الم (آيت : 1) |
الف لام ميم . |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
هيءُ (شان وارو) ڪتاب ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي (هي) هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ . |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي ايمان آڻين ٿا غيب تي ۽ صحيح ادا ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو روزي ڏني اسان انهن کي خرچ ڪندا آهن . |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي ايمان آڻين ٿا ان تي جو (اي حبيب!) نازل ڪيو ويو آهي اوهان تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو آهي اوهان کان اڳ ۾ ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا . |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ئي هدايت تي آهن پنهنجي رب جي (توفيق سان) ۽ اهي ئي (ٻنهي جهانن ۾) ڪامياب آهن . |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بلاشڪ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون برابر آهي انهن لاءِ تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (اهي) نه ايمان آڻيندا . |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
مہر هنئي الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي پردو آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي . |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو چون ٿا ته ايمان آندو اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ نه آهن اهي ايمان وارا . |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
ٺڳڻ ٿا گهرن الله کي ۽ مؤمنن کي ۽ (حقيقت ۾) نه ٿا ٺڳي ڪن مگر پنهنجي پاڻ سان ۽ نه ٿا سمجهن. |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
انهن جي دلين ۾ بيماري آهي پوءِ وڌائي الله انهن جي بيماري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ان جي ڪري جو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا . |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته نه فساد ڪيو زمين ۾ ته چون ٿا ته اسين ئي ته اصلاح ڪندڙ آهيون . |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار بيشڪ اهي ئي فساد ڪندڙ آهن ۽ پر نه ٿا سمجهن . |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو جيئن ايمان آندو (ٻين) ماڻهن ته چون ٿا ته ڇا ايمان آڻيون اسين جيئن ايمان آندو بيوقوفن؟ خبردار تحقيق اهي ئي بيوقوف آهن ۽ پر نه ٿا ڄاڻن . |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن ملن ٿا ايمان وارن سان ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا پنهنجن شيطانن وٽ ته چون ٿا ته تحقيق اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين صرف (انهن تي) چٿر ڪندڙ آهيون. |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
الله چٿر جي سزا ڏيندو انهن کي ۽ ڍر ٿو ڏئي انهن کي پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اهي ئي آهن جن خريد ڪئي گمراهي هدايت جي بدلي پوءِ نه نفعي واري ٿي انهن جي تجارت ۽ نه هئا هدايت وارا ٿيندڙ . |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن باهه ٻاري پوءِ جڏهن روشن ڪيائين انهن جي آس پاس کي ته کسيو الله انهن جي نور کي ۽ ڇڏيائين انهن کي انڌيرن ۾ نه ٿا ڏسن . |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اهي نٿا موٽن. |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا زور سان وسندڙ مينهن وانگر آسمان (جي ڪڪر) مان انهيءَ ۾ اونداهيون آهن ۽ گوڙ ۽ وڄ ۽ وجهن ٿا آڱريون پنهنجون پنهنجن ڪنن ۾ سببان ڪڙڪن جي موت جي ڊپ کان ۽ الله گهيرو ڪندڙ آهي ڪافرن تي . |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
ويجهي آهي کنوڻ جو جهڙپي اکين انهن جي کي - جڏهن جو روشني ڪيائين انهن جي لاءِ ته پنڌ ڪيائون ان (جي روشنيءَ) ۾ ۽ جنهن وقت اونداھ ڪيائين انهن تي ته بيهي رهيا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کسي وٺي ها انهن جي ڪنن ۽ انهن جي اکين کي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانو! عبادت ڪيو پنهنجي رب جي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ انهن کي جو اوهان کان اڳ هئا تانته اوهان تقوى وارا ٿيو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
جنهن بنايو اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪري ۽ آسمان کي ڇت ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻيءَ کي پوءِ ڪڍيائين ان سان ڪجھ ميوا اوهان جي لاءِ رزق ڪري، پوءِ نه ڪيو الله جي لاءِ شريڪ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا . |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن آهيو اوهان شڪ ۾ ان جي باري ۾ جو نازل ڪيو اسان پنهنجي ٻانهي تي ته پوءِ آڻيو هڪ سورت ان جهڙِي يا (ان جهڙَي کان) ۽ سڏيو مددگارن پنهنجن کي الله کان سواءِ جيڪڏهن آهيو سچا . |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن نه ڪندؤ ۽ اصل ڪري به نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو ان باھ کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن لاءِ . |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ خوشبري ڏي انهن کي جوا ايمان آندائون ۽ ڪيائون سهڻا عمل ته يقين سان انهن لاءِ بهشت آهي وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون جڏهن به کارايا ويندا انهن مان ڪو ميوو رزق ڪري ته چوندا ته هيءُ ئي ته آهن جو کارايا وياسين اڳ ۾ ۽ ڏنا ويندا اهو هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ، ۽ انهن لاءِ انهن ۾ پاڪ زالون هونديون ۽ اهي انهن ۾ هميشہ رهندڙ آهن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ الله نه ٿو حيا ڪري (هن ڳالھ کان) جو هڻي مثال ڪري مڇر کي پوءِ جيڪو ان کان مٿي آهي (حقارت ۾) پوءِ جن ايمان آندو اهي (پڪيءَ طرح) ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) حق آهي انهن جي رب جي طرفان ۽ پر ڪافر پوءِ چون ٿا ته ڇا ارادو فرمايو الله هن مثال (جي ذڪر ڪرڻ) سان گمراھ ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ هدايت ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ نه ٿو گمراھ ڪري ان سان مگر فاسقن کي . |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
جيڪي ڀڃن ٿا وعدي الله جي کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ۽ ڪٽين ٿا ان کي جو امر ڪيو الله ان جي لاءِ ته ڳنڍيو وڃي ۽ فساد ٿا ڪن زمين ۾ اهي ئي نقصان وارا آهن . |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
ڪهڙيءَ طرح انڪار ٿا ڪيو الله جو حالانڪ اوهان مئل هئا پوءِ جيئرو ڪيائين اوهان کي ان کان پوءِ ماريندو اوهان کي ان کان پوءِ جيئاريندو اوهان کي ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ . |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اهو ئي (الله) آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان لاءِ جيڪو زمين ۾ آهي سڀ - ان کان پوءِ متوجھ ٿيو آسمان ڏانهن پوءِ ٺيڪ ٺيڪ ٺاهيائين انهن کي ست آسمان ڪري ۽ اهو هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو تنهنجي رب ملائڪن کي ته بيشڪ مان مقرر ڪندڙ آهيان زمين ۾ هڪ خليفو چيائون ڇا مقرر ٿو ڪرين ان ۾ ان کي جو فساد ڪندو ان ۾ ۽ وهائيندو رتن کي؟ ۽ اسين تسبيح ٿا پڙهون تنهنجي حمد سان ۽ پاڪائي بيان ٿا ڪيون تنهنجي لاءِ فرمايائين: بيشڪ مان ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو. |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
۽ سيکاريائين آدم کي نالا سڀئي ان کان پوءِ پيش ڪيائين انهن کي ملائڪن جي اڳيان پوءِ فرمايائين ته خبر ڏيو مون کي نالن هنن شين جي جي جيڪڏهن آهيو سچا . |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
عرض ڪيائون ته پاڪائي آهي تنهنجي ناهي ڪو علم اسان کي مگر جيڪي تو سيکاريو اسان کي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وار آهين . |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
فرمايائين: اي آدم خبر ڪر انهن کي نالن انهن (شين جي) جي پوءِ جڏهن خبر ڪيائين انهن کي نالن انهن جي جي ته فرمايائين: ڇا مون اوهان کي چيو نه هو ته بيشڪ مان ئي ڄاڻان ٿو ڳجھ آسمانن ۽ زمينن جا ۽ ڄاڻان ٿو جيڪي ظاهر ٿا ڪيو ۽ جيڪي لڪايو ٿا . |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
۽ (ياد ڪر) جنهن وقت چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ شيطان جي – انڪار ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ هو ڪافرن مان . |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
۽ چيو اسان ته اي آدم! رھه تون ۽ تنهنجي زال بهشت ۾ ۽ کائو ان مان ڪشاديءَ طرح جتي به گهرو ۽ نه ويجها وڃو هن وڻ کي پوءِ ٿي پئو ظالمن مان. |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پوءِ ترڪايائين انهن ٻنهي کي شيطان ان (بهشت) مان ۽ ڪڍيائين انهن ٻنهي کي ان مان ۽ چيوسون ته لهو (بهشت مان) بعض اوهان جو دشمن آهي بعض لاءِ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ سامان آهي مقرر وقت تائين . |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ سکيو آدم پنهنجي رب کان ٻٽي ڪلما پوءِ توبہ قبول ڪيائين ان جي بيشڪ اهو ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ مهربان آهي . |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
فرمايو اسان ته لهو ان (جنت مان) سڀ جا سڀ.وءِ جڏهن ايندي اوهان وٽ منهنجي طرفان هدايت پوءِ جنهن تابعداري ڪئي منهنجي هدايت جي پوءِ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا . |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جن نه مڃيو ۽ ڪوڙو ڄاتائون اسان جي آيتن کي، اهي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن . |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي يعقوب جا ٻچا ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ پورو ڪيو مون سان ڪيل انجام ته پورو ڪيان مان اوهان سان انجام ۽ خاص مون کان پوءِ ڊڄو . |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ ايمان آڻيو (ان ڪتاب) تي جو نازل ڪيو مون سچو ڪندڙ آهي ان (ڪتاب کي) جو اوهان سان گڏ آهي ۽ نه ٿيو پهريان ڪفر ڪندڙ ان جا ۽ نه خريد ڪيو منهنجي آيتن جي عوض ملھ ٿورو ۽ خاص مون کان ڊڄو . |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ نه ملايو سچ کي ڪوڙ سان ۽ نه لڪايو سچ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا . |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ رڪوع ڪيو رڪوع ڪندڙن سان گڏ . |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
ڇا امر ٿا ڪيو ماڻهن کي نيڪي جو ۽ وساريو ٿا پنهنجن سرن کي حالانڪ اوهان ڪتاب پڙهو ٿا ڇا پوءِ نه ٿا ڄاڻو؟ . |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
