الم (آيت : 1) |
الف، لام، ميم |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
ھي اللہ جو ڪتاب آھي جنھن ۾ ڪوبہ شڪ نہ آھي، ھدايت آھي پرھيزگار ماڻھن لاءِ |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي غيب تي ايمان آڻن ٿا، ۽ قائم ڪن ٿا نماز، ۽ جيڪو رزق اسان انھن کي ڏنو آھي ان مان خرچ ڪن ٿا |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اھي ماڻھون ايمان آڻن ٿا جيڪو نازل ڪيو اسان توتي (قرآن) ۽ جيڪي نازل ڪيا توکان اڳ (ڪتاب) ۽ آخرت تي اھي يقين رکن ٿا |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهڙا ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان سڌي رستي تي آهن، ۽ اهي ئي ماڻهو فلاح حاصل ڪرڻ وارا آهن |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بيشڪ جن ماڻهن (انهن ڳالهين کي) مڃڻ کان انڪار ڪيو، انهن لاءِ برابر آهي ته تون انهن کي خبردار ڪرين يا نه ڪرين، بهرحال اهي مڃڻ وارا نه آهن |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
الله انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، ۽ انهن جي اکين تي پردو چڙهي ويو آهي، اهي قابل آهن عذاب سخت جي |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي، پر حقيقت ۾ اهي مؤمن ناهن |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
اهي ڌوڪو ڪري رهيا آهن الله ۽ ايمان آڻڻ وارن سان، پر اصل ۾ اهي ڌوڪو پاڻ سان پيا ڪن ۽ کين سمجهه ڪانهي |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
انهن جي دلين ۾ بيماري آهي جنهن کي الله اڃا به وڌائي ڇڏيو، ۽ انهن لاءِ سزا آهي دردناڪ جيڪي به اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا ان جي بدلي |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن به انهن کي چيو ويو ته فساد برپا نه ڪريو زمين ۾ ته انهن اهو ئي چيو ته ”اسان ته اصلاح ڪندڙ آهيون.“ |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار! بيشڪ اهي ئي فسادي آهن پر انهن کي ڪو به شعور ڪونهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته ايمان آڻيو، جئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي، ته انهن اهو ئي جواب ڏنو ته، ”ڇا اسان بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟“ خبردار! حقيقت ۾ اهي پاڻ بيوقوف آهن، پر اهي سمجهن نٿا |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا، اسان ايمان آندو آهي، ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي شيطانن سان ملن ٿا، ته چون ٿا، اسان اصل ۾ توهان سان آهيون، بيشڪ اسان هنن ماڻهن سان رڳو مذاق پيا ڪريون |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
الله ساڻن مذاق پيو ڪري، اهو کين ڊگهو رسو پيو ڏئي، ۽ اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ انڌن وانگر ڀٽڪندا وتن ٿا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
هي اهي ماڻهو آهن جن گمراهي خريد ڪئي آهي هدايت جي بدلي ۾، پر اهو سودو انهن لاءِ فائدي وارو ناهي، ۽ هي هرگز سڌي رستي تي ناهن |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
هنن جو مثال ائين آهي جئن ڪنهن ماڻهو باهه ٻاري، ۽ جڏهن ان سڄو ماحول روشن ڪيو ته کسي ورتو الله سندن نور ۽ کين اهڙي ته حالت ۾ ڇڏيو جو انڌيري ۾ کين ڪجهه نظر نٿو اچي |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، اهي هاڻي نه موٽندا |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا وري سندن مثال هيئن سمجهو ته، آسمان مان زبردست مينهن وسي پيو ۽ ان سان گڏ گگهه اونده، گجگوڙ ۽ کنوڻ به آهي، اهي کنوڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي ساهه جي خوف کان ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا، ۽ الله انهن حق جي منڪرن کي گهيري ورتو آهي |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
تجلين سان سندن حالت اها آهي ڄڻ اجها ٿي بجلي سندن نور (اکين جو) کسي وٺي، جڏهن روشني ڏسن ٿا ته اڳتي وڌن ٿا ۽ جڏهن انڌارو ٿئي ٿو ته بيهي رهن ٿا، ۽ گهري ها الله ته سندن سرلاڻ ۽ نظر مرڳو ئي کسي وٺي ها، بيشڪ الله سڀني شين تي قادر آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانو! بندگي اختيار ڪريو رب جي، جيڪو مڙني ماڻهن جو خالق آهي، جيڪي توهان ۽ توهان کان اڳي گذريا آهن، توهان جي بچڻ جي صورت ان ۾ آهي |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
اهو ئي آهي جنهن توهان لاءِ زمين جو فرش ۽ آسمان جي ڇت بڻائي، ۽ وسايو آسمان مان پاڻي، ان وسيلي سان هر طرح جي پئداوار آڻي توهان لاءِ رزق تيار ڪيو، ڪنهن کي به الله جي برابر نه بڻايو اهو سڀڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جي توهان کي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ آهي ته هي نازل ڪيل (ڪتاب) پنهنجي بندي تي اهو اسان جو آهي يا نه، ته ان جهڙي هڪ سورة آڻيو، پنهنجن مڙني مددگارن کي سڏيو، هڪ الله کي ڇڏي باقي جنهن کان چاهيو مدد وٺو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ۽ يقينًا ڪڏهن به ڪري نه سگهندؤ، ته پوءِ ڊڄو انهيءَ باهه کان جنهن جو ٻارڻ ٿيندا انسان ۽ پٿر، جيڪا تيار ڪيل آهي حق جي منڪرن لاءِ |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ اي پيغمبرؐ، خوشخبري ڏي انهن (ماڻهن) کي، جيڪي ايمان آڻين (هن ڪتاب تي) ۽ سٺا ڪم ڪن، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون، انهن باغن جا ميوا شڪل ۾ دنيا جي ميون جهڙا هوندا. جڏهن ڪو ميوو کين ڏنو ويندو ته چوندا، اهڙا ئي ميوا ان کان اڳ دنيا ۾ اسان کي ڏنا ويا هئا. ۽ انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ اهي هميشھ اتي رهندا |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ الله انهيءَ کان ڪڏهن به نٿو شرمائي ته ڪنهن شيءِ جو مثال ڏئي مڇر يا ان کان گهٽ، جيڪي ماڻهو حق ڳالهه قبولڻ وارا آهن، اهي اهڙن مثالن کي ڏسي سمجهن ٿا ته اهو حق سندن رب جي طرفان ئي آهي، ۽ جيڪي انڪار ڪرڻ وارا آهن، اهي ٻڌي چون ٿا ته، الله جو ارادو ڪهڙو آهي آخر انهن مثالن ڏيڻ سان! ان طرح الله ڪيترن کي گمراهي ۾ مبتلا هڪ ڳالهه سان ۽ ڪيترن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ گمراهي ۾ انهن کي آڻي ٿو جيڪي فاسق آهن |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
اهي ماڻهو ٽوڙين ٿا الله جي عهد کي مضبوط جهلڻ کان پوءِ، ۽ ان کي ڇنن ٿا الله جنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ زمين ۾ فساد برپا ڪن ٿا، حقيقت ۾ اهي ماڻهو نقصان کڻڻ وارا آهن |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
توهان ڪفر جي راهه الله سان ڪيئن ٿا اختيار ڪريو جڏهن بي جان هئا ته هن حياتي ڏني، پوءِ اهو ئي جان وٺندو، وري حياتي ڏيندو وري انهيءَ ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اهو ئي ته آهي جنهن پيدا ڪيو آهي توهان جي لاءِ زمين ۾ سڀ ڪجهه، پوءِ مٿي توجهه ڪيو آسمان ڏانهن ۽ ست آسمان جوڙيائين، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
(اي نبي!) ٿورو ان وقت جو تصور ڪر، جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته، ”آئون زمين ۾ هڪ خليفو بنائڻ وارو آهيان.“ انهن عرض ڪيو، ”ڇا ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪيو ويندو جيڪو ان جو نظام ئي بگاڙيندو ۽ خونريزي ڪندو؟ اسين تنهنجي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ۽ پاڪائي ته بيان ڪريون پيا“، فرمايو، ”آءٌ ڄاڻان ٿو، توهين ڪجهه ڀي نٿا ڄاڻو.“ |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا ۽ ملائڪن جي آڏو پيش ڪيو ۽ فرمايو، ”(خليفي مقرر ڪرڻ سان نظام بگڙي ويندو) ته ٿورو هنن شين جا نالا ته ٻڌايو جي توهان سچا آهيو“ |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
هنن عرض ڪيو، ”نقص کان پاڪ تنهنجي ذات، اسان اها ڄاڻ رکون ٿا جيڪا تو عطا ڪئي، حقيقت ۾ هر شيءِ جي ڄاڻ تو کان سواءِ ٻيو ڪير نٿو ڄاڻي.“ |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
الله فرمايو، ”اي آدم، تون هنن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ“، جڏهن هن انهن کي اهي سڀ نالا ٻڌايا، ته الله فرمايو، ”مون توهان کي چيو نه هو ته آءٌ سڀ حقيقتون ڄاڻان ٿو جيڪي توهان کان لڪل آهن آسمانن ۽ زمين جون، توهان جيڪي ظاهر ڪريو ٿا اهو به معلوم اٿم ۽ جيڪي لڪايو ٿا ان کان به واقف آهيان |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم جي آڏو جهڪي پئو ته سڀ جهڪي پيا سواءِ ابليس جي، هو هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي بي فرمانن ۾ شامل ٿي ويو |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
۽ پوءِ اسان آدم کي چيو ته، ”تون ۽ تنهنجي زال رهو جنت ۾ ۽ جيڪي چاهيو مزي سان کائو، پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجؤ، نه ته ڳڻيا ويندؤ ظالمن ۾ |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پر ان وڻ جي رغبت ڏئي شيطان کين اسان جي حڪم جي پيروي کان موڙيو ۽ ان حالت مان ڪڍرايو جنهن ۾ هئا ۽ اسان حڪم ڏنو ته، ”سڀ هتان لهي وڃو، توهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو، ۽ توهان کي زمين تي هڪ خاص مدت تائين رهڻو ۽ گذر بسر ڪرڻو آهي“ |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
ان وقت آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڪلما سکي توبهه ڪئي، جيڪا سندس رب قبول ڪئي، بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
اسان چيو، ”توهين هتان لهي وڃو، پوءِ منهنجي طرفان ڪابه هدايت توهان وٽ اچي، ته جيڪي ماڻهو منهنجي ان هدايت جي پيروي ڪندا ته انهن لاءِ ڪوبه خوف ۽ ڪنهن به رنج جو موقعو نه هوندو |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو بنائيندا، اهي باهه ۾ پوندا، جتي هو هميشھ رهندا |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي بني اسرائيل! ٿورو خيال ڪريو منهنجي انهيءَ نعمت جو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي، مون سان توهانجو عهد هو ان کي پورو ڪريو ته توهان سان پنهنجو عهد آءٌ پورو ڪريان، ۽ مون کان ڊڄو |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ ايمان آڻيو ان ڪتاب تي جيڪو نازل ڪيو، هي ان جي تائيد ۾ آهي جيڪو توهان وٽ موجود هو، تنهنڪري سڀ کان پهرين توهان ان جا منڪر نه بڻجو ۽ نه ٿورڙي قيمت تي منهنجي آيتن کي وڪڻو ۽ بچو منهنجي غضب کان |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ نه حق کي شڪ ۾ وجهو باطل جو ڪوڙو رنگ ڏئي ۽ ڄاڻي واڻي حق کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ قائم ڪريو نماز ۽ زڪواة ڏيو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجي اڳيان جهڪن ٿا توهان به انهن سان گڏ جهڪو |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جي راهه اختيار ڪرڻ لاءِ چئو ٿا، پر پاڻ کي وساريو ٿا! ۽ جڏهن ته توهان ڪتاب جي تلاوت ڪريو ٿا، ڇا عقل کان بلڪل ڪم نٿا وٺو؟ |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
