الم (آيت : 1) |
الف - لام- ميم |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
هي (الله تعالى جو) ڪتاب آهي (جنھن ڪري) هن ۾ڪو (به) شڪ نه آهي (هي ڪتاب) انهن پرهيزگارن لاءِ هدايت (جو ذريعو) آهي. |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي غيب (يعني اڻ ڏٺي ۽ اڻ سمجهي) تي ايمان آڻين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ کين جيڪو رزق اسان ڏنو آهي ان مان (ان جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪو ڪتاب توهان جي مٿان نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ڪتاب اڳ نازل ڪيا ويا هئا. (پرهيزگار ماڻهو) انهن سڀني تي ايمان آڻين ٿا ۽ قيامت جي ڏينھن تي يقين رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهڙا ئي ماڻهو پنھنجي رَبَّ جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بيشڪ جن ماڻهن (مٿيون ڳالهيون) مڃڻ کان انڪار ڪيوآهي، انهن لاءِ ڳالهه برابر آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (بھرحال) اهي (ڪڏهن به) ايمان نه آڻيندا. |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
(ڇوته انڪار سبب) الله تعالى سندن دلين ۽ ڪنن تي مھر هڻي ڇڏي آهي، سندن اکين تي پردو پيل آهي ۽ (اَڳتي وري) انهن ماڻهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
ماڻهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آندو آهي، پر هو ايمان آڻيندڙن مان ئي نه آهن. |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
هي ماڻهو (ظاهر ۾) الله تعالى ۽ مؤمنن کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. حقيقت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي (ئي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن پر هو پاڻ کي ڌوڪي ۾ نٿا سمجهن. |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
انهن جي دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي، الله تعالى سندن ان بيماريءَ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو ۽ جيڪو هو ڪوڙ ڳالهائن ٿا ان جي نتيجي ۾ الله تعالى کين تڪليف ڏيندڙ عذاب رکيو آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن به انهن (ڌوڪو ڏيندڙن) کي چيو وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد نه پکيڙيو ته (جواب ۾) هميشه اهو چوندا آهن ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون. |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار! اهي ئي فساد پکيڙيندڙ آهن پر کين ان ڳالهه جي سمجهه نه آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته توهان به ايمان آڻيو جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي ته (سدائين) اهو جواب ڏنو آهي ته ڇا اسين به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! (حقيقت اها آهي ته) اهي خود بيوقوف ماڻهو آهن پر کين ان شيءِ جي ڄاڻ نه آهي. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ (وري) جڏهن اهي خود ايمان وارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنھنجي شيطان صفت سردارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته حقيقت ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون ايمان وارن سان ته اسان رڳو ڀوڳ ڪريون ٿا. |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
حالانڪه الله تعالى (ٿوري وقت لاءِ نعمتون ڏئي ڪري) انهن سان دل لڳي ڪري رهيو آهي ۽ هو کين ڊگهو رسو ڏئي رهيو آهي (جنھن جي نتيجي ۾) هو پنھنجي سرڪشيءَ ۾ انڌن ماڻهن وانگر ٺوڪرون کائيندا وتن ٿا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اهڙي ڪردار جي ماڻهن ئي هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو کين ڪو به فائدو نه پھچائيندو، ڇو ته اهي ماڻهو سڌي رستي تي آهن ئي ڪونه. |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
انهن جو مثال ايئن آهي جيئن ڪنھن شخص باهه ٻاري هجي، پوءِ باهه چؤطرف روشني پکيڙي ته اهڙي وقت الله تعالى انهن جي اکين جي ڏسڻ جي صلاحيت (يعني نظر) کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙي حالت ۾ ڇڏي ڏنائين جو کين اونداهين ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
(ظاهري حواس هوندي به) هي ماڻهو ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن. اهي هدايت واري رستي ڏانھن موٽندا ئي ڪونه. |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا وري انهن جو مثال ايئن سمجهو ته جيئن آسمان مان زوردار برسات وسي رهي آهي، ان ۾ ڪارونڀار (يعني ڪڪرن جي گهاٽي ڪاراڻ)، گجگوڙ۽ کنوڻ به هجي ته اهي ماڻهو کنوڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي موت جي ڊپ کان پنھنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا (ته جيئن آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي ۽ ڪو ڊپ به نه ٿئي) پر الله تعالى انهن حَقَّ جي انڪارين کي سخت گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (هو ڪيترو بچڻ جي ڪوشش ڪندا؟). |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
وڄ جي چمڪاٽن جي ڪري هو اهو به محسوس ڪن ٿا ته اجهو کنوڻ لَمڪو ڏئي سندن اکين جي نظر کسي نه وٺي، پوءِ هو جڏهن ٿوري روشني محسوس ڪن ٿا ته ٿورو هلي وٺن ٿا، وري جڏهن اونداهه ٿي وڃي ٿي ته اتي جو اتي بيهجي ويندا آهن، الله تعالى جيڪڏهن گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کي (هميشه لاءِ) کسي وٺي ها، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانو! عبادت اختيار ڪريو پنھنجي ان رَبَّ جي جنھن توهان ۽ توهان کان اڳ گذريل ماڻهن کي پيدا ڪيو ته جيئن عبادت جي ڪري توهان پرهيزگار (انسان) ٿي وڃو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
(توهان جو رَبُّ اهو ئي ته آهي) جنھن توهان جي لاءِ ڌرتيءَ کي رهڻ جي قابل ۽ آسمان کي ڇَت بنايو، ۽ آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان پاڻيءَ جي ذريعي توهان جي کاڌي لاءِ هر قسم جا ميوا پيدا ڪيائين. اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ کان پوءِ ته توهان الله تعالى سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريو. |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جي باري ۾ ڪو شڪ آهي جيڪو اسان پنھنجي ٻانهي (محمد ﷺ) تي لاٿو آهي ته پوءِ ڀلا ان جھڙي ڪا به هڪ سُورة ٺاهي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ الله تعالى کان سواءِ اوهان ٻين سڀني حمايتين کي به پاڻ سان ملايو، جيڪڏهن توهان واقعي سچاآهيو ته (سڀ ملي ڪري) اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن توهان (قرآن جھڙي ڪا سورة) نه ٺاهي سگهيا ۽ (سچي ڳالهه اها ئي آهي ته) توهان هرگز ٺاهي به نه سگهندا. ته پوءِ ان باهه کان ڊڄو جنھن کي ا نسانن ۽ پٿر سان ٻاريو ويندو،جيڪا حَقَّ جي انڪارين لاءِ ئي تيار ڪئي وئي آهي. |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
(اي نبي ﷺ!) ايمان آڻيندڙن ۽ نيڪ ڪم ڪندڙن کي اهڙي جَنَّتَ جي خوشخبري ٻڌايو جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نَھرُون وهنديون، انهن ايمان آڻيندڙن کي جڏهن ان جَنَّتَ جا ميوا کائڻ لاءِ ڏنا ويندا ته ميون کي ڏسي هو چوندا ته (مار!) اهڙا ئي ميوا ته اسان کي (دنيا ۾ به) ڏنا ويا هئا، ڇو ته هي ميوا شڪل صورت ۾ بلڪل هڪجھڙا ئي هوندا ، انهن جي لاءِ پاڪيزه (ڪردار واريون) گهر واريون هونديون ۽ اهي سڀئي هميشه لاءِ جَنَّتَ ۾ رهندا. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ الله تعالى ان ڳالهه کان نٿو ڪيٻائي ته هو مڇر يا ان کان به ڪنھن ننڍڙي شيءِ جو دليل مثال خاطر ڏي، ايمان آڻيندڙ ته ننڍن ننڍن مثالن مان حقيقت سمجهي ويندا آهن ته واقعي اها ئي سچي ڳالهه آهي جيڪا سندن رَبَّ جي طرف کان پيش ڪئي وئي آهي، باقي رهيا انڪاري ته اهي (مثالن کي هلڪو سمجهي) چوندا آهن ته (سمجهه ۾ نٿو اچي ته) اهڙن مثالن ڏيڻ مان الله تعالى جي ڪھڙي حڪمت آهي؟ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعالى اهڙن مثالن ذريعي گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي (جيڪي انهن مثالن جي حڪمت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهن) ۽ وري ٻئي طرف اهڙن مثالن جي (حڪمت سمجهڻ) ڪري گهڻن ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ هو رڳو نافرمان ماڻهن کي ئي گمراهه ڪندو آهي. |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
(انهن نافرمان ماڻهن جو هي ڪم آهي ته) اهي الله تعالى سان ڪيل پڪي انجام کي ٽوڙي ڇڏيندا آهن، ۽ جن تعلقات کي الله تعالى وڌائڻ يعني قائم رکڻ جو حڪم فرمايو آهي هي انهن کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن، اهي ئي ماڻهو نقصان وارا آهن. |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
(اي انڪار ڪندڙؤ!) توهان ڪھڙي بنياد تي الله تعالى جي توحيد جا انڪاري آهيو؟ حالانڪه توهان ته بالڪل بي جان هئا پوءِ هن ئي توهان کي زندگي عطا ڪئي، وري توهان کي ماريندو پوءِ (وري) جياريندو، پوءِ توهان(اصل مُعاملي لاءِ) الله تعالى ڏانھن موٽايا ويندا. (توهان کي اهي ڳالهيون ڇو نٿيون سمجهه ۾ اچن؟) |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اها الله تعالى جي ذات ئي ته آهي جنھن زمين جون سموريون شيون توهان جي لاءِ پيدا ڪيون پوءِ (زمين جي معاملن کي درست رکڻ لاءِ) هڪ نظام ٺاهيو ۽ انهيءَ نظام تحت ستن آسمانن (جي ترتيب) کي مضبوط ڪيو، اهوئي ته هر شيءِ جي هيئت کان خوب واقف آهي. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
(اي انسان! تون پنهنجي قبول ڪيل ذميداريءَ کي ياد ڪر) جڏهن تنھنجي رَبَّ ملائڪن کي چيو ته مان زمين ۾ هڪ خليفو (يعني نائب) مقرَّر ڪرڻ وارو آهيان (ان تي حيرت وچان) سڀني ملائڪن چيو ته ڇا تون زمين ۾ اهڙو خليفو مقرَّر ڪرڻ وارو آهين جيڪو ان ۾ فساد ڦھلائيندو ۽ هڪ ٻئي جو رَتُ وهائيندو؟ اسان تنھنجي ساراهه سان گڏ تمام سھڻي طريقي سان تسبيح بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون (ان تي) الله تعالى چيو ته جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو ان کي توهان سمجهي ئي نٿا سگهو. |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
(ان کان پوءِ) الله تعالى آدم(ؑ) کي (ڪائنات جي) سڀني شين جا نالا سيکاريا (يعني انهن سڀني شين جي سڃاڻپ ڪرائي) ۽ ملائڪن کي چيو ته جيڪڏهن توهان جو چوڻ صحيح آهي ته پوءِ مون کي انهن شين جي باري ۾ ٻڌايو. |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
(حقيقت ۾ انهن شين جو ملائڪن جي فطرت سان ڪو تعلق ئي نه هو) ان تي ملائڪن چيو ته (اي اسان جا پالڻھار!) تنھنجي ذات پاڪ آهي اسان کي ڪو به علم نه آهي سواءِ ايترو جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. بيشڪ تون وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
(پوءِ) الله تعالى چيو ته: اي آدم! ملائڪن کي انهن شين جي باري ۾تون ٻڌاءِ، جڏهن هن ملائڪن کي شين جي باري ۾ ٻڌايو ته الله تعالى ملائڪن کي چيو ته ڇا مون توهان کي اڳ ۾ ئي نه چيو هو ته مون کي ئي آسمانن ۽ زمين جي لڪيل حقيقتن جو علم آهي ۽ مان هر اها شيءِ ڄاڻان ٿو جيڪا توهان ظاهر ڪريو ٿا يا جنهن کي ڳجهو رکو ٿا. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
پوءِ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو (ته فوراً) سڀني سجدو ڪيو پر ابليس انڪار سان گڏ تَڪبُّر ڪيو.اهڙي طرح هو نافرمانن ۾ شامل ٿي ويو. |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
پوءِ اسان آدم کي چيو ته تون ۽ تنهنجي گهر واري ٻئي جَنَّتَ ۾ رهو ۽ جَنَّتَ مان جتان به مرضي وڻي اتان وڃي مزي سان شيون کائو، پر ڀلجي به هن وڻ جي ويجها نه وڃجو، نه ته توهان (به) ظالمن ۾ شامل ٿي ويندا. |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
آخرڪار شيطان ٻنهي کي منع ڪيل وڻ جي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ڪري ئي ورتو (۽ هو وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا. ايئن شيطان ٻنهي کي اسان جي پيرويءَ کان ڌوڪو ڏئي هٽائي ڇڏيو) ۽ جنھن سڪون واري جاءِ ۾ هو هئا، کين اتان ڪڍرائي ڇڏيو، پوءِ اسان سڀني کي حڪم (ڏيڻ جو فيصلو) ڪيو ته (هاڻي) توهان سڀ (آدم، سندس گهرواري ۽ شيطان پنھنجي جنس يعني جِنن جي برادري سميت) هيٺ (زمين تي) هليا وڃو، هاڻي توهان هڪٻئي جا دشمن آهيو (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) هاڻي توهان سڀني کي هڪ خاص مقرَّر وقت تائين زمين ۾ رهي زندگي گذارڻي آهي. |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ آدم (ؑ غلطيءَ جو احساس ڪندي) الله تعالى جي طرفان دُعائيه ڪلمن کي سکي توبہ ڪئي، هن سندس توبہ کي قبول فرمايو، بيشڪ الله تعالى ئي توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏورحم ڪندڙ آهي. |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
(هاڻي باقاعده) اسان حڪم جاري ڪيو ته توهان سڀ جا سڀ هتان نڪري زمين تي هليا وڃو، زمين تي منھنجي طرفان توهان کي ڪا هدايت يا حڪم پھچي ته جنهن ان جي پيروي ڪئي ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه هوندي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
پر جيڪڏهن هاڻي ڪنھن ان هدايت يا حڪم جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته اهڙا ماڻهو هميشه لاءِ باهه ۾ داخل ٿيندا. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي ۽ مون سان ڪيل وعدي کي پُورو ڪريو ته مان به توهان سان پنهنجي ڪيل وعدي کي پُورو ڪندس ۽ فقط مون کان ئي ڊڄندا ڪريو. |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ ايمان آڻيو هن ڪتاب (يعني قرآن مَجيد) تي جيڪو مون (محمد ﷺ تي) لاٿو آهي، هي ڪتاب ان ڪتاب جي سچائي جي تائيد ڪندڙ آهي جيڪو توهان وٽ اڳ (تورات جي صورت ۾) آيل آهي، (گهٽ ۾ گهٽ) توهان ماڻهو ته پھريائين وڌي ڪري هن (قرآن) جو انڪار نه ڪريو ۽ منھنجي آيتن کي ٿوري قيمت تي نه وڪڻو ۽ مون کان ئي ڊڄو. |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ ڪوڙ جو رنگ ڏئي سچ کي شڪ وارو نه بنايو ۽ نه ڄاڻي واڻي سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ توهان به رڪوع ڪريو. |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ٿا پر پنھنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا. (حالانڪه) توهان ڪتاب جي تلاوت به ڪندا رهو ٿا پوءِ به توهان کي سمجهه ۾ ڳالهه نه ٿي اچي. |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
صبر ۽ نماز جي وسيلي الله تعالى کان مدد گُهرندا ڪريو. اهو ڪم اٿو ڏاڍو ڏکيو پر الله تعالى جو خوف رکندڙن لاءِ اهو ڪم انتهائي آسان آهي. |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
ڇاڪاڻ جو هي ماڻهو سمجهندا آهن ته نيٺ اسان کي پنھنجي رَبَّ سان ملڻو آهي ۽ ان ڏانھن ئي موٽي هلڻو آهي. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي (ان سان گڏ) مون توهان کي پوري دنيا ۾ ٻين تي فضيلت به ڏني هئي. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ڊڄو ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن ڪو به ڪنھن جي ذرو به ڪم نه ايندو، نه ئي ڪنھن جي (نامناسب) سفارش قبول ڪئي ويندي، نه ئي ڪنھن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو عيوضو ورتو ويندو ۽ نه ئي ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
(تاريخ جا ورق کولي ڏسو) جڏهن اسان توهان کي فرعوني حڪومتن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري، جن توهان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، توهان جي پُٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا هئا، ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا (ته جيئن توهان جي طاقت کي ختم ڪيو وڃي) ۽ اهي حالتون توهان جي رَبَّ جي طرف کان وڏي آزمائش واريون هيون. |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