۽ مدد وٺو صبر ۽ نماز سان ۽ بيشڪ اها البته ڏکي آهي مگر آزي ڪندڙن تي.ڏکي ناهي) . |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جيڪي يقين ٿا رکن ته بيشڪ اهي ملڻ وارا آهن پنهنجي پالڻهار سان ۽ بيشڪ اهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن. ع |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جيڪا مون اوهان تي انعام ڪئي هئي ۽ بيشڪ ڀلو ڪيو هو مون اوهان کي (ان وقت جي) جهانن تي . |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو نفس ڪنهن نفس جو ڪجھ به ۽ نه قبول ڪئي ويندي ان جي لاءِ سفارش ۽ نه ورتو ويندو ان کان ڪو عوض ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا. |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ڇڏايوسون اوهان کي فرعونين کان جو چکائيندا هئا اوهان کي بري قسم جو عذاب، ڪٺائون ٿي اوهان جي پٽن کي ۽ جيئرو ڇڏيائون ٿي اوهان جي عورتن (ڌيئرن) کي ۽ ان ۾ وڏي آزمائش هئي اوهان جي رب جي طرفان . |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت چيريو اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ پوءِ ڇڏايوسون اوهان کي ۽ ٻوڙيوسون فرعونين کي ۽ اوهان ڏسو پيا . |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن وعدو ڪيو اسان موسى سان چاليهه راتين جو ان کان پوءِ بنايو اوهان گابي کي (معبود) ۽ اوهان (ان وقت) ظلم ڪندڙ هئا . |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
پوءِ معاف ڪيوسون اوهان کي ان (ظلم) کان پوءِ به تانته شڪر ڪيو. |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت ڏنو اسان موسى کي ڪتاب ۽ (حق ۽ باطل) ۾ فرق ڪندڙ تانته اوهان هدايت وارا ٿيو . |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم وارا! بيشڪ اوهان ظلم ڪيو آهي پنهنجي پاڻ تي سببان وٺڻ اوهان جي گابي کي (خدا ڪري) پوءِ توبہ ڪيو پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏانهن پوءِ ڪهو پنهنجي پاڻ کي اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ پوءِ اوهان جي توبہ قبول ڪيائين بيشڪ اهو ئي توبہ قبول ڪندڙ، مهربان آهي . |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو اوهان ته اي موسى هرگز نه ايمان آڻينداسون توتي تانجو ڏسون الله کي ظاهر ظهور پوءِ پڪڙيو اوهان کي وڄ ۽ اوهان ڏسي رهيا هئا . |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
ان کان پوءِ (زندهه ڪري) اٿاريوسون اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ تانته اوهان شڪر گذار بنجو . |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
ڇانوَ ڪئي اسان اوهان تي ڪڪرن جي ۽ لاٿوسون اوهان تي منّ ۽ سلويٰ کائو اوهان پاڪ شين مان جيڪي اوهان کي رزق ڪري ڏنيون اٿئون ۽ نه ظلم ڪيائون اسان تي ۽ پر پنهنجن سرن تي پاڻ ٿي ظلم ڪيائون . |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن فرمايوسون ته داخل ٿيو هن ڳوٺ ۾ پوءِ کائو ان مان جتي به گهرو ڪشادو ۽ داخل ٿيو دروازي کان سجدا ڪندڙ ۽ چئو ته (اسان جا گناھ) ڪيراءِ ته بخش ڪيون اوهان کي اوهان جا گناھ ۽ سگهو ئي وڌائينداسون نيڪن کي . |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پوءِ مٽايو ظالمن جيڪي کين چوڻو هو ان کان سواءِ (چيائون) جو انهن کي چيو ويو هو پوءِ لاٿو اسان ظالمن تي عذاب آسمان کان ان جي ڪري جو بڇڙائي ٿي ڪيائون . |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن پاڻي گهريو موسى (عليہ السلام) پنهنجي قوم لاءِ پوءِ چيو سون ته هڻ تون پنهنجي لٺ پٿر کي پوءِ وهيا ان مان ٻارهن چشما تحقيق سڃاتو سڀني ماڻهن پنهنجي پيئڻ جي جاءِ کي کائو ۽ پيئو الله جي رزق مان ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ . |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسى هرگز نه صبر ڪنداسون هڪ طعام تي پوءِ دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته ڪڍي اسان لاءِ ان مان اهي شيون جون ڄمائي ٿي زمين ان جي (ڀاڄيءَ) سبزيءَ ۽ ريڀڙيءَ (بادرنگ) ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصرن مان فرمايائين ته ڇا مٽائي ٿا وٺو ان کي جو اها گهٽ آهي ان جي بدلي ۾ جو اها ڀلي آهي.هي وڃو ڪنهن شهر ۾ پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ (اتي موجود) آهي جيڪي گهريُوَ ۽ هنئي وئي انهن تي ذلت ۽ مسڪيني ۽ وريا الله جي ڏمر هيٺان اهو ان جي ڪري جو بيشڪ انهن نه ٿي مڃيو آيتن الله جي کي ۽ شهيد ٿي ڪيائون نبين کي ناحق اهو ان سببان جو بي فرماني ڪندا ۽ حد کان لنگهندا هئا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
بيشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ اهي جو يهودي ٿيا ۽ نصارى ۽ صابئي جنهن به ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ ڪيائين چڱا ڪم پوءِ انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا . |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (جبل) ته وٺو جيڪي ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ياد ڪيو جيڪو ان ۾ (حڪم) آهي اميد ته پرهيزگار ٿيو . |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
ان کان پوءِ ڦري ويئو ان وعدي کان پوءِ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ته البته هجو ها اوهان ٽوٽي وارن مان . |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
۽ بلاشڪ ڄاڻي ورتو اوهان انهن کي جو حد کان لنگهيا اوهان مان ڇنڇر جي ڏينهن (جي باري) ۾ پوءِ چيوسون انهن کي ته ٿي پئو باندر نقصان ۾ پوندڙ . |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
پوءِ بنايوسون ان (واقعي) کي عبرت انهن جي اڳين لاءِ ۽ پوين لاءِ نصيحت ڪري پرهيزگارن لاءِ . |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته بيشڪ الله امر ٿو ڪري اوهان کي ته ڪهو ڳئون چيائون ڇا اسان سان چٿر ٿو ڪرين؟ چيو (موسى) پناھ ٿو وٺان الله جي هن ڳالھ کان جو هجان جاهلن مان . |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته اها (ڪهڙي قسم) جي آهي چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون نه پوڙهي ۽ نه ننڍي، وچٿري آهي ان وچ ۾ پوءِ ڪري ڏيکاريو اهو جو حڪم ٿا ڪيا وڃو . |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي؟ چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون هيڊي ڪڪڙي آهي ڳوڙهو هيڊو رنگ آهي ان جو خوش ٿو ڪري ڏسندڙن کي . |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
چيائون دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته چٽائي ڪري اسان لاءِ ته اها ڪهڙي (پارين) آهي بيشڪ ڳئون هڪ ٻئي سان مشابهه آهن اسان وٽ ۽ بيشڪ اسين جيڪڏهن گهريو الله ته هدايت وارا آهيون . |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
چيائين ته بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بلا شبہ اها ڳئون نه وهو آهي جو زمين کيڙي ۽ نه پوک کي پياري صحيح سالم آهي نه آهي ڪو عيب ان ۾ چيائون ته هاڻي تو صحيح ڳالھ آندي آهي.وءِ ان کي ڪٺائون ۽ (بظاهر) ڪرڻ وارا نه هئا. ع |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ جڏهن ڪٺو اوهان هڪ شخص کي پوءِ تڪرار ڪَيُوَ ان (جي ماريندڙن جي باري) ۾ ۽ الله پڌرو ڪندڙ آهي جيڪو اوهان لڪايو ٿي . |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
پوءِ چيوسون ته هڻو ان (مئل کي) ان جي (گوشت جو) ڪجھ حصو، اهڙيءَ طرح جيئرو ڪندو آهي الله مئلن کي ۽ ڏيکاريندو آهي اوهان کي پنهنجون نشانيون ته من اوهان سمجهو . |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
وري سخت ٿيون دليون اوهان جون ان کان پوءِ.وءِ پٿرن وانگر آهن بلڪ اڃان به گهڻو سخت ۽ بيشڪ پٿرن مان البته اهڙا (پٿر به) آهن جو وهن ٿيون انهن مان نهرون ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڦاٽن ٿا پوءِ نڪري ٿو انهن مان پاڻي ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڪرن ٿا الله جي خوف کان ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪيو ٿا. |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
ڇا (اي مسلمانو! اوهان يهودين ۾) اميد ٿا رکو ته ايمان آڻيندا اوهان جي چوڻ تي ۽ تحقيق آهي جماعت هڪ انهن مان ٻڌن ٿا الله جي ڪلام کي ان کان پوءِ ڦيرائن ٿا ان کي ان کان پوءِ جو سمجهيائون ان کي ۽ اهي ڄاڻن ٿا . |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
۽ جڏهن ملن ٿا انهن کي جو ايمان آندائون ته چون ٿا ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن اڪيلائي ۾ ملندو آ بعض انهن جو بعض سان ته چوندا آهن ڇا ڳالهيون ٿا ڪيو انهن سان جيڪي کوليون آهن الله اوهان جي مٿان تانته دليل قائم ڪن اوهان تي ان سان اوهان جي رب وٽ پوءِ نه ٿا سمجهو؟ . |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي نه ٿا ڄاڻن ڪتاب کي سواءِ اميدن جي ۽ نه آهن اهي مگر گمان ڪن ٿا .النصف |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ جو لکندا آهن ڪتاب پنهنجن هٿن سان ان کان پوءِ چون ٿا ته هيءُ (لکيل) الله وٽان آهي تانته حاصل ڪن ان سان ملھ ٿورو پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان جي جو لکيو آ هٿن انهن جي ۽ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان (مال) جي جو ڪمائن ٿا . |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
۽ چيائون ته اصل نه ڇهندي اسان کي باھ سواءِ ڏينهن ڳڻيلن جي فرماءِ ته ڇا ورتو آهي اوهان الله کان ڪو وعدو؟ پوءِ اصل نه مخالفت ڪندو الله پنهنجي وعدي جي يا چئو ٿا الله تي جيڪي نه ٿا ڄاڻو.ڪوڙ ٿا هڻو) . |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
هائو جن ڪئي برائي ۽ ويڙهي وئي انهن کي انهن جي برائي پوءِ اهي دوزخي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن . |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم اهي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن . |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتو اسان پڪو وعدو بني اسرائيل کان ته نه بندگي ڪندؤ ڪنهن جي الله کان سواءِ ۽ ڀلائي ڪندؤ ماءُ پيءُ سان ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان ۽ ڳالهايو ماڻهن سان سهڻي نموني ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ان کان پوءِ ڦري ويئو مگر ٿورا اوهان مان ۽ اوهان منهن موڙيندڙ آهيو . |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ته نه هاريندؤ پنهنجن رتن کي ۽ نه ڪڍندؤ پنهنجن سرن کي پنهنجن گهرن مان پوءِ اقرار ڪَيُوَ ۽ اوهان شاهدي ڏيو ٿا . |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
ان کان پوءِ اوهان ئي اهي آهيو جيڪي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ ٻاهر ڪڍو ٿا هڪ جماعت کي پاڻ مان انهن جي گهرن مان.دد ڪيو ٿا انهن جي مٿان گناھ ۽ ظلم سان ۽ جيڪڏهن اچن ٿا اوهان وٽ قيدي بنجي ته فديو ڏئي ڇڏايو ٿا انهن کي حالانڪ اهو حرام ڪيل آهي اوهان تي انهن جو ڪڍڻ ڇا پوءِ مڃيو ٿا بعض ڪتاب کي ۽ نه ٿا مڃيو بعض کي؟ پوءِ ناهي جزا ان جي جو ڪري ٿو ائين اوهان مان سواءِ خواريءَ جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن موٽايا ويندا سخت عذاب ڏانهن ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪندا آهيو . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