صبر ۽ نماز کان مدد وٺو، ۽ بيشڪ نماز سخت مشڪل ڪم آهي پر اها فرمانبردارن لاءِ مشڪل نه آهي |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
اهي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي انهيءَ نعمت کي، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه کي به ته مون توهان کي دنيا جي مڙني قومن تي فضيلت ڏني هئي |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪير به ڪنهن کي ذري برابر ڪم نه ايندو. ۽ نه ڪنهن جي طرفان سفارش قبول ٿيندي، ۽ نه ڪنهن کي فديو وٺي ڇڏيو ويندو ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان مدد ملي سگهندي |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان توهان کي فرعونين کان ڇوٽڪارو ڏنو، انهن توهان کي عذاب ۾ مبتلا رکيو هو، توهان جي پٽن کي ڪٺو ٿي ۽ زنده رکيو ٿي توهان جي ڌيئرن کي، ۽ انهيءَ حالت ۾ توهان لاءِ پنهنجي رب طرفان آزمائش هئي وڏي |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان لاءِ رستو بڻايو، توهان کي خيريت سان گذاريو ۽ فرعونين کي غرق ڪيو توهان جي اکين آڏو |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ ياد ڪريو جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهه ڏينهن راتين جي وعدي تي گهرايو ته سندس پويان توهان گابي کي پنهنجو معبود بڻايو، ان وقت توهان سخت زيادتي ڪئي هئي |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
پر ان تي به اسان توهان کي معاف ڪيو ته شايد هاڻي توهان شڪرگذار بڻجو |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
ياد ڪريو(ٺيڪ ان وقت جڏهن توهان اهو ظلم ڪيو) اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ فرقان عطا ڪيو جيئن توهان سڌي راهه لهندؤ |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ ان نعمت سان موٽيو ته قوم کي چيو، ”اي منهنجي قوم! گابي کي معبود بڻائي توهان پاڻ تي ظلم ڪيو آهي تنهن ڪري پنهنجي خالق جي حضور ۾ توبهه ڪريو ۽ ختم ڪريو پنهنجي جانين کي، ان ۾ توهان جي خالق وٽ توهان لاءِ بهتري آهي. توهان جي خالق توهان جي توبهه قبول فرمائي، اهو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
۽ ياد ڪريو جڏهن توهان موسيٰ کي چيو هو، ”اسين تنهنجي چوڻ تي يقين نه ڪنداسين، جيستائين پنهنجي اکين سان الله کي توسان ڳالهائيندي نه ڏسون، ان وقت ڏسندي ئي هڪ وڄ اچي توهان کي ورتو توهين بي جان ٿي ڪِري پيا |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
پوءِ اٿاريوسين توهان کي جيئرو ڪري، ته من هن احسان کان پوءِ شڪرگذار بڻجو |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ اسان توهان تي ڪڪرن جو پاڇو ڪيو، ۽ عطا ڪئي (نازل ڪئي) غذا مَن ۽ سلوا جي، ۽ توهان کي چيو ته جيڪي پاڪ شيون ڏنيون آهن اهي کائو (توهان جي وڏن جيڪي ڪيو) اهو اسان تي ظلم نه هو، پر انهن پاڻ تي ظلم ڪيو |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
وري ياد ڪريو جڏهن اسان چيو هو ته ”داخل ٿي وڃو سامهون واري وستيءَ ۾، ان جي پئداوار جيئن وڻيوَ تيئن کائو ۽ وستيءَ جي دروازي مان سجدا ڪندي داخل ٿيو ۽ ورجائيندا وڃو ”حطة حطة“ (ڏوهه بخش) اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين، ۽ نيڪوڪارن تي فضل وڪرم ڪنداسين |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پر جا ڳالهه کين چئي وئي هئي، ظالمن ان کي بدلائي ٻيو ڪجهه ڪري ڇڏيو، آخرڪار اسان نازل ڪيو انهن ظالمن تي آسمان تان هڪ عذاب، اها سزا هئي انهن نافرمانين جي، جيڪي هو ڪندا رهيا |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي دعا گهري، ته اسان چيو، پنهنجي لٺ هڻ فلاڻي ٽڪر تي، پوءِ ڦاٽي نڪتا ان مان ٻارهن چشما (ظاهر ظهور)، بيشڪ هر قبيلي ڄاڻي ورتو ته سندن لاءِ پاڻي کڻڻ جي ڪهڙي جڳهه آهي، (ان وقت اها هدايت ڪيل هئي ته) کائو پيئو الله جو ڏنل رزق ۽ پکيڙيو نه زمين ۾ ڪوبه فساد |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ ياد ڪريو جڏهن توهان چيو هو ته، اي موسيٰ! اسين هڪ ئي قسم جي کاڌي تي صبر ڪري نٿا سگهون، دعا گهر اسان جي لاءِ پنهنجي رب کان ته پئدا ڪري زمين جي پئداوار ساڳ ڀاڄي، بادرنگ، ڪڻڪ، ٿوم، دال ۽ بصر“ ته موسيٰ چيو، ”ڇا توهان سٺي شيءِ جي بدلي گهٽ درجي جون شيون وٺڻ چاهيو ٿا! چڱو ته پوءِ ڪنهن شهري آبادي ۾ وڃي رهو، جيڪي ڪجهه چاهيو ٿا اتي ملندو.“ نيٺ نوبت اتي وڃي پهتي جو ذلت، خواري، پستي ۽ بدحالي انهن تي حاوي ٿي ۽ اهي الله جي غضب ۾ گهيرجي ويا، هي انجو ئي نتيجو هو جو اهي ڪفر ڪرڻ لڳا الله جي آيتن جو ۽ قتل ڪرڻ لڳا پيغمبرن کي بنا ڪنهن حساب جي، هي نتيجو هو سندن نافرمانين جو ۽ انهيءَ ڳالهه جو، ته اهي شرعي حدن کان نڪري ويندا هئا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
يقين ڄاڻو ته نبي عربي کي مڃڻ وارا هجن يا يهودي يا عيسائي يا صابئي، جيڪو به ايمان آڻيندو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ نيڪ عمل ڪندو، ان جو سٺو بدلو (اجر) سندس رب وٽ آهي، ۽ ان جي لاءِ نه خوف هوندو ۽ نه وري ڪو رنج جو موقعو |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ ياد ڪريو جڏهن ورتو هو پڪو وعدو اسان طور کي توهان جي مٿان اُڀو ڪري ۽ چيو هو ته، ”مضبوطيءَ سان سنڀالجو جيڪو اسان توهان کي عطا ڪيو (ڪتاب) ۽ ان ۾ جو ڪجهه ان تي عمل ڪجؤ، اميد ته سڌي راهه تي رهندؤ |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
پر ان عهد (وعدي) تان توهان ڦري ويا ان هوندي به الله جي فضل ۽ توهان تي ٿيندڙ رحمت توهان جو ساٿ نه ڇڏيو، نه ته ڪڏهن جا تباهه ٿي چڪا هجو ها |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
وري توهان کي قصو معلوم آهي پنهنجي قوم جي ماڻهن جو جن ڇنڇر جو قانون ٽوڙيو هو، اسان کين چيو ته باندر بڻجي وڃو، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ توهان تي لعنت ۽ ڦٽڪار پوي |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
پوءِ بڻايوسين انهن جي اهڙيءَ حالت کي ان دور ۽ آئينده جي نسلن لاءِ عبرت ۽ خوف رکڻ وارن لاءِ نصيحت |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
وري اهو واقعو به ياد ڪريو، جڏهن چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي ته، ”بيشڪ الله توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته هڪ ڳئون ذبح ڪريو“، چوڻ لڳا، ”ڇا تون اسان سان مذاق پيو ڪرين؟“ هن (موسيٰ) چيو، ”آءٌ الله کان پناهه ٿو گهران جو جاهلن واريون ڳالهيون ڪريان“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چيائون، ”چڱو، پنهنجي رب کي عرض ڪر ته هو اسان کي ان بابت کولي ٻڌائي“، هن (موسيٰ) چيو، ”اهو (الله جو) حڪم ٿيو آهي ته اها (ڳئون) نه پوڙهي هجي ۽ نه ننڍي (گابي)، پر وچ واري (جوان) عمر جي هجي، بس جيڪو حڪم ڏنل آهي ان تي عمل ڪريو“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
هو وري چوڻ لڳا، ”تون پنهنجي رب کان پڇي ڏي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ هن (موسيٰ) چيو ته ”اها ڳئون هيڊي رنگ جي هجي، اهو رنگ اهڙو ته گهرو هجي جو ڏسڻ وارن کي موهي وجهي“ |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
وري چيائون ”پنهنجي رب کان واضح پڇي ٻڌاءِ ته، اها ڪهڙي ڳئون آهي، اسان ته اها مقرر ڪرڻ ۾ مُنجهي پيا آهيون، ۽ بيشڪ الله چاهيو ته اسان اها ڳولي وٺنداسين“ |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
هن (موسيٰ) چيو، ”الله فرمائي ٿو ته اها ڳئون اهڙي آهي جنهن کان خدمت نٿي ورتي وڃي، نه هر ڏئي ٿي زمين کيڙڻ لاءِ، نه نار وهي پاڻي ڪڍي ٿي، اها صحيح سالم بي داغ آهي“. ان تي هو پڪاري اٿيا، ”ها، هاڻي تو صحيح ٻڌايو آهي“، پوءِ انهن ان کي ذبح ڪيو، نه ته اهي ائين ڪرڻ وارا نه هئا |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ توهان کي ياد آهي، جڏهن توهان جان ورتي هڪ شخص جي ۽ پوءِ جهڳڙو ڪري هڪ ٻئي تي الزام لڳايو، الله چاهيو ته اهو ظاهر ڪري جيڪي لڪايو ٿا |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
اسان حڪم ڏنو ته لاش جي حصن کي هڪ ٻئي سان لڳايو، الله اهڙيءَ طرح مئلن کي زنده ڪري ٿو ۽ توهان کي ڏيکاري ٿو پنهنجون نشانيون من توهان عقل کان ڪم وٺو |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
پر توهان جون دليون سخت ٿي ويون، اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به پٿرن وانگر سخت، پر سختيءَ ۾ انهن کان به وڌيڪ، ڇاڪاڻ ته ڪي پٿر اهڙا به هوندا آهن جن مان چشما وهي نڪرن ٿا، ۽ بيشڪ ڪو وري ڦاٽي پوي ٿو پوءِ ان مان پاڻي نڪري اچي ٿو، ۽ ڪو وري ڪِري پوي ٿو خدا جي خوف کان، الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
اي مسلمانؤ! ڇا اڃا به اميد رکو ٿا انهن ماڻهن ۾ته اهي توهان جي دعوت تي ايمان آڻيندا! جڏهن ته انهن ۾ اهڙو ٽولو به آهي جنهن الله جو ڪلام ٻڌو ۽ ان ۾ ڦيرڦار ڪئي خوب سوچڻ سمجهڻ بعد |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
۽ جڏهن (محمد رسول الله تي) ايمان آڻڻ وارن سان ملن ٿا، ته چون ٿا، اسان به ان کي مڃون ٿا، پر جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته چون ٿا، ”ڇا بيوقوف ٿي ويا آهيو؟ انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايو ٿا جيڪي الله توهان تي ظاهر ڪيون آهن جيئن اهي حجت طور پيش ڪن؟ توهان جي رب آڏو، ڇا بيوقوف ٿيا آهيو؟ |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته الله سڀني ڳالهين جو علم رکي ٿو جيڪي اهي لڪائن ٿا، ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ انهن ۾ ٻيو ٽولو جاهلن جو آهي جيڪي ڪتاب جو علم نٿا رکن، بس پنهنجي بي بنياد اميدن کي کنيو ويٺا آهن، فقط وهم ۽ گمان تي |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
هلاڪت ۽ تباهي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي هٿن سان شريعت جا ڪتاب لکن ٿا پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرفان آيل آهي، جيئن ان جي بدلي ۾ ٿورو فائدو حاصل ڪن. هلاڪت جو سبب آهي سندن هٿن سان هي لکت به سندن تباهيءَ جو سامان آهي ۽ انهن جي اها سموري ڪمائي به |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
۽ هو چون ٿا ته دوزخ جي باهه اسان کي هرگز ڇهڻ واري ناهي، ها جي سزا ملي وڃي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ. انهن کان پڇو توهان الله کان ڪوبه اهڙو عهد ورتو آهي جنهن جي خلاف ورزي هو ڪري نه سگهندو! يا اهڙيون ڳالهيون الله جي ذمي ڪريو ٿا جن جو توهان کي علم ڪونهي |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
