاجن کي ڏيندؤ، ته اها اوهان کي وڌيڪ چڱي آهي ۽ هو اوهان جا گناهه ميٽيندو ۽ الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
(اي رسول) انهن کي هدايت تي آڻڻ تنهنجي ذمي نه آهي، مگر الله جنهن کي وڻيس، ان کي هدايت ڪري ٿو ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ سو پنهنجي ڀلائي لاءِ اٿو، جيسين اوهين ان کي الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪندؤ ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ (ان جو ثواب) پورو پورو ملندوَ ۽ اوهان سان بي انصافي نه ٿيندي. |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
خيرات انهن محتاجن لاءِ آهي، جي الله جي راهه ۾ بند ٿي پيا آهن، ملڪ ۾ گهمي ڦري نٿا سگهن ۽ ناواقف ماڻهو انهن کي سوال نه ڪرڻ سبب مالدار سمجهن ٿا. تون انهن کي سندن منهن مان سڃاڻين ٿو. اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نٿا ڪن. ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ ته بيشڪ الله ان کي خوب ڄاڻي ٿو. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي شخص پنهنجا مال رات ڏينهن لڪائي ۽ پڌرو ڪري خيرات ڪن ٿا، ته انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، نڪي انهن کي ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غم کائيندا. |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
جيڪي شخص وياج کائين ٿا سي ان ماڻهوءَ وانگر اُٿندا، جنهن کي شيطان ڇهڻ سان چريو ڪري ڇڏيو هجي. هن ڪري، جو اهي چون ٿا، ته ”واپار وياج جهڙو آهي.“ مگر واپار کي الله حلال ڪيو آهي، ۽ وياج کي حرام، پوءِ جنهن کي پنهنجي ڌڻيءَ وٽان نصيحت ملڻ تي پاڻ روڪيائين ته جيڪي اڳي ٿي چڪو آهي، سو سندس لاءِ آهي، ان جو فيصلو الله جي وس آهي ۽ جيڪو وري وٺندو ته پوءِ اهڙا ماڻهو دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشه رهندا. |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
الله وياج کي گهٽائي ٿو ۽ خيرات کي وڌائي ٿو ۽ الله کي هر ڪو ناشڪر گنهگار پسند نه آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
بيشڪ جن ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا، نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏنائون، تن لاءِ الله وٽ سندن اجر آهي، نه انهن کي ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غم کائيندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن الله تي ويساهه رکو ٿا، ته وياج مان جيڪي رهيل آهي ان کي ڇڏي ڏيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
جيڪڏهن نٿا ڇڏيو، ته پوءِ الله ۽ سندس رسول سان لڙائي لاءِ تيار ٿي وڃو! پر جي توبهه ڪريو ته، ته پوءِ اوهان لاءِ (فقط) اصل موڙي آهي، نه اوهين ڪنهن تي ظلم ڪريو ۽ نه اوهان تي ڪو ظلم ڪبو. |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
جيڪڏهن ڪو تنگدست آهي ته ان کي آسودي ٿيڻ تائين مهلت هئڻ گهرجي، پر جي بخشي ڇڏيو، ته اوهان لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن اوهان کي سمجهه آهي! |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ ان ڏينهن کان ڊڄندا رهو، جڏهن الله وٽ موٽايو ويندؤ، پوءِ هر هڪ شخص جيڪي ڪمايو آهي، سو کيس پورو پورو ڏنو ويندو ۽ مٿن ڪو ظلم نه ٿيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي مومنو! جڏهن پاڻ ۾ هڪ مقرر وقت تائين ڏيتي ليتي ڪريو، ته ان کي لکندا ڪريو، لکندڙ کي گهرجي ته اوهان منجهه انصاف سان لکي ڏئي ۽ جيئن الله لکندڙ کي سيکاريو آهي تيئن لکڻ کان انڪار نه ڪري، گهرجيس ته لکي ۽ جنهن تي قرض آهي سو ان کي لکائي ۽ پنهنجي پالڻهار الله کان ڊڄي ان مان ڪجهه گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي، سو بي عقل هجي، يا ضعيف، يا پاڻ لکائي نه سگهندو هجي، ته ان جو وارث انصاف سان لکارائي. ۽ پنهنجن مردن مان ٻه شاهد گواهه ڪريو، جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه زالون اوهان کي وڻندڙ شاهدن مان هجن، هن لاءِ، ته جيڪڏهن ٻن زالن مان هڪ وساريندي، ته هڪڙي ٻيءَ کي ياد ڏياريندي ۽ شاهد جڏهن سڏيا وڃن، تڏهن انڪار نه ڪن ۽ قرض سندس وقت تائين ننڍو هجي يا وڏو، پر لکڻ ۾ سستي نه ڪريو. الله وٽ اها پوري انصاف واري ڳالهه ۽ شاهديءَ کي به وڌيڪ درست رکڻ واري آهي، ۽ شڪ نه پوڻ لاءِ به پوري آهي. مگر جيڪڏهن روبرو پاڻ ۾ هٿو هٿ واپار هجي ته پوءِ ان جي نه لکڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. جڏهن سودو ڪريو، ته شاهد ڪندا ڪريو. ۽ لکندڙ ۽ گواهه کي تڪليف نه ڏني وڃي. جيڪڏهن تڪليف ڏيندؤ ته پوءِ اهو اوهان لاءِ گناهه آهي. الله کان ڊڄندا رهو، الله اوهان کي سيکاري ٿو ۽ الله هر هڪ شيءِ کي ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
جيڪڏهن اوهين سفر ۾ هجو ۽ ڪو لکڻ وارو نه لهو، ته شيءِ گروي ڏيڻ گهرجي پر جي اوهان هڪ ٻئي جو اعتبار ڪريو ٿا، ته اعتبار ڪيل کي پنهنجي امانت پوري طرح ادا ڪرڻ کپي ۽ سندس ڌڻي الله کان ڊڄڻ کپيس. ۽ شاهدي نه لڪايو جيڪو ان کي لڪائيندو، ته بيشڪ ان جي دل گنهگار آهي، الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دل ۾ آهي سو ظاهر ڪريو خواهه لڪايو ته به الله اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي وڻيس ان کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس ان کي عذاب ڪري. الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
رسول ڏانهن جيڪي سندس ڌڻيءَ موڪليو، تنهن تي ويساهه آندائين، ۽ مومنن پڻ- سڀني هڪ الله ۽ سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ويساهه آندو، ته ”اسين رسولن منجهان ڪنهن ۾ به فرق نٿا ڪريون“ چيائون ته ”اسان ٻڌو ۽ قبول ڪيو. اي اسان جا ڌڻي! اسان تنهنجي بخشش گهرون ٿا ۽ توڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
الله ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿو ڏئي. ان جيڪي (چڱو) ڪمايو، سو ان لاءِ آهي ۽ جيڪي (بڇڙايون) ڪيائين تنهن جو بار مٿس آهي. اي اسان جا ڌڻي! اسان کي پڪڙ نه ڪر، جيڪڏهن اسين ڀلجي وڃون يا خطا ڪريون. اي اسان جا ڌڻي! اسان تي ڳرو بار نه رک جيئن تو اسان کان اڳين تي رکيو هو. اي اسان جا ڌڻي! اسان کان اهو بار نه کڻاءِ، جنهن کي کڻڻ جي اسان کي طاقت نه آهي ۽ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر! تون ئي اسان جو سائين آهين، تنهن ڪري ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر! |