اهي ئي شخص آهن جن خريد ڪيو حياتيءَ دنيا واريءَ کي عوض آخرت جي پوءِ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ بيشڪ ڏنو سون موسى کي ڪتاب ۽ هڪ ٻئي جي پويان موڪلياسون ان کان پوءِ رسول ۽ ڏناسون عيسى بن مريم کي چٽا دليل ۽ تائيد ڪئي سون ان جي جبريل سان ڇا پوءِ جڏهن به آندو اوهان وٽ رسول اهڙو حڪم جو نه ٿا پسند ڪن نفس اوهان جا ته وڏائي ڪَيَوَ پوءِ هڪ ٽولي کي ڪوڙو چَيُوَ ۽ ٻئي ٽولي کي شهيد ڪَيُوَ . |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ چيائون ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن.لڪ لعنت ڪئي انهن تي الله سببان ڪفر انهن جي پوءِ ٿورا ايمان آڻين ٿا. |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ جڏهن آيو انهن وٽ ڪتاب الله وٽان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ۽ ان کان اڳ فتح گهرندا هئا ڪافرن تي پوءِ جڏهن تشريف فرما ٿيو انهن وٽ اهو (رسول) جو سڃاتائون ته انڪار ڪيائون ان جو پوءِ الله جي لعنت آهي ڪافرن تي . |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
بڇڙو آهي اهو (سودو) جو وڪڻيائون ان سان پنهنجي پاڻ کي ان جي ڪري جو انڪار ٿا ڪن ان جو جيڪي لاٿو الله.ن ساڙ جي ڪري جو لاهي ٿو الله (ڪتاب) پنهنجي ٻاجھ سان، جنهن تي گهري، پنهنجن ٻانهن مان.وءِ موٽيا ڏمر هيٺان ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي . |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو ان (قرآن) تي جو لاٿو آهي الله.ه چون ٿا ته ايمان آڻيون ٿا ان تي جو لاٿو ويو اسان تي (توراة) ۽ نه ٿا مڃين ان کي جو ان کان سواءِ آهي حالانڪ اهو حق آهي سچو ڪندڙ آهي ان کي جو انهن سان گڏ آهي.رماء پوءِ ڇو شهيد ڪَيُوَ الله جي نبين کي اڳ ۾ جيڪڏهن اوهان مڃيندڙ آهيو . |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
۽ بيشڪ آيو اوهان وٽ موسى چٽين نشانين سان ان کان پوءِ به ورتُوَ گابي کي پوڄا جو لائق ڪري ۽ اوهان ظالم آهيو . |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ جڏهن ورتوسون پڪو وعدو اوهان کان ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (چيوسون ته) وٺو جيڪو (ڪتاب) ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ٻڌو.يائون ته ٻڌسون ۽ نه مڃيوسون ۽ پياريا ويا پنهنجين دلين ۾ گابي (جي محبت) سببان ڪفر سندن جي فرماءِ ته برو آهي اهو جو امر ٿو ڪري اوهان کي ان لاءِ ايمان اوهان جو جيڪڏهن آهيو مؤمن . |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
فرماءِ جيڪڏهن آهي اوهان لاءِ آخرت وارو گهر الله وٽ خاص ٻين ماڻهن کان سواءِ پوءِ سَڌ ڪيو مرڻ جي جيڪڏهن آهيو سچا . |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
۽ هر گز نه سڌ ڪندا ان جي هميشہ سببان ان جي جو اڳي ڪري موڪليو آهي هٿن انهن جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي . |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
۽ البته ضرور لهندين انهن کي وڌيڪ حرص ڪندڙ ماڻهن مان (دنيا جي) حياتيءَ لاءِ ۽ انهن کان به وڌيڪ جو شرڪ ڪيائون پسند ٿو ڪري هر هڪ انهن مان ته عمر ڏنو وڃي هزار سال ۽ نه آهي اهو ڇڏائيندڙ ان کي عذاب کان هيءَ (ڳالھ) جو (وڏي) عمر ڏنو وڃي ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا . |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
فرماءِ ته جيڪو دشمن آهي جبريل جو (ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته) بيشڪ ان لاٿو آهي ان (قرآن) کي اوهان جي دل (مبارڪ) تي الله جي حڪم سان تصديق ڪندڙ آهي انهن (ڪتابن جي) جيڪي ان کان اڳ ۾ لٿل آهن. هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ . |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
جيڪو دشمن آهي الله جو ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪال جو پوءِ بيشڪ الله دشمن آهي ڪافرن جو . |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
۽ البته تحقيق نازل ڪيون سون اوهان ڏي روشن نشانيون ۽ نه ٿا انڪار ڪن انهن جو مگر بي فرمان . |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
ڇا (اهو نه آهي ته انهن) جڏهن به پڪو وعدو ڪيو ته ڀڳو ان (وعدي) کي هڪ جماعت انهن مان.لڪ گهڻا انهن مان ته ايمان به نه ٿا آڻن . |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن آيو انهن وٽ رسول، الله جي طرفان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ته اڇلايو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان الله جي ڪتاب کي پنهنجين پٺين جي پويان ڄڻ ته اهي ڄاڻن ئي ڪونه ٿا. |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ پيروي ڪرڻ لڳا ان جي جو پڙهيو ٿي شيطانن (حضرت) سليمان جي بادشاهيءَ جي وقت ۾ حالانڪ سليمان ته ڪو به ڪفر نه ڪيو هو بلڪ شيطانن ئي ڪفر ڪيو جو سيکاريندا هئا ماڻهن کي جادو ۽ اهو به جو نازل ڪيو ويو ٻن ملائڪن تي بابل (شهر) ۾ (انهن جا نالا) هاروت ۽ ماروت هئا ۽ نه ٿي پڙهايائون ڪنهن هڪ کي تان جو چيائون ٿي ته تحقيق اسين آزمائش آهيون پوءِ تون ته ڪفر نه ڪر (ان جي باوجود) پوءِ سکندا هئا انهن ٻنهي کان اهو (جادو) جو جدائي وجهندا هئا ان سان مڙس ۽ ان جي زال ۾ ۽ ناهن اهي نقصان ڏيندڙ ان سان ڪنهن هڪ کي الله جي اذن کان سواءِ سکن ٿا اها (شيءِ) جو نقصان ڏئي انهن کي ۽ نه ٿي نفعو ڏئي سگهي انهن کي ۽ البته چڱيءَ طرح ڄاتو هئائون ته البته جو شخص به خريد ڪندو ان (علم) کي ته ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو (الله جي) رحمت مان ۽ البته بڇڙي آهي اها (شيءِ) جو وڪڻيائون ان جي بدلي ۾ جانيون پنهنجيون جيڪڏهن ڄاڻن ها . |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪڏهن بيشڪ اهي ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته (ان جو) ثواب الله وٽان گهڻو ڀلو آهي جيڪڏهن ڄاڻندا هجن ها . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارؤ! (نبي پاڪ سان ڳالهائڻ وقت) نه چئو راعنا بلڪ چئو (انظرنا) نظر فرمايو اسان تي ۽ (غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
نه ٿا پسند ڪن ڪافر اهل ڪتاب وارن مان ۽ نه مشرڪ هن ڳالھ کي جو لاٿي وڃي اوهان تي ڪا ڀلائي اوهان جي رب جي طرفان ۽ الله خاص ٿو ڪري پنهنجيءَ رحمت سان جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي . |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
جيڪا آيت اسان منسوخ ٿا ڪيون يا اها وسارائي ٿا ڇڏيون ته آڻيون ٿا ان کان ڀلي يا ان جهڙي ڇا اوهان نه ڄاتو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا نه ڄاتو تو نه بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ نه آهي اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪو ساٿي ۽ نه ڪو مددگار . |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
ڇا ارادو ٿا ڪيو ته سوال ڪيو پنهنجي رسول کان جيئن سوال ڪيو ويو موسى کان اڳ ۾ ۽ جيڪو مٽائي وٺي ٿو ڪفر عوض ايمان جي پوءِ تحقيق گمراهه ٿيو اهو سڌيءَ واٽ کان . |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
دل سان گهرن ٿا گهڻا اهل ڪتاب وارن مان ته موٽائن اوهان کي اوهانجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ڪري.اهو سڀ ڪجھ) حسد ڪرڻ جي ڪري انهن جي دلين مان ان کان پوءِ جو ظاهر ٿيو انهن لاءِ حق پوءِ معاف ڪيو ۽ درگذر فرمايو تانجو آڻي الله (انهن جي باري ۾) پنهنجو حڪم.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيندا رهو زڪواة ۽ جيڪي اڳتي موڪليندؤ پنهنجي لاءِ چڱائي ته لهندؤ اها الله وٽ.يشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي. |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ چوڻ لڳا ته اصل نه داخل ٿيندا بهشت ۾ مگر جيڪي يهودي هوندا يا نصارى اهي انهن جون سڌون آهن فرماء ته آڻيو پنهنجو دليل جيڪڏهن آهيو سچا . |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
هائو جنهن به جهڪايو پنهنجو پاڻ الله جي لاءِ ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ ان لاءِ ان جو اجر آهي ان جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا . |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
۽ چون ٿا يهودي ته ناهن نصارى ڪنهن شيءِ (دين) تي ۽ چون ٿا نصارى ته ناهن يهودي ڪنهن شيءِ (دين) تي حالانڪ اهي (سڀ) پڙهن ٿا ڪتاب اهڙيءَ طرح چيو انهن شخصن جو نه ٿا ڄاڻن مثل چوڻ انهن جي پوءِ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو روڪي ٿو الله جي مسجدن کان جو ذڪر ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو ۽ ڪوشش ڪري ٿو انهن جي ويران ڪرڻ ۾.هو نه آهي مناسب انهن لاءِ ته داخل ٿين انهن (مسجدن) ۾ مگر ڊڄندي ڊڄندي انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي . |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ الله جو آهي اوڀر ۽ اولھ پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندؤ پوءِ اتي آهي ذات الله جي بيشڪ الله ڪشادي رحمت وارو گهڻو ڄاڻندڙ آهي . |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
۽ چون ٿا ته ورتو الله (پنهنجي لاءِ) اولاد، پاڪائي آهي ان جي (ان ڳالھ کان) بلڪ ان جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ سڀ ان جا فرمانبردار آهن . |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
نئين نموني ٺاهيندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جنهن وقت ارادو ٿو ڪري ڪنهن ڪم جو ته پوءِ (صرف ايترو) ٿو چوي ان کي ته ”ٿي پؤ“ ته ٿي ٿو پوي . |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ چيو انهن شخصن جو ڪجھ به نه ٿا ڄاڻن ته ڇو نه ٿو ڳالهائي اسان سان الله يا ڇو نه ٿي اچي اسان وٽ ڪا نشاني.ن طرح چيو هو انهن جو گذريا انهن کان اڳ ۽ انهن جي ڳالھ وانگر.لن جلن ٿيون دليون انهن جون تحقيق اسان بيان ڪيون آهن نشانيون ان قوم لاءِ جو يقين ٿا رکن . |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
بيشڪ اسان موڪليو توکي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ نه پڇا ڪيو ويندين تون جهنم وارن جي باري ۾ . |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
۽ هرگز راضي نه ٿيندا توکان يهودي ۽ نصارى تانجو تابعداري ڪرين انهن جي دين جي.رماءِ ته بيشڪ الله جو ڏسيل رستو اهو ئي سڌو رستو آهي ۽ جيڪڏهن (بفرض محال) تابعداري ڪندين.نهن جي خواهش جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته (پوءِ) نه آهي الله (جي پڪڙ) کان ڪو بچائيندڙ ۽ نه ڪو مددگار . |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب تلاوت ٿا ڪن ان جي حق تلاوت ڪرڻ ان جي جو.هي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي انڪار ٿا ڪن ان جو پوءِ اهي ئي نقصان ۾ آهن .ع |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ (خاص ڪري هيءَ جو) بيشڪ مون ڀلو ڪيو اوهان کي (ان وقت جي) سڀني جهانن تي . |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪجھ به ۽ نه قبول ڪيو ويندو ان کان مالي تاوان ۽ نه نفعو ڏيندي ان کي سفارش ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا . |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن آزمايو ابراهيم کي ان جي رب ٻٽن فرمانن سان پوءِ پورو ڪيائين انهن کي فرمايو (الله) ته بيشڪ مان ڪندڙ آهيان توکي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ.رض ڪيائين ۽ منهنجي اولاد مان به فرمايو (الله) ته نه پهچندو وعدو منهنجو ظالمن کي . |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن بنايو اسان (هن) گهر کي مرڪز ماڻهن لاءِ ۽ امن جي جاءِ ۽ (ماڻهن کي حڪم ڪيوسون ته) وٺو مقام ابراهيم کي نماز جي جاءِ ۽ تاڪيد ڪيوسون ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته پاڪ صاف رکو منهنجو گهر طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ۾ وهندڙن ۽ رڪوع سجدي ڪندڙن لاءِ . |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن دعا گهري ابراهيم ته اي منهنجا رب ڪر تون هن (شهر کي) امن وارو شهر ۽ روزي ڏي ان ۾ رهندڙن کي طرح طرح جا ميوا (يعني) ان کي جو ايمان آڻي انهن مان الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي.رمايائين ۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ فائدو وٺڻ ڏيندس ان کي ٿورو وقت ان کان پوءِ مجبور ڪندس ان کي باھ جي عذاب ڏانهن ۽ گهڻي خراب جاءِ آهي اها . |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن کنيا ٿي ابراهيم بنياد بيت الله جا ۽ اسماعيل (۽ دعا ٿي گهريائون ته) اي اسان جا رب! قبول ڪر اسان کان بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين . |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