آخر توهان کي دوزخ جي باهه ڇو نه ڇهندي؟ ۽ جيڪي به برائي ڪندا ۽ پنهنجي ڏوهن جي چڪر ۾ رهندا، پوءِ اهي دوزخي آهن ۽ هميشھ ان ۾ رهندا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جن شخصن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي جنتي آهن، ۽ هميشھ ان ۾ رهندا |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان پڪو وعدو ورتو هو اسرائيل جي اولاد کان ته نه ڪنداڪنهن جي به عبادت سواءِ الله جي، ۽ والدين سان احسان ڪندا، ۽ رشتيدارن سان، ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان به نيڪ ورتاءُ ڪندا ۽ ماڻهن سان به حسن سلوڪ ڪندا ۽ نماز قائم ڪندا ۽ زڪواة ڏيندا، پر توهان سڀ انهيءَ عهد تان ڦري ويا ٿورن کان سواءِ ۽ اڃا تائين ڦريل آهيو |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
وري ياد ڪريو، اسان توهان کان پڪو عهد ورتو هو، ته نه وهائيندؤ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو خون ۽ نه هڪ ٻئي کي گهرن کان بي گهر ڪندؤ، توهان ان جو اقرار به ڪيو هو ۽ خود ان تي شاهد به آهيو |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
پر اڄ توهان اهي ئي آهيو جو پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪريو ٿا ۽ برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن کي بي گهر ڪريو ٿا. انهن جي خلاف ظلم ۽ زيادتيءَ سان ٽولا به ٺاهيو ٿا، ۽ جهيڙي ۾ پڪڙجي توهان وٽ اچن ٿا، ته کين ڇڏڻ لاءِ فديي (ڀُنگ) جي ڏي وٺ ڪريو ٿا، جڏهن ته انهن کي گهرن مان ڪڍڻ توهان تي حرام هو، ته ڇا ايمان آڻيو ٿا ڪتاب جي هڪ حصي تي ۽ ٻئي سان ڪفر ڪريو ٿا! ته پوءِ توهان مان جيڪي ائين ڪندا، انهن جي سزا ان کان سواءِ ڇا ٿي سگهي ٿي ته ذليل ۽ خوار ٿي رهن دنيا جي حياتيءَ ۾، ۽ آخرت ۾ ڦيرايا وڃن سخت ترين عذاب ڏانهن، الله توهان جي انهن حرڪتن کان بي خبر ناهي جيڪي ڪريو پيا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
هي اهي ماڻهو آهن، جن آخرت وڪڻي دنيا جي حياتي خريد ڪئي آهي، ان ڪري نه انهن جي عذاب ۾ ڪمي ايندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ بيشڪ عطا ڪيوسين موسيٰ کي ڪتاب ۽ ان بعد هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪليا ۽ آخرڪار عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو روشن نشانين سان ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي، پوءِ توهان جو هي ڪهڙو ڍنگ آهي جو جڏهن به ڪو رسول توهان جي نفس خلاف ڪا شيءِ کڻي توهان وٽ آيو ته سندس مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي، ڪنهن کي ڪوڙو چيو ڪنهن کي قتل ڪيو ٿا |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ چون ٿا، اسان جون دليون محفوظ آهن، بلڪل نه، ڦٽڪار آهي الله جي طرفان انهن جي ڪفر جي ڪري، جنهن ڪري ٿورا ئي ايمان آڻين ٿا |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ هاڻي جو انهن وٽ هڪ ڪتاب آيو آهي الله جي طرفان، اهو تصديق ڪري ٿو ان جي جيڪو اڳي ئي انهن وٽ موجود هو، باوجود ان جي آمد کان پهرين اهي ڪافرن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن اها شيءِ آئي، جنهن کي هنن سڃاتو به، پر مڃڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ لعنت آهي الله جي اهڙن منڪرن تي |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
ڪهڙو نه برو ذريعو آهي، جنهن سان هي پنهنجي نفس جي تسلي حاصل ڪن ٿا، ته جيڪا هدايت الله نازل ڪئي آهي ان کي قبول ڪرڻ کان فقط انهيءَ ضد جي بنا تي انڪار ڪن پيا ته الله پنهنجي فضل (وحي ۽ رسالت) سان پنهنجي جنهن بندي کي پاڻ چاهيو نوازيائين، تنهن ڪري هاڻي هي غضب مٿان غضب جي لائق ٿي ويا، ته اهڙن ڪافرن لاءِ سخت ذلت واري سزا آهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيڪو ڪجهه الله نازل ڪيو آهي ان تي، ته هو چون ٿا،”اسان ته فقط ان شيءِ تي ايمان آڻيون ٿا جيڪا اسان (بني اسرائيل) ۾ آيون آهن“، ان کان ٻاهر جيڪي آيو آهي ان جي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي پر اهو حق آهي ۽ ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو اڳي موجود هو. کين چئو، پوءِ قتل ڇو ڪيو الله جي انهن نبين کي، جيڪي بني اسرائيل مان هئا اگر مؤمن آهيو |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
۽ توهان وٽ موسيٰ ڪهڙين ڪهڙين روشن نشانين سان آيو پر ان جي پٺ ڏيندي ئي گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني توهان اهڙا ته ظالم هئا |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ وري ياد ڪريو ان پڪي عهد کي، جيڪو اسان طور کي توهان جي مٿان اڀو ڪري ورتو هو، تاڪيد ڪيو ته سختيءَ سان پابندي ڪريو جيڪي هدايتون اسان ڏيون پيا انهن کي ٻڌو ڪن لڳائي، توهان جي وڏن چيو، ”اسان ٻڌو پر مڃينداسين نه“سندن باطل پرستيءَ جو حال هي هو ته، سندن دلين ۾ گابو ويٺل هو، چوين! (اي نبي) هي عجيب ايمان آهي جيڪو اهڙين برين حرڪتن جو توهان کي حڪم ڏئي ٿو |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
کين چئو، جي واقعي الله وٽ آخرت جو گهر مڙني انسانن کي ڇڏي فقط توهان جي لاءِ مخصوص آهي، ته پوءِ توهان کي گهرجي ته (سڀ کان پهرين) موت جي تمنا ڪريو، جي توهان پنهنجي خيال ۾ سچا آهيو |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
يقين ڪريو ته اهي ڪڏهن به ان جي تمنا نه ڪندا، ڇوته پنهنجي هٿن سان جا ڪمائي موڪلي آهي، الله انهن ظالمن جي حال کان واقف آهي |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
تون انهن کي ڏسندين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ جيئڻ جو حريص ۽ اهي ماڻهو وڌيڪ اڳتي وڌيل آهن مشرڪن کان به. انهن مان هر شخص چاهي ٿو ته هو جيئي هڪ هزار سال، جڏهن ته ڊگهي عمر انهن کي عذاب کان پري نٿي اڇلي سگهي، الله ته انهن کي ڏسي پيو جهڙا هنن جا عمل آهن |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
انهن کي چؤ (اي نبي!)، ته جيڪو جبريل سان دشمني رکي ٿو ته بيشڪ اهو نازل ڪري ٿو قرآن تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان، اهو اڳي آيل ڪتابن جي تصديق ۽ تائيد ڪري ٿو ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
(جي جبريل سان دشمنيءَ جو سبب اهو آهي ته کين چؤ) جيڪي دشمن الله ۽ ان جي فرشتن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جا آهن ته الله انهن ڪافرن جو دشمن آهي |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
اسان توتي اهڙيون آيتون نازل ڪيون آهن جيڪي سراسر حق آهن، انهن جو انڪار ڪندڙ فقط فاسق ماڻهو ئي آهن |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
ڇا هميشھ ائين نه ٿيو آهي ته انهن ڪو عهد ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن ٽولي ان کي نظرانداز ڪيو، پر اڪثر اهڙا به آهن جيڪي ايمان نٿا آڻين |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان ڪو رسول آيو، ان ڪتاب جي تصديق ڪندو جيڪو انهن وٽ اڳي ئي موجود هو، ته انهن اهل ڪتاب مان هڪ ٽولي الله جي ڪتاب کي اهڙيءَ طرح پٺيءَ پويان اڇليو ڄڻ ته اهي ڪجهه ڄاڻن ئي نٿا |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ لڳا پيروي ڪرڻ انهن شين جي جيڪي شيطان سليمان جي سلطنت جو نالو وٺي پيش ڪندا هئا. جڏهن ته سليمان ڪڏهن به ڪفر نه ڪيو، ڪفر ڪندڙ ته اهي شيطان هئا جيڪي ماڻهن کي جادوگري جي تعليم ڏيندا هئا، اهي پويان پيا ان شيءِ جي، جيڪا بابل جي ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي. ۽ جڏهن ته انهن (فرشتن) ڪنهن کي به اها تعليم ڏني ٿي ته صاف چيو ٿي ته، ”ڏس! اسان فقط هڪ آزمائش آهيون، تون ڪفر ۾ مبتلا نه ٿي“ پوءِ به ماڻهن انهن کان اها شيءِ سکي ٿي، جنهن سان جدائي وجهن مڙس ۽ زال جي وچ ۾، ظاهر آهي ته الله جي حڪم بنا اهي انهيءَ ذريعي سان ڪنهن کي به نقصان پهچائي نه ٿي سگهيا، پر ان جي باوجود اهي اهڙيون شيون سکندا هئا جيڪي سندن لاءِ فائديمند نه هيون، ۽ کين خوب معلوم هو ته جيڪو انهيءَ شيءِ جو خريدار بڻيو، ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ناهي، ڪيترو نه برو سامان هو جنهن جي عيوض انهن پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، افسوس! کين معلوم هجي ها |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جي هو ايمان ۽ تقويٰ اختيار ڪن ها، ته ان جو بدلو الله وٽ سهڻو ملي ها، ڪاش انهن کي معلوم هجي ها |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه چوندا ڪريو ’راعنا‘ پر چوندا ڪريو’اُنظرنا‘، ۽ ڳالهه توجهه سان ٻڌو، ۽ هي ڪافر ته مستحق آهن دردناڪ عذاب جا |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
اهي ماڻهو جن حق جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڀلي اهل ڪتاب مان هجن يا مشرڪ هجن، هرگز اهو پسند نٿا ڪن ته توتي ڪا ڀلائي نازل ٿئي تنهنجي رب جي طرفان، پر الله ان کي پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي ٿو جنهن کي چاهي ٿو ۽ الله تمام وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
اسان منسوخ ڪريون ٿا پنهنجي جنهن آيت کي يا وساريون ٿا، ان جي جاءِ تي بهتر آڻيون ٿا يا ان جهڙي، ڇا توهان ڄاڻو نٿا ته الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بيشڪ الله لاءِ ئي زمين ۽ آسمان جي حڪومت آهي، ۽ انهيءَ کان سواءِ ڪوبه توهان جي سنڀال ڪندڙ ۽ توهان جي مدد ڪرڻ وارو نه آهي |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
پوءِ ڇا توهان اهڙي قسم جا سوال پنهنجي رسول کان ڪرڻ گهرو ٿا جيئن موسيٰؑ کان ڪيا ويا هئا هن کان پهرين؟ ۽ جڏهن ته جنهن به شخص ايمان جي حالت کي ڪفر سان بدلايو، ڀٽڪي ويو آهي اهو سڌي راهه کان |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
چاهين ٿا اهل ڪتاب مان اڪثر ماڻهو ته ڪنهن طرح سان توهان کي ايمان کان ڦيرائي وري ڪفر ڏي موٽائي آڻين، (جيتوڻيڪ حق انهن تي واضح ٿي چڪو آهي) پر پنهنجي حاسد نفس جي ڪري، توهان جي لاءِ سندن اها خواهش آهي، ان جي جواب ۾ توهان معاف ڪرڻ کان ڪم وٺو، ايستائين جو الله پاڻ ئي پنهنجو فيصلو نافذ ڪري، مطمئن رهو، بيشڪ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو پنهنجي عاقبت لاءِ جيڪا به ڀلائي ڪمائي پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليندؤ، ان کي بخوبي الله وٽ موجود ڏسندؤ، جو ڪجهه توهان ڪريو ٿا، بيشڪ الله ان کان بخوبي آگاه آهي |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ انهن جو چوڻ آهي ته ڪوبه شخص جنت ۾ نه ويندو، جيستائين اهو يهودي نه هوندو يا (عيسائين جي خيال ۾) عيسائي نه هوندو، اهي سندن اميدون آهن، انهن کي چؤ ته پنهنجا دليل آڻيو، جيڪڏهن توهين پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهيو |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