(تاريخ جو اهو ورق به ياد ڪريو) جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان جي لاءِ (مصر مان) نڪرڻ جو رستو ٺاهيو هو (توهان آرام سان سمنڊ پار ڪري ويا) پر توهان پنھنجي اکين سان ڏٺو ته فرعوني سلطنت جي حڪمران طبقي کي اسان ٻوڙي ڇڏيو سين. |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ (تاريخ جو اهو ورق به اٿلائي ڏسو) جڏهن اسان موسى (ؑ) کي چاليھن راتين لاءِ (خاص طور تي) پاڻ وٽ گهرايوسين (ته جيئن فرعونين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ نئين صورتحال ۾ کيس آئنده جو پروگرام ڏجي ته وري توهان جو بگل ڦري ويو ۽) توهان سندس پٺيان گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، اها توهان جي وڏي زيادتي هئي. |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
(اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به) اسان توهان کي معاف ڪيو ته جيئن توهان (وري سوچي) شڪرگذاريءَ جو رستو وٺو. |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
(تاريخ جا ورق کوليندا هلو، هيڏانھن توهان جون زيادتيون هيون ته) هوڏانھن وري اسان موسى (ؑ) کي ڪتاب ۽ فرقان (يعني سچ ۽ ڪوڙ ۾ پرک ڪرڻ جو علم) ڏنو ته جيئن (ان ڪتاب ۽ پرک جي ذريعي) توهان سڌو رستو اختيار ڪري سگهو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ جڏهن موسى (ؑ واپس آيو ته) پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم! (هي مان ڇا ڏسي رهيو آهيان؟) توهان ماڻهن گابي کي معبود بڻائي پنھنجو پاڻ تي وڏو ظلم ڪيو آهي،تنهنڪري هاڻي توهان لاءِ بھتر اهو آهي ته پنھنجي حقيقي رَبَّ جي بارگاهه ۾ توبہ ڪريو ۽(ان بري ڪم ۾ ملوث ماڻهو ) پنھنجو پاڻ کي قتل ڪن، توهان جي پالڻهار جي طرف کان توهان لاءِ اهو ئي عمل بهتر آهي. (توهان توبہ ڪئي) الله تعاليٰ توهان جي توبہ کي قبول فرمايو. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
(توهان پنھنجن ٽاڻن ماڻن کي ياد ڪريو) جڏهن توهان موسى (ؑ) کي چيو ته اسان تنھنجي چوڻ تي ڪڏهن به يقين نه ڪنداسين، جيستائين اسان پنھنجي سامهون الله تعالى کي چڱيءَ طرح (تو سان ڳالهائيندي) نه ڏسون، پوءِ اوچتو کنوڻ توهان تي ڪڙڪي پئي ۽ اهو منظر توهان پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا (کنوڻ جي ڪڙڪڻ ڪري توهان سڀ مري چڪا هئا). |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
(پوءِ به) اسان توهان کي موت ڏيڻ کان پوءِ وري ٻيهر جيئرو ڪري اٿاريو ته مَنَ توهان شڪرگذار ٻانها ٿي رهو. |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ اسان توهان تي (رڻ پٽ ۾ نٽھڻ اُسَ جي تپش کان بچڻ لاءِ) ڪڪرن جي مسلسل ڇانو ڪندا رهياسين ۽ برپٽ ۾ (بغير محنت جي) مَنّ ۽ سَلوى ڏنوسين (۽چيو ويو ته) جيڪو اسان اوهان کي پاڪ رزق عطا ڪيو آهي، ان مان (خوب) کائو. (اي بني اسرائيل !) توهان جي وڏڙن اسان تي ظلم نه ڪيو هو، حقيقت ۾ (بي بنياد ڳالهين ۾ اچي ڪري) انهن خود پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
(وري تاريخ جا پَنا اٿلايو) جڏهن اسان (توهان جي وڏڙن کي) چيو هو ته هن ڳوٺڙي ۾ داخل ٿي وڃو ۽ اتي هر شيءِ مزي سان کائو پر ياد رکو ته جڏهن ڳوٺ جي دروازي مان داخل ٿيو ته (شڪر جو) سجدو ڪجو ۽ زبان تي ”حِطَّةٌ“”حِطَّةٌ“لفظ جو ورد ڪندي داخل ٿجو، ان جي ذريعي اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين ۽ اڳتي وري نيڪ عمل جي صورت ۾ وڌيڪ مھرباني ڪنداسين. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
(پر افسوس) جو انهن ظالمن اسان جي ٻڌايل لفظن کي بدلائي ٻيو ڪجهه چوڻ شروع ڪيو، پوءِ اسان (به) انهن تي آسمان مان عذاب نازل ڪيو ، اهو عذاب سندن ئي نافرمانين جي ڪري هو. |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
(وري هي به ياد ڪريو) جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم لاءِ پاڻيءَ جي دعا گهري، اسان چيو ته “پنھنجي لَٺِ ٽڪريءَ تي هڻ” پوءِ ان مان پاڻيءَ جا ٻارنهن چشما وهي هليا، لشڪر ۾ شامل هر قبيلي پنھنجي لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ چشمو کنيو (۽ کين هدايت ڪئي وئي ته) الله تعالى طرفان ڏنل روزي آرام ۽ سڪون سان کائو ۽ پيئو پر زمين ۾ فساد نه پکيڙيو. |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
(اهو به ياد ڪريو!) جڏهن توهان چيو ته اي مُوسى! روز روز ساڳيو ئي کاڌو کائڻ ڪري اسان جي دل ڀرجي وئي آهي تون الله تعالى کان دعا گهر ته هو، اسان جي لاءِ زمين مان نڪرندڙ سبزيون (مثلاً) سائي ڀاڄي، کِيرا، ٿومَ، ڪڻڪ، دال ۽ بصر وغيره پيدا ڪري. موسى (ؑ)چيو ته (اها ته وڏي ڳالهه آهي) جو توهان ڀلي شيءِ کي ڇڏي گهٽ درجي واري شيءِ وٺڻ گهرو ٿا، (ٺيڪ آ) هاڻي اوهان ڪنھن شھرِي آباديءَ ۾ وڃي رهو، جيڪو گهرو ٿا سو توهان کي سڀ ڪجهه اتي ئي ملي ويندو.(نعمتن جي بار بار ناشڪري جي ڪري) انهن جي مٿان ذلَّت ۽ محتاجي مُسلَّط ڪئي وئي ۽ هو الله تعالى جي غضب هيٺ اچي ويا، اهو ان لاءِ ته الله تعالى جي آيتن جو انڪار ، نبين سڳورن جو ناحق قتل، هر وقت الله تعالى جي حڪم جي نافرماني ۽ شرعي حدن کي بار بار ٽوڙڻ جو نتيجو آخرڪار اهو ئي ذلَّت ۽ محتاجيءَ جي صورت ۾ نڪرڻو هو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، چاهي هو يھودي هجن، عيسائي هجن يا صابي، جيڪي به الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، ته اهڙن ماڻهن جو اجر سندن رَبَّ وٽ آهي ۽ انهن جي لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه آهي. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ جڏهن اسان طُور جبل کي، توهان جي مٿان بيھاريوسين ۽ توهان کان وعدو ورتو ۽ حڪم ڏنو ته جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيون ٿا، ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ ان ۾ جيڪي به حڪم ڏنل آهن، تن کي ياد ڪريو (مضبوطيءَ سان قائم رهڻ ۽ حڪمن کي ياد ڪرڻ سان ئي) اوهان پرهيزگار انسان بنجي سگهو ٿا. |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
پوءِ توهان ان وعدي کان ڦري ويا (جنھن جي ڪري توهان کي وڏو نقصان پھچي ها) پر الله تعالى وري به اوهان جي مٿان وڏو فضل ۽ وڏو رحم ڪيو (جو توهان نقصان کان بچي ويا) نه ته اوهان نقصان وارا ٿي وڃو ها. |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
توهان کي انهن ماڻهن جي انجام جي ته خبر آهي، جيڪي اوهان مان ڇنڇر جي ڏينھن بابت نافذ ڪيل قانون کي ٽوڙيندي حد کان لنگهي ويا ته (عذاب جو مزو چکائڻ لاءِ) اسان کين حڪم ڏنو ته توهان ذليل باندر ٿي وڃو. |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
اهڙيءَ طرح اسان حَدَّ کان لنگهندڙن جي انجام کي، ان دؤر جي ماڻهن ۽ بعد ۾ ايندڙ نسلن لاءِ عبرت جو واقعو ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ نصيحت بنايو سين. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
۽ (اهو واقعو به ياد ڪريو) جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى توهان کي ڳئون ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو (هي حڪم ان ڪري ڏنو ويو هو جو انهن جي اندر گابي جي پوڄا جا رهيل کُھيل جراثيم موجود هئا) ان تي هو (جھَالت ۾ اچي) چوڻ لڳا، (اي موسى!) ڇو ٿو اسان سان ڀوڳ ڪرين؟ موسى (ؑ)چيو ته مان الله تعالى کان، جاهلن وانگر ڳالهيون ڪرڻ کان پناهه گهران ٿو. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چوڻ لڳا ته (چڱو ڀلا) ان ڳئونءَ جي باري ۾، پنھنجي رَبَّ کان پڇي ٻڌاءِ ته اها ڪھڙي هجي موسى (ؑ) چيو ته الله تعالى فرمائي ٿوته اها ڳئون نه ته ڪراڙي هجي ۽ نه ننڍي گابي هجي، بلڪه وچٿري عمر جي هجي، بھرحال جيڪو حڪم ڏنو وڃي ٿو ان تي (فوراً) عمل ڪريو. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
چوڻ لڳا اي موسى! اسان کي پنھنجي رَبَّ کان وڌيڪ پڇي ٻڌاءِ، ته ان جو رنگ ڪھڙو هجي؟ موسى (ؑ) چيو ته الله تعالى فرمائي ٿو، ته اها گَھرِي ڪڪڙي (يعني ڦڪي) رنگ جي هجي ته جيئن ڏسندڙن کي ان جو رنگ وڻي وڃي. |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
وري انهن موسى (ؑ) کي چيو ته پنھنجي رَبَّ کان وضاحت سان پڇي ٻڌاءِ، ته آخرڪار اها ڳئون ڪھڙي قسم جي هجڻ گُهرجي، هتي اسان شڪ ۾ آهيون ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪھڙي ڳئون ذبح ڪريون، جيڪڏهن الله تعالى چاهيو ته اسان کي، ان جي باري ۾ معلومات ملي ويندي. |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
موسى (ؑ) چيو ته بيشڪ الله تعالى فرمائي ٿو ته اها اهڙي ڳئون آهي جنهن کي توهان ڪڏهن ٻنيءَ جي ڪم، هر يا کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ نار (يعني ائٽ) ۾ استعمال نه ڪيو هجي. اها سھڻي هجي ۽ ان ۾ ڪو به نُقص نه هجي. (هاڻي هو اها ڳئون ذبح ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا). چيائون ته اي موسى! هاڻي تو ان جي باري ۾ صحيح حڪم آندو آهي، پوءِ مس وڃي انهن اها ڳئون ذبح ڪئي. حقيقت ۾ انهن جي دل ڳئون ذبح ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هُئي (ڇاڪاڻ جو انهن جي دلين ۾ گابي جي محبَّت ويٺل هئي ۽ الله تعالى کين سندن ئي هٿان سندن معبود گابي کي ذبح ڪرايو). |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
(فسادي ذهن جي تاريخ جا پَنا اٿلايو) جڏهن توهان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو هو. پوءِ توهان پاڻ ۾ وڙهي پيا (۽ هڪ ٻئي تي ان قتل جو الزام لڳائي رهيا هئا)، ان حقيقت کي توهان لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر الله تعالى (هر) حقيقت کي کولي ظاهر ڪندو آهي. |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
پوءِ(اصل قاتل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ) اسان کين چيو ته قتل ٿيل جي لاش جي ڪنھن به حصي تي، ان ذبح ڪيل ڳئونءَ جي گوشت جو ٽُڪرو هڻو، گوشت جو ٽڪرو لڳڻ سان ئي اهو ماڻهو زندهه ٿي پنھنجي قاتل جو نالو ٻڌائيندو. اهڙي طريقي سان الله تعالى مئلن کي جيئرو ڪندو آهي ۽ توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو آهي ته جيئن عقل کان ڪم وٺو. |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
پوءِ (بار بار نافرمانين سبب) توهان جون دليون پٿر کان به وڌيڪ سخت ٿي ويون، پٿرن مان به ڪي اهڙا هوندا آهن، جن مان نَھرون وهي نڪرنديون آهن، ڪن پٿرن مان ڦاٽڻ سبب پاڻي وهي ايندو آهي ۽ ڪي پٿر وري الله تعالى جي خوف کان ڏڪي ڪري پوندا آهن. توهان جيڪي به ڪم ڪريو ٿا، بيشڪ الله تعالى انهن کان بي خبر نه آهي. |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
(اي ايمان وارؤ!) توهان يھودين مان اها اميد رکو ٿا ته (توهان جي سمجهائڻ سان) هو ايمان آڻيندا (ٿي ئي نٿو سگهي) انهن مان هڪ اهڙو ٽولو آهي، جيڪو الله تعالى جي ڪلام کي ٻڌي، ان جو مطلب ۽ مقصد خوب سمجهي ٿو، پر پوءِ به هو ڄاڻي واڻي ان ۾ تبديليون ڪندو رهي ٿو. |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
۽ جڏهن (اهڙا بدڪردار) ماڻهو ايمان وارن سان ملن ٿا، ته چون ٿا اسان به (توهان جي نبيءَ تي) ايمان آندو آهي، پر جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، ته چوندا آهن ته اوهان مسلمانن کي هي ڳالهيون ڇو ٿا ٻڌايو، جيڪي الله تعالى توهان کي خاص طور (تورات ذريعي) ٻڌايون آهن؟ توهان کي ايتري ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته مسلمان الله تعالى وٽ هي ڳالهيون توهان جي خلاف دليل طور پيش ڪندا. |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا هي يهودي ايترو به نٿا سمجهن ته الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو، چاهي هو لڪائين يا ظاهر ڪندا رهن. |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ انهن ۾ هڪ ٻيو ٽولو اڻ پڙهيلن جو آهي، جن کي ڪتاب جو علم ته بلڪل نه آهي، هو رڳو پنھنجي ڄٽڪين سوچن، وهمن ۽ گمانن جي بنياد تي، الله تعالى جي شريعت کي هلائڻ چاهين ٿا. |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
اهڙن ٺڳ ماڻهن لاءِ تباهي ۽ بربادي آهي، جيڪي شريعت جا حڪم پنھنجي هٿ سان لکن ٿا پر ماڻهن کي چون ٿاته هي الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهن ته جيئن هو ٺڳيءَ سان ڪجهه معاوضو ڪمائي دنيا جو فائدو حاصل ڪن. (ياد رکو!) سندن هٿ واري ڪوڙي لکت ۽ ان جي ذريعي ڪمايل رقم، هڪ ڏينھن ضرور تباھيءَ جو سبب بڻجندي. |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
۽ وري هو چون ٿا ته جَھنَّم جي باهه، اسان جي هرگز ويجهو نه ايندي، جي آئي ته به، ٻه ٽي ڏينهن کان وڌيڪ نه. انهن کان پُڇو ته ڇا توهان الله تعالى سان (لڪ ڇپ ۾) ڪو معاهدو ڪري ورتو آهي ؟ جو هو ان جي خلاف ورزي نه ڪندو، يا وري اوهان الله تعالى جي باري ۾ اهڙي ڳالهه ڪريون ٿا، جنھن جي خود توهان کي به خبر نه آهي. |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
(هي فيصلو ٿِيل آهي ته) جيڪو ماڻهو بري عمل جي پويان لڳندو رهيو، ته اهو برو عمل سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. اهڙا ئي بري ڪردار وارا ماڻهو جَھنَّمِي آهن ، جنهن ۾ هو هميشه رهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
ها! باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهڙا نيڪ ڪردار وارا ماڻهو جَنَّتِي آهن ، جنهن ۾ هو هميشه رهندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن اسان بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو، ته توهان صرف الله تعالى جي عبادت ڪندا، ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن سان سھڻو سلوڪ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن سان سھڻي طريقي سان ڳالهائيندا، نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ادا ڪندا ته ان ڳالهه تي ٿورن ماڻهن کانسواءِ باقي سڀ جا سڀ، ان وعدي تان ڦري ويا (توهان جي عملن مان اڃا به اهو ظاهر آهي) ته توهان اڳتي به ڦريل ئي رهندا. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
۽ جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو هو، ته اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ناحق قتل نه ڪندا ۽ نه هڪ ٻئي کي گهرن مان ڪڍي بي گهر ڪندا، توهان ان وعدي کي پورو ڪرڻ جو اقرار به ڪيو هو، ان وعدي جا توهان (اڃا به) شاهد آهيو.(۽ اهو وعدو اڄ به توهان کي چڱيءَ طرح ياد آهي) |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
(اوهان پنھنجي ڪيل وعدي کي آڏو رکي ڏسو) پوءِ توهان اهي ته آهيو، جو پنھنجي ڀائرن کي قتل ڪريو ٿا ، هڪ ٻئي کي گهرن مان ڪڍي بي گهر به ڪريو ٿا، مظلومن تي اڃا به وڌيڪ ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري رٿابندي به ڪريو ٿا ۽ جڏهن هو اوهان جي دشمنن جي هٿ اچي وڃن ٿا ته اوهان انهن کي فديو ڏيئي ڇڏرايو ٿا ۽ انهن کي فديو ڏيئي ڇڏرائڻ شريعت مطابق ضروري به سمجهو ٿا، حالانڪ انهن (ويچارن) کي پنھنجي گهرن مان ڪڍڻ ئي اصل ۾ اوهان تي حرام هو. (ڳالهه صاف ظاهر آهي) ته توهان ڪتاب جي ڪجهه حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪجهه حصي جو انڪار ڪريو ٿا. اوهان مان جيڪي ايئن ڪن ٿا، تن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي ڪهڙي هجي جو اهڙي ڪردار وارا ماڻهو دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿين ۽ آخرت ۾ وري سخت عذاب لاءِ آندا وڃن. (يھوديو!) جيڪي چالاڪيون توهان ڪريو ٿا، تن کان الله تعالى هڪ لمحو به بي خبر نه آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن (دنيا داريءَ جي نشي ۾ اچي) آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگي خريد ڪئي آهي، تنھن ڪري سندن عذاب ۾ ڪنھن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي کين ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
بيشڪ اسان موسى (ؑ) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کان پوءِ لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان (پنھنجا) رسول موڪليا، ايستائين جو عيسى پٽ مريم کي (ڪجهه) معجزا ڏئي موڪليو ۽ پاڪ روح (جبرائيل) جي ذريعي سندس هٿ مضبوط ڪيا، (پوءِ توهان جي اها ڪھڙي رَوش آهي) جو جڏهن به ڪو رسول سڳورو، الله تعالى جو پيغام کڻي اچي ٿو ته اوهان (هڪدم) وڏائي ڪندي چئو ٿا ته هي حڪم اسان جي مزاج وٽان نه آهي، پوءِ انهن مان ڪن رسولن کي توهان ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي قتل به ڪري ڇڏيو. |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