اي اسان جا رب! ۽ ڪر تون اسان کي فرمانبردار پنهنجو ۽ اسان جي اولاد مان جماعت فرمانبردار تنهنجي ۽ ڏيکار (سيکار) ان کي اسان جي عبادت (ڪرڻ) جا طريقا ۽ توجهه ڪر اسان تي بيشڪ تون ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ گهڻو رحم ڪندڙ آهين . |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
اي اسان جا رب! موڪل انهن ۾ شان وارو رسول انهن مان ته پڙهي انهن جي اڳيان تنهنجون آيتون ۽ پڙهائي انهن کي ڪتاب ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ پاڪ صاف ڪري انهن کي بيشڪ تون ئي زبردست غالب وڏي حڪمت وارو آهين. ع |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ ڪير منهن موڙيندو دين ابراهيم جي کان سواءِ ان جي جو بيوقوف بنايائين پنهنجي پاڻ کي ۽ بيشڪ برگزيدو ڪيو سون ان کي دنيا ۾ ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالحن مان هوندو . |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
جڏهن چيو ان کي ان جي رب ته ڪنڌ جهڪاءِ عرض ڪيائين ته ڪنڌ جهڪايم جهانن جي رب لاءِ . |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ وصيت ڪئي هئي ان (دين) جي ابراهيم پنهنجن پٽن کي ۽ يعقوب اي منهنجا پٽ! بيشڪ الله پسند ڪيو اوهان لاءِ (هن) دين کي پوءِ هرگز نه مرجو اوهان مگر ان هال ۾ جو اوهان مسلمان آهيو . |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
ڇا اوهان حاضر هيئو جنهن وقت آيو يعقوب (عليہ الصلواة والسلام) وٽ موت جنهن وقت چيائين (پڇيائين) پنهنجن پٽن کان ته ڪنهن جي عبادت ڪندؤ مون کان پوءِ ؟ چيائون عبادت ڪنداسون تنهني (سچي) معبود ۽ تنهنجي پيئرن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي (سچي) معبود جي جيڪو هڪ (سچو ۽ حق وارو) معبود آهي ۽ اسين ان جي لاءِ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهيون . |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اها جماعت هئي جو تحقيق گذري ان لاءِ اهو آهي جو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جو اوهان ڪمايو ۽ نه پڇا ڪياويندؤ ان (عمل) جي باري ۾ جو (انهن) ڪيا ٿي . |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ چون ٿا ته ٿي پئو يهودي يا عيسائي ته هدايت وارا بنجندؤ.رماءِ ته بلڪ ابراهيم جي دين (جا تابعدار ٿيو) جيڪو حق تي هلندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ هو ۽ نه هو مشرڪن مان . |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
چئو ته ايمان آندوسون الله ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو آهي اسان ڏي ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد ڏانهن ۽ جيڪي ڏنو ويو موسى ۽ عيسى ۽ جيڪي ڏنا ويا (ٻيا) انبياء (سڳورا) پنهنجي رب جي طرفان نه ٿا فرق ڪيون انهن ۾ (ايمان آڻڻ جي لحاظ سان) ۽ اسين ان لاءِ فرمانبردار آهيون . |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏهن ايمان آڻين ان وانگر جو ايمان آندو اوهان ان تي پوءِ بلاشڪ هدايت وارا ٿيا ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائين پوءِ بيشڪ اهي مخالفت ۾ آهن پوءِ جلد ڪافي ٿيندو توکي انهن (جي هر شر) کان الله ۽ اهو (سڀ ڪجھ ) ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
(اسان تي) الله جو رنگ آهي ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي الله کان رنگ ڏيڻ ۾ اسين ان جي عبادت ڪندڙ آهيون . |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
فرماءِ ته ڇا بحث ٿا ڪيو اسان سان الله (جي باري) ۾ ۽ اهو رب اسان جو آهي ۽ رب اوهان جو آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل ۽ اسين ان لاءِ اخلاص سان عبادت ڪندڙ آهيون . |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
ڇا اوهان چئو ٿا ته بيشڪ ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحق ۽ يعقوب ۽ ان جا پٽ هئا يهودي يا عيسائي فرماءِ ته ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيو يا الله ۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو لڪائي ٿو شاهدي (جيڪا) ان وٽ آهي الله جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا . |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اها هڪ امت هئي جيڪا گذري ان لاءِ اهو آهي جو ڪمايائين ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو ڪمايُوَ ۽ نه پڇا ڪيا ويندئو ان جي باري ۾ جو ڪيائون ٿي . |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
سگهوئي چوندا بيوقوف ماڻهو ته ڪهڙيءَ شيءِ ڦيرايو انهن کي سندن قبلي کان جنهن تي هئا (هن کان اول) فرماءِ ته الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولھ، هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري سڌي واٽ ڏانهن . |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ اهڙيءَ طرح بنايوسون اوهان کي امت درمياني تانته هجو شاهد ماڻهن تي ۽ هجي (هيءُ) رسول اوهان تي شاهد. نه (مقرر) ڪيو اسان قبلي کي جو هئين تون (هن وقت تائين) ان تي مگر تانته ڄاڻون (ظاهر ۾) ته ڪير ٿو پيروي ڪري رسول جي (۽) ڪير ٿو موٽي پنهنجن کڙين تي ۽ بلاشبہ اها (ڳالھ) وڏي آهي مگر انهن تي جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله. نه آهي الله (جو هي شان) جو ضايع ڪري ايمان اوهان جي کي.يشڪ الله ماڻهن سان گهڻو ٻاجهارو، رحم ڪندڙ آهي. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
بيشڪ ڏسون پيا بار بار منهن ڦيرائڻ تنهنجي کي آسمان ڏانهن پوءِ ضرور ڦيرائينداسون توکي ان قبلي ڏانهن جو راضي ٿيندين ان کان پوءِ ڦيراءِ پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏانهن ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان طرف ۽ بيشڪ اهي جو ڏنا ويا ڪتاب البته ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو حق آهي انهن جي رب جي طرفان. نه آهي الله غافل انهن ڪمن کان جو ڪن ٿا . |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
۽ جيڪڏهن آڻيندؤ اهل ڪتاب وٽ هر دليل ته به نه تابعداري ڪندا قبلي اوهان جي جي ۽ نه آهيو اوهان تابع انهن جي قبلي جا ۽ نه اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جا تابعدار آهن ۽ البته جيڪڏهن (بفرضِ محال) تابعداري ڪئي اوهان انهن جي سڌن جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته بيشڪ اوهان ان وقت ظالمن مان (ڳڻيل) ٿيندا . |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب سڃاڻن ٿا ان کي جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پٽن کي ۽ بلاشڪ هڪ جماعت انهن مان البته لڪائن ٿا حق ۽ اهي ڄاڻن ٿا . |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
هيءُ حق آهي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ هرگز نه هج تون شڪ ڪندڙن مان . |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
۽ سڀ ڪنهن جي لاءِ هڪ طرف آهي جو اهو ان ڏانهن منهن ڪندڙ آهي پوءِ اڳرائي ڪيو نيڪين ۾ ڪٿي به هوندؤ ته آڻيندو اوهان کي الله گڏ ڪري.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ جتان به نڪرين ته پوءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ڦيراءِ ۽ بيشڪ اهو حق آهي تنهنجي رب جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا . |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ جتان به نڪرين ته پوءِ ڦيراءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان جي طرف تان ته نه هجي ماڻهن لاءِ اوهان تي ڪا حجت مگر جن ظلم ڪيو انهن مان پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان ۽ تان ته پوري ڪيان پنهنجي نعمت اوهان تي ۽ تان ته اوهان هدايت وارا ٿيو . |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جيئن موڪليوسون اوهان ۾ رسول اوهان مان پڙهي ٿو اوهان جي اڳيان آيتون اسان جون ۽ پاڪ ٿو ڪري اوهان کي ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي اهي ڳالهيون جو اوهان نه ڄاڻندا هئا. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
پوءِ مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان ۽ منهنجو شڪر ڪيو ۽ منهجي بي شڪري نه ڪيو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي ايمان وارا! مدد جي طلب ڪيو صبر ۽ نماز (جي ذريعي) سان بيشڪ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ نه چئو انهن جي لاءِ جو ڪٺا ٿا وڃن الله جي واٽ ۾ (ته اهي) مئل آهن بلڪ جيئرا آهن ۽ پر اوهان نه ٿا سمجهو . |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ البته ضرور آزمائينداسون اوهان کي ڪنهن هڪ شيءِ سان، خوف سان ۽ بک سان ۽ مالن ۽ سرن ۽ ميون جي گهٽائڻ سان ۽ بشارت ڏي صبر ڪندڙن کي . |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
اهي جو جنهن وقت پهچي ٿي انهن کي ڪا مصيبت ته چون ٿا بيشڪ اسان (صرف) الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽندڙ آهيون . |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
اهي انهن تي مهربانيون آهن انهن جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن . |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جيڪو حج ڪري بيت جو يا عمرو ڪري پوءِ نه آهي گناھ ان تي جو چڪر هڻي انهن جي وچ ۾ ۽ جنهن خوشيءَ سان وڌايو چڱائيءَ کي پوءِ بيشڪ الله قدردان، گهڻو ڄاڻندڙ آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
بيشڪ اهي شخص جو لڪائن ٿا اهي ڳالهيون جو لاٿيون اسان روشن دليلن ۽ هدايت مان ان کان پوءِ جو بيان ڪيوسون انهن کي ماڻهن جي لاءِ ڪتاب ۾ اهي ئي اهي آهن جو لعنت ٿو ڪري انهن تي الله ۽ لعنت ٿا ڪن انهن تي لعنت ڪندڙ . |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
مگر اهي شخص جو توبہ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون پوءِ اهي توبہ قبول ٿو ڪيان انهن جي ۽ مان توبہ قبول ڪندڙ آهيان . |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ مئا ان حال ۾ جو اهي ڪافر هئا اهي انهن تي لعنت آهي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀني ماڻهن جي . |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