(اها ڪنهن جي به خصوصيت ناهي) حق هي آهي ته جيڪو به الله جي اطاعت ڪندو ۽ نيڪ رهندو، ته ان لاءِ رب وٽ اجر آهي، اهڙن ماڻهن لاءِ ڪوبه خوف نه آهي ۽ نه ڪنهن رنج جو موقعو هوندو |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
۽ يهودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه نه آهي، ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ ڪجهه نه آهي، جڏهن ته اهي ٻئي ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ اهڙي قسم جي دعويٰ انهن ماڻهن وٽ به آهي جن وٽ ڪتاب جو علم ناهي، انهن جو فيصلو الله ڪندو قيامت جي ڏينهن، اهي اختلاف جن ۾ اهي ماڻهو مبتلا آهن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
ان شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جيڪو منع ڪري ٿو الله جي عبادت گاهن ۾ سندس نالي وٺڻ کان ۽ انهن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهڙا ماڻهو انهيءَ قابل آهن ته اهي انهن عبادت گاهن ۾ داخل ئي نه ٿين، جي وڃن به ته ڊڄندا وڃن، انهن جي لاءِ ته دنيا ۾ خواري آهي ئي پر آخرت ۾ ته سخت ترين عذابِ عظيم آهي |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
الله جي لاءِ ئي اوڀر ۽ اولهه (مشرق ۽ مغرب) آهن، پوءِ جنهن طرف به توهان رخ ڪندؤ، الله جو اهو ئي رخ آهي. بيشڪ الله وڏي وسعت رکندڙ ۽ سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
۽ هو چون ٿا ته بڻايو آهي الله ڪنهن کي پٽ، الله ته پاڪ آهي انهن ڳالهين کان، اصل حقيقت ۾ آسمانن ۽ زمين ۾ ساري موجودات سندس ملڪيت ۽ سندس حڪم ۾ آهي |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
هو خالق آهي آسمانن ۽ زمين جو، ۽ جنهن ڳالهه جو به هو فيصلو ڪري ٿو، حڪم ڏئي ٿو، پوءِ بيشڪ هو چوي ٿو ته ”ٿي پؤ“ ۽ اها ٿي پوندي آهي |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
چون ٿا نادان ته اسان سان پاڻ ڇو نٿو ڳالهائي الله يا ڇو نٿي اچي ڪا نشاني اسان وٽ؟ اهڙيون ئي ڳالهيون ان کان اڳ وارا ماڻهو به ڪندا هئا، انهن سڀني (گمراهن) جون ذهنيتون هڪ جهڙيون آهن. اسان صاف نشانيون نمايان ڪري چڪا آهيون يقين ڪندڙن لاءِ |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
اسان توکي حق جي علم سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي، هاڻي جن ماڻهن جهنم سان رشتو جوڙيو، تن لاءِ تون جوابده ناهين |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
۽ راضي ڪونه ٿيندا يهودي ۽ عيسائي توکان ڪڏهن به، جيستائين تون انهن جي طريقي تي هلڻ نه لڳين، صاف چئي ڏي ته رستو بس اهو ئي آهي جيڪو الله ٻڌايو آهي، نه ته انهيءَ علم کان پوءِ جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، ته بچائڻ وارو الله جي پڪڙ کان ڪوبه دوست ۽ مددگار تنهنجي لاءِ نه آهي |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي ائين پڙهن ٿا جيئن حق آهي ان کي پڙهڻ جو، اهي هن (قرآن) تي سچيءَ دل سان ايمان آڻين ٿا ۽ ڪفر جو رويو جيڪي اختيار ڪندا، اهي اصل ۾ نقصان کڻڻ وارا آهن |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي اها نعمت، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ هي ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت ڏني هئي |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪير ڪنهن کي ذري برابر ڪم نه ايندو، نه ڪنهن کان فديو قبول ڪيو ويندو، ۽ ڪابه سفارش ڪنهن کي ڪم نه ايندي. ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
ياد ڪريو جڏهن آزمايو ابراهيم کي سندس رب ڪجهه ڳالهين ۾ ۽ هو سڀني ۾ پورو آيو. ته چيو ويو: ”آءٌ توکي سڀني ماڻهن جو اڳواڻ بڻائيندس.“ هن چيو: ”۽ ڇا اهو منهنجي اولاد سان به وعدو آهي؟“ جواب ڏنو ويو، ”منهنجو عهد ظالمن متعلق نه آهي.“ |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ هي ته اسان هن گهر (ڪعبي) کي ماڻهن جي لاءِ مرڪز ۽ امن جي جڳهه قرار ڏنو هو. ۽ حڪم ڏنو هو ته ابراهيم جتي عبادت لاءِ بيهي ٿو، ان کي مستقل نماز جي جڳهه بڻايو. ۽ تاڪيد ڪيو هو ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته منهنجي هن گهر کي پاڪ رکو طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ هي ته ابراهيم دعا ڪئي ته ”اي منهنجا رب! هن شهر کي امن جو شهر بناءِ، ۽ ان جي باشندن کي هر قسم جي ميون جو رزق عطا ڪر، جيڪي الله ۽ آخرت کي مڃين.“ (ان جي جواب ۾) رب فرمايو، ”۽ جيڪو نه مڃيندو ته دنيا جي محدود زندگيءَ جو سامان ته ان کي ڏيندس، آخرڪار اهو جهنم جو عذاب ڏسندو. “ ۽ اهو بدترين ٺڪاڻو آهي |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن ابراهيمؑ ان گهر جون ڀتيون کڻي رهيا هئا ۽ اسماعيل، ته دعا ڪندا ٿي ويا ”اي اسان جا رب! اسان جي هي خدمت قبول فرماءِ، تون سڀني کي ٻڌندڙ ۽ سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهين |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
اي اسان جا رب! اسان ٻنهي کي پنهنجو مسلم (فرمانبردار) بناءِ ۽ اسان جي نسل مان هڪ اهڙي قوم پيدا ڪر، جيڪا تنهنجي مسلم (مطيع) هجي، اسان کي طريقا ٻڌاءِ پنهنجي عبادت جا، ۽ اسان جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪر، بيشڪ تون سڀني کي ٻڌندڙ رحم ڪندڙ آهين |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
۽ اي اسان جا رب! ۽ انهن ماڻهن ۾ خود انهن جي قوم مان هڪ رسول کي آڻ، جيڪو انهن کي تنهنجون آيتون ٻڌائي، انهن کي تعليم ڏئي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ انهن جون زندگيون سنواري. بيشڪ تون وڏو غالب ۽ حڪمت وارو آهين |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ هاڻي ڪير آهي جيڪو نفرت ڪري ابراهيمؑ جي طريقي سان؟ سواءِ ان جي جنهن پاڻ کي بيوقوفي ۽ جهالت ۾ وڌو هجي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير اها حرڪت ڪندو؟ ابراهيمؑ ته اهو آهي جنهن کي دنيا ۾ اسان پنهنجي ڪم لاءِ چونڊيو ۽ آخرت ۾ اهو صالحن ۾ هوندو |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
ان جو حال هي هو جڏهن سندس رب کيس چيو، ”مسلم ٿي“ ته فورًا چيائين، ”آءٌ مسلم ٿيس مالڪ ڪائنات جو“ |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ ان طريقي تي هلڻ جي هدايت ابراهيمؑ پنهنجي اولاد کي ڪئي هئي ۽ اها وصيت يعقوبؑ پنهنجي اولاد کي ڪئي، هن چيو هو ته، ”ٻچڙؤ! الله توهان جي لاءِ اهو ئي دين پسند ڪيو آهي، تنهن ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين ”مسلم“ ئي رهجؤ“ |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
پوءِ ڇا توهان ان وقت موجود هئا، جڏهن يعقوبؑ هن دنيا مان وڃي رهيو هو؟ هن مرڻ وقت پٽن کان پڇيو ”ٻچڙؤ! مون کان پوءِ توهان ڪنهن جي بندگي ڪندؤ؟ سڀني جواب ڏنو، ”ان خدا جي بندگي ڪنداسين جنهن کي تو ۽ تنهنجي بزرگن ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ خدا کي اڪيلو مڃيو آهي، ۽ اسان انهيءَ جا مسلم آهيون.“ |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اهي ڪجهه ماڻهو هئا جيڪي گذري ويا، جيڪو انهن ڪجهه ڪمايو، اهو انهن لاءِ، ۽ جيڪو توهين ڪمائيندؤ اهو توهان لاءِ. توهان کان اهو نه پڇيو ويندو ته هو ڇا ڪندا هئا |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ (يهودي) چون ٿا، يهودي ٿيندؤ ته سڌي راهه ملندي، عيسائي چون ٿا ته، عيسائي ٿيو ته هدايت ملندي، چؤ انهن کي، ”نه، پر سڀني کي ڇڏي ابراهيمؑ جو طريقو اختيار ڪريو ۽ اهو نه هو مشرڪن مان“ |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
مسلمانؤ! چئو ته، ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ انهيءَ هدايت تي جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي جيڪا ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ ۽ يعقوبؑ ۽ اولاد يعقوب تي نازل ٿي. ۽ جيڪا موسيٰؑ ۽ عيسيٰؑ ۽ ٻين مڙني پيغمبرن کي ڏني وئي هئي رب جي طرفان، اسين ڪوبه فرق نٿا ڪريون انهن جي وچ ۾. ۽ اسين الله جا مسلم آهيون“ |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏهن هو ساڳيءَ طرح ايمان آڻين، جهڙيءَ طرح توهان آندو آهي ته هدايت تي آهن. پر جي منهن ڦيرين ته ظاهر آهي اهي ضد ۾ اچي ويا آهن. تنهن ڪري اطمينان رکو ته الله سندن مقابلي ۾ توهان لاءِ ڪافي آهي، اهو ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
چؤ الله جو رنگ اختيار ڪريو، ان جي رنگ کان بهتر ڪنهن جو رنگ هوندو، ۽ اسين سندس بندگي ڪرڻ وارا آهيون |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
اي نبي! انهن کي چؤ، ڇا توهان الله جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪريو ٿا، جڏهن ته اهو اسان جو رب آهي توهان جو به، اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ، ۽ اسان الله لاءِ بندگي خالص ڪري چڪا آهيون |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
يا وري توهان جو چوڻ هي آهي ته، ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ ۽ يعقوبؑ ۽ اولادِ يعقوب، سڀ جا سڀ يهودي هئا يا نصراني هئا، توهان (انهن کي) چئو توهين وڌيڪ ٿا ڄاڻو يا الله. ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن جي ذمي هڪ شاهدي هجي الله جي طرفان، ۽ اهو ان کي لڪائي. الله غافل ته ناهي توهان جي حرڪتن کان |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي گذري ويا انهن جي ڪمائي انهن لاءِ هئي ۽ توهان جي ڪمائي توهان جي لاءِ. ۽ توهان کان انهن جي عملن متعلق پڇاڻو نه ٿيندو |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
ضرور چوندا نادان ماڻهن مان، ڪهڙي ڳالهه ڦيرايو (مسلمانن کي نماز پڙهڻ کان) سندن قبلي کان اهي جيڪي هئا پهرين ان (قبلي) تي، اي نبي! انهن کي چئو: ”مشرق ۽ مغرب (اوڀر ۽ اولهه) سڀ الله جا آهن، الله جنهن کي گهري ٿو سڌي راهه ڏيکاري ٿو.“ |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان توهان (مسلمانن) کي بڻايو آهي هڪ ”امت وسط“، جيئن توهان شاهد هجو دنيا جي ماڻهن تي ۽ رسول هجي توهان تي شاهد. پهرين جنهن طرف توهان رُخ ڪندا هئا، ان کي ته اسان صرف هي ڏسڻ لاءِ (قبلو) مقرر ڪيو ته ڪير آهي جيڪو رسول جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير واپس ڦري وڃي ٿو. هي معاملو هو ته ڏاڍو سخت، پر انهن ماڻهن لاءِ ڪجهه به سخت ثابت نه ٿيو جيڪي الله جي هدايت مان فيضياب هئا. الله هرگز ضايع نه ڪندو توهان جي ان ايمان کي، بيشڪ اهو ماڻهن جي حق ۾ تمام شفيق ۽ رحيم آهي. |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