يھودي چون ٿا ته اسان جي دلين تي حق جو پردو چڙهيل آهي، جنھن ڪري توهان جون ڳالهيون اسان کي سمجهه ۾ نٿيون اچن، حالانڪه اهو حق جو پردو نه آهي، بلڪه الله تعالى جي لعنت جو پردو آهي، جيڪو سندن دلين تي الله تعالى جي حڪمن جي انڪار سبب چڙهيل آهي، تنھن ڪري انهن مان ڪي ٿورا ماڻهو ئي ايمان آڻيندا. |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ جڏهن انهن وٽ الله تعالى جي طرفان هي ڪتاب (قرآن مجيد) آيو، جيڪو هنن وٽ پھريان کان موجود ڪتاب (تورات) جي تائيد ڪري ٿو، ان قرآن جي انتظار ۾ ته هي ماڻهو الله تعالى کان ڪافرن جي مقابلي ۾، فتح حاصل ٿيڻ جون دُعائون گهرندا رهندا هئا. پوءِ جڏهن سندن اڳيان قرآن شريف اچي ويو ته ان کي چڱيءَ طرح سڃاتو به ۽ چيو (ته اسان واقعي هن ڪتاب جي انتظار ۾ هئاسين) پر پوءِ به ان کي مڃڻ کان (صفا) انڪار ڪري ڇڏيو، تنھنڪري اهڙن انڪار ڪرڻ وارن تي الله تعالى جي لعنت آهي. |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
انهن جو (هي انڪار) انتھائي بيڪار سودو آهي (جيڪو انهن پنھنجي دلين کي سڪون ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي). هي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل قرآن جو انڪار رڳو ساڙ جي ڪري ڪن ٿا (انهن جو ساڙ اهو آهي ته هي رسول ۽ ڪتاب ته اسان جي قوم، بني اسرائيل ۾ اچڻ کپي ها) پر اهو اختيار ته الله تعالى جو آهي ته پنھنجي مھربانيءَ سان هو جنھن ٻانهي کي چاهي رسول بنائي ۽ کيس ڪتاب عطا ڪري. هاڻي ته هي الله تعالى جي ڏمر جا مستحق ٿي چڪا آهن ۽ اهڙن ئي حق جي انڪار ڪرڻ وارن لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (ڇڏيو ساڙ کي)، اچو ايمان آڻيو هن ڪتاب تي، جيڪو الله تعالى هينئر نازل ڪيو آهي، ته وري (رڏي ڪري) چون ٿا ته اسان صرف ان تي ايمان آڻيون ٿا جيڪو اسان جي قوم ڏي ڪتاب تورات موڪليو ويو هو. بعد ۾ ايندڙ ڪنھن به شيءِ کي نٿا مڃون، حالانڪه هي نازل ٿيندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) سچو آهي ۽ انهن وٽ موجود ڪتاب جي تائيد ڪري ٿو. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته جيڪڏهن توهين واقعي تورات جا مڃيندڙ آهيو، ته تورات جي موجودگيءَ ۾ توهان پنهنجن نبين سڳورن کي ڇو قتل ڪندا رهيا؟ (حالانڪه هو سڀ اوهان جي قوم مان آيل هئا). |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
بيشڪ موسى (ؑ) توهان وٽ، ڪيڏا نه چٽا معجزا ۽ دليل کڻي آيو پوءِ به توهان ظالمن جو ڪردار اهو ئي هو، جو هو الله تعالى سان خصوصي ملاقات لاءِ، طُور جبل ڏي ويو ته توهان فوراً گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏني. |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ جڏهن اسان توهان جي مٿان طُور جبل کي بيھاري وعدو ورتوسين ۽ توهان کي تاڪيد ڪيوسين، ته اسان جيڪي حڪم توهان کي ڏيون ٿا، انهن کي ڪن لڳائي ٻڌو ۽ انهن جي سختيءَ سان پابندي ڪجو ته اوهان جي وڏڙن چيو ته اسان ڪنن سان ٻڌوسين، پر ان کي دل سان ڪڏهن به نه مڃينداسين، ان انڪار جو سبب اهو ئي هو جو سندن دلين ۾، گابي جي محبت ويٺل هئي. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته توهان جو ايمان (يعني ضمير) اوهان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪري ٿو سا ته انتھائي بري شيءِ آهي، حالانڪه توهان (تورات تي) ايمان آڻيندڙ به آهيو. |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهيو ته الله تعالى وٽ آخرت جو گهر (يعني جنت) صرف اوهان جي لاءِ آهي ته پوءِ جلدي مرڻ جي تمنا ڪريو (توهان کي معلوم ٿي ويندو ته جنت ڪهڙن ماڻهن لاءِ آهي؟). |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
هي ماڻهو ڪڏهن به جلدي مرڻ جي تمنا نه ڪندا، ان ڪري جو سندن عمل ئي خراب آهن. (خراب عملن جي ڪري هي ماڻهو اهڙي تمنا ڪري به نٿا سگهن) الله تعالى اهڙن ظالمن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو. |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
(اي نبي ﷺ!) توهان انهن (يھودين) کي مشرڪن کان به وڌيڪ دنيا ۾ زندهه رهڻ جو خواهشمند ڏسندا، انهن مان هر هڪ جي وڏي خواهش هوندي آهي، ته ڪاش! هو هڪ هزار سالن تائين زندهه رهي. اها ڊگهي عمر کين عذاب کان ته نه بچائي سگهندي، توڙي جو کين ڏني به وڃي. الله تعالى ته سندن ڪرتوتن کي ڏسي رهيو آهي. |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
(اي نبي ﷺ! انهن يھودين کي) چؤ ته جيڪو به (حضرت) جبرائيل (ؑ) کي دشمن سمجهي ٿو (ان کي دماغ ۾ اها ڳالهه ويھارڻ کپي ته)، ان ته الله تعالى جي حڪم سان توهان جي دل تي هن قرآن کي نازل ڪيو آهي جيڪو پھريائين آيل ڪتابن جي تائيد ڪري ٿو، هاڻي صرف اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو ايمان آڻيندڙ کي ھدايت جو رستو ۽ خوشخبري ٻڌائي ٿو. |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
(باقي رهي جبرائيل سان دشمني، ته پوءِ ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪو به الله تعالى، سندس ملائڪن، ان جي رسولن، جبرائيل ۽ ميڪائيل (ؓ) سان دشمني ڪندو، ته بيشڪ الله تعالى به انهن ڪافرن جو دشمن آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
بيشڪ اسان توهان ڏانھن اهڙيون صاف ۽ پڌريون آيتون موڪليون آهن، سو انهن پڌرين آيتن جو انڪار ته رڳو نافرمان ماڻهو ئي ڪندو. |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
(شروع کان وٺي اڄ تائين) انهن يهودين جڏهن به ڪو وعدو ڪيو آهي، ته انهن نافرمان ماڻهن مان ئي هڪ ٽولي ان وعدي کي ٽوڙي ڇڏيو، حقيقت هي آهي ته انهن مان گهڻا ماڻهو وعدي کي دِل سان مڃيندا ئي نه آهن. |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن انهن (يھودين) وٽ الله تعالى جي طرفان موڪليل رسول، وٽن موجود ڪتاب تورات جي تصديق ڪندي آيو ته انهن مان ئي هڪڙي ٽولي، الله تعالى جي ڪتاب کي پٺيءَ پويان ايئن اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته هو (ان تورات کي) سڃاڻن ئي ڪونه ٿا. |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
(يھودي اصل ڪتاب کي ڇڏي) انهن شين جي پيروي ڪرڻ لڳا، جيڪي حضرت سليمان (ؑ) جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا، حالانڪه سليمان (ؑ) ڪڏهن به ڪفر وارو ڪم نه ڪيو، ڪفر وارا ڪم ته شيطان ڪندا هئا، جيڪي ماڻهن کي جادوءَ جو فن سيکاريندا هئا ۽ هو ماڻهو ان شيءِ جي پويان لڳي ويا، جيڪا بابل ۾ ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي هئي. حالانڪه هي فرشتا جڏهن به ڪنھن کي، ان شيءِ جو علم سيکاريندا هئا ته کين (اڳ ۾) سختيءَ سان ٻڌائيندا هئا، ته اسان (توهان جي لاءِ) آزمائش طور موڪليا ويا آهيون، سو توهان ڪفر وارو ڪم نه ڪريو، پر پوءِ به هي ماڻهو انهن فرشتن کان اهڙو علم سکندا هئا، جنھن سان زال ۽ مـڙس جـي وچ ۾ جدائي پئجي ويندي هئي. حقيقت هي آهي ته الله تعالى جي حڪم کان سواءِ، هو ڪنھن کي به ڪو نقصان نه پيا پھچائي سگهن، تنھن هوندي به هو اهو علم سکندا رهندا هئا، جنھن جي سکڻ ۾ ڪوبه فائدو نه هو، بلڪه الٽو انهن لاءِ نقصانڪار هو ۽ هو خود به سمجهندا هئا، ته جنھن به اهو علم سکيو ته قيامت واري ڏينهن ان جي لاءِ ڪا به ڀلائي نه آهي. جيڪڏهن هو ٿورڙي به ڊگهي نظر ڪن ها ته پنهنجو پاڻ کي ڦاسائي خساري وارو سودو ڪڏهن به نه ڪن ها. |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪڏهن هو ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿي وڃن ها، ته کين خود خبر پئجي وڃي ها ته ان ايمان جو جيڪو بدلو الله تعالى وٽ آهي، اهو ان بيڪار علم سکڻ کان ڪيڏو نه بھتر هو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارؤ! نبي سڳوري سان گفتگو ڪرڻ لاءِ”رَاعِنَا“ نه چوندا ڪريو، بلڪه ”اُنۡظُرۡنَا“ چوندا ڪريو ۽ نبي سڳوري جي ڳالهه کي انتھائي غور سان ٻڌندا ڪريو، ڪافرن لاءِ ته اسان انتھائي تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
يھودين، عيسائين ۽ مشرڪن مان جن به، حق جي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهي سڀ (ساڙ سڙيا) ڪڏهن به اهو پسند نه ڪندا آهن، ته توهان جو رَبُّ توهان جي مٿان ڪا مهرباني ڪري، اها ته ان جي ئي مرضي آهي، ته هو جنھن جي مٿان چاهي پنهنجي رحمت نازل ڪري، الله تعالى ته تمام وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
جنھن به آيت کي اسان منسوخ يا فراموش ڪريون ٿا، ته ان جي جاءِ تي ان کان به بھتر يا ان جھڙي ٻي ڪا آيت آڻيندا آهيون، توهان کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا توهان اها ڳالهه نٿا سمجهو ته زمين ۽ آسمانن جي حڪمراني صرف الله تعالى جي آهي. ان الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه دوست نه آهي جيڪو توهان جي مدد ڪري. |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
(اي يھوديو!) ڇا توهان به پنھنجي هن رسول (ﷺ) کان، ايئن فضول سوال ڪرڻ چاهيو ٿا جيئن ان کان اڳ (حضرت) موسى (ؑ) کان ڪيا ويا هئا، صاف ٻڌي ڇڏيو ته جنھن به ماڻهوءَ ايمان وارو رستو ڇڏي ڪفر وارو رستو ورتو ته هو پڌري گمراهيءَ واري رستي تي هليو ويو. |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
يھودين ۽ عيسائين مان ڪيترا ئي حق کي چڱيءَ طرح سڃاڻڻ کان پوءِ به دلي ساڙ جي ڪري، اهو چاهين ٿا ته هو توهان کي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر واري رستي ڏانھن ڦيرائي وٺي اچن. اي ايمان وارؤ! توهان انهن (ساڙيلن) جي سوچ کي، ايستائين نظرانداز ڪريو ۽ کين معاف ڪريو، جيستائين الله تعالى انهن لاءِ ٻيو ڪو حڪم جاري ڪري (توهان اطمينان سان ويھو) بيشڪ هر شيءِ الله تعالى جي قبضي ۽ قدرت ۾ آهي. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪندا رهو ۽ جيڪا به ڀلائي توهان اڳتي قيامت لاءِ گڏ ڪندا، ته اها ڀلائي توهان الله تعالى وٽ (ضرور) موجود ڏسندا، اوهان جيڪو ڪم ڪريو ٿا بيشڪ الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح (سمجهي ۽) ڏسي ٿو. |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
يھودي چون ٿا ته جَنَّتَ ۾ رڳو يھودي داخل ٿيندا ۽ وري عيسائي چون ٿا ته جَنَّتَ ته رڳو عيسائين جي آهي، هي سڀ ماڻهو رڳو پنھنجي دلين جا ارمان ڪڍن پيا، انهن کي چؤ جيڪڏهن توهان پنھنجي دعوائن ۾ سچا آهيو ته پوءِ دليل پيش ڪريو. |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
(ڪنهن جي چوڻ يا دعوى ڪرڻ سان، خصوصيت ظاهر نه ٿيندي آهي اصل ڳالهه هي آهي ته) جنھن به ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي، الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ نيڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو ته ان لاءِ ان جو اجر ان جي پالڻھار وٽ آهي (يعني اهڙي ماڻهوءَ کي الله تعالى وٽ خصوصيت حاصل آهي) ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو خوف ۽ ڪابه ڳڻتي نه آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
يھودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه به نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يھودين وٽ ڪجهه به نه آهي، (حالانڪه ٻئي اهل ڪِتاب آهن) ٻئي (تورات ۽ انجيل) جي تلاوت ڪندڙ آهن، اهڙي طرح وري مشرڪ چوندا آهن، ته انهن ٻنهي وٽ ڪجهه به نه آهي، حالانڪه انهن مشر ڪن وٽ ته ڪوبه علم (يعني ڪتاب ئي) نه آهي، (بهرحال) الله تعالى قيامت واري ڏينھن، انهن سڀني جي وچ ۾ موجود اختلافن جو فيصلو ڪندو. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، جيڪو الله تعالى جي مسجدن ۾ سندس نالي وٺڻ کان روڪي؟ اهڙي طرح هو الله تعالى جي گهر کي غير آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي، حالانڪه انهن ماڻهن کي گهربو هو ته هو دل ۾ الله تعالى جو خوف رکي پوءِ مسجد ۾ قدم رکن، اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري ۽ قيامت واري ڏينھُن وڏو عذاب آهي. |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
اوڀر ۽ اولهه ٻئي طرف الله تعالى جا ئي آهن، توهان جنھن به طرف منھن ڪندا ان طرف الله تعالى حاضر ۽ ناظر آهي، بي شڪ الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
اُهي (يھودي ۽ عيسائي) چون ٿا ته الله تعالى پنھنجي لاءِ (ڪنھن کي) پُٽ بڻايو آهي، الله تعالى جي ذات (اهڙن رشتن کان) پاڪ آهي (ان کي اولاد جي ڪھڙي ضرورت آهي؟)، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ ان جو ئي ته آهي ۽ ساري مخلوق ان جي حڪم جي فرمانبردار آهي. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ اهو ئي آهي، هو جنھن شيءِ کي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ٿوته ان کي حڪم ڏيندو آهي ته “ٿِيءُ” ته اها شيءِ “ٿي پوندي” آهي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
ناسمجهه ماڻهو چون ٿا ته ”الله تعالى اسان سان (سامهون اچي) ڇو نٿو ڳالهائي، يا اسان وٽ سنئون سڌو ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟ اهڙيون ڳالهيون ان کان پھريائين وارا ماڻهو به ڪندا هئا. حقيقت ۾ انهن سڀني ناسمجهه ماڻهن جي ذهني سوچ هڪجھڙي ئي آهي، يقين ڪرڻ وارن لاءِ ته اسان صاف صاف نشانيون ظاهر ڪري چڪا آهيون. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
(اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان توهان کي حق جو علم ڏئي موڪليو آهي، ته (جيئن) ماڻهن کي جَنَّتَ جي خوشخبري ٻڌايو ۽ جَھنَّم جي باهه کان ڊيڄاريندا رهو، ان ذميواري کان پوءِ توهان کان سوال نه ڪيو ويندو، ته هي ماڻهو جَھنَّم ۾ ڇو ويا (ظاهر آهي ته هو ڄاڻي واڻي حق جي راهه کان منھن موڙيندا رهيا). |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
(اي نبي ﷺ!) يھودي ۽ نصارى توکان ڪڏهن به راضي نه ٿيندا، جيستائين تون انهن جي دين جي طريقي تي نه هلندين، کين (صاف) ٻڌائي ڇڏ ته سڌو رستو رڳو اهو ئي آهي، جيڪو الله تعالى مقرَّر ڪيو آهي، پر جيڪڏهن تون الله تعالى جي مقرَّر ڪيل رستي کي سمجهندي به هُنن جي خواهشن جي پيرويءَ جو سوچيندين ته توکي ڪير به الله تعالى جي پڪڙ کان بچائڻ وارو دوست ۽ مددگار نه ملي سگهندو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
(انهن مان سنجيده ماڻهو اهي آهن) جن کي اسان ڪتاب ڏنوسين، هو ڪتاب جي اهڙي انداز سان تلاوت ڪن ٿا جو واقعي تلاوت جو حق ادا ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڪتاب ۾ ٻڌايل حڪمن کي دل سان مڃيندا به آهن، پر ڪتاب جا انڪار ڪندڙ ئي نقصان ۾ پوڻ وارا آهن. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي،بيشڪ مون توهان کي سڄي جھان وارن تي فضيلت به ڏني هئي. |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
ڊڄو ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن ڪو به، ڪنھن جي ذري جيترو به ڪم نه ايندو، نه ڪنھن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو عيوضو ورتو ويندو، نه ڪنھن جي سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن (ڏوهارين) کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن ابراهيم (ؑ) کي سندس رَبَّ ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته هو انهن سڀني ڳالهين تي پورو لٿو، (انهيءَ ڪاميابيءَ جي عيوض) الله تعالى کيس فرمايو (اي ابراهيم!) مان توکي سڀني ماڻهن جو (هميشه لاءِ) امام مقرَّر ڪريان ٿو، (حضرت) ابراهيم (ؑ انتھائي خوشيءَ واري انداز ۾) چيو ته ڇا منھنجي اولاد کي به (اها امامت نصيب ٿيندي)؟ تنھن تي الله تعالى فرمايو (ته توهان جي نيڪ اولاد سان ته اهو وعدو آهي پر) جيڪو اولاد، ظلم جي ڪمن ۾ پوندو، تنھن سان اهو وعدو هرگز نه آهي. |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ اسان شروع کان وٺي، هن ڪعبة الله کي ماڻهن جي لاءِ( گڏجڻ جو) مرڪز مقرَّر ڪيو آهي،جنهن ۾ حاضر ٿيندڙن جي حفاظت ۽ امن سان رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته ابراهيم (ؑ) جنهن جڳهه تي الله تعالى جي عبادت لاءِ بيهندو هو، ان کي توهان (به) هميشه لاءِ نماز جي جاءِ مقرَّر ڪريو، اسان ابراهيم ۽ اسماعيل (ؐ) کي اهو به تاڪيد ڪيو هو ته منھنجي گهر (ڪعبة الله) کي طواف، اعتڪاف ۽ نماز پڙهندڙن لاءِ ۽ پاڪ ۽ صاف رکو. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