هميشہ رهندا ان ۾ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا . |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
۽ معبود اوهان جو هڪ معبود آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي اهو وڏو مهربان هميشہ رحم ڪندڙ آهي. ع |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير ڦار ۾ ۽ ٻيڙين ۾ جيڪي هلن ٿيون سمنڊ ۾ جيڪي نفعو ٿيون پهچائن ماڻهن کي جيڪي لاٿو الله آسمان مان (مينهن جو) پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين کي ان جي برباد ٿيڻ کان پوءِ ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر قسم جا جانور ۽ هوائن جي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي مطيع ڪيل آهن آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ البته نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا . |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو وٺن ٿا الله کان سواءِ (ٻين کي) شريڪ ڪري محبت ٿا رکن انهن سان الله جي محبت جهڙي ۽ جن ايمان آندو وڌيڪ محبت وارا آهن الله جي لاءِ ۽ جيڪڏهن (هاڻي ئي) سمجهن ها ظلم (جيڪو اڳتي هلي سمجهندا) جنهن وقت ڏسندا عذاب ته بيشڪ سڀ طاقتون الله جون آهن ۽ بيشڪ الله سخت آهي عذاب ڪرڻ ۾ . |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جنهن وقت بيزار ٿيندا اهي شخص جو تابعداري ڪيا ويا انهن کان جو سندن تابعدار ٿيا ۽ ڏسندا عذاب کي ۽ ٽٽي ويندا انهن جا تعلقات . |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ چوندا تابعداري ڪرڻ وارا ته جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ ڀيرو موٽڻ هجي ها ته پوءِ بيزار ٿيون ها انهن کان جيئن بيزار ٿيا اسان کان.هڙيءَ طرح ڏيکاريندو انهن کي الله عمل انهن جا پشيمانيون ڪري انهن تي ۽ نه آهن نڪرندڙ باھ مان . |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي انسانو! کائو ان مان جو زمين ۾ آهي حلال پاڪ ۽ نه تابعداري ڪيو شيطان جي وکن جي.يشڪ اهو اوهان جو کليو دشمن آهي. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
تحقيق امر ٿو ڪري اوهان کي برائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو ۽ هن ڳالھ جو ته بهتان هڻو الله تي جيڪو اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جو نازل ڪيو الله ته چون ٿا ته (نه) بلڪ تابعداري ڪنداسين ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن ابن ڏاڏن کي.يتوڻيڪ هجن پيئر ڏاڏا انهن جا جو نه ٿا سمجهن ڪا شيءِ ۽ نه ٿا هدايت وارا ٿين . |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
۽ مثال انهن جو جو ڪفر ڪيائون انهن وانگر آهي جو دانهون ٿو ڪري ان جي پويان جو نه ٿو ٻڌي مگر سڏ ۽ آواز ٻوڙا، گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه ٿا سمجهن . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي ايمان وارؤ! کائو ان پاڪ (شين) مان جو رزق ڏنو سون اوهان کي ۽ شڪر ڪيو الله جو جيڪڏهن خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا . |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
اوهان تي (صرف) حرام ڪيائين مئل ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو ڪهڻ وقت بلند آواز سان ورتو ويو ان تي الله کان سواءِ ٻيو نالو.وءِ جيڪو مجبور ڪيو وڃي نه سرڪشي ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگهندڙ ته پوءِ نه آهي ڪو گناھ ان تي.يشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
بيشڪ اهي شخص جو لڪائين ٿا اهو جو نازل ڪيو الله ڪتاب مان ۽ خريد ڪن ٿا ان جي عوض ملھ ٿورو اهي نه ٿا کائن پنهنجن پيٽن ۾ مگر باھ ۽ نه ڳالهائيندو انهن سان الله (تعالى) قيامت جي ڏينهن ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
اِهي اُهي (بدنصيب) آهن جو خريد ڪيائون گمراهي عوض هدايت جي ۽ عذاب عوض بخشش جي پوءِ ڪنهن صبر ڪندڙ بنايو انهن کي باھ تي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اهو ان سببان جو بيشڪ الله نازل ڪيو ڪتاب حق سان ۽ بيشڪ جن اختلاف ڪيو ڪتاب ۾ البته اختلاف پرانهين ۾ آهن . |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نه آهي نيڪي (صرف هيءَ) جو ڦيرايو پنهنجن منهن کي اوڀر طرف ۽ اولھ طرف ۽ پر نيڪيءَ وارو اهو آهي جو ايمان آڻي الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ملائڪن تي ۽ ڪتاب تي ۽ نبين تي ۽ ڏئي مال ان (الله تعالى) جي محبت ۾ قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانهن جي آزاد ڪرڻ ۾ ۽ قائم ڪري نماز ۽ ڏئي زڪواة ۽ وفا ڪندڙ آهن پنهنجي وعدي کي جنهن وقت وعدو ڪيائون ۽ صبر ڪندڙ مصيبت ۾ ۽ سختيءَ ۾ ۽ جنگ جي وقت اهي ئي اهي آهن جن سچائي ڪئي ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي ايمان وارؤ! فرض ڪيو ويو اوهان تي قصاص (ناحق) قتل ڪيلن ۾.زاد عوض آزاد جي ۽ ٻانهو عوض ٻانهي جي ۽ عورت عوض عورت جي.وءِ جنهن کي معاف ڪيو وڃي ان جي ڀاءُ جي طرفان ڪا شيءِ پوءِ (ان جي طلب لاءِ) پٺيان لڳڻ آهي نيڪيءَ سان ۽ (خون بها) ادا ڪرڻ آهي ان کي احسان سان.ها هلڪائي آهي اوهان جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي.وءِ جنهن زيادتي ڪئي ان کان بعد پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
۽ اوهان جي لاءِ قصاص ۾ حياتي آهي.ي عقلمندؤ! تانته اوهان (قتل ڪرڻ کان) بچو . |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
فرض ڪئي وئي اوهان تي جنهن وقت اچي هڪڙي وٽ اوهان مان موت جيڪڏهن ڇڏي ٿو وڃي ڪجھ مال، وصيت ڪرڻ.يءُ ماءُ لاءِ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ انصاف سان.ق آهي پرهيزگارن تي . |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جنهن مٽايو ان (وصيت) کي ان کان پوءِ جو ٻڌائين ان کي پوءِ گناھ ان جو انهن تي آهي جو مٽائن ٿا ان کي.يشڪ الله گهڻو ٻڌندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي . |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
پوءِ جنهن خوف ڪيو وصيت ڪندڙ کان طرفداريءَ يا گناھ جو پوءِ صلح ڪرايائين انهن ۾ ته نه آهي ڪو گناھ ان تي بيشڪ الله بخشيندڙ، مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي ايمان وارا! فرض ڪيا ويا اوهان تي روزا (رکڻ) جيئن فرض ڪيا ويا اوهان کان اڳين تي تانته اوهان پرهيزگار ٿيو . |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
ڏينهن ڳڻيل پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا سفر ۾ ته پوءِ اوترو ڳاڻاٽو آهي ٻين ڏينهن مان ۽ انهن تي جو مشڪل سان طاقت ٿا رکن فديو آهي هڪ مسڪين جو کاڌو.وءِ جنهن خوشيءَ سان وڌائي نيڪي ته پوءِ اهو ان لاءِ ڀلو آهي ۽ روزا رکو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا . |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان جو مهينو اهو آهي جو نازل ڪيو ويو ان ۾ قرآن (ان حال ۾ جو) هدايت ڪندڙ آهي ماڻهن جي لاءِ ۽ روشن دليل هدايت جا ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ جا پوءِ جيڪي لهي اوهان مان هن مهيني کي ته پوءِ ڀلي روزا رکي ان ۾ ۽ جيڪو آهي بيمار يا سفر ۾ ته پوءِ اهو ڳڻيل ٻيا ڏينهن (روزا رکي) ارادو ٿو ڪري الله اوهان سان آسانيءَ جو ۽ نه ٿو ارادو ڪري اوهان سان ڏکيائيءَ جو ۽ تانته پورو ڪيو ڳاڻاٽو ۽ تانته الله جي وڏائي بيان ڪيو ان (نعمت) تي جو هدايت ڪيائين اوهان کي ۽ تانته شڪر ڪيو . |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ جنهن وقت پڇن توکان منهنجا ٻانها منهنجي (متعلق) پوءِ بيشڪ مان ويجهو آهيان قبول ڪندو آهيان دعا گهرندڙ جي دعا جنهن وقت مون کان گهرندو آهي پوءِ ڀلي ته قبول ڪن منهنجو حڪم ڀلي ته ايمان آڻين مون تي تانته اهي هدايت وارا ٿين . |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
حلال ڪئي وئي اوهان لاءِ روزي جي رات ۾ صحبت ڪرڻ پنهنجين زالن سان اهي ڍڪ آهن اوهان لاءِ ۽ اوهان ڍڪ آهيو انهن لاءِ.اتو الله ته بيشڪ اوهان خيانت ۾ ٿي وڌو پنهنجي پاڻ کي پوءِ (ٻاجھ سان) موٽيو اوهان تي ۽ معاف ڪيائين اوهان کي پوءِ هاڻي صحبت ڪيو انهن سان ۽ طلب ڪيو جيڪي لکيو الله اوهان جي لاءِ ۽ کائو ۽ پيئو تان جو ظاهر ٿئي اوهان لاءِ (باک ڦٽڻ وارو) اڇو ڌاڳو ڪاري ڌاڳي کان فجر جي وقت ان کان پوءِ پورو ڪيو روزو رات تائين ۽ نه صحبت ڪيو انهن سان ان حال ۾ جو اوهان ڏهي ۾ ويٺل آهيو مسجدن ۾ اهي حدون آهن الله جون پوءِ انهن کي ويجها ئي نه وڃو.هڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ من اهي تقوى وارا ٿين . |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ نه کائو مال هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ باطل (طريقي) سان ۽ نه رسائي حاصل ڪيو انهن سان حاڪمن ڏانهن تانته کائو حصو مالن ماڻهن جي مان گناھ سان حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا (ته اهو حرام آهي) . |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
پڇن ٿا توکان (اڀرندڙ) چنڊن جي باري ۾ فرماءِ ته اهي وقت سڃاڻڻ جون نشانيون آهن ماڻهن جي لاءِ ۽ حج جي لاءِ ۽ (هيءَ ڪا) نيڪي نه آهي جو اچو (پنهنجن) گهرن ۾ انهن جي پوين پاسن کان ۽ پر نيڪي ان جي آهي جو تقوى اختيار ڪيائين ۽ اچو گهرن ۾ انهن جي دروازن کان ۽ ڊڄو الله کان (ان اميد تي) ته ڪامياب ٿيو . |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
۽ جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ انهن سان جو جنگ ٿا ڪن اوهان سان ۽ نه زيادتي ڪيو.يشڪ الله نه ٿو محبت رکي زيادتي ڪندڙن سان . |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
۽ قتل ڪيو انهن کي جتي به لهو انهن کي ۽ ڪڍو انهن کي اتاهين جو ڪڍيائون اوهان کي ۽ فتنو اٿارڻ زور سخت آهي قتل ڪرڻ کان ۽ نه جنگ ڪيو انهن سان مسجد حرام وٽ تانجو جنگ ڪن اوهان سان ان ۾ پوءِ جيڪڏهن جنگ ڪن اوهان سان ته پوءِ قتل ڪيو انهن کي اهڙيءَ طرح آهي سزا ڪافرن جي . |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جيڪڏهن بس ڪن (ته اوهين به بس ڪيو) پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي . |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
۽ جنگ ڪيو انهن سان تانجو نه رهي فتنو ۽ هجي دين (خالص) الله جي لاءِ پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته پوءِ نه آهي زيادتي مگر ظالمن تي . |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
عزت وارو مهينو بدلو آ عزت واري مهيني جو ۽ عزتون بدلو آهن پوءِ جنهن زيادتي ڪئي اوهان تي پوءِ زيادتي ڪيو ان تي اهڙي زيادتي تي جو ڪيائين اوهان تي ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله پرهيز گارن سان گڏ آهي. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
۽ خرچ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ نه اڇلايو پاڻ کي هلاڪت ۾ ۽ احسان ڪيو.يشڪ الله محبت ٿو رکي ڀلائي ڪندڙن سان . |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