(اي نبي!) هي تنهنجي منهن جو وري وري اسان ڏسي رهيا آهيون آسمان ڏانهن کڄڻ. چڱو، اسين انهيءَ قبلي طرف توکي ڦيريون ٿا، جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. مسجد حرام طرف رُخ ڦيري ڇڏ، ۽ هاڻي توهان جتي به هجو، ان جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو، ۽ هي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته، (قبلي جي ڦرڻ جو) هي حڪم سندن رب جي طرفان آهي ۽ برحق آهي، پر ان جي باوجود جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، الله ان کان غافل نه آهي. |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
تون انهن وٽ چاهي ڪابه نشاني کڻي اچين اهلِ ڪتاب، ممڪن ئي ناهي ته اهي تنهنجي قبلي جي پيروي ڪن ۽ نه تو لاءِ هي ممڪن آهي ته انهن جي قبلي جي پيروي ڪرين، ۽ انهن مان ڪوبه ٽولو پيروي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ٻئي جي قبلي جي ۽ جيڪڏهن تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، هن علم کان پوءِ جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، ته يقينًا توهان جو شمار ظالمن ۾ هوندو |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي هن جڳهه کي (جنهن کي قبلو بڻايو آهي) ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي اولاد کي، پر حقيقت ۾ انهن مان هڪ ٽولو حق کي لڪائي رهيو آهي ڄاڻي واڻي |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
هي بلڪل حق جي سچي ڳالهه آهي تنهنجي رب طرفان تنهن ڪري تون ان متعلق هرگز شڪ ۾ نه پؤ. |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
۽ هرهڪ لاءِ هڪڙو رخ آهي، جنهن طرف هو مڙي ٿو. بس توهين ڀلائين طرف اڳرائي ڪريو، جتي به توهان هوندا، الله سڀني کي گڏ ڪري آڻيندو. بيشڪ ان جي قدرت کان ڪابه شيءِ ٻاهر نه آهي |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ تنهنجو گذر جتان به ٿئي، پنهنجو رُخ (نماز جي وقت) ڦيريندو ڪر مسجد حرام طرف، ڇاڪاڻ ته تنهنجي رب جو فيصلو بلڪل برحق آهي. ۽ الله توهان ماڻهن جي عملن کان بي خبر نه آهي. |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ جتان به توهان جو گذر ٿئي، (نماز جي وقت) پنهنجو رُخ ڦيريندا ڪريو مسجد حرام طرف، ۽ جتي به توهان هجو انهيءَ ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهو، جيئن ماڻهن کي توهان جي خلاف ڪابه حجت نه ملي. ها، انهن مان جيڪي ظالم آهن، انهن کان توهان نه ڊڄو پر مون کان ڊڄو، ۽ اهو ان لاءِ ته آئون پنهنجي نعمت پوري ڪريان توهان تي ۽ ان اميد تي ته منهنجي ان حڪم جي پيروي مان فلاح پائيندؤ. |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جيئن اسان موڪليو توهان منجهان ئي رسول، جيڪو توهان کي اسان جون آيتون ٻڌائي ٿو ۽ توهان جون زندگيون سنواري ٿو، توهان کي تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ توهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان نه ڄاڻندا هئا. |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
تنهن ڪري توهان مون کي ياد رکو، آءٌ توهان کي ياد رکندس ۽ منهنجو شڪر ادا ڪريو ۽ نه نعمت جي ناشڪري. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! مدد وٺو صبر ۽ نماز کان، الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ جيڪي ماڻهو ماريا وڃن الله جي راهه ۾، انهن کي نه چئو مئل، پر اهي جيئرا آهن، پر توهان کي انهن جي زندگين جو شعور ڪونهي |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ اسان ضرور آزمائش وٺنداسين توهان کي خوف ۽ خطرن، فاقه ڪشيءَ (بک) ۽ جان ۽ مال جي نقصان ۽ آمدنين جي گهاٽي ۾ مبتلا ڪري، اهڙين حالتن ۾ جيڪي صبر ڪن |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
۽ جڏهن ڪا مصيبت اچين ِته چون: ”اسين الله جا آهيون ۽ الله ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي.“ |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
انهن کي خوشخبري ڏيو، کين سندن رب جي طرفان وڏيون عنايتون هونديون، ۽ سندس رحمت جو پاڇو هوندو ۽ اهڙا ئي ماڻهو سڌي راهه تي آهن. |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
يقينًا صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن، تنهن ڪري جيڪو شخص بيت الله جو حج يا عمرو ڪري، ان لاءِ ڪابه گناهه جي ڳالهه ناهي ته اهو انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙي ته جيڪو رضا ۽ خوشيءَ سان ڪو خير جو ڪم ڪندو ته الله کي ان جو علم آهي ۽ اهو سندس قدر ڪندو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
بيشڪ جيڪي شخص اسان جي نازل ڪيل روشن تعليم ۽ هدايت کي لڪائن ٿا، جڏهن ته اسان انهن کي سڀني انسانن جي رهنمائي لاءِ پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي، يقين ڄاڻو ته الله به انهن تي لعنت ڪري ٿو ۽ سڀئي لعنت ڪرڻ وارا به لعنت ڪن ٿا |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
البته انهيءَ هلت کان جيڪي رڪجي توبه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ۽ اهو بيان ڪرڻ لڳن جو ڪجهه لڪائيندا هئا ته انهن کي معاف ڪندس ۽ آءٌ درگذر ڪندڙ ۽ رحم وارو آهيان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر جي هلت اختيار ڪئي ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي جان ڏني انهن تي الله ۽ فرشتن ۽ مڙني انسانن جي لعنت آهي (انهيءَ لعنت واري حالت ۾) |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
اهي هميشه اتي رهندا، نه انهن جي سزا ۾ ڪمي ايندي ۽ نه انهن کي ڪا ٻي مهلت ئي ڏني ويندي. |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
توهان جو خدا هڪ ئي خدا آهي، ان رحمان ۽ رحيم کان سواءِ ڪو ٻيو خدا نه آهي |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
(ان حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ جيڪا نشاني گهرجي ته) جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم وٺن ٿا، انهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بناوت ۾، رات ۽ ڏينهن جي لاڳيتو هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ انهن ٻيڙين ۾ جي سمنڊن ۾ هلنديون رهن ٿيون جيڪي انسانن جي فائدي جون شيون کنيو، ۽ بارش جي ان پاڻيءَ ۾ جنهن کي الله مٿان وسائي ٿو، پوءِ ان وسيلي زنده ڪري ٿو مئل زمين کي ۽ پنهنجي انهيءَ انتظام سان زمين ۾ هر قسم جي جاندار مخلوق کي پکيڙي ٿو، هوائن جي گردش ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان جي وچ ۾ تابع بڻائي رکيا ويا آهن، ۽ زمين بيشمار نشانيون آهن عقل رکڻ وارن جي لاءِ. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي الله کان سواءِ ٻين کي سندس مد مقابل بنائن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت ڪن ٿا، جيتري الله سان ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ايمان رکڻ وارا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ الله کي محبوب رکن ٿا! عذاب کي سامهون ڏسي اهي ظالم جيڪا ڳالهه سندن ذهن ۾ اچڻ واري آهي کين سمجهه ۾ اچي اها اڄ ئي ته بيشڪ سڀ طاقتون ۽ اختيار الله جي قبضي ۾ آهن بيشڪ الله تمام سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جڏهن هو سزا ڏيندو ته اهي ئي اڳواڻ جن جي دنيا ۾ ۾ پيروي ڪئي وئي هئي، پنهنجي پيروڪارن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندا، پر سزا ڀوڳڻي ئي پوندن ۽ سندن لاڳاپا ڪٽجي ويندا |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ انهن جي پيروي ڪندا هئا، چوندا”ڪاش! اسان کي هڪڙو موقعو ملي ها، ته جيئن اڄ هي اسان کان بيزاري ظاهر ڪن ٿا، اسين به کانئن بيزاري ڏيکاريون ها.“ اهڙيءَ طرح الله انهن ماڻهن جا اهي اعمال جيڪي هي ڪري رهيا آهن، سندن آڏو آڻيندو جو اهي حسرتن ۽ پشيمانين مان هٿ هڻندا پر باهه مان نڪرڻ جي راهه نه ملندن. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي لوڪو! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آهن، اهي کائو ۽ نه هلو شيطان جي ٻڌايل راهن تي، اهو توهان جو يقينًا پڌرو دشمن آهي. |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
يقينًا اهو توهان کي حڪم ڏئي ٿو برائيءَ جو ۽ فحاشيءَ جو ۽ اهو سيکاري ٿو ته توهان الله لاءِ اهي ڳالهيون چئو، جن جو توهان کي علم ناهي(ته اهي الله فرمايون آهن). |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته، الله جيڪي حڪم نازل ڪيا آهن، انهن جي پيروي ڪريو، ته جواب ڏين ٿا اسان اها پيروي ڪنداسين، جنهن تي اسان ابن ڏاڏن کي ڏٺو. پوءِ ڀلي سندن ابن ڏاڏن عقل کان ڪم نه ورتو هجي ۽ سڌي راهه حاصل نه ڪئي هجي، پوءِ به ان تي هلندا؟ |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
۽ جن ماڻهن خدا جي ٻڌايل طريقي تي هلڻ کان انڪار ڪيو آهي، انهن جي حالت بلڪل اهڙي آهي جيئن ڌنار مال کي سڏيندو آهي ۽ اهي ڪوڪرين ۽ ٻچڪارين کان سواءِ ڪجهه نٿا سمجهن، اهي ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن، ان ڪري ئي انهن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جي توهان الله جي بندگي ڪرڻ وارا آهيو، ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي بخشيون آهن، اهي کائو ۽ الله جو شڪر ادا ڪريو خاص ان جي عبادت ڪريو ٿا. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
الله جي طرفان توهان تي جي ڪا پابندي آهي ته مردار نه کائو ۽ خون ۽ سوئر جي گوشت کان پرهيز ڪريو ۽ ڪابه اهڙي شيءِ نه کائو جنهن تي الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتل هجي. ها، جيڪو شخص مجبور هجي ۽ اهو انهن مان ڪجهه کائي بنا قانون شڪنيءَ جي ارادي سان ته تن تي گناهه ناهي، الله بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
حق هي آهي ته جيڪي ماڻهو اهي حڪمن لڪائن ٿا، جيڪي الله پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن، ۽ دنيا جي ٿورڙن فائدن تي قربان ڪن ٿا، حقيقت ۾ اهي ماڻهو کائي ڀري رهيا آهن پنهنجا پيٽ باهه سان، انهن سان هرگز نه ڳالهائيندو الله قيامت جي ڏينهن ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو، ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي ۽ مغفرت جي بدلي عذاب ورتائون، ڇا عجيب آهي سندن حوصلو جو عذاب سهڻ لاءِ تيار آهن. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