ابراهيم (ؑ)جڏهن هي دعا گهري ته “اي منھنجا رَبَّ! هن مڪي شهر کي (هميشه لاءِ) امن وارو شھر بڻاءِ ۽ هن شھر ۾ رهندڙ الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندڙن کي رزق جي صورت ۾ هر قسم جا ميوا ڏئي”، ان تي الله تعالى (ابراهيم (ؑ جي خاص سوچ کي عام سوچ ۾ بدلائي) فرمايو ته اي ابراهيم! رزق ته مان انهن ماڻهن کي به ڏيندس، جيڪي انڪار ڪندڙ هوندا، اهڙا ماڻهو ڀلي هن مختصر حياتيءَ ۾ الله تعالى جون نعمتون استعمال ڪري وٺن پر آخرڪار انهن کي انتھائي بدترين جاءِ جَھنَّم ڏانھن گھلي وٺي ويندس. |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
(اهو شروعاتي دؤر به ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل (ؐ) ڪعبة الله جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان جا بنياد مٿي ڪرڻ وقت، دُعا گهري ته يا الله! اسان جي هن خدمت کي قبول فرماءِ، بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين. |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
يا الله! اسان ٻنهي کي پنهنجو فرمانبردار بڻاءِ ۽ اسان جي نسل مان هڪ اهڙي جماعت پيدا فرماءِ، جيڪا تنھنجي سھڻي نموني ۾ فرمانبرداري ڪندڙ هجي، اسان کي پنھنجي عبادت جا طور طريقا به ٻڌاءِ ۽ اسان جي (ننڍين وڏين) خطائن کي معاف فرماءِ. بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهين. |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
يا الله! اسان جي ايندڙ نسل ۾ اهڙو رسول موڪلجانءِ، جيڪو ماڻهن کي تنھنجون پاڪ آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي، ڪتاب ۽ حڪمت ذريعي تعليم ڏئي ۽ سندن زندگين کي سنواري ڇڏي. بيشڪ تون ئي زبردست حڪمت وارو آهين. |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
(ابراهيمؑ جو ڪردار توهان ٻڌو). هاڻي ڪھڙو ماڻهو هوندو جيڪو ان جي ٻڌايل طريقي کان نفرت ڪندو؟ ظاهر آهي ته اهو ئي ماڻهو ان جي ڪردار کان نفرت ڪندو، جيڪو غيرسنجيده ۽ ناسمجهه هوندو. ابراهيم(ؑ) ته اهو شخص آهي، جنھن جي آزمائش ڪري اسان کيس پورِي دنيا ۾ پنھنجي ڪم لاءِ چونڊيو هو. بيشڪ هو قيامت واري ڏينھن نيڪوڪار ماڻهن ۾ شامل هوندو. |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
(سندس هميشه اها خوبي هئي ته) اسان جڏهن به کيس چيو ته تون فرمانبردار ٿي، ته هو فوراً جواب ۾ چوندو هو: “مان ڪائنات جي پالڻھار جو فرمانبردار ٿي ويس”. |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
ابراهيم (ؑ) اهڙي طريقي جي هدايت پنھنجي اولاد کي به ڪئي هئي. بعد ۾ سندس اولاد مان، يعقوب (ؑ) به اهڙي هدايت ڪئي هئي.هن ته پنهنجي اولاد کي اهو به چيو هو ته: اي منھنجا پٽڙؤ! بيشڪ الله تعالى توهان جي لاءِ اهو ئي دين پسند فرمايو آهي(جنھن جي باري ۾ مان توهان کي، ڄاڻ ڏئي چڪو آهيان) تنھن ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين الله تعالى جا فرمانبردار ٿي رهجو. |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
(اي يھوديو ۽ عيسائيو!) ڇا توهان ان وقت موجود هئا جڏهن يعقوب (ؑ)وفات وقت آخري گهڙين ۾ اطمينان خاطر پنهنجي پٽن کان پڇيو، ته منھنجا پٽڙؤ! مون کان پوءِ توهان ڪنھن جي عبادت ڪندا؟ (پٽن هڪ آواز ٿي) جواب ڏنو ته اسان ان هڪ الله جي عبادت ڪنداسين، جنھن کي توهان ۽ توهان جي بزرگن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق (ؓ) هميشه هڪ معبود ڪري مڃيو آهي ۽ اسان به ان هڪ الله جا فرمانبردار آهيون. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
(الله اڪبر) اها هڪ بهترين اُمَّت هئي، جيڪا پنهنجو وقت پورو ڪري رخصت ٿي وئي. جيڪو ڪِردار انهن ادا ڪيو، اهو انهن جي ئي نصيب ۾ رهندو ۽ جيڪو ڪردار توهان ادا ڪندا ان جا ذميدار توهان ئي هوندا، اڳ گذريل اُمَّت جي عملن جي باري ۾ توهان کان نه پڇيو ويندو. |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ اُهي (يھودي ۽ عيسائي غرور واري انداز ۾) چون ٿا ته يھودي ٿيو يا عيسائي ٿيوته پوءِ توهان کي سڌو رستو ملندو. اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته سڌو رستو ته ابراهيم (ؑ) جي مِلَّت جو آهي جيڪو توحيد جو عقيدو رکندڙ هو ۽ هو ڪڏهن به مشر ڪن منجهان نه هو. |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
اي مسلمانو! انهن کي چئو ته اسان الله تعالى ۽ ان جي طرفان موڪليل هدايت واري رستي تي ايمان آندوسين ۽ هر ان شيءِ تي (اکيون ٻوٽي) ايمان آندوسين جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) ۽ ان جي اولاد تي نازل ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه موسى، عيسى ۽ ٻين نبِين سڳورن کي سندن پالڻھار جي طرفان جيڪو ڪجهه به موڪليو ويو هو، انهن سڀني تي اسان ايمان آندوسين ۽ انهن جي ڏنل تعليم ۾ ڪنھن به قسم جو فرق نٿا ڪريون، (ڇاڪاڻ جو) اسان رڳو الله تعالى جا ئي فرمانبردار آهيون. |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
جيڪڏهن ڪو به اهڙي طريقي سان ايمان آڻڻ جي دعوى ڪري، جيئن توهان مؤمنن ايمان آڻڻ جي شروعات ڪئي آهي پوءِ ته ٻيا ماڻهو هدايت حاصل ڪري سگهندا، پر جيڪڏهن تڪبُّر ۾ اچي اهي منھن ڦيريندا ته هو سنئون سڌو اسان جا مخالف آهن. (اي ايمان وارؤ! انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪريو، اطمينان رکو ته) الله تعالى انهن جي مقابلي ۾ توهان جي لاءِ هر طرح سان ڪافي آهي، بيشڪ هو هر شيءِ کي ٻڌندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
(مؤمنن جي دعوى آهي ته اسان) الله تعالى جي رنگ (يعني طريقي) کي اختيار ڪيوسين، ته پوءِ الله تعالى جي طريقي کان وڌيڪ طريقو ٻيو ڪنهن جو سهڻو آهي؟ اسان ته رڳو ان جي ئي عبادت ڪندڙ آهيون. |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
(اي نبي ﷺ) کين چؤ ته ڇا توهان اسان سان الله تعالى جي ڏسيل طريقي تي جهڳڙو ڪريو ٿا؟ حالانڪه هو اسان ۽ توهان سڀني جو پالڻھار آهي، اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ آهن. اسان ته پنهنجي پالڻهار جي بندگي انتھائي خلوص سان ڪريون ٿا. |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
(اي يهوديو!) توهان ماڻهن جي اها ڪھڙي دعوى آهي ته ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب (ؓ) ۽ ان جو اولاد سڀ جا سڀ يھودي يا عيسائي هئا. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته توهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله تعالى؟ ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنھن جي اها ذميداري آهي ته هو الله تعالى جي ڪائنات کي ڏسي ان جي حق ۾ گواهي ڏئي. پر هي ماڻهو پنهنجي اکين ڏٺي گواهيءَ کي لڪائي ٿو، (ڪا ڳالهه نه آهي) الله تعالى توهان جي ڪنهن به عمل کان بيخبر نه آهي. |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
(الله اَڪبر) اهو (به) هڪ گروهه هو جيڪو اڳ ٿي گذريو آهي، ان جو ڪردار ان لاءِ ۽ توهان جو ڪردار توهان لاءِ آهي، انهن جي عملن جي باري ۾ اوهان کان ڪنھن به قسم جو پڇاڻو نه ٿيندو. |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
نا سمجهه ماڻهو توهان کي ضرور چوندا، ته مسلمانن کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڳي جنھن قبلي (يعني بيت المقدس) ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهندا هئا، ان کي هڪدم ڇڏي پنھنجو قبلو (بيت الله ڏانهن) ڦيرائي ڇڏيو آهي. (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته اوڀر ۽ اولهه (سڀئي) الله تعالى جا آهن، (حڪم جي تابعداريءَ جي ڪري ئي) الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
اهڙيءَ طرح اسان توهان کي هڪ وچٿري اُمَّت بنايو آهي (توهان نه ته نبي سڳوري سان جهڳڙو ڪريو ٿا ۽ نه ئي نبي سڳوري جي شان کي الله تعالى جي شان کان وڌايو ٿا، اهو ڪم ته اهل ڪتاب يھودين ۽ عيسائين جو هو، جنهن ڪري هو وچٿري اُمَّتَ جي درجي تي پورا نه لٿا) جيئن توهان مسلمان اهل ڪتاب سميت سڀني ماڻھن تي (نااهليءَ جي) گواهي ڏيو۽ وري رسول (ﷺ) توهان جي مٿان (اهل هجڻ جي) گواهي ڏئي . بيت المقدس کي اسان هيترو عرصو ان لاءِ قبلو مقرر ڪيو هوته جيئن توهان جي ايمان جي پرک ڪري ڏسون ته ڪير رسول (ﷺ) جي سچي نيت سان پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير تعصب ۽ ساڙ جي ڪري پويان پيرَ ڪري ٿو؟ بيت المُقدَّس کي قبلي ٺاهڻ وارو حڪم ته هڪ وڏي آزمائش هئي (عربن جي وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي باوجود) الله تعالى جي مھرباني ۽ ان جي طرفان عطا ڪيل هدايت يافته ماڻهن لاءِ ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. الله تعالى توهان جي ايمان کي (انتھائي خلوص جي ڪري) هرگز ضايع نه ڪندو. بيشڪ الله تعالى پنهنجن فرمانبردارن سانانتھائي پيار ۽ رحمدليءَ سان پيش ايندو آهي. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
قبلي مٽائڻ کان اڳ، اسان توکي هر هر آسمان ڏانھن منھن ڪندي (بيت الله کي قبلي بڻائڻ جي دعا گهرندي) ڏٺو، چڱو! هاڻي توکي ان قبلي (بيت الله) ڏانھن منھن ڪرڻ جي اجازت ڏيون ٿا، جنھن کي تون پسند ڪرين ٿو. (بس هاڻي کان ئي) پنھنجو منھن بيت الله ڏانھن ڦيري ڇڏ، سڀئي ايمان آڻيندڙ جتي به هجن، آئنده هو بيت الله ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهن. اهل ڪتاب (يھودي ۽ عيسائي) چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته الله تعالى جي حڪم سان هي صحيح فيصلو ٿيو آهي، پر تنھن هوندي به الله تعالى سندن (دلين ۾) لڪيل حرڪتن کان بيخبر نه آهي. |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
توهان يھودين ۽ عيسائين کي ڪيتريون به آيتون ٻڌايو يا دليل ڏيو، پر هو(دلي ساڙ ۽ بغض جي ڪري) ڪڏهن به توهان جي قبلي کي ڪونه مڃيندا، (توهان آزمائش مان نڪري پارس بنجي ويا آهيو سو) توهان پراڻي قبلي ڏانھن ڪڏهن به منھن نه ڪندا، (يھودي ۽ عيسائي خود هڪ ٻئي جي قبلي تي مُتفق نه آهن) سو هو هڪ ٻئي جي قبلي جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. (اي نبي ﷺ!) الله تعالى جو هي نئون حڪم اچڻ کان پوءِ، تون انهن يھودين ۽ عيسائين جي ڪنھن به ڳالهه ۾ نه اچج، نه ته توهان جو شمار به ناانصافي ڪندڙن ۾ ٿيندو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
هي اهل ڪتاب حق جي ڳالهين کي ايئن سڃاڻن ٿا، جيئن هو پنھنجي اولاد کي سڃاڻيندا آهن پر پوءِ به انهن مان هڪ ٽولو اهڙو آهي، جيڪو ڄاڻي واڻي حق کي لڪائيندو آهي. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
حق اهو آهي جيڪو تنھنجي پالڻھار جي طرف کان آيل هجي. (اي نبي ﷺ) اوهان ڪڏهن به شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿجو. |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
هر ڪنھن جي لاءِ هڪ طرف مقرر هوندو آهي، جيڏانھن هو منھن ڪندو آهي (اصل ۾ نيڪي منھن ڪرڻ ۾ نه، بلڪه الله تعالى جي حڪم مڃڻ ۾ هوندي آهي، تنھنڪري توهان جتي به حڪم ٻڌو ته هڪدم ان تي عمل ڪريو) نيڪين ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو، اهڙيءَ طرح (مرڻ کانپوءِ) توهان جتي به موجود هوندا، الله تعالى ان جڳھه تان اوهان کي قيامت واري ڏينھن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
(زمين جي) جنھن به جڳھه تان توهان لنگهو، ته نماز ۾ پنھنجو منھن هميشه ڪعبة الله ڏانھن ڪندا ڪريو. اهو توهان جي رَبَّ جو صحيح ۽ برحق فيصلو آهي. الله تعالى توهان جي عملن کان ذري جيترو به بي خبر ناهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
(وري هڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌي ڇڏيو ته) زمين جي جنھن به جڳهه تان توهان لنگهو، ته نماز ۾ پنھنجو منھن هميشه ڪعبة الله جي طرف ڪندا ڪريو ۽ جتي به رهائش اختيار ڪريو، اتي به ڪعبة الله ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهندا ڪريو (ته جيئن پوري دنيا ۾ هڪجھڙائي پيدا ٿئي ۽ مخالفن کي ڪنھن به علائقي مان، ان عمل خلاف ڪو دليل نه ملي سگهي)، پر ظالم ماڻهو ته ضرور پنھنجي دل جو ساڙ، ڪنھن نه ڪنھن طرح ظاهر ڪندا رهندا، سو تون انهن کان بالڪل نه ڊڄ، ڊڄڻ جو حق مون کان آهي، مان ئي توهان جي مٿان پنھنجي نعمت پوري ڪندس (ياد رکو ته) مون کان ڊڄڻ جي ڪري ئِي، توهان کي سڌو رستو ملي سگهندو. |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
(مون توهان کي هي به نعمت عطا ڪئي جو) توهان مان ئي هڪ رسول مقرر ڪيو، جيڪو توهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، توهان جي زندگين کي سڌاري سنواري ٿو ۽ پاڻ عمل ڪري توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ هو توهان کي اهڙيون ته (بلند اخلاق واريون) ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان صفا نه ڄاڻندا هئا. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
تنھنڪري توهان مون کي ياد ڪريو ( منھنجي ياد کي هميشه اوليت ڏيندا ڪريو ته ) مان توهان کي ياد ڪندس (۽ توهان جي مٿان پنهنجون نعمتون نازل ڪندو رهندس ۽ نعمتن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ) هميشه شڪرگذاريءَ وارو رستو وٺو، ناشڪريءَ وارو رستو ڪڏهن به اختيار نه ڪجو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي ايمان وارؤ! (هر معاملي ۾) صبر ۽ نماز جي ذريعي مون کان، مدد گهرندا ڪريو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ شھيد ٿي وڃن، ته کين ڪڏهن به مئل نه چئو بلڪ هو جيئرا آهن پر سندن زندهه رهڻ واري ڪيفيت کي توهان سمجهي ئي نٿا سگهو. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
اسان توهان کي (سڌي رستي تي رکڻ لاءِ) ضرور آزمائيندا رهنداسين (آزمائشون هن طرح جون هونديون جو) ڪڏهن توهان جي دلين ۾ گهٻراهٽ ۽ خوف پيدا ڪيو ويندو، ڪڏهن توهان کي کاڌي پيتي جي شيءِ نه ملڻ ڪري بُکون ڪاٽڻيون پونديون، ڪڏهن مال ۽ جان جو نقصان ٿيندو ۽ ڪڏهن زمين جي اُپت ۾ گهٽتائي ٿيندي، پر انهن سڀني ڳالهين تي صبر ڪرڻ وارن کي (جَنَّتَ جي) خوشخبري ٻڌايو. |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
(صبر ڪرڻ وارن جي هي نشاني آهي ته ) جڏهن به انهن جي مٿان ڪا پريشاني ايندي آهي، ته هو هڪدم برحق ڳالهه چوندا آهن ته ”اسان الله تعالى جا ئي آهيون ۽ بيشڪ اسان کي ان ڏانھن ئي موٽڻو آهي.“ |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جي مٿان پنھنجي رَبَّ جي مھرباني ۽ رحمت وسندي رهي ٿي ۽ ان مھربانيءَ جي ڪري هو سڌي راهه تي ڄميا بيٺا آهن. |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
بيشڪ صَفا ۽ مَروَه ٽڪريون، الله تعالى جي خاص نشانين مان آهن، تنھنڪري جيڪو حَجُّ ۽ عمرو ڪندڙ، انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ طواف (۽ سعي) ڪندو ته (اهو عمل ثواب وارو آهي) ان ۾ گناهه جي ڪابه ڳالهه نه آهي. نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ واري ڪم کان الله تعالى خوب واقف آهي ۽ هو ڀلائيءَ جي ڪمن جو وڏو قدردان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
۽ جيڪي ماڻهو آزمائش تي صبر ڪرڻ بجاءِ (دنياوي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ) اسان جي طرفان موڪليل تعليمات ۽ روشن هدايت کي لڪائين ٿا، حالانڪه اسان انهن ڳالهين کي هڪ هڪ ڪري پنھنجي ڪتاب ۾واضح طريقي سان بيان ڪري چڪا آهيون. اهڙن ماڻھن تي الله تعالى لعنت ڪري ٿو ۽ هر فرمانبردار مخلوق به انهن تي لعنت ڪري ٿي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
سواءِ انهن ماڻھن جي جيڪي پنھنجي ان عمل کان بيزار ٿي توبہ ڪن ٿا ۽ پنھنجي اندر سڌارو آڻين ٿا ۽ (حق ڳالهه کي لڪائڻ بجاءِ) ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ تيار رهن ٿا ته مان به کين معاف ڪندس ۽ مان ئي معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهيان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