۽ پورو ڪيو حج ۽ عمرو الله جي لاءِ.وءِ جيڪڏهن گهيري ۾ آندا وڃو پوءِ جيڪو آسان ٿيو قربانيءَ جي جانورن مان ۽ نه ڪوڙيو پنهنجا مٿا تانجو پهچي قربانيءَ جو جانور پنهنجيءَ جاءِ تي.وءِ جيڪو هجي اوهان مان بيمار يا ڪجھ تڪليف آهي ان جي مٿي ۾ ته پوءِ فديو ڏيڻ آهي روزن سان يا خيرات سان يا قربانيءَ سان پوءِ جڏهن امن وارا ٿيو ته پوءِ جيڪو فائدو وٺي عمري جو حج سان (گڏي) پوءِ جيڪا آسان ٿئي قرباني (اها ڏئي) پوءِ جيڪو (قرباني) نه لهي ته پوءِ ٽي روزا حج جي ڏينهن ۾ ۽ ست روزا جڏهن (حج کان) موٽو (ته رکو) اهي ڏھ (روزا) پورا آهن اهو (حڪم) ان لاءِ آهي جو نه آهي اهل ان جو رهندڙ عزت واري مسجد جي ويجهو. ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ . |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج (جو وقت) معلوم مهينا آهن پوءِ جنهن نيت ڪئي انهن ۾ حج جي پوءِ نه آهي بي حيائيءَ جي ڳالھ ۽ نه بي فرماني ۽ نه آهي جهيڙو ڪرڻ حج ۾ ۽ جيڪو ڪيو ٿا چڱو ڪم، ڄاڻي ٿو ان کي الله. سمر کڻو پوءِ بيشڪ ڀلو سمر پرهيزگاري آهي. ڊڄو مون کان اي عقل وارؤ! . |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
ناهي اوهان تي ڪو گناھ جو طلب ڪيو فضل پنهنجي رب کان پوءِ جڏهن موٽو عرفات کان ته پوءِ ياد ڪيو الله کي مشعر حرام (مزدلفہ) وٽ ۽ ياد ڪيو ان کي جيئن هدايت ڪيائين اوهان کي جيتوڻيڪ هُيئو ان کان اڳ ۾ گمراهن مان . |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
ان کان پوءِ موٽو جتان موٽيا ماڻهو ۽ مغفرت گهرو الله کان.يشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي . |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن پورا ڪيو حج جا احڪام ته پوءِ ياد ڪيو الله کي مثل ياد ڪرڻ اوهان جي پيئرن پنهنجن کي يا وڌيڪ ياد ڪرڻ.وءِ بعضي ماڻهو اهي آهن جو چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي (صرف) دنيا ۾ ڏي ۽ ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو . |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ انهن (ماڻهن) مان اهي به آهن جو چون ٿا ته اي اسان جا رب ڏي اسان کي دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ ڀلائي ۽ بچاءِ اسان کي عذاب باھ جي کان . |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اهي انهن لاءِ ڀاڱو آهي ان مان جو ڪمايائون ۽ الله تڪڙو حساب ڪندڙ آهي. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
۽ ياد ڪيو الله کي ڏينهن ڳڻيلن ۾ پوءِ جنهن جلدي ڪئي ٻن ڏينهن ۾ پوءِ نه آهي ڪو گناھ ان تي ۽ جنهن دير ڪئي (رهي پيو) پوءِ ناهي ڪو گناھ ان تي ان جي لاءِ جو ڊڄندو رهيو ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو تحقيق اوهان ان ڏانهن اٿاريا ويندؤ . |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
۽ ماڻهن مان ڪو (اهڙو) آهي جو وڻي ٿو توکي ڳالهائڻ ان جو دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ شاهد ٿو ڪري الله کي ان تي جو ان جي دل ۾ آهي ۽ اهو سخت جهيڙاڪار آهي . |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
۽ جنهن وقت موٽي ٿو (اوهان وٽان) ته ڪوشش ٿو ڪري زمين ۾ تانته فساد وجهي ان ۾ ۽ هلاڪ ڪري پوک ۽ نسل کي. الله نه ٿو پسند ڪري فساد ڪرڻ کي . |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جنهن وقت چيو ٿو وڃي ان کي ته ڊڄ الله کان ته آڪڙ ڪرائيندي آهي ان کي وڏائي گناھ ڪرڻ تي پوءِ ڪافي آهي ان لاءِ جهنم ۽ ضرور اهو بڇڙو هنڌ آهي . |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
۽ ماڻهن مان ڪو (اهڙو آهي) جو وڪڻي ٿو پنهنجو پاڻ الله جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ ۽ الله ٻاجھ ڪندڙ آهي ٻانهن سان . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي ايمان وارؤ – داخل ٿيو اسلام ۾ پورا پورا ۽ نه تابعداري ڪيو شيطان جي وکن جي بيشڪ اهو اوهان جو کليو دشمن آهي . |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
پوءِ جيڪڏهن ترڪي پئو ان کان پوءِ جو آيا اوهان وٽ روشن دليل پوءِ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي . |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
نه ٿا انتظار ڪن مگر هن ڳالھ جو ته اچي انهن وٽ الله (جو عذاب) ڪڪرن جي پاڇن ۾ ۽ ملائڪ ۽ فيصلو ڪيو وڃي معاملو ۽ الله ڏانهن ٿا موٽايا وڃن معاملا . |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
پڇ بني اسرائيل کان ته ڪيترا ڏناسون انهن کي دليل روشن ۽ جيڪو مٽائي ٿو الله جي نعمت ان کان پوءِ جو آئي ان وٽ پوءِ بيشڪ الله ڏاڍو عذاب (ڏيندڙ) آهي . |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
سينگاري وئي ڪافرن جي لاءِ حياتي دنيا جي ۽ چٿر ٿا ڪن انهن تان جو ايمان آندائون ۽ جيڪي پرهيزگار ٿيا انهن کان مٿي هوندا قيامت جي ڏينهن ۽ الله رزق ٿو ڏئي جنهن کي گهري حساب کان سواءِ . |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
(شروعات ۾) ماڻهو هڪ (ئي) جماعت هئا.وءِ موڪليو الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ لاٿائين انهن سان ڪتاب کي حق سان تانته فيصلو ڪري ماڻهن ۾ ان ڳالهين جو، جو اختلاف ڪيائون انهن ۾ ۽ نه اختلاف ڪيو ان ۾ مگر انهن جو ڏنا ويا اهي (ڪتاب) ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ روشن دليل.ببان حسد ڪرڻ جي پاڻ ۾ پوءِ هدايت ڪئي الله انهن کي جو ايمان آندائون ان جي لاءِ جو اختلاف ڪيائون ان ۾ پنهنجي توفيق سان ۽ الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري سڌي واٽ ڏانهن . |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
ڇا اهو خيال ٿا ڪيو ته (ائين) داخل ٿيندؤ بهشت ۾ ۽ اڃا نه آئي آهي اوهان وٽ حالت انهن واري جو گذريا اوهان کان اڳ ۾ پهتي انهن کي سختي ۽ ڏک ۽ لوڏيا ويا تان جو چوڻ لڳو (ان وقت جو) رسول ۽ جن ايمان آندو ان سان گڏ ته ڪڏهن ايندي مدد الله جي.بردار، بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي . |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
پڇا ٿا ڪن توکان ته ڇا خرچ ڪن.رماءِ ته جيڪي خرچ ڪيو (پنهنجي) مال مان اهو پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافر لاءِ. جيڪا به ڪندؤ نيڪي پوءِ بيشڪ الله اها ڄاڻندڙ آهي . |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
فرض ڪيو ويو اوهان تي جهاد ۽ اهو ناپسند آهي اوهان کي ۽ ٿي سگهي ٿو جو نه پسند ڪيو اوهان ڪا شيءِ ۽ اها ڀلي آهي اوهان لاءِ ۽ ٿي سگهي ٿو جو پسند ڪيو ڪا شيءِ ۽ اها بڇڙي آهي اوهان لاءِ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
پڇن ٿا توکان عزت واري مهيني جو (يعني) ان ۾ جنگ ڪرڻ جو فرماءِ ته ان ۾ جنگ ڪرڻ هي وڏو گناھ آهي ۽ روڪڻ الله جي واٽ کان ۽ ان تي ايمان نه آڻڻ ۽ عزت واري مسجد کان (روڪڻ) ۽ ڪڍڻ ان جي رهاڪن کي ان مان وڏو گناھ آهي الله وٽ ۽ فتنو، قتل کان به تمام وڏو گناھ آهي ۽ هميشہ لڙندا رهندا اوهان سان تانجو ڦيرائن اوهان کي اوهان جي دين کان جيڪڏهن ڪري سگهن. جيڪو ڦرندو اوهان مان پنهنجي دين کان پوءِ مري ان حال ۾ جو اهو ڪافر آهي.وءِ چٽ ٿيا عمل انهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن . |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو الله جي واٽ ۾ اهي اميد ٿا رکن الله جي رحمت ۾ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي . |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
پڇن ٿا توکان شراب ۽ جوا جي باري ۾ فرماءِ ته انهن ٻنهي ۾ گناهه وڏو ۽ نفعا آهن ماڻهن لاءِ ۽ گناھ انهن ٻنهي جو وڏو آهي انهن جي نفعي کان ۽ پڇن ٿا تو کان ته ڇا خرچ ڪن؟ فرماءِ ته گهرج کان وڌيڪ اهڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله اوهان لاءِ آيتون تانته اوهان فڪر ڪيو . |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ ۽ پڇن ٿا توکان يتيمن (جي باري) ۾.رماءِ ته انهن جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ ڀلي آهي ۽ جيڪڏهن گڏ رکندؤنِ ته ڀائر آهن اوهان جا ۽ الله ڄاڻي ٿو فساد ڪندڙ کي ڀلائي ڪندڙ کان ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته تڪيلف ڏئي ها اوهان کي بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي . |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
۽ نه نڪاح ڪيو مشرڪياڻن سان تانجو ايمان آڻين ۽ بيشڪ ٻانهي ايمان واري ڀلي آهي مشرڪياڻيءَ کان جيتوڻيڪ وڻي اوهان کي ۽ نه پرڻايو مشرڪن کي تانجو ايمان آڻين ۽ البته ٻانهو مؤمن ڀلو آهي (آزاد) مشرڪ کان جيتوڻيڪ وڻيو اوهان کي.هي سڏين ٿا باھ ڏانهن ۽ الله سڏي ٿو بهشت ۽ بخشش ڏانهن پنهنجي توفيق سان ۽ بيان ٿو ڪري پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ من اهي نصيحت وٺن . |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ پڇن ٿا توکان حيض جي (باري) ۾ فرماءِ ته اهو گندگي آهي پوءِ پري رهو عورتن کان حيض جي حالت ۾ ۽ نه ويجها وڃو انهن کي تانجو پاڪ ٿين پوءِ جڏهن پاڪ ٿين ته پوءِ اچو انهن ڏانهن اتاهين جو امر ڪيو اوهان کي الله بيشڪ الله محبت ٿو رکي توبہ ڪندڙن سان ۽ محبت ٿو رکي پاڪائي ڪندڙن سان . |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
زالون اوهان جون پوک آهن اوهان جي لاءِ پوءِ اچو پوک پنهنجيءَ ڏانهن جيئن گهرو ۽ اڳتي موڪليو پنهنجن سرن لاءِ (چڱا عمل) ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ان سان ملاقات ڪندڙ آهيو ۽ خوشخبري ڏي مؤمنن کي . |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
۽ نه بنايو الله کي نشان پنهنجن قسمن لاءِ هن طرح جو (نه) نيڪي ڪيو ۽ (نه) تقوى ڪيو ۽ نه صلح ڪرايو ماڻهن ۾ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي . |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
نه پڪڙ ڪندو اوهان کي الله اجاين قسمن اوهان جن ۾. پر پڪڙ ڪندو اوهان کي ان سان جو نيت ۾ ڪيو دلين اوهان جي ۽ الله بخشيندڙ، بردبار آهي . |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
انهن لاءِ جو قسم ٿا کڻن پنهنجين زالن سان ترسڻ آهي چار مهينا پوءِ جيڪڏهن موٽيا ته پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ، مهربان آهي . |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جيڪڏهن پڪو ارادو ڪيائون طلاق جو پوءِ بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي . |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