هي سڀ انهيءَ ڪري ٿيو ته الله ته ٺيڪ ٺيڪ حق جي مطابق ڪتاب نازل ڪيو هو، پر جن ماڻهن ڪتاب ۾ اختلاف ڪڍيا ته پنهنجن ئي جهيڙن ۾ حق کان گهڻو پري نڪري ويا. |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نيڪي اها ناهي ته توهان پنهنجا منهن ڪريو طرف مشرق جي يا مغرب جي، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو مڃي الله کي ۽ آخرت جي ڏينهن کي ۽ ملائڪن کي ۽ الله جي نازل ڪيل ڪتاب ۽ پيغمبرن کي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو پسنديده مال رشتيدارن ۽ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي، مدد جي لاءِ هٿ وڌائيندڙن ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خريد ڪري، ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوٰة ڏئي، ۽ نيڪ اهي ماڻهو آهن جو جڏهن انجام ڪن ته ان کي پورو ڪن، ۽ صبر ڪن مصيبت جي وقت ۾ حق ۽ باطل جي جنگ ۾، اهي ئي ماڻهو سچا آهن، ۽ اهي ئي ماڻهو متقي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان جي لاءِ قتل جي مقدمن جو قصاص لاءِ حڪم لکيو ويو آهي، آزاد ماڻهو قتل ڪيو هجي ته آزاد کان بدلو ٿيندو، غلام قتل ڪيو هوندو ته غلام جو ئي قتل ٿيندو، ۽ عورت قتل ڪيو هوندو ته ان عورت کان ئي بدلو ورتو ويندو، پر جي ڪنهن قاتل سان ان جو ڀاءُ نرمي ڪري ته ڄاتل (معروف) طريقي مطابق خون بها جو فيصلو ٿئي ۽ قاتل صحيح طريقي سان خون بها ادا ڪري، هي ڪمي توهان جي رب طرفان آهي ۽ رحمت آهي. ان تي به جيڪو زيادتي ڪري ٿو ته پوءِ ان جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
۽ (حقيقت ۾) توهان جي لاءِ عقل ۽ سمجهه رکڻ وارؤ! قصاص (بدلي) ۾ زندگي آهي، اميد ته ان قانون جي خلاف ورزي کان پاسو ڪندؤ. |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
توهان تي فرض ڪيو ويو آهي جڏهن ته توهان ۾ ڪنهن جي موت جو وقت اچي ۽ اهو پويان مال ڇڏي رهيو هجي، ته وصيت ڪري والدين ۽ رشتي دارن لاءِ ڄاتل (معروف) طريقي سان، اهو حق آهي پرهيزگار ماڻهن تي. |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جن ان کي بدلائي ڇڏيو وصيت کي ٻڌي، پوءِ ته ان جو گناهه انهن بدلائڻ وارن تي هوندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو. |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
البته جنهن کي انديشو هجي ته وصيت ڪندڙ بنا ارادي يا ڄاڻي واڻي حق تلفي ڪئي آهي ۽ وري معاملي سان تعلق رکڻ وارن جي وچ ۾ اصلاح ڪري ته ان تي گناهه ناهي، الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان تي روزا فرض ڪيا ويا، جهڙيءَ طرح فرض ڪيا ويا هئا توهان کان اڳ وارن نبين جي پيروڪارن تي. اميد آهي ته توهان ۾ پرهيزگاري پيدا ٿيندي. |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
ڪجهه مقرر ڏينهن جا (روزا) آهن. جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي، ته ٻين ڏينهن ۾ ايترو ئي تعداد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو (روزي) رکڻ جي طاقت رکن ٿا (۽ نه رکن) ته اهي فديو ڏين، هڪ (روزي) جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ ۽ جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ ڀلائي ڪري، ته اهو ان لاءِ بهتر آهي. پر جيڪڏهن توهان بهتر سمجهو، ته اهو توهان جي حق ۾ آهي جي توهان علم رکو ٿا. |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
مهينو رمضان جو اهو آهي جنهن ۾ نازل ڪيو ويو قرآن جيڪو ماڻهن لاءِ سراسر هدايت ۽ اهڙي واضح تعليمات تي ٻڌل آهي جو حق ۽ باطل جو فرق ظاهر ڪندڙ آهي. پوءِ جيڪو شخص هي مهينو ڏسي، اهو لازمي طور (پوري مهيني جا) روزا رکي، ۽ جيڪو مريض هجي يا هجي سفر تي ته اهو ٻين ڏينهن ۾ تعداد کي پورو ڪري، گهري ٿو الله توهان سان نرمي رکڻ، سختي نٿو چاهي، تنهنڪري هي طريقو ٻڌايو پيو وڃي جيئن توهان (روزن جو) تعداد پورو ڪريو ۽ الله توهان کي جنهن هدايت سان نوازيو آهي، ان تي سندس وڏائي بيان ڪريو ۽ شڪرڪر ڪريو |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ (اي نبي!) مون متعلق پڇن منهنجا بندا جي توکان ته انهن کي ٻڌاءِ ته آءٌ سندن ويجهو آهيان، پڪارڻ وارو جڏهن مون کي پڪاري ٿو، آءٌ سندن پڪار ٻڌان ۽ جواب ڏيان ٿو. ان ڪري اهي منهنجي دعوت تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين ته شايد سڌي راهه ماڻي وٺن. |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
حلال ڪيو ويو آهي توهان لاءِ روزن ۾ راتين جو پنهنجي زالن وٽ وڃڻ هو توهان جي لاءِ لباس آهن ۽ توهان انهن جي لاءِ لباس آهيو. معلوم ٿي ويو الله کي ته توهان ماڻهو ماٺ ميٺ ۾ خيانت ڪري رهيا هئا پنهنجي پاڻ سان، پر هن توهان جو قصور معاف ڪري ڇڏيو ۽ توهان کي درگذر فرمايو. هاڻي توهان پنهنجي زالن سان رات گذاري سگهو ٿا ۽ جيڪو لطف الله جائز ڪيو آهي توهان جي لاءِ، اهو حاصل ڪريو ۽ راتين جو کائو ۽ پيئو، ايستائين جو نظر اچي وڃي توهان کي صبح جي سفيد ڌاري نمايان طور تي رات جي ڪاري ڌاري کان. پوءِ هي سڀ ڪم ڇڏي پنهنجو روزو پورو ڪريو رات تائين. ۽ پنهنجي زالن سان صحبت نه ڪريو جڏهن توهان اعتڪاف ۾ هجو مسجد ۾، هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن انهن جي ويجهو نه وڃو، اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو ماڻهن لاءِ، اميد ته اهي غلط روين کان بچندا. |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ نه کائو توهان ماڻهو هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقي سان ۽ نه وري حاڪمن جي آڏو انهيءَ غرض سان پيش ڪريو جيئن توهان کي ٻين جي مال مان ڪو حصو ظالماڻي طريقي سان کائڻ جو موقعو ملي جڏهن ته توهان اهو ڄاڻو به ٿا. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
اي نبي! چنڊ جي گهٽ وڌ ٿيڻ ۽ صورتن بابت پڇن ٿا. چوين ”اهي ماڻهن جي لاءِ تاريخن مقرر ڪرڻ ۽ حج جون نشانيون آهن.“ کين چئو ته ”اها نيڪي ناهي جو توهان پنهنجي گهرن ۾ پوئين طرف کان داخل ٿيو ٿا، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو الله جي ناراضگي کان بچي، پنهنجي گهرن ۾ توهان دروازن کان ئي ايندا ڪريو، ۽ الله کان ڊڄندا رهو، شايد توهان کي فلاح نصيب ٿئي. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
۽ توهان وڙهو الله جي راهه ۾ انهن ماڻهن سان جيڪي توهان سان وڙهن ٿا پر زيادتي نه ڪريو. بيشڪ الله زيادتي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
۽ انهن سان وڙهو، جتي به توهان جو انهن سان مقابلو ٿئي، ۽ انهن کي ڪڍو، جتان به انهن توهان کي ڪڍيو هو، انهيءَ لاءِ ته قتل جي برو آهي ته فتنو وڌيڪ برو آهي قتل کان ۽ نه وڙهو مسجد حرام جي ويجهو جيستائين اهي توهان سان نه وڙهن، پر اهي جي اتي به وڙهن ته پوءِ توهان به انهن کي ماريو، ته اها ئي سزا آهي اهڙن ڪافرن لاءِ. |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جي اهي رڪجي وڃن، ته ڄاڻي وٺو ته الله معاف ڪندڙ رحم وارو آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
توهان انهن سان وڙهندا رهو ايستائين جو فتنو باقي نه رهي، ۽ دين ٿي وڃي (فقط) الله جي لاءِ. پوءِ جڏهن اهي مڙي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته هٿ نه کنيو ويندو ظالمن کان سواءِ ڪنهن تي. |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
حرمت واري مهيني جو بدلو حرمت وارو مهينو آهي ۽ سڀني حرمتن جو لحاظ برابريءَ سان ٿيندو، تنهنڪري جيڪو هٿ کڻي توهان تي ته پوءِ توهان به اهڙيءَ طرح انهن تي هٿ کڻو جيئن انهن توهان تي کنيو آهي، البته الله کان ڊڄندا رهو ۽ هي سمجهي ڇڏيو ته الله انهن ماڻهن سان آهي جيڪي سندس حدن کي ڀڃڻ کان پرهيز ڪن ٿا. |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
۽ خرچ ڪريو راهه خدا ۾، ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو، احسان ڪرڻ اختيار ڪريو، ڇاڪاڻ ته الله احسان ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو. |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
۽ جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪريو ته ان کي پورو ڪريو الله جي راضپي لاءِ، جي ڪٿي گهيرجي وڃو ته جيڪا قرباني ميسر ٿئي الله جي حضور ۾ پيش ڪريو، ۽ نه ڪوڙايو پنهنجا مٿا جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي نه پهچي، پر جيڪو شخص توهان ۾ مريض هجي يا ڪا تڪليف هجيس مٿي ۾ ۽ انهيءَ جي ڪري پنهنجو مٿو ڪوڙائي ته اهو فديي طور روزا رکي، صدقو ڏئي يا قرباني ڪري، پوءِ جي توهان کي امن ملي وڃي (۽حج کان اڳي مڪي پهچو) ته جو شخص حج جي زماني اچڻ تائين عمري جو فائدو کڻي اهو طاقت آهر قرباني ڏئي ۽ جي قرباني نه ملي ته ٽي روزا حج جي زماني ۾ ۽ ست روزا گهر پهچي رکي، اهڙيءَ طرح پورا ڏهه روزا رکي. هيءَ رعايت انهن ماڻهن لاءِ آهي جن جو گهر گهاٽ مسجد حرام ويجهو نه هجي، ۽ الله جي حڪمن جي خلاف ورزي کان بچو ۽ ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج جا مهينا سڀني کي معلوم آهن. جيڪو شخص انهن مقرر مهينن ۾ حج جي نيت ڪري ان کي خبردار رهڻ گهرجي ته ان کان ڪوبه شهوتي ڪم نه ٿئي حج جي زماني ۾، ڪا بدعملي، ڪا لڙائي ۽ جهڳڙي جي ڳالهه ظاهر نه ٿئي،۽ جيڪو نيڪ ڪم توهان ڪندؤ، اهو الله جي علم ۾ هوندو. حج جي سفر لاءِ (رستي جو سامان ساڻ کڻو) سڀ کان بهتر ثمر ته پرهيزگاري آهي اي عقل وارؤ! |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
ان ۾ ڪوبه حرج ناهي ته گڏوگڏ توهين تلاش ڪندا وڃو فضل پنهنجي رب جو، پوءِ جڏهن هلو عرفات کان ته ياد ڪريو الله کي مشعر الحرام (مزدلفه) وٽ ترسي، ۽ اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جيئن هدايت ڪيل آهي، توهان ماڻهو ته انهيءَ کان اڳي ڀليل هئا. |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
پوءِ جتان سڀ ماڻهو موٽيا آهن توهان به اتان ئي موٽ کائو ۽ الله کان معافي گهرو، يقينًا اهو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن توهان حج جا رڪن ادا ڪري وٺو ته الله جو ذڪر ڪريو جيئن پنهنجي ابن ڏاڏن جو ڪندا هئا پر ان کان به وڌيڪ ذڪر (ان کي ياد ڪندڙ ماڻهن ۾ به فرق آهي) انهن ۾ ڪو چوي ٿو، ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ئي سڀڪجهه ڏي“ اهڙي ماڻهو لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه آهي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ ڪير چوي ٿو ته ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي ڏي ۽ آخرت ۾ ڀي سهڻو نوازجانءِ، ۽ باهه جي عذاب کان بچائجانءِ. |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمائي مطابق (ٻنهي جاين تي) فيض ماڻيندا ۽ الله کي دير نه ٿي لڳي حساب چڪائڻ ۾. |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
الله کي ياد ڪرڻ۾ توهان کي گذارڻ کپن هي ڳڻپ جا ڪجهه ڏينهن، پوءِ جيڪڏهن ڪير جلدي ڪري ٻن ڏينهن ۾ ئي واپس اچي ويو ته ان ۾ به حرج ناهي، ۽ ڪير وڌيڪ ترسي موٽيو ته به حرج ناهي، شرط انهيءَ سان ته اهي ڏينهن هن تقويٰ سان گذاريا، الله جي نافرماني کان بچو ۽ ياد رکو ته هڪ ڏينهن سندس حضور ۾ توهان پيش ٿيندؤ. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
۽ ڪو ته انسانن ۾ اهڙو به آهي جنهن جون ڳالهيون توهان کي دنيا جي زندگيءَ ۾ ڀليون معلوم ٿين ٿيون ۽ پنهنجي نيڪ نيتي تي هو شاهد بڻائي ٿو الله کي وري وري ، پر حقيقت ۾ هو حق جو بدترين دشمن آهي. |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