پر جن ماڻھن آخر تائين ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي ئي حالت ۾ مري ويا، ته انهن تي الله تعالى جي لعنت آهي ۽ ملائڪن، انسانن ۽ سڄي مخلوق جي به انهن تي لعنت آهي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
(مرڻ کان پوءِ به) هو هميشه لعنت واري زندگيءَ ۾ رهندا ۽ انهن جي عذاب ۾ ڪنھن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ کين مھلت ڏيڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
توهان جو معبود ته بس هڪڙو ئي (اڪيلو) معبود آهي، الله بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق ناهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ، رات ۽ ڏينھن ۾ هڪجھڙائي نه هجڻ ۾، انهن ٻيڙن (۽ جهازن) ۾، جيڪي ماڻھن جي ضرورت جون شيون کڻي سمنڊ ۾ هلندا رهن ٿا، الله تعالى جي طرفان آسمان مان اهڙو پاڻي نازل ڪرڻ ۾، جنھن سان غيرآباد زمين فوراً آباد ٿي وڃي ٿي ۽ (وري ان زمين جي آباد ٿيڻ سان ئي) جاندار مخلوق جي ڦھلجڻ ۾، هوائن جي تبديل ٿيڻ ۾۽ ڪڪرن جي باقاعده آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ گردش ڪندي رهڻ ۾، سوچڻ ۽ سمجهڻ وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
(مٿيون سڀ ڳالهيون ڏسي وائسيِ به) ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي الله تعالى کان سواءِ ٻين کي شريڪ ڪن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت رکن ٿا، جيڪا حقيقت ۾ الله تعالى سان محبت رکڻ جو حق آهي، حالانڪه ايمان وارن جي ته ڪيفيت اها هُوندِي آهي، جو هو الله تعالى سان سڀني کان وڌيڪ محبت رکندا آهن. ظلم(يعني شرڪ ) ڪرڻ وارن کي جيڪا ڳالهه روبرو عذاب ڏسڻ کان پوءِ دماغ ۾ ويھندي، ڪاش! (اها جيڪڏهن اڄ دماغ ۾ ويھجي وڃي ته) انهن کي خبر پئجي ويندي ته واقعي هر شيءِ تي طاقت ۽ اختيار صرف الله تعالى جو ئي آهي ۽ الله تعالى ئي واقعي سخت عذاب ڏيندو آهي. |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جڏهن عذاب ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، ته هي هٿرادو اڳواڻ جن جي دنيا ۾ الله تعاليٰ کي ڇڏي اطاعت ڪئي ويندي هئي، پنھنجي مڃيندڙن کان لا تعلقيءَ جو اعلان ڪندي، بيزاري ظاهر ڪندا (سزا ته کين ضرور ملندي) پر سندن سڀئي لاڳاپا به (هميشه لاءِ) ختم ٿي ويندا. |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
وري جڏهن اُهي (مڃيندڙ) تمنا ڪنداته ڪاش! اسان کي هڪ ڀيرو دنيا ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته اسان انهن کان اهڙا ته بيزار ٿي رهنداسين جھڙيءَ طرح هي اڄ اسان کان بيزار آهن. الله تعالى انهن جا عمل (جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا هئا) سندن سامهون اهڙيءَ طرح آڻيندوجو هو انهن کي ڏسي پشيمانيءَ وچان هَٿَ مليندا ۽ کين باهه مان نڪرڻ جو ڪو به رستو نظر نه ايندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي انسانو! زمين ۾ موجود حلال ۽ پاڪ شيون کائو ۽ شيطان جي ٻڌايل رستي تي نه هلو، بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
(ان ڪري ئي ) هو توهان کي برائيءَ ۽ بيحيائيءَ جا ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ توهان کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ٿو، ته توهان الله تعالى جي باري ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويھو، جنھن جو توهان کي ڪو به علم نه آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
اهڙن ماڻھن کي جڏهن سمجهايو وڃي ٿو، ته توهان الله تعالى جي نازل ڪيل حڪمن جي پيروي ڪريو ته هو فوراً جواب ڏيندا آهن ته اسان ته پنھنجي ابن ڏاڏن واري طريقن جي پيروي ڪنداسين. ڇا ڀلا انهن جا ابا ڏاڏا جيڪڏهن غلط طريقي جي پيروي ڪندا رهيا ۽ عقل کان ڪم نه ورتو ۽ سڌي راهه اختيار نه ڪئي هجي ته به هي انهن جي پيروي ڪرڻ تي (هروڀرو) ضد ڪندا؟ |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
جن ماڻھن ڪفر (يعني الله تعالى جي حڪمن جو انڪار) ڪيو آهي، انهن جو مثال ان (ڌنار) وانگر آهي جيڪو جانورن کي هڪل ڪري سڏي ٿو، جانور (ويچارا) ان جي صرف هڪل ئي ٻڌندا آهن، ٻيو ڪجهه نه سمجهندا آهن، تنهنڪري جانورن وانگر هي به ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن. ڇاڪاڻ جو هي عقل کان ڪم نٿا وٺن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى جا تابعدار آهيو، ته اسان جيڪي پاڪ شيون توهان کي رزق طور ڏنيون آهن سي مزي سان کائو، ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا رهو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
الله تعالى توهان لاءِ هنن شين کي کائڻ حرام قرار ڏنو آهي: مئل جانور- رَت- سوئر جو گوشت ۽ هر اها شيءِ، جنھن تي الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي جو نالو ورتو وڃي، پر جيڪڏهن ڪو مجبوريءَ ۾ جان بچائڻ خاطر، انهن شين مان ڪجهه کائي وٺي، سندس الله تعالى جي قانون کي ٽوڙڻ جي نيت نه هجي ۽ نه ئي حد کان وڌيڪ کائي ته پوءِ ان جي کيس اجازت آهي ۽ ان ڳالهه ۾ مٿس ڪوبه گناهه نه آهي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
بيشڪ (يھودي) جيڪي الله تعالى جي ڪتاب ۾ نازل ٿيل حڪمن کي لڪائيندا آهن ۽ دنيا جي چند ٽَڪن جي عيوض وڪڻندا آهن، حقيقت ۾ هو پنھنجي پيٽن ۾ جھنم جي باهه ڀريندا آهن، قيامت واري ڏينھن الله تعالى اهڙن ماڻھن سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو ۽ کين پاڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، بلڪ انهن جي لاءِ هڪ وڏو تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
اهڙن ماڻھن ئي هدايت حاصل ڪرڻ جي بدلي، گمراهي خريد ڪئي آهي ۽ وري بخشش جي مقابلي ۾ عذاب گهري ورتو آهي. وڏي عجيب ڳالهه آهي ته هنن ماڻھن جھنم جي باهه برداشت ڪرڻ لاءِ هيڏو سارو صبر اختيار ڪيو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
بيشڪ الله تعالى ته ڪتاب (تورات) کي، بلڪل حق ۽ سچ ڪري نازل ڪيو. هي (يھودي) هروڀرو ان ۾ اختلاف پيدا ڪري، پنھنجي فرقي بازين ۾ مست ٿي حق ۽ سچ کان گهڻو پري ٿي ويا آهن. |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
توهان ماڻهو اوڀر ۽ اولهه طرف منھن ڪري نماز پڙهڻ کي اصل نيڪي سمجهو ٿا حالانڪه اصل نيڪيءَ جا بنياد ته هي آهن ته ماڻهو الله تعالى، قيامت جي ڏينهن، ملائڪن، ڪتاب ۽ سڀني نبين سڳورن تي دل سان ايمان آڻي، الله تعالى جي محبت خاطر پنھنجو پيارو مال، مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن، مدد لاءِ هٿ ڊگهو ڪندڙن ۽ غلامن کي آزاد ڪرڻ تي خوب خرچ ڪري، نماز قائِم ڪري، زڪوات ادا ڪري ۽ ڪنھن سان وعدو ڪري ته اهو نڀائي، سخت حالات، سڃائي، مصيبت جي وقت ۽ جنگ جي وقت صبر سان انهن شين کي منھن ڏيندو رهي ته اهڙا ماڻهو ئي سچائيءَ جي رستي تي آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار ماڻهو آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي ايمان وارؤ! توهان تي قصاص (يعني قتل جو بدلو وٺڻ) فرض ڪيو ويو آهي. (هاڻي) جيڪو به قتل ڪندو ته بدلي ۾ کيس به قتل ڪيو ويندو، آزاد ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ آزاد ماڻهو کي، غلام جي مقابلي ۾ غلام کي، عورت جي مقابلي ۾ عورت کي. پر جيڪڏهن قتل ٿي ويل جا ڀائر يا وارث قاتل کي معاف ڪرڻ چاهين ته (پوءِ ويھي دِيَّتَ يعني خون بھا جو معاملو طئي ڪري وٺو) گهرڻ وارو مناسب طريقي سان گهري ۽ قاتل تي فرض آهي ته هو به سھڻي طريقي سان دِيَّتَ ادا ڪري، توهان جي پالڻھار جي طرف کان اهو معاملو توهان لاءِ آساني ۽ رحمت طور ٺاهيو ويو آهي، پوءِ جيڪڏهن قاتل معاوضي ڏيڻ ۾ هيراڦيري ڪري يا قتل ٿيندڙ جا وارث ان کانپوءِ بدلووٺڻ جي ڪوشش ڪن، ته (ڪَنَ کولي ٻڌو ته) اهڙن ماڻھن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
اي عقل ۽ سوچ رکڻ وارؤ! قصاص ۾ ته توهان جي زندگي جي بقا آهي، اهڙي طريقي سان ئي توهان آئنده خُونريزيءَ کان بچي سگهندا. |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
توهان جي مٿان وصيت ڪرڻ فرض قرار ڏني وئي آهي، جيڪو به مالدار ماڻهو مرڻ جي ويجهو ٿئي، کيس گهرجي ته هو پنھنجي والدين ۽ مٽن مائٽن لاءِ واضح طريقي سان وصيت ڪري وڃي، اها پرهيزگار ماڻھن جي خاص ذميداري آهي. |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
مرڻ کان پوءِ ان جي ڪيل وصيت ۾ جيڪو به شاهدڪا تبديلي ڪندو ته اهو گناهه ان شاهد تي هوندوجيڪو وصيت ۾ ڦيرڦار ڪندو. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
ها جيڪڏهن شاهد هي سمجهي ٿوته وصيت ڪرڻ واري ڀلجي يا ڄاڻي واڻي زيادتي ڪئي آهيته پوءِ جن ماڻھن جي باري ۾ وصيت ڪئي وئي آهي، انهن کي هڪ هنڌ ويھاري معاملي کي صلح صفائيءَ سان نبيري ته ان (تبديلي) تي ڪوبه گناهه نه آهي، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جهڙي طرح اوهان کان اڳ گذريل اُمَّتن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن (روزي رکڻ جي ڪري) توهان جي اندر پرهيزگاري پيدا ٿئي. |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
(روزي رکڻ لاءِ) چند ڏينھن مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي، يا سفر ۾ هجي ته پوءِ (روزو نه رکڻ جي کيس اجازت آهي. پوءِ هو جيترا ڏينهن روزا ڇڏي ٿو) اوترا ئي ڏينھن بعد ۾ ڳڻي پورا رکي ته جيئن روزن جو تعداد پورو ٿئي پر جيڪي ماڻهو روزو رکڻ جي طاقت جي باوجود روزا نٿا رکڻ چاهين ته اهڙا ماڻهو فديي طور هڪ روزي جو کاڌو هڪ مسڪين کي کارائين پر جيڪڏهن هو اڃا وڌيڪ مھرباني ڪن ته اها ڀلائي سندن لاءِ ئي بھتر آهي. پر جيڪڏهن توهان روزي رکڻ جي ثواب کي سمجهوته پوءِ روزا رکڻ ئي توهان لاءِ بھتر آهي. |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان اهو مھينو آهي جنھن ۾ قرآن (مجيد) نازل ڪيو ويو، جيڪو سڀني انسانن لاءِ هدايت (جو ذريعو) آهي ان ۾ انتھائي چٽيءَ طرح سان حق ۽ ڪوڙ جي فرق کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. سو توهان مان جنھن کي به رمضان جو مھينو نصيب ٿئي ته مٿس فرض آهي ته هو پورو مھينو روزا رکي. ها جيڪڏهن ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي، ته پوءِ کيس روزو نه رکڻ جي اجازت آهي. پوءِ هو جيترا روزا ڇڏي ٿو ته اوترا ئي روزا بعد ۾ ڳڻي رکي. الله تعالى توهان تي نرمي ڪرڻ گهري ٿو، تڪليف ڏيڻ نٿو چاهي ته جيئن توهان آرام سان روزن جو تعداد پورو ڪري سگهو. اهڙي مھرباني ڪرڻ تي الله تعالى جي وڏائي بيان ڪريو ته جيئن شڪرگذار ٻانها ٿي سگهو. |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
(اي نبي ﷺ) جڏهن منھنجا ٻانها توهان کان منھنجي باري ۾ پڇن ته کين ٻڌاءِ ته مان انهن جي بالڪل ويجهو آهيان، سڏڻ وارو جڏهن مون کي سڏي ٿو ته مان سندس پڪار کي ٻڌان ٿو ۽ جواب به ڏيان ٿو، تنهنڪري کيس گهرجي ته هو منھنجو حڪم مڃي، مون تي ئي ايمان آڻي( ۽ منھنجي حڪمن تي هلڻ جي حامي ڀري). انهيءَ طريقي سان ئي هو سڌو رستو لھي سگهندو. |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
توهان لاءِ رمضان (شريف) جي راتين ۾، پنھنجي گهر وارين سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ واري عمل کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. هو توهان جي پرده پوشي ڪندڙ آهن ۽ توهان به سندن پرده پوشي ڪندڙ آهيو. الله تعالى کي سموري خبر آهي ته (هن کان پهريائين) توهان لڪي لڪي منع ڪيل ڪم ڪندا هئا. (ٺيڪ آ) هاڻي هن توهان جي پوين خطائن کي درگذر ڪري توهان کي معاف ڪيو، هاڻي توهان کي اجازت آهي ته ڀلي رمضان جي راتين ۾، پنھنجي گهر وارين سان ملي الله تعالى جي طرفان رکيل لذت وٺو ۽ رات جو خوب کائو ۽ پيئو، ايستائين جو صبح جي باک ظاهر ٿئي (پوءِ اهي سڀ ڪم ڇڏي) روزي کي مڪمل ڪريو، ايستائين جو سج چڱيءَ طرح لھي وڃي (وري ٻي ڳالهه به سمجهي وٺو ته) رمضان شريف جي راتين ۾، جڏهن توهان اعتڪاف جي حالت ۾، مسجدن ۾ هجو ته پوءِ پنھنجي گهر وارين سان (اعتڪاف مان نڪري)اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن به نه ملجو، هي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن سو انهن جي ويجهو به نه وڃجو. الله تعالى اهڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ پنهنجون آيتون بيان ڪندو آهي ته جيئن هو پرهيزگار ٿي وڃن يعني غلط ڪمن کان بچي سگهن. |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
توهان ماڻهو هڪ ٻئي جا مال غلط طريقي سان نه ڦٻايو ۽ نه ئي (ڪنهن کي ڌمڪائي يا) ڄاڻي واڻي سندن مال کي، حاڪمن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ کڻي وڃوته جيئن توهان کي به ان مال مان ڪجهه حصو پتي رشوت طور کائڻ جو موقعو ملي وڃي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
(اي نبي ﷺ) توهان کان ماڻهو چنڊ (جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ واري صورتحال) بابت پڇا ڪن ٿا، کين ٻڌايو ته (اها صورتحال) ماڻھن جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ ۽ انهن تاريخن جي ذريعي حَجَّ جا ڏينھن مقرر ڪرڻ لاءِ آهي، انهن کي اهو به ٻڌايو ته (حَجَّ جي ڏينھن ۾) توهان پنھنجي گهرن ۾ پويان کان داخل ٿيندا آهيو ته اهو ڪو نيڪيءَ جو ڪم نه آهي. نيڪيءَ جو ڪم هي آهي جنھن ۾ ماڻهو الله تعالى جي ناراضپي کان بچي. تنهنڪري توهان پنھنجي گهرن ۾ اڳين دروازن کان داخل ٿيندا ڪريو. هميشه الله تعالى کان ڊڄندا رهو. ان ڊڄڻ جي ڪري ئي توهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
(هاڻي توهان کي اجازت ڏني وڃي ٿي ته) الله تعالى جي راهه ۾ انهن ماڻھن سان وڙهو، جيڪي توهان سان وڙهن ٿا، پر توهان انهن سان زيادتي نه ڪجو، ڇو ته الله تعالى ڪڏهن به زيادتي ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
جتي به ڪافر توهان سان مقابلي لاءِ اچن ته انهن سان وڙهو ۽ انهن کي (مڪي جي) سرزمين تان تڙي ڪڍو، جتان توهان کي انهن نيڪالي ڏني هئي، ڇاڪاڻ جو فساد ڦھلائڻ، قتل ڪرڻ کان به وڏو گناهه آهي (مؤمنو! هڪ ڳالهه ياد رکندا ته) مسجد حرام ۾ وڙهڻ لاءِ توهان ڪڏهن به اڳرائي نه ڪجو جيڪڏهن مشرڪ مسجد حرام ۾ پاڻ لڙائي شروع ڪن، ته پوءِ توهان کي اجازت آهي ته اتي ئي انهن سان وڙهو، الله تعالى ڪافرن کي اهڙي طريقي سان سزا ڏيندو آهي. |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جيڪڏهن هو (اڳرائي ڪرڻ کان) رڪجي وڃن (۽ ايمان قبول ڪرڻ جو سوچين) ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
(پر جي هو ايمان آڻڻ جو نٿا سوچين ته) پوءِ جيستائين فساد ۽ فسادي ماڻهو ختم نه ٿين ۽ سڄو نظام الله تعالى جي مڃڻ وارن جي قبضي ۾ نٿو اچي وڃي، تيستائين انهن سان لڙائي جاري رکو. پر جيڪڏهن هي ماڻهو فساد ۽ ظلم کان هٿ کڻن ٿا ته پوءِ انهن سان لڙائي ختم آهي. باقي ظالمن سان مقابلو جاري رهندو. |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
عِزَّت واري مھيني جو بدلو، عزت وارو مھينو آهي ۽ سڀني عزتن ۽ عظمتن جو لحاظ برابريءَ جي بنياد تي ڪيو ويندو.هاڻي جيڪڏهن ڪير (عزت وارن مھينن ۾) اڳرائي ڪندو، ته توهان مؤمنن کي به انهيءَ مهيني ۾ مقابلي ڪرڻ جي اجازت آهي، توهان کي وري به الله تعالى کان ڊڄڻو آهي.اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا رهو ۽ پنھنجو پاڻ کي پنھنجي هٿن سان تباهيءَ ڏانھن نه وٺي وڃو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪندا رهو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن کي پسند ڪندو آهي. |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