۽ طلاق ڏنلون (زالون) انتظار ڪرائن پاڻ کي.ي حيض ۽ نه ٿو حلال ٿئي انهن لاءِ ته لڪائن جيڪي پيدا ڪيو الله انهن جي ڳڀيرڻن ۾ جيڪڏهن ايمان اٿن الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ سندن مڙس وڌيڪ حقدار آهن سندن موٽائڻ جا ان (مدت) ۾ جيڪڏهن ارادو ٿا ڪن سڌاري جو. انهن (زالن) لاءِ اهڙائي (حق) آهن جهڙا انهن تي (مڙسن جا حق آهن) چڱائيءَ سان ۽ مردن کي انهن تي فضيلت آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي . |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق ٻه ڀيرا آهي پوءِ روڪڻ آهي چڱائيءَ سان يا ڇڏڻ آهي مهربانيءَ سان ۽ نه ٿو حلال ٿئي اوهان لاءِ جو وٺو ان مان جو ڏني اوهان انهن کي ڪا شيءِ مگر جي ڊڄن ٿا ته نه قائم ڪري سگهندا حدون الله جون پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته نه قائم ڪري سگهندا حدون الله جون پوءِ ناهي گناھ انهن ٻنهي تي ان ۾ جو فديو ڏئي (عورت) ان سان اهي حدون الله جون آهن پوءِ نه اڳتي وڌو انهن کان ۽ جيڪي اڳتي وڌن ٿا حدن الله جي کان پوءِ اهي ئي ظالم آهن . |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جيڪڏهن (ٽين) طلاق ڏنائين ان کي ته پوءِ نه ٿي حلال ٿئي ان لاءِ تانجو نڪاح ڪري (ٻئي) مڙس سان ان کان سواءِ پوءِ جيڪڏهن طلاق ڏنائين ان کي (ٻئي مڙس) پوءِ ناهي گناھ انهن ٻنهي تي جو موٽي (وري نڪاح ڪن) جيڪڏهن خيال ٿا ڪن ته قائم ڪندا حدون الله جون ۽ اهي الله جون حدون آهن بيان ٿو ڪري انهن کي انهن ماڻهن لاءِ جو ڄاڻن ٿا . |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏهن طلاق ڏيو عورتن کي پوءِ پورو ڪن مدو پنهنجو پوءِ جهليو انهن کي چڱائيءَ سان يا ڇڏيو انهن کي چڱائيءَ سان ۽ نه جهليو انهن کي نقصان ڏيڻ لاءِ تانته زيادتي ڪيو ۽ جيڪو ڪندو اها (زيادتي) پوءِ بيشڪ ظلم ڪيائين پاڻ تي ۽ نه وٺو آيتن الله جي کي مذاق ڪري ۽ ياد ڪيو الله جي نعمت (جيڪا) اوهان تي آهي ۽ (ياد ڪيو) جيڪو لاٿائين اوهان تي ڪتاب ۽ حڪمت، نصيحت ٿو ڪري اوهان کي ان سان ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي . |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
۽ جڏهن طلاق ڏيو زالن کي پوءِ پورو ڪن مدو پنهنجو پوءِ نه روڪيو انهن کي (هن ڳالھ کان) جو نڪاح ڪن پنهنجن مڙسن سان جڏهن راضي ٿيا پاڻ ۾ چڱائيءَ سان اها نصيحت ڪيو ٿو وڃي ان سان اوهان مان اهو جنهن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي اهو وڌيڪ صاف آهي اوهان لاءِ ۽ وڌيڪ پاڪ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
۽ مائرون کير پيارين اولاد پنهنجي کي ٻه سال پورا (هيءَ مدت) ان لاءِ آهي جو ارادو ڪري ته پوري ڪري کير (جي مدت) ۽ پيءُ تي انهن جو کاڌو ۽ لباس آهي چڱائي سان نه تڪليف ڏنو ويندو ڪوبه شخص مگر ان جي وسعت موافق نه نقصان ڏني وڃي ماءُ سببان اولاد پنهنجي ۽ نه پيءُ سببان اولاد پنهنجي ۽ وارث تي به ان جهڙي (ذميداري) آهي.وءِ جيڪڏهن ارادو ڪيو ٻنهي کير ڇڏائڻ جو رضامندي ۽ مشوري سان پوءِ ناهي ڪو گناھ انهن ٻنهي تي ۽ جيڪڏهن ارادو ڪيو ته کير پيارايو (دائيءَ کان) پنهنجي اولاد کي ته پوءِ ناهي گناھ اوهان تي جڏهن ادا ڪيو جيڪي ڏيڻو ڪيو هُيُوَ چڱائيءَ سان ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
۽ جيڪي وفات ڪرايا وڃن اوهان مان ۽ ڇڏين زالون ته انتظار ڪرائين (زالون) پاڻ کي چار مهينا ۽ ڏھ ڏينهن پوءِ جڏهن پهچن پنهنجيءَ (عدت جي) مدت کي پوءِ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو ڪيائون پنهنجي حق ۾ چڱائيءَ سان ۽ الله جيڪو به ڪيو ٿا ان جي پوري طرح خبر رکندڙ آهي . |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
۽ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو اشاري سان چئو پيغام نڪاح جو عورتن سان يا لڪايو پنهنجين دلين ۾ ڄاڻي ٿو الله ته بيشڪ اوهان جلدي ياد ڪندؤ انهن کي ۽ پر نه وعدو وٺجو انهن کان لڪل مگر هيئن جو چئو چوڻ سهڻو ۽ نه پڪو ڪيو معاملو نڪاح جو تانجو پهچي عدت پنهنجيءَ مدت کي ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي پوءِ ڊڄو ان کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي . |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
ناهي گناھ اوهان تي جيڪڏهن طلاق ڏيو زالن کي جيستائين نه هٿ لاٿو اٿوَ انهن کي يا نه مقرر ڪَيُوَ انهن لاءِ مهر ۽ خرچ ڏيو انهن کي، وسعت واري تي ان جي اندازي سان ۽ غريب تي ان جي اندازي سان خرچ ڏيڻ چڱي نموني سان آهي نيڪن تي . |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جيڪڏهن طلاق ڏني اوهان انهن کي ان کان اڳي جو هٿ لايو انهن کي ۽ تحقيق مقرر ڪيُوَ انهن لاءِ مهر پوءِ اڌ ان مان جو مقرر ڪيُوَ مگر هي جو (پاڻ) معاف ڪن يا اهو معاف ڪري جنهن جي هٿ ۾ آهي معاملو نڪاح جو ۽ اوهان معاف ڪيو ته وڌيڪ ويجهو آهي پرهيزگاريءَ لاءِ ۽ نه وساريو ڀلائي ڪرڻ کي پاڻ ۾ بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
حفاظت ڪيو سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچ واري نماز جي ۽ بيهو الله جي لاءِ عاجزي ڪندڙ . |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
پوءِ جيڪڏهن ڊڄو (دشمن کان) پوءِ پيادا يا سوار پوءِ جڏهن امن وارا ٿيو ته پوءِ ياد ڪيو الله کي جيئن سيکاريائين اوهان کي جيڪي نه ٿي ڄَاتُوَ . |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
۽ جيڪي وفات ڪرايا وڃن اوهان مان ۽ (پوئتي) ڇڏين ٿا زالون وصيت ڪن پنهنجين زالن جي لاءِ خرچ ڏيڻ جي سال تائين سواءِ (گهر مان) ڪڍڻ جي پوءِ جيڪڏهن پاڻهي نڪرن ته پوءِ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو پاڻ ڪيائون پنهنجي معاملي ۾ مناست نموني ۽ الله غالب، حڪمت وارو آهي. |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ طلاق ڏنلن لاءِ دستور موجب پرهيزگارن تي خرچ لازم آهي . |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اهڙيءَ طرح الله پنهنجا ڪم اوهان لاءِ پڌرا ڪري ٿو ته من اوهين سمجهو . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
ڇا نه ڏٺو تو انهن کي جو نڪتا پنهنجن گهرن مان ۽ اهي هزارين هئا موت جي ڊپ کان پوءِ فرمايو انهن کي الله ته مري پئو ان کان پوءِ جيئرو ڪيائين انهن کي.يشڪ الله ڀلائي ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن . |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
۽ جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي الله کي قرض سهڻو پوءِ ٻيڻو ڪري ڏئي (الله) ان لاءِ ٻيڻايون گهڻيون ۽ الله تنگ ٿو ڪري ۽ ڪشادو ٿو ڪري ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ . |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
ڇا نه ڏٺو تو ان ٽولي ڏانهن بني اسرائيل مان (جيڪي) موسى (عليہ السلام) کان پوءِ (هئا) جڏهن چيائون پنهنجي نبيءَ کي ته مقرر ڪر اسان لاءِ بادشاھ ته جنگ ڪيون الله جي واٽ ۾ فرمايائين ڇا ويجھا آهيو (هن ڳالھ کي) جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي اوهان تي جهاد ته نه جنگ ڪيو چيائون ۽ ڇا آهي اسان کي جو نه جنگ ڪنداسين الله جي واٽ ۾ حالانڪه تحقيق ڪڍيا وياسون پنهنجن گھرن مان ۽ پنهنجن پٽن مان.وءِ جڏهن فرض ڪئي وئي انهن تي جنگ ته ڦري ويا مگر ٿورڙا انهن مان ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي . |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
۽ چيو انهن کي انهن جي نبي ته بيشڪ الله تحقيق مقرر ڪيو اوهان لاءِ طالوت کي امير چيائون ته ڪيئن هوندو ان کي حڪومت ڪرڻ (جو حق) اسان تي ۽ اسين وڌيڪ حقدار آهيون حڪومت ڪرڻ جا ان کان ۽ نه ڏنو ويو گھڻائي مال ۾ فرمايائين بيشڪ الله برگزيدو ڪيو ان کي اوهان تي ۽ وڌايائين ان کي گھڻو علم ۽ جسم ۾ ۽ الله ڏئي ٿو ملڪ پنهنجو جنهن کي گھري. الله وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي . |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ چيو انهن کي نبيءَ انهن جي ته بيشڪ نشاني ان جي حاڪم ٿيڻ جي هيءَ آهي ته اچي اوهان وٽ صندوق جنهن ۾ سڪون آهي اوهان جي رب وٽان ۽ بچيل شيون آهن.ن مان جو ڇڏيو اولاد موسى جي ۽ اولاد هارون جي کڻي ٿا اچن ان کي ملائڪ بيشڪ ان ۾ البتہ (الله جي) وڏي نشاني آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن آهيو مؤمن . |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏهن نڪتو طالوت لشڪرن سان ته فرمايائين بيشڪ الله آزمائيندڙ آهي اوهان جو نهر (جي پاڻيءَ) سان.وءِ جنهن پيتو ان مان پوءِ ناهي منهنجيءَ جماعت مان ۽ جنهن نه چکيو ان مان پوءِ بيشڪ اهو منهنجيءَ (جماعت) مان آهي مگر جنهن ڀريو هڪ چرو پنهنجي هٿ سان پوءِ پيتائون مگر ٿورا انهن مان.وءِ جڏهن لنگھيو ان کان پاڻ ۽ جن ايمان آندو هو ان سان گڏ ته چيائون ته ناهي طاقت اسان کي اڄ (مقابلي ڪرڻ جي) جالوت ۽ ان جي لشڪر سان.يو انهن، جو يقين رکيائون ته بيشڪ اهي ملندڙ آهن الله سان ته ڪيتريون ٿوريون جماعتون غالب ٿيون گھڻين جماعتن کان الله جي اذن سان ۽ الله گڏ آهي صبر ڪندڙ سان . |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
۽ جڏهن ظاهر ٿيا جالوت ۽ ان جي لشڪرن جي لاءِ ته عرض ڪيائون اي اسان جا رب پلٽ اسان تي صبر ۽ ثابت رک پير اسان جا ۽ مدد ڪر اسان جي قوم ڪافرن جي تي . |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
پوءِ ڀڄايائون انهن کي حڪم الله جي سان ۽ ڪٺو دائود جالوت کي ۽ ڏني ان (داؤد) کي الله بادشاهي ۽ حڪمت ۽ سيکاريائين ان کي ان مان جو ٿو گھري ۽ جيڪڏهن نه هجي ها ٽارڻ الله جو ماڻهن کي هڪڙن جو ٻين سان ته ويران ٿئي ها زمين ۽ پر الله ڀلائي ڪرڻ وارو آهي جھانن تي . |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
اهي آيتون الله جون آهن پڙهون ٿا توتي سچ سان ۽ بيشڪ تون البتہ مرسلن مان آهين . |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اهي (سڀ) رسول ڀلو ڪيوسون انهن مان هڪڙن کي ٻين تي.نهن مان ڪنهن سان الله ڳالهايو ۽ بلند ڪيائين انهن مان بعض جا درجا ۽ ڏناسون عيسى پٽ مريم جي کي چٽا دليل ۽ تائيد ڪئي سون ان جي روح پاڪ سان ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه وڙهن ها اهي جو هئا انهن کان بعد ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ چٽا دليل ۽ پر اختلاف ۾ پئجي ويا پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن ڪفر ڪيو ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه وڙهن ها ۽ پر الله ڪري ٿو جيڪو ارادو فرمائي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي ايمان وارا خرچ ڪيو ان مان جو ڏنوسون اوهان کي (ان وقت کان) اڳ ۾ جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي واپار ان ۾ ۽ نه دوستي ۽ نه شفاعت (ڪافرن لاءِ) ۽ ڪافر اهي ئي ظالم آهن . |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
سچو معبود، ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ جيئرو (سڀني کي) قائم رکندڙ، نه ٿي وٺي ان کي اوجهراڻي ۽ نه ننڊ ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي، ڪير آهي جو شفاعت ڪندو ان وٽ ان جي اجازت کان سواءِ ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي ۽ نه ٿا گهيرو ڪن ڪنهن شيءِ جو ان جي علم مان مگر جيترو گهري ڪشادي آهي ڪرسي ان جي آسمانن ۽ زمين کان ۽ نه ٿي ٿڪائي ان کي حفاظت انهن جي ۽ اهو مٿاهون، وڏو آهي . |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
ناهي ڪا زبردستي دين ۾ تحقيق ظاهر ٿي هدايت گمراهيءَ کان پوءِ جيڪو انڪار ٿو ڪري شيطان جو ۽ ايمان ٿو آڻي الله تي پوءِ تحقيق ورتائين ڪڙو مضبوط جو ناهي ٽٽڻ ان لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله مددگار آهي مؤمنن جو ڪڍي ٿو انهن کي اونداهين مان روشنيءَ ڏانهن ۽ جن ڪفر ڪيو انهن جا ساٿي شيطان آهن ڪڍن ٿا انهن کي روشنيءَ مان اونداهين ڏانهن اهي جهنمي آهن اهي انهيءَ ۾ هميشہ رهندڙ آهن . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