جڏهن کيس اقتدار ملي ٿو ته زمين تي سندس ڊوڙ ڊڪ ان لاءِ آهي ته فساد پکيڙي، پوکن کي برباد ڪري، نسل انساني تباهه ڪري، جڏهن ته الله (کيس شاهد بڻايو) فساد کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جڏهن کيس چيو وڃي ٿو ته الله کان ڊڄ ته سندس وقار کيس ڄميل رکي ٿو گناهه تي. اهڙي شخص لاءِ ته بس جهنم ئي ڪافي آهي ۽ اهو آهي تمام برو ٺڪاڻو. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
ٻئي طرف انسانن مان ئي ڪو اهڙو به آهي جيڪو پنهنجي جان به کپائي ٿو الله جي رضا لاءِ، ۽ الله بندن تي وڏو مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان پوري جا پورا اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ پيروي نه ڪريو شيطان جي، ڇاڪاڻ ته اهو توهان جو دشمن آهي پڌرو. |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
جيڪي صاف چٽيون هدايتون توهان وٽ اچي چڪيون آهن، اهي حاصل ڪرڻ بعد به توهان ٿڙي ويا، ته پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سڀ تي غالب، حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
(انهن هدايتن بعد به ماڻهو سڌا نه ٿين ته پوءِ) ڇا اهي منتظر آهن ته الله ڪڪرن جي پاڇي ۾ ملائڪن کي ساڻ ڪري سامهون اچي ۽ فيصلو ئي ڪيو وڃي؟ آخرڪار سمورا معاملا پيش ته الله جي ئي حضور ۾ ٿيڻ وارا آهن |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
بني اسرائيل کان پڇو، ڪهڙيون ڪهڙيون کليل نشانيون اسان کين ڏيکاريون آهن (۽ هي به انهن کان پڇو) الله جون نعمتون حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪا قوم انهن کي بدبختي سان بدلي ٿي پوءِ ان کي الله ڪهڙي سخت سزا ڏئي ٿو. |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
جن ماڻهن راهه اختيار ڪئي ڪفر جي، انهن لاءِ دنيا جي زندگي محبوب ۽ وڻندڙ بڻائي وئي آهي اهڙا ماڻهو ايمان جي راهه اختيار ڪندڙن جو مذاق اڏائن ٿا، پر قيامت جي ڏينهن پرهيزگار ماڻهو سندن مقابلي ۾ اعليٰ مقام تي هوندا. الله (دنيا جو رزق، جنهن کي چاهي) بي حساب ڏئي ٿو. |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
شروع ۾ سڀ ماڻهو هڪ ئي طريقي تي هئا (پوءِ اها حالت بدلي ۽ اختلاف ظاهر ٿيا) تڏهن الله بشارت ڏيندڙ نبي موڪليا ۽ غلط راهه هلندڙن کي ڊيڄاريندڙ، ۽ ان سان گڏ ڪتاب نازل ڪيو، سچو حق سان، ته جيئن حق جي باري ۾ ماڻهن ۾ جيڪي اختلاف ٿيا هئا، انهن جو فيصلو ڪري (اختلافن پيدا ٿيڻ جو سبب اهو نه هو ته حق ماڻهن کي ٻڌايو نه ويو هو، نه) اختلاف انهن ماڻهن ڪيو جن کي حق جو علم ڏنو ويو هو (پاڻ ۾ ضد جي ڪري)، انهن روشن هدايت ملڻ کان پوءِ حق کي ڇڏي ٻيا مختلف طريقا ڪڍيا جو اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان زيادتي ڪرڻ گهرن پيا، الله پنهنجي حڪم سان ان حق جو رستو ڏيکاريو، جنهن ۾ ماڻهن اختلاف ڪيو، الله جنهن کي چاهي سڌي راهه ڏيکاري ٿو. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
پوءِ ڇا توهان ماڻهن هي سمجهي ڇڏيو آهي ته توهان کي جنت ۾ ائين داخلا ملي ويندي، جڏهن ته توهان تي اهو گذريو ئي ناهي جيڪو توهان کان اڳي ايمان آڻيندڙن تي گذريو آهي، انهن تي سختيون ٿيون ۽ مصيبتون آيون، ڏڪائي ماريا ويا، ايستائين جو پڪاري اٿيا وقت جو رسول ۽ سندس ساٿي جن ايمان آندو، ته الله جي مدد ڪڏهن ايندي (کين تسلي ڏني وئي ته) ها، الله جي مدد ويجهي آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
ماڻهو (توکان) پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون؟ جواب ڏي ته جيڪو مال به توهان خرچ ڪريو اهو پنهنجي والدين تي، رشتي دارن تي، يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو، ۽ جيڪا به ڀلائي توهان ڪندؤ، الله ان کان باخبر هوندو. |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
توهان کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو توهان کي اڻوڻندڙ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شيءِ توهان کي نٿي وڻي اها ئي توهان لاءِ بهتر هجي، ۽ ٿي سگهي ٿو ڪا شيءِ توهان کي پسند هجي، ۽ اها ئي توهان لاءِ بُري هجي، ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
ماڻهو پڇن ٿا ته حرمت واري مهيني ۾ لڙڻ ڪيئن آهي؟ چؤ (اي رسول)، ان ۾ وڙهڻ (لڙڻ) تمام برو آهي، پر روڪڻ خدا جي راهه کان ۽ الله سان ڪفر ڪرڻ ۽ حرمت واري مسجد جو رستو خدا پرستن تي روڪڻ ۽ حرم ۾ رهڻ وارن کي اتان ڪڍڻ وڌيڪ برو ڪم آهي الله وٽ. ۽ فتنو خونريزي کان وڌيڪ سخت (برو) آهي، هو ته توهان سان لڙندا ئي رهندا ايستائين جو، جي انهن جو وس هلي ته توهان کي توهان جي دين کان ئي ڦيري ڇڏين (اهو خوب سمجهي ڇڏيو ته) جيڪو به توهان مان ڦرندو دين کان ۽ جان ڏيندو ڪفر جي حالت ۾ ته ان جا عمل ضايع ٿي ويندا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ اهڙا سڀ ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه جهنم ۾ ئي رهندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
(ان جي ابتڙ) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن پنهنجا گهر ٻار ڇڏيا الله جي راهه ۾ ۽ جهاد ڪيو، اهي الله جي رحمت جا حقدار آهن ۽ الله سندن ڪوتاهين کي معاف ڪندڙ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
پڇن ٿا ”شراب ۽ جوئا لاءِ ڇا حڪم آهي؟“ چؤ! (اي نبي) انهن ٻنهي شين ۾ وڏي خرابي آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهن لاءِ فائدو به آهي، پر انهن جو گناهه فائدن کان وڌيڪ آهي. ۽ پڇن ٿا توکان اسان الله جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪريون؟ چؤ: جيڪي ضرورت کان وڌيڪ هجي. اهڙيءَ طرح حڪم بيان فرمائي ٿو الله توهان جي لاءِ صاف صاف، شايد توهان وڌيڪ فڪر ڪريو |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا ۾ ۽ آخرت جي لاءِ. ۽ پڇن ٿا يتيمن سان ڇا معاملو ڪجي؟ چؤ: (اي رسول) جنهن معاملي ۾ ڀلائي هجي انهن لاءِ اهو اختيار ڪجي. پنهنجو خرچ انهن سان ملائي رکو ته به اهي توهان جا ڀائر آهن الله تي حال روشن آهي برائي ڪندڙن ۽ ڀلائي ڪرڻ وارن جو، ۽ هن معاملي ۾ الله گهري ها ته توهان تي سختي ڪري ها، پر اهو اختيار وارو هئڻ سان گڏ حڪمت وارو به آهي. |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
۽ توهان مشرڪ عورتن سان هرگز نڪاح نه ڪجو جيستائين اهي ايمان نه آڻين ۽ هڪ مؤمن ٻانهي مشرڪ زاديءَ کان بهتر آهي جڏهن ته اها توهان کي پسند هجي ۽ (پنهنجي عورتن جا نڪاح) مشرڪن سان نه ڪجؤ جيستائين اهي ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن غلام ڀلو آهي مشرڪ زادي کان، ڀلي اهو توهان کي ڏاڍو وڻندو هجي. هي ماڻهو توهان کي باهه ڏي سڏين ٿا ۽ الله توهان کي جنت ڏي سڏي ٿو ۽ مغفرت لاءِ پنهنجي حڪم سان ۽ هو پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو ماڻهن آڏو، مَن اهي سبق ۽ نصيحت وٺن. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ پڇن ٿا: حيض جو ڇا حڪم آهي؟ چؤ: اها هڪ گندگيءَ جي حالت آهي، ان ۾ عورتن کان الڳ رهو ۽ انهن جي ويجهو نه وڃو، جيستائين اهي پاڪ صاف نه ٿين. پوءِ جڏهن پاڪ ٿي وڃن ته انهن وٽ وڃو، اهڙيءَ طرح جيئن الله توهان کي حڪم ڏنو آهي، يقينًا الله پسند ڪري ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي برائي کان بچن ۽ پاڪيزگي اختيار ڪن. |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
توهان جون عورتون توهان جون پوکون آهن، جهڙيءَ طرح چاهيو پنهنجي پوک ۾ وڃو، فڪر ڪريو پنهنجي مستقبل جو (۽ الله جي ناراضگيءَ کان بچو) ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته الله سان توهان کي هڪ ڏينهن ملڻو آهي ۽ اي نبي! خوشخبري ڏي مؤمنن کي (ڪاميابي جي). |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
الله جو نالو اهڙن قسمن کڻڻ لاءِ استعمال نه ڪريو، جن ۾ مقصد نيڪي ۽ تقويٰ ۽ خدا جي بندن جي ڀلائي جي ڪمن ۾ کين روڪڻو هجي، الله توهان جون سڀ ڳالهيون ٻڌي پيو. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
جيڪي بي معنيٰ قسم الله جا بنا ارادي جي کائيندا رهو ٿا، انهن تي پڪڙ نٿو ڪري، پر جيڪي قسم توهان سچيءَ دل سان کڻو ٿا، انهن جو پڇاڻو ضرور ڪندو، ۽ الله وڏو درگذر ڪندڙ بردباد آهي. |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جيڪي ماڻهو قسم کڻن ٿا پنهنجي عورتن سان تعلق نه رکڻ جو، انهن جي لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي، جيڪڏهن انهن رجوع (موٽ) ڪيو ته الله معاف ڪندڙ رحيم آهي. |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جيڪڏهن انهن طلاق تي ئي ضد ڪيو آهي ته کين معلوم هجي ته الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
جن عورتن کي طلاق ڏني وئي هجي، اهي ٽي ڀيرا ماهواري جي ڏينهن اچڻ تائين پنهنجو پاڻ کي روڪين، ۽ انهن جي لاءِ جائز نه آهي ته الله انهن جي رحمن (ڳڀيرڻ) ۾ پيدا ڪيو آهي، ان کي لڪائن، انهن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي، اهي جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون، ۽ انهن جا مڙس تعلقات ٺيڪ ڪرڻ تي آماده هجن ته اهي انهيءَ عدت جي دوران انهن کي وري پنهنجي زال ڪري رکڻ ۾ واپس وٺڻ جا حقدار آهن، عورتن جي لاءِ پڻ ڄاتل طريقي سان اهڙا ئي حق آهن، جهڙا مردن جا حق انهن تي آهن، البته مردن کي انهن تي درجو حاصل آهي، ۽ الله غالب حڪمت وارو داناءُ آهي. |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق ٻه ڀيرا آهي، پوءِ يا ته سڌيءَ طرح عورت کي روڪيو وڃي يا وري چڱي طريقي سان ان کي ڇڏيو وڃي ۽ رخصت ڪرڻ وقت توهان جي لاءِ اهو جائز ناهي ته توهان جو ڪجهه ان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه واپس وٺو. البته اها صورت الڳ آهي ته زال مڙس کي الله جي حدن تي قائم نه رهي سگهڻ جو انديشو هجي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن توهان کي هي خوف هجي ته ٻئي الله جي حدن تي قائم نه رهندا، ته کين هن معاملي ۾ حرج ڪونهي ته عورت مڙس کي ڪجهه معاوضو ڏئي جدا ٿي وڃي، هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، انهن کان اڳتي نه وڌو. جيڪي ماڻهو الله جي حدن کان وڌن ٿا، اهي ئي ظالم آهن. |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ (ٻه ڀيرا طلاق ڏيڻ بعد مڙس زال کي ٽيون ڀيرو) طلاق ڏئي ڇڏي ته اها عورت ٻيهر ان لاءِ حلال نه ٿيندي، سواءِ ان جي ته سندس نڪاح ڪنهن ٻئي شخص سان ٿئي ۽ اهو ان کي طلاق ڏئي، پوءِ پهريون مڙس۽ هي عورت ٻئي سمجهن ته الله جي حدن تي قائم رهندا، ته کين هڪ ٻئي ڏانهن موٽڻ ۾ ڪو نقصان نه آهي. هي الله جون حدون آهن هدايت لاءِ، ٽوڙڻ وارا نتيجو ڄاڻن ٿا. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏئي ڇڏيو ۽ انهن جي عدت پوري ٿيڻ تي اچي، پوءِ يا ته انهن کي سهڻي طريقي سان روڪيو يا بهتر طور کين رخصت ڪري ڇڏيو، فقط ستائڻ لاءِ انهن کي نه روڪجو ڇو ته اها زيادتي هوندي، ۽ جيڪو ائين ڪندو، ته يقينًا اهو پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندو، ۽ نه بڻايو الله جي آيتن کي تماشو ۽ اهو نه وساريو ته الله ڪهڙي نعمت سان توهان کي نوازيو آهي اهو توهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيڪو ڪتاب ۽ حڪمت توهان تي نازل ڪيل آهي، ان جو احترام ڪريو، الله کان ڊڄو ۽ خبردار رهو ته الله کي هر شيءِ جو علم آهي. |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