جڏهن توهان الله تعالى جي رضا لاءِ، حَجُّ ۽ عمرو ادا ڪرڻ جي نيت ڪريو، ته ان کي پورو به ڪريو، ها جيڪڏهن رستي ۾ دشمن جي گهيري ۾ اچي وڃو، ته پوءِ توهان قربانيءَ جو جانور (ڪنهن به ذريعي سان) مڪي پهچايو ۽ تيستائين پنھنجا مٿا نه ڪوڙايو، جيستائين قربانيءَ جو جانور پنھنجي (ڏسيل) جاءِ تي نه پھچي پر جيڪو شخص بيمار آهي يا ڪنھن کي مٿي ۾ سخت تڪليف آهي ته اهو ڀلي (اڳ ۾) مٿو ڪوڙائي سگهي ٿو پر ان جي بدلي ۾ کيس ٽي روزا يا ڇَھَن مسڪينن کي کاڌو کارائڻ يا ڪو جانور قربان ڪرڻو پوندو، پوءِ جڏهن توهان کي امن نصيب ٿئي، ته جيڪو حَجَّ کان پھريائين عمرو ادا ڪرڻ گهري ته ادا ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به کيس قرباني ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن قرباني ڪرڻ جي سهوليت حاصل ناهي ته ڏهه روزا رکي، ٽي روزا حَجَّ جي ڏينھن ۾ ۽ ست روزا جڏهن واپس گهر اچي ته پوءِ رکي، اها رعايت مسجد حرام (يعني مڪي پاڪ) کان پري رهندڙن جي لاءِ آهي. هر حال ۾ الله تعالى جي حڪمن جي خلاف ورزيءَ کان بچو. توهان کي اهو معلوم هئڻ کپي ته الله تعالى حڪم جي خلاف ورزيءَ تي سخت سزا به ڏيندڙ آهي. |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حَجَّ جا مقرر مھينا سڀني کي معلوم آهن، جيڪو شخص انهن مقرر مھينن ۾ حَجَّ جي نيت ڪري ته حَجَّ دوران مٿس فرض آهي ته هو نفساني خواهشن، گناهه جي ڪمن ۽ جهيڙي جهڳڙي کان پاسو ڪري ۽ جيڪو شخص نيڪيءَ جا ڪم ڪندو ته الله تعالى کي سندس نيڪيءَ جي ڪمن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي، حَجَّ جي سفر ۾ توهان سامان به گڏ کڻي وڃي سگهو ٿا، پر (ٻڌي ڇڏيو ته) هن سفر ۾ پرهيزگاري ۽ اخلاقيات کان وڌيڪ ڪو به سامان نه آهي. اي عقلمند حاجيو! منھنجي انهن نافرمانين (يعني نفساني خواهشن، گناهه جي ڪمن ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ) کان بچندا رهو. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
حَجَّ جي سفر دوران رزق جي ڳولها ڪرڻ ۾ توهان لاءِ ڪو گناهه نه آهي (توهان ڀلي واپار وغيره ڪري سگهو ٿا) پوءِ جڏهن اوهان حَجَّ جي ڏينھن عرفات جي ميدان کان واپس موٽو، ته (رات مُزدَلِفَہ ۾ رهي) مَشعَر حرام وٽ الله تعالى جو ويھي ذڪر ڪريو، پر ذڪر اهو ئي ڪرڻو آهي جنهن جو طريقو توهان کي ٻڌايو ويو آهي. ورنه پھريان توهان کي ذڪر ڪرڻ جو طريقو معلوم نه هو. |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
پوءِ (اي مڪي جا رهاڪو! اوهان جو عرفات جي بجاءِ مُزدَلِفَہ کان واپس اچڻ صحيح نه آهي بلڪه) توهان به عرفات جي ميدان تي وڃي اتان واپس موٽوجتان ٻيا (حاجي) موٽندا آهن، الله تعالى کان گناهن جي بخشش گهرندا رهو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن حَجَّ جا رڪن پورا ٿي وڃن ته توهان الله تعالى کي خوب ياد ڪريو، جيئن اوهان پهريان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ويھي ياد ڪندا هئا بلڪه الله تعاليٰ جو ذڪر اڃا به وڌيڪ بيان ڪريو. ماڻھن مان (ڪجهه دنيادار ذهن جا ماڻهو آهن جو هو) الله تعالى کان هي دعا گهرندا آهن ته “اي اسان جا رَبَّ! اسان کي هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه عطا فرماءِ،” پوءِ اهڙن ماڻھن جو آخرت ۾ ڪو به حصو نه آهي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا ته ايمان وارا آهن، جو هو الله تعالى کان دعا گهرندا آهن ته “اي اسان جا پالڻھار! اسان کي هن دنيا ۾ به ڀلائي عطا ڪر ۽ آخرت ۾ به ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.” |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اهڙي سوچ رکڻ وارا ماڻهو (ٻنهي جڳھن تي پنھنجي عملن مطابق) ڀلائي حاصل ڪندا ڇوته الله تعالى هر ڪنھن سان سندن نيتن مطابق جلد حساب ڪندو آهي. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ ڪجهه ڏينھن (منى ۾) ترسي الله تعالى جو خوب ذڪر ڪريو، پر جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ٻن ڏينھن ۾ واپس ٿيو (يعني ۽ ذوالحَج جو) يا جيڪڏهن ڪير وڌيڪ به رهيو (يعني ذوالحَج تائين) ته ان تي ڪو گناهه نه آهي، شرط هي آهي ته اتي رهڻ وقت پرهيزگاري اختيار ڪندو رهي، الله تعالى کان ڊڄو ۽ اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ توهان سڀني کي هڪ ڏينھن الله تعالى جي آڏو پيش ٿيڻو آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
(اي نبي ﷺ!) ماڻھن مان ڪو ته اهڙو آهي، جنھن جي ڳالهائڻ جو انداز توهان کي وڏي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ هو پنھنجي نيڪ نيتيءَ تي الله تعالى کي گواهه بڻائي پيش ڪندو آهي، پر حقيقت ۾ هو حق ڳالهه جو وڏو مخالف هوندو آهي. |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
۽ جڏهن هو توهان کان واپس موٽي ويندو آهي، ته زمين ۾ فساد پکيڙڻ، ماڻھن جي فصلن کي تباهه ڪرڻ ۽ انساني نسل کي بلڪل ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي. حالانڪه الله تعالى ته فساد کي پسند ئي نه ڪنـدو آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جڏهن کيـس چيو ويندو آهي، ته الله تعالى کان ڊڄ (تون ته تمام سٺيون ڳالهيون ڪندو هئين) ته ويتر سندس وڏ ماڻهپ کيس وڌيڪ گناهه تي اڀاريندي آهي، اهڙي شخص لاءِ ته جھنم ئي صحيح آهي ۽ اها هڪ بدترين جاءِ آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
۽ (وري ٻئي طرف) ماڻھن مان وري ڪو اهڙي ته سٺي ڪردار جو هوندو آهي، جو هو الله تعالى جي محبت ۾ پنھنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏيندو آهي. اهڙن ٻانهن تي ته الله تعالى وڌيڪ مھربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي ايمان وارؤ! دين اسلام ۾ پوريءَ طرح داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي ڪنھن به طريقي جي پيروي نه ڪريو. بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
صاف صاف دليلن کان پوءِ به جيڪڏهن توهان گمراهه ٿي وڃو، ته اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
(ايترو سمجهائڻ کان پوءِ به هي ماڻهو، ڪھڙي انتظار ۾ آهن) ڇا انهيءَ انتظار ۾ آهن ته الله تعالى انهن وٽ ڪڪرن جي ڇانو ۾ اچي ظاهر ٿئي ۽ سندس گڏ ملائڪ به صفون ٻڌي بيٺل هجن ۽ (انهن جي سامهون الله تعالى جي طرف کان) عدالت لڳائي فيصلو ڪيو وڃي (قيامت جو ڇا جو انتظار) . کين ياد رکڻ گهرجي ته اڳي پوءِ سڀ معاملاالله تعالى وٽ ئي پيش ٿيڻا آهن. |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
(اي نبي ﷺ!) بني اسرائيل کان پڇي وٺو ته اسان کين ڪيتريون ئي پڌريون نشانيون ڏيکاريون آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص الله تعالى جي نعمتن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به انهن جي ناشڪري ڪري ته الله تعالى اهڙي شخص کي سخت عذاب ڏيندڙ آهي. |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
ڪافرن لاءِ دنيا جي زندگي کي سينگاريو ويو آهي، هو مسلمانن تي ٽوڪون ڪندا آهن، پر حقيقت هي آهي ته قيامت جي ڏينھن مسلمان سندن مقابلي ۾ وڏن درجن تي ويٺل هوندا. الله تعالى جنھن کي گهري دنيا جي روزي بغير حساب جي ڏئي ٿو. |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
(ڪو دؤر هو جو) سڀ ماڻهو هڪ اُمَّتَ جي صورت ۾ زندگي گذاريندا هئا (پوءِ منجهن اختلاف پيدا ٿي پيا)، اختلافن جي نبيري لاءِ سڌي رستي تي هلندڙن کي خوشخبري ۽ غلط رستي تي هلندڙن کي عذاب کان خبردار ڪرڻ لاءِ، الله تعالى نبي سڳورا موڪليا. انهن سان گڏ سچو ڪتاب به نازل ڪيو ته جيئن ماڻھن جي اختلافن کي، ڪتاب جي ذريعي حل ڪن. حقيقت هي آهي ته انهن جا اختلاف جھالت جي ڪري نه هئا، بلڪ حق ۽ سچ جون سڀ ڳالهيون کين چڱي طرح معلوم هيون، رڳو هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ جي نيت سان ئي اهي اختلاف پيدا ڪيا ويا هئا. پوءِ جن ماڻھن نبين تي ايمان آندو الله تعالى انهن کي پنھنجي حڪم سان اهو ئي حق جو رستو ڏيکاريو جنھن جي باري ۾ هو اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي کيس حق جو رستو ڏيکاريندو آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
ڇا توهان اهو سمجهيو آهي ته بس ! اوهان جنت ۾ آرام سان داخل ٿي ويندا حالانڪه توهان جي مٿان ته اڃا اهي حالات آيا ئي نه آهن، جيڪي توهان کان اڳ وارن ماڻهن تي گذري چڪا آهن. انهن (ويچارن) تي اهڙيون سختيون، تڪليفون ۽ مصيبتون آيون ۽ کين اهڙو ته جهنجهوڙيو ويو جو رسول سڳورو ۽ ايمان آڻيندڙ، سڀ رڙ ڪري چوڻ لڳا، ته الله تعالى جي مدد ڪڏهن ايندي؟ (ان وقت الله تعالى کين فرمايو، ته گهٻرايو نه) الله تعالى جي مدد اچي پھتي آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
(اي نبي ﷺ!) توهان کان ماڻهو سوال ڪن ٿا، ته الله تعالى جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪريون، انهن کي چؤ ته توهان جيڪو به مال خرچ ڪرڻ گهرو ٿا، اهو پنھنجي ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو، ڀلائيءَ جي ارادي سان جيڪو به خرچ ڪندا، ته بيشڪ الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
(هاڻي باقاعده) توهان کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو ۽ هي (حڪم) اوهان کي ٿورو ڏکيو لڳي ٿو پر ٿي سگهي ٿو ته جنھن شيءِ کي توهان بھتر نه سمجهو، اها اوهان جي لاءِ بھتر ئي هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو، ته جنھن شيءِ کي توهان بھتر سمجهو، اها اوهان جي لاءِ خراب هجي. اها سڀ خبر الله تعالى کي آهي، پر توهان کي اها ڳالهه (في الحال) سمجهه ۾ نه ايندي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
(اي نبي ﷺ!) ماڻهو توهان کان عزت وارن مھينن جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، ته انهن مھينن ۾ جنگ ڪرڻ ڪيئن آهي؟ کين ٻڌايو ته عزت وارن مھينن ۾ جنگ ڪرڻ تمام وڏو ڏوهه آهي. وري ان کان وڌيڪ ته ڏوهه ماڻھن کي الله تعالى جي رستي کان روڪڻ آهي، ڪفر ڪرڻ، ايمان وارن لاءِ ڪعبة الله جا دروازا بند ڪرڻ ۽ مڪي شھر جي رهواسين کي اتان ڪڍي ڇڏڻ آهي. (هي سڀ فساد ڦھلائڻ وارا ڪم آهن) تنھنڪري فساد قتل کان به وڏو گناهه آهي، هي (ڪافر) ته توهان سان ايستائين وڙهڻ جو سوچين ٿا جيستائين سندن وس پڄي ته اوهان کي دين اسلام کان ڦيرائي پنهنجي پراڻي دين ڏي وٺي وڃن. (تنهنڪري ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪڏهن اوهان مان ڪير به انهن کان ڊڄي، دين اسلام کان ڦري ڪفر جي حالت ۾ مري ويو ته دنيا ۽ آخرت ۾ سندن سڀ عمل چَٽُ ٿي ويا. اهڙا سڀئي ماڻهو دوزخي آهن، اهي هميشه ان ۾ رهندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
بيشڪ جن ماڻھن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪيو، اهي ئي ماڻهو الله تعالى جي رحمت جا سچا پچا اميدوار آهن. الله تعالى اهڙن ئي ماڻھن جي خطائن کي معاف ڪندڙ ۽ مٿن وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
(اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان شراب ۽ جوا جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، کين چؤ ته انهن ٻنهي ڪمن ۾ وڏو گناهه آهي. ظاهري طرح ڪجهه فائدا به نظر ايندا، پر تنھن هوندي به انهن ۾ گناهه وڌيڪ ۽ فائدا ٿورڙا آهن.وري توهان کان پڇن ٿا ته الله تعالى جي راهه ۾ اسان ڪيترو خرچ ڪريون؟ کين چوين ته، جيڪو توهان جي اصل ضرورتن جي پورائي کان پوءِ بچي پوي، اهو الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪريو. الله تعالى اهڙي طرح اوهان جي لاءِ آيتون بيان ڪري ٿوته جيئن توهان سوچڻ تي مجبور ٿيو. |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
هميشه دنيا ۽ آخرت جو فڪر ڪندا رهو، (اي نبي ﷺ!) وري توهان کان يتيمن جي باري ۾ پڇن ٿا، کين چؤ ته يتيمن جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪو به توهان مناسب سمجهو، ان تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان انهن کي گڏيل ڪٽنب طور پنھنجي گهر ۾ رهايو ته هو توهان جا ڀائر ته آهن، سو اهڙي طريقي سان رهائڻ ۾توهان تي ڪو گناهه نه آهي. الله تعالى کي سڄي خبر آهي، ته اڳتي هلي ڪير صلح سان رهڻ وارو ۽ ڪير فسادي ثابت ٿيندو؟ ۽ الله تعالى جيڪڏهن گهري ها ته هو توهان تي سختي ڪري ها (يعني اوهان جي مٿان يتيمن جي مال کي جدا ڪرڻ جي پابندي وجهي ها) بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
توهان مشرڪ عورتن سان ان وقت تائين نڪاح نه ڪريو، جيستائين هو مسلمان نه ٿين. هڪ مؤمن ٻانهي (يعني غلام عورت) آزاد مشرڪ عورت کان بھتر آهي، ڀلي اها مشرڪ عورت توهان کي ڇو نه وڌيڪ وڻندڙ هجي. اهڙيءَ طرح پنھنجي عورتن جا نڪاح به، مشرڪ مردن سان نه ڪريو، جيستائين هو ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن ٻانهو (يعني غلام) آزاد مشرڪ ماڻهوءَ کان بھتر آهي، توڙي جو اهو مشرڪ مرد توهان کي ڇو نه وڌيڪ وڻندو هجي. هي مشرڪ ته شادي کان پوءِ توهان کي باهه ڏانھن وٺي وڃڻ جو سوچيندا آهن، پر الله تعالى اوهان کي پنھنجي حڪم ذريعي جنت ۽ بخشش ڏانھن سڏي ٿو ۽ الله تعالى (خبردار ڪرڻ ۽) نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ته ماڻھن کي پنھنجون آيتون کولي ٻڌائي ٿو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان حيض جي حالت جي باري ۾ به پڇا ڪن ٿا، کين چؤ ته اها (عورت لاءِ) هڪ گندگي ۽ تڪليف واري حالت آهي. حيض جي حالت ۾ پنھنجي گهر وارين جي ويجهو به نه وڃو، جيستائين هو پاڪ صاف نه ٿين ۽ جڏهن هو پاڪ ٿِين ته پوءِ الله تعالى جي ڏنل حڪم مطابق توهان پنھنجي گهر وارين ڏانهن وڃو. بيشڪ الله تعالى توبہ ڪندڙن، پاڪ ۽ صاف رهڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
توهان جون گهر واريون اوهان جي لاءِ پوک وانگر آهن، سو توهان پنھنجي پوک ۾ جھڙي طريقي سان اچڻ گهرو، اچي سگهو ٿا، پر الله تعالى کان ڊڄندي ۽ پنھنجي آئيندي جو به خيال ڪندي، چڱا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو (اهو ذهن ۾ ضرور ويھاريو ته) بيشڪ توهان سڀني کي الله تعالى سان ملاقات ڪرڻي آهي. جن ماڻھن ان جا حڪم مڃيا تن کي تون خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
نيڪيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ لاءِ، الله تعالى جي پاڪ نالي کي قسم طور استعمال نه ڪريو، الله تعالى توهان جي هر ڳالهه ٻڌي به ٿو ۽ ڄاڻي به ٿو. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
الله تعالى توهان جي اجاين قسمن تي پڪڙ نه ڪندو. پڪڙ انهن قسمن تي ٿيندي جيڪي دل جي ارادي سان کنيا وڃن. الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جن ماڻھن پنھنجي گهر وارين سان لاڳاپو نه رکڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي، هاڻي انهن کي چئن مھينن جي مدت ڏجي ٿي، پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي قسم کي واپس وٺن ته بيشڪ الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
پر جيڪڏهن هو طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن ته پوءِ (سمجهي ڇڏين ته) بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
طلاق ڏنل عورتن کي گهرجي ته (ٻيو نڪاح ڪرڻ کان)هو ٽي حيض اچڻ تائين پنھنجو پاڻ کي روڪين. جيڪڏهن هو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکن ٿيون ته کين پنھنجي پيٽ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي لڪائڻ نه گهرجي، ۽ جيڪڏهن انهن جا مڙس صلح لاءِ آماده ٿين ته هو ان عدت دوران ساڳي نڪاح ۾ کين گهر واريءَ طور رکي سگهن ٿا. (شرط هي آهي ته هڪ يا ٻه طلاقون ڏنل هجن) عورتن کي به اهي حق حاصل آهن، جيڪي ڪنھن مرد کي حاصل آهن. پر مرد کي (بھرحال) هڪ درجو وڌيڪ حاصل آهي (جو هو گهر وارين جو ڪفالت ڪندڙ آهي بيشڪ) الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
(واپس وٺڻ جي صورت ۾) طلاق جو استعمال رڳو ٻه ڀيرا آهي، پوءِ يا ته گهر واريءَ کي سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ رکو، يا چڱيءَ طرح کيس رخصت ڪريو. رخصت ڪرڻ وقت توهان ان کان ڪابه شيءِ واپس نٿا وٺي سگهو، جنهن جي هوءَ مالڪياڻي آهي. (چاهي مَھَرُ ، زيور يا ڪپڙا وغيره ڇو نه هجن). پوءِ جيڪڏهن زال ۽ مڙس کي اهو کٽڪو هجي ته هو ٻئي الله تعالى جي حدن تي قائم نه رهي سگهندا (يعني زال ۽ مڙس جي حيثيت ۾ نڀاءُ نه ٿي سگهندو، ته پوءِ ڳالهيون ٿين ۽ انهن ڳالهين ۾) جيڪڏهن عورت پنھنجي مڙس کي ڪجهه عيوضو ڏئي عليحدگي (يعني خلع) حاصل ڪري، ته ان ۾ ڪو به گناهه نه آهي. هي سڀ حڪم الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن سو هاڻي جيڪو به الله تعالى جي حدن کي ٽوڙيندو ته اهي ماڻهو ظالمن ۾ شمار ڪيا ويندا. |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