ڇا نه ڏٺو تو ان ڏانهن جو جهيڙو ڪيائين ابراهيم سان ان جي رب جي (باري ۾) ان سببان جو ڏني الله ان کي بادشاهي جڏهن چيو ابراهيم ته منهنجو رب اهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو.يائين ته مان به جياريان ۽ ماريان ٿو چيو ابراهيم پوءِ بيشڪ الله آڻي ٿو سج اوڀر کان پوءِ آڻ تون اهو اولھ کان پوءِ حيرت ۾ پيو (اهو) ڪافر ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي . |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا ان شخص وانگر جو لنگهيو هڪ ڳوٺ وٽان ان حال ۾ جو اهو ڪريل هو پنهنجين ڇتين تي چيائين ته ڪهڙيءَ طرح وَسائيندو هن کي الله پڄاڻان ڦٽڻ ان جي پوءِ مئل رکيو ان کي الله سؤ سالن تائين ان کان پوءِ جيئرو ڪيائين ان کي فرمايو (الله ته) ڪيتري (مدت هتي) رهيو آهين عرض ڪيائين ته رهيس ڏينهن يا حصو ڏينهن جو.رمايو (الله) بلڪ رهيو آهين سؤ سال پوءِ ڏس تون پنهنجي طعام ۽ پنهنجي پيئڻ واري شيءِ ڏانهن جو نه بدبودار ٿي ۽ ڏس پنهنجي گڏھ ڏانهن ۽ تانته ڪيون توکي نشاني ماڻهن جي لاءِ ۽ ڏس تون هڏن ڏانهن ته ڪهڙيءَ طرح ٿا ڳنڍيون انهن کي ان کان پوءِ ڍڪايون ٿا انهن تي گوشت پوءِ جڏهن ظاهر ٿيو ان لاءِ ته چيائين يقين سان ٿو ڄاڻان ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو ابراهيم ته اي منهنجا رب! ڏيکار مون کي ته ڪيئن ٿو جيئرو ڪرين مئلن کي فرمايائين ڇا نه ايمان آندو تو؟ چيائين هائو ۽ پر تانته مطمئن ٿئي دل منهنجي.رمايائين پوءِ وٺ چار پکي پوءِ هيراءِ انهن کي پاڻ ڏانهن تنهن کان پوءِ رک هر جبل تي انهن مان ذرو ذرو تنهن کان پوءِ سڏ ڪرانهن کي ته ايندا تو وٽ ڊوڙندي ۽ يقين ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي . |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
مثال انهن جو جي خرچ ٿا ڪن مال پنهنجا الله جي واٽ ۾ ان داڻي وانگر آهي جو ڄمايائين ست سنگ هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻا آهن ۽ الله ٻيڻو ڪري ٿو ڏئي جنهن لاءِ به گهري ۽ الله ڪشادگيءَ وارو، ڄاڻندڙ آهي . |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال الله جي واٽ ۾ تنهن کان پوءِ ان جي پويان جيڪي خرچ ڪيائون نه احسان ٿا لائن نه ڏک.نهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏک ڪندا . |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
ڳالهائڻ چڱو ۽ بخش ڪرڻ ڀلو آهي ان صدقي کان جنهن جي پويان ڏک پهچايو وڃي ۽ الله شاهوڪار وڏو بردبار آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي ايمان وارا! نه ضايع ڪيو پنهنجن صدقن کي احسان ٻڌائڻ ۽ ڏکوئڻ سان ان وانگر جو خرچ ٿو ڪري پنهنجو مال ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ۽ نه ٿو ايمان آڻي الله تي ۽ نه ڏينهن قيامت تي.وءِ ان جو مثال انهيءَ پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي پيل آهي پوءِ پهتو ان کي زوردار مينهن پوءِ ڇڏيائين ان کي صاف ڪري نه ٿا قادر ٿين ڪنهن شيءِ تي انهيءَ مان جو ڪمايائون ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ڪافر قوم کي . |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
۽ مثال انهن (ماڻهن) جو جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال الله جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي نفس کي ثابت رکڻ لاءِ ان باغ وانگر آهي جيڪو مٿانهينءَ زمين تي آهي، پهتو ان کي زور وارو مينهن، پوءِ ڏنائين پنهنجو ميوو ٻيڻو ڪري.وءِ جيڪڏهن نه پهتو ان کي مينهن ته پوءِ ماڪ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا، ڏسندڙ آهي . |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا پسند ٿو ڪري هڪڙو اوهان مان هيءَ (ڳالھ) ته هجي ان لاءِ باغ کجين ۽ انگورن مان جو وهن هيٺان انهن جي نهرون، ان لاءِ انهن ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ پهتي ان کي پوڙهائپ ۽ ان جو اولاد ضعيف آهي.وءِ لڳو ان کي جهولو، جنهن ۾ باھ آهي، پوءِ سڙي ويو (اهو باغ) اهڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله اوهان لاءِ آيتون تان ته اوهان فڪر ڪريو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي ايمان وارؤ! خرچ ڪيو پاڪ شين مان، جيڪي ڪمايُوَ ۽ ان مان جيڪي ڪڍيون اسان اوهان لاءِ زمين مان ۽ نه ارادو ڪيو خراب شين جو ان مان خرچ ڪيو ٿا ۽ نه آهيو (پاڻ) وٺندڙ ان جا مگر هي جو اکيون ٻوٽيو ان ۾ ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله شاهوڪار، ساراهيل آهي . |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان ڊيڄاري ٿو اوهان کي مسڪينيءَ کان ۽ امر ٿو ڪري اوهان کي بي حيائيءَ جو ۽ الله وعدو ٿو ڪري اوهان سان بخشش جو پنهنجي طرفان ۽ فضل جو ۽ الله وڏي وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي . |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
عطا ٿو فرمائي حڪمت جنهن کي گهري ۽ جنهن کي حڪمت عطا ڪئي وئي پوءِ تحقيق ڏنو ويو ڀلائي گهڻي ۽ نٿا نصيحت وٺن مگر عقلمند . |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
۽ جيڪي خرچ ڪيُوَ يا باس باسيَوَ پوءِ بيشڪ الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ ناهن ظالمن جا ڪي به مددگار . |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن ظاهر ڪندؤ خيرات کي ته تمام ڀلو آهي ۽ جيڪڏهن لڪائيندؤ ان کي ۽ ڏيندؤ اها فقيرن کي ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ ميٽيندو (الله) اوهان کان اوهان جا گناھ ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي . |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
ناهي تنهنجي (ذمي) انهن کي هدايت ڪرڻ، ۽ پر الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ جيڪي خرچ ٿا ڪيو مال مان پوءِ پنهنجي لاءِ (ٿا ڪيو) ۽ نه خرچ ڪيو مگر الله جي رضا لاءِ ۽ جيڪي خرچ ڪندؤ مال مان پورو بدلو ڏنو ويندو اوهان کي ۽ اوهان ظلم نه ڪيا ويندؤ . |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
(خيرات) انهن فقيرن جي لاءِ آهي جيڪي روڪيا ويا آهن الله جي واٽ ۾ نه ٿا ڪري سگهن سفر زمين ۾ (روزي ڪمائڻ لاءِ) سمجهي ٿو انهن کي اڻ واقف شاهوڪار سوال نه ڪرڻ جي ڪري.اي حبيب!) اوهان انهن کي سڃاڻو ٿا انهن جي صورت مان نه ٿا گهرن ماڻهن کي چنبڙي پوڻ سان ۽ جيڪي خرچ ڪندؤ مال مان پوءِ بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي . |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ ظاهر پوءِ انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا . |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
جيڪي کائن ٿا وياج نه ٿا بيهن مگر جيئن بيهي ٿو اهو شخص جو چريو ٿو ڪري ان کي شيطان هٿ لڳائڻ سان.هو ان سببان جو انهن چيو ته واپار وياج وانگر آهي.الانڪ حلال ڪيو الله واپار کي ۽ حرام ڪيائين وياج کي پوءِ جنهن وٽ آئي نصيحت ان جي رب وٽان پوءِ (وياج کان) رڪجي پيو پوءِ ان لاءِ ته اهو آهي جو اڳتي موڪليائين ۽ ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو وري کائڻ لڳو ته پوءِ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن . |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
ميٽي ٿو الله وياج کي ۽ وڌائي ٿو خيرات کي ۽ الله محبت نه ٿو رکي هر ناشڪر، گنهگار سان . |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا ۽ قائم ڪيائون نماز ۽ ڏنائون زڪواة، انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه ڪو خوف آهي انهن تي ۽ نه اهي ڪو ڏک ڪندا . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي ايمان وارا ڊڄو الله کان ۽ ڇڏيو جيڪي باقي رهيو وياج مان جيڪڏهن آهيو ايمان وارا . |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پوءِ جيڪڏهن ائين نه ڪَيُوَ ته پوءِ تيار ٿيو جنگ ڪرڻ لاءِ الله ۽ ان جي رسول سان ۽ جيڪڏهن توبہ ڪندؤ پوءِ اوهان لاءِ آهن اصل مال اوهان جا نه ظلم ڪيو ۽ نه ظلم ڪيا وڃو . |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
۽ جيڪڏهن قرضدار تنگدست آهي ته پوءِ ان کي مهلت ڏيڻ آهي خوشحال ٿيڻ تائين ۽ صدقو ڏيو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا . |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو موٽايا ويندؤ ان ۾ الله ڏانهن تنهن کان پوءِ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس جيڪي ڪيائين ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي ايمان وارؤ! جنهن وقت ڏيتي ليتي ڪيو اوڌر تي مدي مقرر تائين ته اهو لکو ۽ گهرجي ته اوهان جي وچ ۾ ڪو لکندڙ انصاف سان لکي ۽ نه انڪار ڪري لکندڙ هن کان جو لکي، جيئن الله سيکاريو اٿس پوءِ ان کي گهرجي ته لکي ۽ ڀل ته لکرائي اهو شخص جنهن تي حق آهي ۽ گهرجي ته ڊڄي الله رب پنهنجي کان ۽ نه گهٽائي ان مان ذري برابر.وءِ جيڪڏهن آهي اهو جنهن تي حق آهي بيوقوف يا ضعيف يا نه ٿو طاقت رکي هن ڳالھ جي جو لکارائي اهو ته گهرجي ته لکارائي ان جو ڪم هلائيندڙ انصاف سان ۽ ٻه شاهد بنايو پنهنجن مردن مان پوءِ جيڪڏهن ٻه مرد نه آهن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون، انهن مان جو پسند ٿا ڪيو شاهدن مان.ن جي ڪري ته متان وساري هڪڙي انهن مان ته ياد ڏياري هڪڙي انهن مان ٻيءَ کي ۽ نه انڪار ڪن شاهد جڏهن سڏيا وڃن ۽ نه ڊڄو هن ڳالھ کان جو لکو ان کي ننڍو هجي يا وڏو ان جي مدت تائين اهو وڌيڪ عدل وارو آهي الله وٽ ۽ وڌيڪ قائم ڪندڙ آهي شاهديءَ لاءِ ۽ وڌيڪ آسان آهي هن ڳالھ لاءِ ته ڪو شڪ نه ڪيو مگر هي جو هجي واپار هٿئون هٿ جو ڏي وٺ ٿا ڪيو ان جي پاڻ ۾ پوءِ نه آهي اوهان تي ڪو گناھ جو ان کي نه لکو ۽ شاهد بنايو جنهن وقت واپار ڪيو ۽ نه نقصان ڏنو ويندو لکندڙ ۽ نه شاهد ۽ جيڪڏهن ڪندؤ ته پوءِ اهو فسق آهي اوهان جو ۽ ڊڄو الله کان ۽ سيکاري ٿو اوهان کي الله ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
۽ جيڪڏهن آهيو سفر ۾ ۽ نه لهو ڪو لکندڙ ته پوءِ ڳھ رکڻ آهي هٿ ۾ ورتل پوءِ جيڪڏهن اعتبار ڪن هڪڙا اوهان مان ٻين تي پوءِ گهرجي ته ادا ڪري اهو جو امانت رکيو ويو امانت پنهنجي ۽ گهرجي ته ڊڄي الله رب پنهنجي کان ۽ نه لڪايو شاهديءَ کي ۽ جيڪو لڪائي ٿو ان کي پوءِ بيشڪ گنهگار آهي دل ان جي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي . |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
الله جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ظاهر ڪندؤ جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي يا لڪائيندؤ ان کي ته حساب ڪندو اوهان سان ان جو الله پوءِ بخشيندو جنهن کي گهرندو ۽ عذاب ڪندو جنهن کي گهرندو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
ايمان آندو (هن) رسول ان (ڪتاب) تي جو لاٿو ويو ان ڏانهن انجي رب وٽان ۽ (ايمان آندو) مؤمنن مڙني دل سان مڃيو الله کي ۽ ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن کي ۽ (چون ٿا ته) نه ٿا فرق ڪيون ڪنهن هڪ ۾ ان جي رسولن مان ۽ چيائون ته ٻڌو سون ۽ اطاعت ڪئي سون طلب ٿا ڪيون تنهنجي بخشش اي اسان جا رب! ۽ توڏانهن ئي موٽڻو آهي . |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
نه ٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن نفس کي مگر ان جي طاقت آهر.ن جي لاءِ اهو (ثواب) آهي جو ڪيائين ۽ ان تي ان جو (وبال) آهي جو (برو عمل) ڪيائين.ي اسان جا رب! نه پڪڙ اسان کي جي وساريو سون يا خطا ڪئي سون اي اسان جا رب! ۽ نه وجھ تون اسان تي اهڙو بار جيئن وڌو تو انهن تي جيڪي گذريا اسان کان اڳ ۾ اي اسان جا رب! ۽ نه کڻاءِ اسان کي اهو ( بار) جو نه آهي (ان جي کڻڻ جي) طاقت اسان ۾ ۽ معاف ڪر اسان کي ۽ بخش ڪر اسان کي ۽ رحم ڪر اسان تي تون ئي اسان جو مددگار آهين پوءِ مدد ڪر اسان جي ڪافر قوم تي . |