ٻن طلاقن کان پوءِ جيڪڏهن مڙس، زال کي ٽين طلاق ڏني، ته هاڻي زال کي پاڻ وٽ رکڻ حرام آهي. ها باقي جيڪڏهن عورت عدت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنھن ٻئي مرد سان شادي ڪئي، پوءِ اهو مڙس کيس (پنھنجي مرضيءَ سان) طلاق ڏئي، ته پوءِ هوءَ وري پھرين مڙس سان نڪاح ڪري سگهي ٿي. اهو خيال ڪري ته هاڻي هو ٻئي، الله تعالى جي مقرر ڪيل حدن جو چڱيءَ طرح لحاظ رکندا. اهي ئي ته اهي حدون آهن، جيڪي الله تعالى ماڻھن کي سمجهائڻ خاطر بيان ڪري ٿو. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
جڏهن توهان گهر وارين کي ٻه طلاقون ڏيو، ته پوءِ جڏهن اهي عدت پوري ٿيڻ جي ويجهو پھچن، ته کين يا ته سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ رکو، يا کين سھڻي طريقي سان ٽين طلاق ڏئي رخصت ڪري ڇڏيو. باقي تنگ ڪرڻ خاطر، ان کي روڪي رکڻ زيادتي ۾ شمار ٿيندو ۽ جيڪو به ايئن ڪندو سو درحقيقت پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندو. الله تعالى جي حڪمن کي مذاق نه سمجهو. الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو، جيڪي هن توهان تي ڪيون آهن ۽ جيڪو ڪتاب ۽ حڪمت هن توهان ڏانھن نازل ڪئي آهي، ان جي ذريعي اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته الله تعالى کان ڊڄندا رهو. ۽ اهو به سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
جيڪڏهن توهان پنھنجي گهر وارين کي (رجعي يعني واپس وٺڻ واري نيت سان) طلاق ڏئي چڪا آهيو، پوءِ جيڪڏهن هو عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ساڳي مڙس سان ٻيھر (يا ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ سان) نڪاح ڪرڻ گهرن، ته والدين کي گهرجي ته هو انهن جي نڪاح ۾ رنڊڪ نه وجهن، جڏهن ته هو ٻئي نڪاح ڪرڻ تي راضي به هجن. الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکڻ وارن کي اها نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته توهان لاءِ سھڻو ۽ پاڪيزه طريقو اهو ئي آهي، (ته اهڙي حرڪت کان مڙي وڃو) الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، اوهان کي ڪنھن به معاملي جي اصل حقيقت جي ڪا به خبر نه آهي. |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
(زال ۽ مڙس جي جدا ٿيڻ کان پوءِ) ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت ۾، جيڪڏهن هو چاهين ته ماءُ ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين کير پياري سگهي ٿي، پر ماءُ جو کائڻ پيئڻ، اَٽي ۽ لٽي جو سمورو خرچ پکو، ٻار جي پيءُ تي هوندو. (پيءُ کان به مناسب حيثيت مطابق خرچ ورتو وڃي) اهڙيءَ طرح نه ماءُ کي ٻار بابت ڪا تڪليف ڏني وڃي ۽ نه پيءُ کي ٻار جي ڪري تنگ ڪيو وڃي، ڇو ته ڪنھن به جان کي ان جي برداشت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن ٻار جو پيءُ موجود نه آهي ته ان جا وارث خرچ ڏيڻ جا پابند آهن، پر جيڪڏهن زال مڙس پاڻ ۾ رضا خوشيءَ سان کير ڇڏائڻ گهرن ٿاته ڇڏائي سگهن ٿا، ان ۾ ڪو به گناهه نه آهي. پنھنجي ٻار کي ڌاري عورت جو کير به پياري سگهو ٿا. پر اهي سڀ معاملا شروع کان وٺي آخر تائين باقاعده سھڻي نموني سان طئي ٿيڻ کپن. هر وقت الله تعالى جو خوف رکو، توهان چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى اوهان جي هڪ هڪ عمل کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
توهان مان جيڪي ماڻهو وفات ڪري وڃن ۽ انهن پويان گهر واريون زندهه ڇڏيون آهن ته انهن کي کپي ته هو چار مھينا ۽ ڏهه ڏينھن جي عدت پوري ڪن. جڏهن اها عدت پوري ٿي وڃي ته انهن (بيواهن) کي پنھنجا آئنده جا معاملا مناسب طريقي سان طئي ڪرڻ جو حق حاصل آهي، ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله تعالى توهان جي سڀني معاملن کان باخبر آهي. |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
عِدَّتَ واري وقت ۾ بيوه سان نڪاح ڪرڻ لاءِ توهان، ظاهري طرح يا لڪيل طريقي سان سوچيو، ته اهو سوچڻ جائز آهي. الله تعالى کي اها خبر آهي اوهان ضرور (ان بيوه سان اڳي پوءِ) پنھنجي دل جي ڳالهه ڪري وٺندا. پر هڪڙي ڳالهه ياد رکو، ته لڪي لڪي پاڻ ۾ وعدا اقرار نه ڪريو. ڳالهه ڪرڻي آهي ته عام طريقي سان ڪريويعني پنھنجي حقيقي مٽن مائٽن جي ذريعي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، نڪاح جو عمل ايستائين نه ڪريو، جيستائين ان جي عدت مڪمل نه ٿئي. الله تعالى توهان جي دلين جي ڳالهه خوب ڄاڻي ٿو. ان کان ئي ڊڄو اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
اوهان تي ان ڳالهه ۾ ڪو به گناهه نه آهي، ته نڪاح ڪرڻ کان پوءِ پر شاديءَ (يعني صحبت) کان اڳ، جيڪڏهن توهان گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ مھر مقرر نه ڪيو ويو، ته اهڙي صورت ۾ کين ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ ضروري آهي، خوشحال ماڻهو پنھنجي حيثيت مطابق ۽ غريب ماڻهو پنھنجي وِتَ آهر، سھڻي طريقي سان ادا ڪري. نيڪ ماڻھن تي اهو حق آهي. |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
پر جيڪڏهن نڪاح کان پوءِ ۽ صحبت ڪرڻ کان اڳ، توهان گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ مَھَرُ مقرر ٿي چڪو هو، ته ان صورت ۾ اوهان اڌ مَھَرُ ڏيڻ جا پابند آهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي عورتون رضا خوشيءَ سان مهر معاف ڪن، يا اهو مرد جنھن جي هٿ ۾ نڪاح جو اختيار آهي،نرمي اختيار ڪندي پورو مَھر ادا ڪري پر جيڪڏهن توهان درگذر کان ڪم وٺندا، ته اهو عمل پرهيزگاريءَ جي ويجهو آهي، پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان نيڪي ڪرڻ کي نه وساريو. بيشڪ جيڪي اوهان عمل ڪريو ٿا تنھن کي الله تعالى خوب ڏسي ٿو. |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
نماز جا پابند رهو، خاص طور تي وچين نماز جا، (نماز ۾) الله تعالى جي سامهون انتھائي عاجزي ۽ انڪساريءَ سان بيھندا ڪريو. |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
جيڪڏهن توهان کي ڪا خوف واري حالت پيش اچي، چاهي پنڌ هجو يا سواريءَ تي، جنھن به طريقي سان ٿي سگهي، نماز ضرور پڙهندا ڪريو، پوءِ جڏهن امن امان جي صورتحال پيدا ٿي وڃي ته انهيءَ طريقي سان نماز پڙهندا ڪريو، جيڪو اوهان کي سيکاريو ويو آهي ۽ جنھن کان اڳ توهان اڻ واقف هئا. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
توهان مان جيڪي ماڻهو مرڻ جي ويجهو هجن ۽ پويان پنھنجون زالون ڇڏي وڃن ته کين گهرجي ته پنھنجين گهر وارين لاءِ زندگيءَ ۾ خاص وصيت ڪري وڃن ته کين هڪ سال تائين گهر مان نه ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي خرچ پکي جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. ها جيڪڏهن هو پنھنجي مرضيءَ سان گهر مان نڪري وڃن ته اهو انهن جو ذاتي معاملو آهي، جنھن کي هو بھتر سمجهن باقي توهان جي مٿان انهن جي ڪا به ذميداري نه آهي. (بيشڪ) الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ جن عورتن کي طلاق ڏني وئي هجي، انهن (ويچارين) کي به ڪجهه نه ڪجهه (خرچ پکو) ڏيئي، سھڻي طريقي سان رخصت ڪريو. پرهيزگار ماڻھن تي اهو به حق آهي. |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اوهان کي سمجهائڻ خاطر، الله تعالى پنھنجي حڪمن کي اهڙيءَ طرح واضح ڪري ٻڌائي ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان کي انهن هزارين ماڻھن جي حال جي خبر نه آهي، جيڪي موت جي ڀؤ کان پنھنجا گهر ڇڏي ميدانن ڏانھن وٺي ڀڳا، پوءِ الله تعالى کين حڪم ڪيو ته “مري وڃو”(ته هو سڀ مري ويا) پوءِ وري الله تعالى کين ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو، بيشڪ الله تعالى ماڻھن جي مٿان گهڻيون ئي مھربانيون ڪري ٿو، پر گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪندا آهن. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
اي مسلمانؤ! (موت کان نه ڊڄو) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪريو، توهان کي اها چڱيءَ طرح خبر هئڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى هر معاملي کي ٻڌي به ٿو ۽ خوب ڄاڻي به ٿو. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سھڻي نيت سان قرض ڏي؟ ته جيئن هو وري توهان کي تمام گهڻو وڌائي موٽائي ڏئي. حقيقت هي آهي ته روزي گهٽائڻ ۽ وڌائڻ الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. آخرڪار اوهان سڀني کي ان ڏانھن ئي موٽي هلڻو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان نه ڏٺو ته (حضرت) موسى (ؑ) کان پوءِ (بني اسرائيل جي سردارن، ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو؟) انهن پنھنجي نبي سڳوري کي چيو ته، اسان جي لاءِ هڪ بادشاهه مقرر ڪر، ته جيئن اسان ان جي نگرانيءَ ۾ الله تعالى جي راهه ۾ جنگ وڙهون، نبي سڳوري پڇيو، ته ڇا توهان مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن جنگ وڙهڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته توهان جنگ وڙهندا؟ سردارن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي، جو (حڪم ملڻ کانپوءِ) اسان الله تعالى جي راهه ۾ نه وڙهون؟ حالانڪه اسان کي ته پنھنجي گهرن مان ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان جا ٻار ٻچا به اسان کان الڳ ڪيا ويا آهن، اسان ڇو نه جنگ وڙهنداسين. پر جڏهن کين جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويوته ٿورڙن ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ پويان پير ڪري ڀڳا. الله تعالى انهن مان هڪ هڪ ظالم کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
سندن نبي سڳوري کين ٻڌايو ته، الله تعالى توهان جي لاءِ طالوت کي بادشاهه مقرر ڪيو آهي، اهو ٻڌي هو چوڻ لڳا ته هو اسان جي مٿان بادشاهه ڪيئن مقرر ٿي سگهي ٿو؟ ان کان وڌيڪ ته اسان (بادشاهت جا) حقدار آهيون، هو غريب ماڻهو آهي. نبي سڳوري فرمايو ته بيشڪ الله تعالى توهان جي مقابلي ۾، ان کي بادشاهه چونڊيو آهي، هو علم ۽ جسماني طاقت جي حساب سان اوهان کان وڌيڪ آهي. اها الله تعالى جي مرضي آهي ته جنھن کي گهري بادشاهت عطا ڪري. الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
انهن کي پنھنجي نبي سڳوري اهو به چيو، ته الله تعالى جي طرفان ان بادشاهه جي مقرر ٿيڻ جي هي نشاني ٻڌائي وئي آهي ته سندس دؤر حڪومت ۾ توهان کي اها صندوق واپس ملي ويندي، جنھن ۾ اوهان جي رَبَّ جي طرف کان توهان لاءِ دلي فرحت ۽ آل موسى ۽ آل هارون (ؐ) جا ڇڏيل تبرڪات موجود آهن. ان صندوق کي ان وقت ملائڪ پنھنجي حفاظت ۾ کڻي ايندا. بيشڪ جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيوته اوهان جي لاءِ اها هڪ وڏي نشاني آهي. |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏهن طالوت (بادشاهه) جنگي لشڪر کي وٺي نڪتوته لشڪر کي چيائين ته “رستي ۾ هڪ درياءُ ايندو، اتي الله تعالى جي طرفان توهان جي هڪ آزمائش ڪئي ويندي، جيڪو ماڻهو ان درياءَ مان پاڻي پيئندو، اهو منھنجو ساٿي نه آهي، منھنجو ساٿي اهو ماڻهو آهي، جيڪو ان درياءَ مان اُڃ نه لاهي، باقي جي ڪنھن مجبوريءَ ۾ هڪ اڌ ٻڪ پيتو ته ٺهيو.” پوءِ جڏهن درياءَ وٽ پهتا ته ٿورڙن ماڻھن کان سواءِ، سڀني ماڻھن ان درياءَ مان پاڻي پي ڍؤ ڪيو.پوءِ جڏهن طالوت ۽ ان جا مؤمن ساٿي، درياءُ پار ڪري اڳتي وڌياته انهن طالوت کي چيو ته هاڻي ته اسان ۾، جالوت بادشاهه سان وڙهڻ جي طاقت ئي نه آهي، (پر انهن مان ڪي ماڻهو دورانديش هئا). انهن کي يقين هو ته هڪ ڏينھن اسان کي الله تعالى سان ضرور ملڻو آهي. انهن (وڏي همت ڪري) چيو ته اسان ڏٺو آهي ته، “ڪيترائي ڀيرا هڪ ننڍڙي گروهه الله تعالى جي حڪم سان پاڻ کان وڏي گروهه کي شڪست ڏني آهي” الله تعالى ثابت قدم رهڻ وارن سان گڏ آهي. |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
پوءِ جڏهن هو جالوت بادشاهه ۽ سندس لشڪر جي مقابلي لاءِ سامهون آيا ته انهن الله تعالى کان دعا گهري ته، “اي اسان جا پالڻھار! اسان کي وڏي صبر جي توفيق عطا فرماءِ، اسان جا قدم خوب ڄماءِ ۽ ڪافرن جي گروهه تي فتح نصيب فرماءِ.” |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
آخرڪار الله تعالى جي حڪم سان، انهن ايمان وارن، ڪافرن کي شڪست ڏني ۽ دائود (ؑ) جالوت بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيو (حضرت دائود ؑ طالوت بادشاهه جي لشڪر ۾، هڪ نوجوان سپاهيءَ جي حيثيت ۾ شامل هو) الله تعالى (بعد ۾ حضرت) دائود (ؑ) کي بادشاهي ۽ حڪمت عطا ڪئي، الله تعالى جيڪو ڪجهه مناسب سمجهيو، ان کي انهن شين جو به علم عطا ڪيو. جيڪڏهن الله تعالى انسانن جي هڪ گروهه کي ٻئي گروهه جي ذريعي نه هٽائيندو رهي ته زمين جو نظام ئي بگڙجي وڃي. الله تعالى ته سمورن جھانن جي مخلوقات تي بيحد مھرباني ڪندڙ آهي. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
(اي نبي ﷺ!) هي الله تعالى جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي صحيح طريقي سان ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون رسولن مان آهين. |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اُهي سڀ ماڻهو رسول آهن (جن کي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو ويو)،اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت عطا ڪئي، انهن مان ڪو اهڙو هو جنھن سان الله تعالى خود براه راست ڳالهايو ۽ وري ڪن رسولن جي درجن کي بلندي عطا ڪئي، اسان عيسى پُٽ مَريم (ؐ) کي ظاهري معجزا ڏنا ۽ کيس هڪ پاڪيزه روح جي ذريعي طاقت بخشي. (پر) انهن رسولن جا پوئلڳ صاف نشانيون ۽ معجزا ڏسڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. جيڪڏهن الله تعالى گهري ها، ته هو ڪڏهن به نه وڙهن ها (پر الله تعالى جي طرفان کين عمل جي فطري آزادي ڏنل هئي، تنھنڪري کين زبردستي وڙهڻ کان روڪڻ، ان آزاديءَ جي خلاف هو) انهن ماڻهن ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪيا، بعد ۾ انهن مان ڪن ايمان آندو ۽ ڪن انڪار ڪيو، (فطري آزادي ختم ڪري) جيڪڏهن الله تعالى گهري ها، ته هو ڪڏهن به نه وڙهي سگهن ها، پر الله تعالى جيڪو ڪجهه چاهي ٿو، اهو ئي ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي ايمان وارؤ! اسان توهان کي جيڪو مال ۽ دولت عطا ڪئي آهي، تنهن کي ان ڏينھن جي اچڻ کان پھريائين (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪريو، جنھن ڏينھن ڪا به ڪاروباري ڏيتي ليتي نه ٿي سگهندي، نه ڪا دوستِي ڪم ايندي ۽ نه ئي ڪنھن جي طرف کان ڪا سفارش ٿي سگهندي. ان حقيقت جو انڪار ڪندڙ ئي ظالم آهن. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله تعاليٰ کان سواءِ ڪير عبادت جي لائق نه آهي، اهائي هستي هميشه زنده رهڻ واري آهي ۽ اهو ئي(سموري ڪائنات کي) سنڀاليندڙ آهي. هو نه سمهندو آهي ۽ نه ئي کيس ننڊ جو جهوٽو ايندو آهي، آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي، سو سڀ ان جو ئي آهي. ڪير آهي جو سندس سامهون بغير اجازت، ڪنھن جي ڪا سفارش ڪري سگهي؟ هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو مخلوق جي سامهون آهي ۽ جو مخلوق کان ڳجهو آهي. مخلوقات مان ڪير به سندس ڏنل علم کان سواءِ، ڪنھن به شيءِ جي سمجهه حاصل نٿو ڪري سگهي، سواءِ ان جي جيڪا هو (الله) پاڻ ئي ڪنھن کي سمجهه ڏيڻ گهري. سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي حاوِي آهي ۽ انهن جي سنڀال، ان لاءِ ڪو ٿڪائيندڙ ڪم نه آهي ۽ اهو ئي تمام وڏو بلند ۽ عظيم مرتبي وارو آهي. |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين (اسلام) کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪنھن تي به زور زبردستي نه آهي، ڇاڪاڻ جو ڀلائيءَ کي برائيءَ کان ڌار ڪري رکيو ويو آهي، هاڻي جيڪو به الله تعالى کان سواءِ، ٻين جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪندو ۽ هڪ الله جي عبادت ڪرڻ تي ايمان آڻيندو، ڄڻ ته هن هڪ مضبوط سھارو جهلي ورتو، جيڪو ڪڏهن به ٽـٽي نٿو سگهي. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله تعالى ته مؤمنن جو حامي ۽ مددگار آهي، جو کين اونداهين مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ آڻيندو آهي، پر ڪافرن جا حمايتي ۽ مددگار، الله تعالى جا باغي آهن، هو کين روشنيءَ مان ڪڍي اونداهين ۾ اڇلائيندا آهن، اهي ئي ته باهه ۾ سڙڻ وارا (دوزخي ماڻهو) آهن، جيڪي هميشه ان ۾ پيا سڙندا. (ع) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان (تاريخ ۾) ان شخص جي بدحواسي نه ڏٺِي، جيڪو ابراهيم (ؑ) سان ڪائنات جي رب جي وجود جي باري ۾ بحث ڪري رهيو هو، حالانڪه الله تعالى کيس رياست جي حڪمراني به عطا ڪئي هئي. ابراهيم (ؑ) جڏهن کيس اصل حقيقت ٻڌائيندي چيو ته، منھنجو رَبُّ ته اهو آهي، جنھن جي هٿ زندگي ۽ موت آهي، ان تي هن ٺھه پھه جواب ڏنو ته زندگي ۽ موت ته منھنجي به اختيار ۾ آهي. جواب ۾ ابراهيم (ؑ) کيس چيو ته الله تعالى سج کي اوڀر طرف کان اڀاري ٿو، تون ڀلا (ٿورو زور لڳاءِ) سج کي اولهه طرف کان اڀاري ڏيکار. اتي حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو (پر پوءِ به ايمان نه آندائين) تنھنڪري الله تعالى اهڙن (ضدي ۽) ظالم ماڻهن کي ڪڏهن به سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
(اي نبي ﷺ!) ان شخص جو به مثال وٺو، جڏهن هو هڪ اهڙي ڳوٺ وٽان لنگهي رهيو هو (جيڪو سمورو اجڙِيل هو)، جنھن جون ڇِتيون ڪريل هيون (ماڻهو ان جي هيٺان اچي دٻجي مري ويا هئا) ان کي ڏسي، هن شخص چپن ۾ چيو ته، اهڙي برباد ٿيل آباديءَ کي، الله تعالى وري ٻيھر ڪيئن زندهه ڪندو؟ پوءِ الله تعالى ان کي به ماري ڇڏيو ۽ هو هڪ سؤ سالن تائين انهيءَ حالت ۾ مئل پيو هو. پوءِ الله تعالى کيس جيئرو ڪري پڇيو، ته تون ڪيترو عرصو ان حالت ۾ رهيو هوندين؟ تنھن تي هن چيو ته هڪ ڏينھن يا کڻي اڌ ڏينھن. الله تعالى کيس چيو ته تون، هڪ سؤ سال ان حال ۾ مئل رهيو آهين، پنھنجي کاڌي پيتي جي شين کي ڏس، ته اهي اڃا تائين خراب نه ٿيون آهن، پريان گڏهه جا هڏا ڏس ته ڪيئن صفا ڀُري ويا آهن، اسان توکي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنائڻ گهرون ٿا، هاڻي تون انهن هڏين کي ڏس، ته ڪيئن اسان کين ملائي مٿن گوشت چاڙهيون ٿا، پوءِ جڏهن هن پنھنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏٺو، ته بي ڌڙڪ چيائين ته هاڻي مان سمجهي ويس، ته بيشڪ الله تعالى ئي هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
(هي واقعو به ذهن ۾ هجي) جڏهن ابراهيم (ؑ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي اهو ڏيکار ته تون مئلن کي ڪهڙيءَ طرح جيئرو ڪندو آهين؟ الله تعالى کيس فرمايو ته ڇا توکي يقين نٿو اچي؟ ابراهيم (ؑ) چيو ته بلڪل يقين اچي ٿو، پر رڳو (اکين سان زندهه ٿيندي ڏسي) دل جي هرکر ختم ڪرڻ ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ٿو، الله تعالى کيس حڪم ڪيو ته چار پکي هٿ ڪري، انهن کي پاڻ سان هيراءِ، پوءِ ذبح ڪري سندن گوشت جي هڪ هڪ ٽڪري کي الڳ الڳ جبل تي رک، هاڻي تون کين سڏ ڪر ته هو تو وٽ ڊوڙندا ايندا، (اي ابراهيم!) چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏ، ته بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (ع) |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
جيڪي ماڻهو پنھنجو مال ۽ دولت الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنهن هڪ ٻِج جو داڻو زمين ۾ پوکيو، ته ان مان ست سنگ نڪتا ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا آهن، اهڙِيءَ طرح الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي، ان ۾ اڃا به واڌارو آڻيندو آهي. الله تعالى هٿ جو ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏي علم وارو آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جيڪي ماڻهو پنھنجو مال ۽ دولت اهڙي طريقي سان خرچ ڪن ٿا، جو ڪنھن کي نه احسان ياد ڏياريندا آهن، ۽ نه ئي کين ڪا تڪليف (يا طعنا وغيره) ڏيندا آهن ته اهڙن ماڻهن جو اجر پنھنجي رب وٽ آهي، انهن لاءِ نه ته ڪو خوف آهي ۽ نه ئي ڪو غم. |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
سھڻو ۽ نرميءَ سان ڳالهائڻ ۽ درگذر ڪرڻ، ان خيرات ڏيڻ کان بھتر آهي، جنھن خيرات ۾ تڪليف ۽ طعنا تنڪا ڏنا وڃن. (بيشڪ) الله تعالى بيپرواهه ۽ وڏو بردبار (يعني برداشت ڪندڙ) آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي ايمان وارؤ! پنھنجي خيراتن کي احسان ڪرڻ ۽ تڪليف ڏيڻ جي نيت سبب ضايع نه ڪريو، ان ماڻهوءَ وانگر جيڪو ڏيکاءَ خاطر خرچ ڪري ٿو ۽ هو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان نٿو رکي، اهڙي ماڻهوءَ جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنھن پٿر تي مٽيءَ جا تھه ڄميل هجن پوءِ جڏهن تيز برسات وسي ته سڄِي مٽي هٽي وڃي ۽ پٿر ئي باقي رهي، ڏيکاءُ ڪرڻ ۽ ايمان نه هجڻ ڪري، هو خيرات مان ڪوبه فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي، الله تعاليٰ حق جو انڪار ڪندڙن کي سڌو رستو نٿو ڏيکاري. |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
وري انهن ماڻهن جو مثال سامهون رکو، جيڪي الله تعالى جي رضا خاطر دل جي يقين سان ۽ ثابت قدم رهڻ لاءِ، پنھنجا مال ۽ دولت خرچ ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنھن مٿانهين هنڌ تي ڪو باغ هجي، جيڪڏهن زور سان برسات وسي ته ان سان ٻِيڻي پيداوار ٿئي پر جيڪڏهن هلڪي ڦھارِ به پوي، ته به سٺي پيداوار ٿيندي آهي، توهان جي هر هڪ عمل کي الله تعالى چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا توهان مان ڪو به شخص ان ڳالهه کي پسند ڪندو، ته کيس کجِين، انگورن ۽ هر قسم جي ٻين ميون جو سرسبز باغ هجي، ان جي اندر پاڻيءَ جون نھرون به وهندڙ هجن، پوءِ اهو شخص پوڙهپ کي پهتو هجي ۽ ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٻار به هجن (کائڻ، پيئڻ جو سڄو دارومدار به ان ئي باغ تي هجيس) ته اچانڪ تيز هوا ۽ تيز باهه جي ڪري، اهو باغ سڙي خاڪ ٿي وڃي، (توهان پنھنجي سڄي عمر جون نيڪيون ۽ ڀلايون، چند بدعملين جي ڪري برباد نه ڪريو) الله تعالى اهڙي طريقي سان اوهان کي ڳالهيون سمجهائي ٿو، ته جيئن توهان غور ۽ فڪر ڪريو. (ع) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي پاڪ ڪمائيءَ ۽ زمين مان پيداوار جي صورت ۾اسان جيڪي ڏنو آهي، ان مان ( سھڻي طريقي سان الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪريو، ڪڏهن به ان جي راهه ۾ خراب شيءِ چونڊي نه ڏيندا ڪريو، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن توهان کي به اها خراب شيءِ چونڊي ڏني وڃي، ته توهان به اها شيءِ وٺڻ پسند نه ڪندا، اوهان بغير ڏسڻ وائسڻ جي، اها شيءِ ورتي ته ٻِي ڳالهه آهي. اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان توهان کي هڪ پاسي سڃائي (۽ غريب ٿي وڃڻ) جو خوف ڏياري ٿو، ٻئي پاسي وري ان مال ۽ دولت کي بيحيائيءَ جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ تي اڀاري ٿو، پر الله تعالى توهان کي بخشش ۽ وڌيڪ ڏيڻ جو وعدو ڪري ٿو. (بيشڪ ) الله تعالى ئي هٿ جو ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏي علم وارو آهي. |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي، ته کيس حڪمت عطا ڪندو آهي سو جنھن کي به حڪمت عطا ڪئي وئي ته سمجهو ته ان کي ڀلائيءَ جو خزانو هٿ اچي ويو، عقل وارا ئي اهڙين ڳالهين مان سبق پرائيندا آهن. |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
توهان جيڪو به خرچ ڪري چڪا يا جيڪا به باس باسي هجي، الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (بھرحال) ظالمن جو ڪير به مددگار نه هوندو. |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن توهان پنھِنجون خير خيراتون، سچي نيت سان ظاهر ظهور ڏيو، ته اهو به چڱو ڪم آهي، پر جيڪڏهن لڪائي غرِيبن کي ڏيو، اهو اوهان جي لاءِ اڃا وڌيڪ ڀلو آهي. توهان جون برائيون ان نيڪ عمل جي ڪري ختم ٿي وڃن ٿيون. الله تعالى اوهان جي هڪ هڪ عمل کان خوب واقف آهي. |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
(اي نبي ﷺ!) ماڻهن کي هدايت تي آڻڻ توهان جي ذميداريءَ ۾ شامل نه آهي، الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو، ان کي هدايت وارو رستو ڏيکاري ٿو . اوهان جيڪو به خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي فائدي لاءِ ئي آهي، توهان الله تعالى کي راضي رکڻ لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا، سو جيڪو به خيرات جي صورت ۾ خرچ ڪريو ٿا، ان جو توهان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ توهان تي ذري جيترو به ظلم نه ٿيندو. |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
حقيقت ۾ توهان جي مدد جا مستحق ته اهي غريب ماڻهو آهن، جيڪي الله تعالى جي رستي ۾ اهڙا ته مصروف ٿي ويا آهن، جو پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، انهن جي خودداريءَ کي ڏسي عام ماڻهو کين مالدار سمجهن ٿا، حالانڪه توهان سندن جسماني حالت ڏسي خوب اندازو لڳائي سگهو ٿا، ۽ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ڪنھن کان چنبڙي سوال ڪرڻ جو سوچي ئي نٿا سگهن، سو اهڙن ماڻهن جي لڪيل طريقي سان مدد ڪندا، ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو. (ع) |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي ماڻهو پنھنجا مال ۽ دولت، ڏينھن رات لڪائي ۽ ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا، اهڙي عمل جو اجر سندن پالڻھار جي هٿ ۾ آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه هوندي. |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
پر جيڪي ماڻهو وياج کائن ٿا، هو قيامت جي ڏينھن ايئن ڇتا ٿي اٿندا، ڄڻ ته کين شيطان هٿ لائي ڇتو ڪيو هجين، اها حالت ان ڪري ٿيندن جو هو چوندا آهن ته، واپار به ته آخر وياج وانگر آهي، (پر ڪڏهن به نه) الله تعالى واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. تنهنڪري هاڻي جنھن وٽ به پنھنجي پالڻھار جي طرفان، اها نصيحت پھچي ته هو هڪدم وياج کائڻ کان رڪجي وڃي، اڳ ۾ جو کاڌو سو کاڌائين، اهو معاملو الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، باقي آئنده وياج کائڻ کان بچو، پوءِ به جيڪڏهن ڪو نٿو مڙي، ته اهي جَھنَّمي آهن ۽ هو ان ۾ هميشه رهندا. |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
الله تعالى وياج جو ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آهي ۽ الله تعالى ناشڪري ۽ نافرمان ماڻهوءَ کي پسند نه ڪندو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
بيشڪ جن ايمان آندو، چڱا ڪم ڪيا، نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ادا ڪندا رهيا، ته اهڙن ماڻهن جو اجر سندن پالڻھار وٽ آهي، انهن ماڻهن لاءِ ڪو به خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جو خوف ڌاريو، مؤمن هجڻ جي دعوى ڪرڻ کان پوءِ، هاڻي ته باقي رهيل وياج ڇڏي ڏيو. |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پوءِ به جيڪڏهن (وِياج) وٺڻ نه ڇڏيو، ته هاڻي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي طرفان توهان جي خلاف جَنگ جو اعلان آهي. (وري هڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌي وٺو) جيڪڏهن هاڻي به توهان توبہ ڪيو (۽ وياج وٺڻ ڇڏي ڏنو ته) توهان لاءِ رڳو اصل رقم وٺڻ جائز آهي، (اصل رقم کان مٿي وٺي) نه توهان ظلم ڪريو ۽ نه ئي (اصل رقم کان گهٽ ڏيئي) توهان تي ڪو ظلم ٿئي. |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
پوءِ جيڪڏهن توهان جو قرضدار انتھائي غريب هجي، ته کيس سندس حالت صحيح ٿيڻ تائين مھلت ڏيو، جيڪڏهن سمجهو ته توهان جي بھتري ان ۾ آهي، ته کيس سموري رقم صدقي طور ئي معاف ڪري ڇڏيو. |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
ان ڏينھن کان ڊڄو جنھن ڏينھن توهان سڀ، الله تعالى جي طرف واپس موٽايا ويندا، پوءِ اتي هر شخص کي سندس عملن مطابق پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي ايمان وارؤ! توهان جڏهن به پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان، ڪنھن مقرر مدت تائين قرض ڏيڻ يا وٺڻ جو معاملو ڪريو، ته ان معاملي کي لکت ۾ آڻيندا ڪريو، توهان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ شخص جنھن کي الله تعالى لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت ڏني آهي، انصاف سان ان معاملي کي لکي ۽ لکڻ کان انڪار نه ڪري. قرض وٺندڙ طئي ڪيل شرطن مطابق معاهدو (يعني دستاويز) لکرائي. کيس پنھنجي پالڻھار الله کان ڊِڄڻ گهرجي، معاهدي لکڻ ۾ ڪا به گهٽ وڌائي نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو بي سمجهه يا جسماني طرح ڪمزور هجي يا معاهدو نه لکرائي سگهي، ته ان جو وارث انصاف سان معاهدو لکرائي، پوءِ پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن مان ڪن به ٻِن مردن کي شاهد بڻايو، جيڪڏهن ٻه مرد نه ملي سگهن، ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون شاهد بڻايو، ٻه عورتون ان ڪري جو جيڪڏهن هڪ عورت کان معاملو وِسرِي وڃي، ته کيس ٻِي عورت ياد ڏِياري سگهي. هي شاهد اهڙا هجڻ گهرجن، جن جي شاهدي ٻنهي ڌرين کي قبول هجي، شاهدن کي جڏهن به شاهديءَ لاءِ گهرايو وڃي، ته هو اچڻ کان انڪار نه ڪن. هر معاملو چاهي ننڍو هجي يا وڏو، وقت مقرر ڪرڻ ۽ معاهدو لکڻ ۾ سستي نه ڪندا ڪريو. توهان جي لاءِ الله تعالى وٽ، اهو ئي انصاف ڀريو طريقو آهي، انهيءَ طريقي سان ئي شاهدي مضبوط رهندي ۽ توهان هر قسم جي ڀل چڪ کان بچي ويندا. باقي رهيو واپار وارو ڏيڻ وٺڻ، جيڪو توهان پاڻ ۾، اُتي جو اتي هٿو هٿ ڪندا رهو ٿا، ان کي نه لکو ته ان تي ڪو گناهه نه آهي، پر تڏهن به واپاري معاملو طئي ڪرڻ وقت، شاهد (ضرور) مقرر ڪندا ڪريو. انهن سڀني معاملن ۾ لکڻ واري (ڪاتب) ۽ شاهد کي ڪڏهن به تنگ نه ڪريو، ورنه توهان گنهگار ٿي ويندا. الله تعالى جي نافرمانيءَ کان بچو، الله تعالى ته توهان کي معاملا صحيح رکڻ جي تعليم سيکاري ٿو. الله تعالى هر قسم جي معاملن کي چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ معاهدو (يعني دستاويز) لکڻ وارو (ڪاتب) نٿو ملي سگهي، ته پوءِ ڪا شيءِ گروِي رکي معاملو طئي ڪريو، پر جيڪڏهن توهان مان ڪو ڀروسو ڪري، ٻِئي ماڻهو سان معاملو طئي ڪري، ته ٻئي کي گهرجي ته هو، وقت تي پنھنجي امانت واپس ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو. شاهديءَ کي ڪڏهن به نه لڪائيندا ڪريو، جيڪو شاهديءَ کي لڪائيندو ته بيشڪ اهو دلي طرح گناهگار آهي. توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا الله تعاليٰ کي هر شيءِ جي ڄاڻ آهي. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي ملڪيت آهي، توهان پنھنجي دل جون خواهشون ظاهر ڪريو يا لڪايو، انهن سڀني جو الله تعالى حساب وٺندو، پوءِ هو جنھن کي گهري معاف ڪري ۽ جنھن کي گهري عذاب ڏي. (بيشڪ ) الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
الله تعالى جي طرفان جيڪو ڪجهه نازل ڪيو ويو، رسول جي ذات ان تي ايمان آندو. ان سان گڏ مؤمنن به ايمان آندو آهي انهن سڀني، الله تعالى، ملائڪن، ڪتابن ۽ رسولن تي ايمان آندو آهي (سڀني اقرار ڪيو آهي ته) اسان الله تعالى جي موڪليل رسولن مان ڪنھن به هڪ جي وچ ۾ فرق نٿا ڪريون (جو هڪڙن کي مڃون ۽ ٻين جا انڪاري ٿيون) انهن اهو به چيو، ته اسان حڪم ٻڌو ۽ ان جي اطاعت ڪئي، اي اسان جا پالڻھار! تون اسان جي خطائن کي معاف فرماءِ، آخرڪار اسان تو ڏانھن ئي موٽي اينداسين. |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
الله تعالى ڪنھن انسان جي مٿان، ان جي حيثيت کان وڌيڪ ذميداري نٿو رکي، پوءِ جنھن به نيڪي ڪمائي ته اها سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ جنھن برائِي ڪمائي ته اها سندس ڳچيءَ ۾ پوندي. (ايمان وارن جي ته اها دعا هوندي آهي ته) “اي اسان جا پالڻھار! اسان کان ڀل چڪ ۾ ٿيل گناهن تي پڪڙ نه ڪجانءِ.” “اي اسان جا پالڻھار! اسان تي ايتري آزمائش جو بار نه رکجانءِ، جيترو اسان کان اڳ گذريل ماڻهن تي بار رکيو ويو هو.” “اي اسان جا پالڻھار! اسان تي اهڙي آزمائش به نه آڻجانءِ، جنھن کي منھن ڏيڻ جي اسان ۾ طاقت ئي نه هجي.” (بس!) اسان جي خطائن کي درگذر فرماءِ، اسان جي گناهن کي بخش، اسان تي رحم ڪر، تون ئي اسان جو مالڪ آهين ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد فرماءِ. |