۽ جڏهن توهان پنهنجي عورتن کي طلاق ڏئي ڇڏيو ۽ اهي پنهنجي عدت پوري ڪن، ته پوءِ انهن کي نه روڪيو ته هو پنهنجي تجويز ڪيل مڙسن سان نڪاح ڪن، جڏهن ته اهي پاڻ ۾ نڪاح ڪرڻ تي راضي آهن ڄاتل طريقي سان، توهان کي نصيحت ٿي ڪجي ته اهڙي حرڪت ڪڏهن نه ڪجؤ اگر توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي. توهان لاءِ سهڻو ۽ پاڪيزه طريقو اهو آهي ته انهن کان پري رهو، الله ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو. |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
جيڪي پيءَ چاهين ته سندن اولاد کير پيئڻ جي پوري مدت کير پيئندا رهن، ته مائرون پنهنجن ٻارن کي مڪمل ٻن سالن تائين کير پيارين، انهيءَ صورت ۾ ٻار جي پيءَ کي انهن کي کاڌو، ڪپڙو ڏيڻو پوندو ڄاتل طريقي سان، پر ڪنهن تي به سندس وسعت کان وڌيڪ بار نه وجهڻ گهرجي، نه ماءُ کي ان سلسلي ۾ تڪليف ۾ وجهڻ گهرجي ته ٻار ان جو آهي ۽ نه پيءَ کي ان باري ۾ تڪليف ڏجي ته ٻار ان جو آهي. کير پياريندڙ ماءُ جو اهو حق جهڙو ٻار جي پيءُ تي آهي اهڙو ئي ان جي وارث تي به آهي، پر جيڪڏهن ٻئي ڌريون رضامندي ۽ مشوري سان کير ڇڏائڻ چاهين ته ائين ڪرڻ ۾ حرج ناهي، پر توهان جو خيال اولاد کي ڪنهن غير عورت کان کير ڏيارڻ جو هجي ته ان ۾ به حرج ڪونهي، پر شرط ان سان ته ڪجهه معاوضو طئي ڪريو، اهو ڄاتل طريقي سان ادا ڪريو. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته جيڪي توهان ڪريو ٿا اهو سڀ الله جي نظر ۾ آهي |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
توهان مان جيڪي ماڻهو مري وڃن، انهن جي پويان جيڪڏهن سندن زالون زنده هجن، ته اهي پاڻ کي چار مهينا ڏهه ڏينهن روڪي رکن، پوءِ جڏهن سندن عدت پوري ٿي وڃي ته انهن کي اختيار آهي، پنهنجي ذات جي باري ۾ جيڪو چاهين اهو ڪن ڄاتل طريقي سان، توهان تي ان جي ڪابه ذميواري ناهي، ۽ الله توهان جي عملن کان باخبر آهي. |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
عدت جي زماني ۾ توهان انهن بيوه عورتن سان مڱڻي جو ارادو اشارن ڪناين ۾ ظاهر ڪريو يا دل ۾ لڪائي رکو، ٻنهي حالتن ۾ ڪوبه حرج ناهي، الله ڄاڻي ٿو ته انهن جو خيال توهان جي دل ۾ نه ايندو، پر ڏسو ڪوبه ڳجهو وعدو نه ڪجؤ ڪابه ڳالهه ڪرڻي آهي ته معروف (ڄاتل) طريقي سان ڪريو ۽ نڪاح ۾ ٻَڌجڻ جو فيصلو ايستائين نه ڪريو، جيستائين عدت پوري نه ٿي وڃي، چڱيءَ طرح ڄاڻو ته الله واقف آهي توهان جي دلين جي حال کان، تنهن ڪري ان کان ڊڄو ۽ اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته يقينًا الله وڏو بردبار آهي (ننڍين ڳالهين کي) درگذر ڪندو آهي. |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
ڪونهي توهان تي ڪو گناهه جيڪڏهن توهان پنهنجي عورتن کي طلاق ڏيو ان کان پهرين جو انهن کي هٿ لڳائڻ جي نوبت اچي يا مهر مقرر ٿئي. اهڙي صورت ۾ انهن کي ڪجهه ڏيڻ ضرور گهرجي، خوشحال ماڻهو پنهنجي سگهه مطابق ۽ غريب پنهنجي حال سارو معروف (ڄاتل) طريقي سان ڏئي، اهو حق آهي نيڪ ماڻهن تي. |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جيڪڏهن توهان هٿ لڳائڻ کان پهرين طلاق ڏني هجي پر مهر مقرر ڪيو ويو هجي ته اهڙي صورت ۾ اڌ مهر ڏنو ويندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت نرمي ڪري (مهر نه وٺي) يا اهو مرد جنهن جي اختيار ۾ نڪاح جو ٻَڌجڻ آهي، نرمي کان ڪم وٺي (پورو مهر ڏي) ۽ توهان (مرد) نرمي ڪريو، ته اها پرهيزگاري وڌيڪ مشابهت رکي ٿي، نه وساريو هڪ ٻئي جي معاملات ۾ فياضي کي، بيشڪ الله توهان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي. |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪريو خاص انهن نمازن جي، جن اندر سڀ چڱايون هجن، الله آڏو ائين بيهو جيئن فرمانبردار غلام. |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
پوءِ بدامني جي حالت هجي ته پيدل هجو يا سوار، جهڙي طرح به هجو، نماز پڙهو ۽ امن اچي ته ياد ڪريو الله کي ان طريقي سان جيڪو هن توهان کي سيکاريو آهي، جنهن کان توهان پهرين ناواقف هئا. |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
۽ توهان مان جيڪي ماڻهو وفات ڪري وڃن ۽ پويان عورتون ڇڏي رهيا هجن، انهن کي گهرجي ته وصيت ڪري وڃن پنهنجي زالن جي حق ۾، هيءَ ته کين هڪ سال تائين کاڌو کارايو ۽ انهن کي گهرن مان نه ڪڍيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن اهي پاڻ هليون وڃن ته اهي پنهنجي ذات جي باري ۾ معروف (ڄاتل) طريقي سان جيڪي ڪن، انهن جي ذميواري توهان تي ناهي، الله غالب اقتدار رکڻ وارو حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ اهڙيءَ طرح جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، کين مناسب طور ڪجهه ڏئي رخصت ڪجي، اهو حق آهي پرهيزگار ماڻهن تي. |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم صاف طور ٻڌائي ٿو، اميد ته توهان سمجهي ڪم ڪندا. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
تو غور ڪيو انهن ماڻهن جي حال تي، جيڪي موت جي خوف کان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي نڪتا هئا ۽ اهي هزارن جي تعداد ۾ هئا، انهن کي فرمايو الله ”مري وڃو.“ پوءِ هن انهن کي ٻيهر زندگي بخشي، حقيقت هيءَ آهي ته الله انسان تي وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي. پر اڪثر ماڻهو شڪر ادا نٿا ڪن. |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
مسلمانؤ! جنگ ڪريو الله جي راهه ۾، ۽ خوب ڄاڻي ڇڏيو ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
توهان مان ڪير آهي جيڪو الله کي سٺو قرض ڏئي، جيئن اهو کيس اهو گهڻي کان گهڻو وڌائي کيس واپس ڪري؟ ۽ الله گهٽائڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ وڌائڻ جو به، ۽ ان ڏي توهان کي موٽڻو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
تو (اي نبي!) انهيءَ معاملي تي به غور ڪيو جيڪو بني اسرائيل کي موسيٰ کان پوءِ پيش آيو هو؟ انهن پنهنجي نبي کي چيو: اسان جي لاءِ مقرر ڪر هڪ بادشاهه جيئن اسين الله جي راهه ۾ جنگ ڪريون، نبيءَ پڇيو: ڪٿي ائين ته نه ٿيندو توهان کي لڙائي جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پوءِ توهان نه وڙهو؟ انهن چيو: ”ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسين نه وڙهون الله جي راهه ۾، جڏهن ته اسان کي پنهنجي گهرن مان ڪڍيو ۽ اسان جا ٻار ٻچا اسان کان جدا ڪيا ويا.“ پر جڏهن انهن کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو ته باقي سڀ پٺي ڏئي ويا هڪ ٿورڙي تعداد کانسواءِ، ۽ الله انهن مان هڪ هڪ ظالم کي ڄاڻي ٿو. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
انهن جي نبي انهن کي چيو ته، بيشڪ الله توهان جي لاءِ مقرر ڪيو آهي طالوت کي بادشاهه، اهو ٻڌي اهي چوڻ لڳا: اسان تي اهو بادشاهه بنجڻ جو حق ڪيئن ٿو رکي؟ ۽ ان جي مقابلي ۾ بادشاهي جا وڌيڪ حقدار اسين آهيون، اهو ته ڪو وڏو مالدار ماڻهو به ناهي. نبيءَ جواب ڏنو: ”الله توهان جي مقابلي ۾ ان کي مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي دماغي ۽ جسماني قسمن جون اهليتون وڌيڪ عطا فرمايون آهن ۽ الله کي اختيار آهي ته پنهنجو ملڪ جنهن کي وڻيس ڏئي،الله وسعت رکي ٿو ۽ سڀڪجهه سندس علم ۾ آهي. |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ سندن نبي کين ٻڌايو ته الله جي طرفان ان جي بادشاهه مقرر ٿيڻ جي نشاني هيءَ آهي ته سندس زماني ۾ اها صندوق توهان کي واپس ملندي جنهن ۾ توهان جي دلي سڪون جو سامان آهي، ۽ جنهن ۾ آل موسيٰ ۽ آلِ هارن جا ڇڏيل تبرڪات آهن ۽ جن کي هن وقت فرشتا سنڀالي رهيا آهن، بيشڪ ان ۾ توهان لاءِ نشاني آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏهن طالوت لشڪر وٺي هليو، ته هن چيو: بيشڪ الله جي طرفان هڪ درياهه تي توهان جي آزمائش ٿيڻ واري آهي، جيڪو ان مان پاڻي پئندو اهو منهنجو ساٿي ناهي، منهنجو ساٿي فقط اهو آهي جيڪو ان مان اڃ نه لاهي. ها! هڪ اڌ ٻڪ پيئي ته پي وٺي. پر سڀني انهيءَ درياهه مان ڍؤ ڪري پيتو سواءِ هڪ ننڍڙي ٽولي جي. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس مسلمان درياهه پار ڪري اڳتي وڌيا ته انهن طالوت کي چئي ڇڏيو ته اڄ اسان ۾ مقابلي جي طاقت نه آهي جالوت ۽ سندس لشڪر سان، پر انهن چيو جن ماڻهن سمجهيو ٿي ته کين هڪ ڏينهن الله سان ملڻو آهي، ڪئين ڀيرا ائين ٿيو آهي ته غالب آيو آهي هڪ ننڍڙو ٽولو وڏي ٽولي تي الله جي حڪم سان، ۽ الله ساٿي آهي صبر ڪرڻ وارن جو. |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
۽ جڏهن اهي جالوت ۽ سندس لشڪرن جي مقابلي ۾ نڪتا، ته انهن دعا گهري: ”اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان جا قدم ڄميل رک ۽ فتح نصيب ڪر اسان کي هن ڪافر ٽولي تي.“ |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
آخرڪار الله جي حڪم سان انهن ڪافرن کي ماري ڀڄايو ۽ داؤد، جالوت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ الله کيس سلطنت ۽ حڪمت سان نوازيو ۽ جن جن شين کي چاهيو انهن جو علم ڏنائين. اگر الله انسانن جي هڪ ٽولي کي ٻئي جي هٿان نه هٽائيندو رهي ها ته زمين جو نظام ڊانوان ڊول ٿي وڃي ها، پر دنيا جي ماڻهن تي الله جو وڏو فضل آهي. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
(هو فساد ٽاري ٿو) هي الله جون آيتون آهن جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون ۽ اي محمد! تون انهن مان آهين جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا آهن. |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
هي رسول (جيڪي اسان جي طرفان انسانن جي هدايت لاءِ مقرر ٿيا) انهن کي مرتبا عطا ڪيا اسان هڪ ٻئي کان وڌيڪ، ڪو اهڙو هو جنهن سان خدا خود هم ڪلام ٿيو انهن مان، ڪنهن کي بلند درجا ڏنا ٻين کان، ۽ (آخر ۾) عيسيٰ ابن (پٽ) مريم کي روشن نشانيون عطا ڪيون ۽ پاڪ روح سان ان جي مدد ڪئي، الله گهري ها ته ممڪن نه هو ته انهن رسولن کان پوءِ جيڪي ماڻهو روشن نشانيون ڏسي چڪا هئا، اهي پاڻ ۾ وڙهن ها پر (الله جي مرضي اها نه هئي ته اهو ماڻهن کي زوري اختلاف کان روڪي تنهنڪري) اختلاف ڪيو انهن پاڻ ۾، پوءِ ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر جي راهه ورتي، ها جي گهري ها الله ته اهي هرگز نه وڙهن ها، پر الله جيڪي گهري ٿو اهو ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي جيڪو ڪجهه مال اسان توهان کي بخشيو آهي، ان مان خرچ ڪريو، ان کان اڳي جو اهو ڏينهن اچي، جنهن ۾ ڪابه خريد وفروخت ڪانه ٿيندي ۽ دوستي ڪم نه ايندي، نه سفارش هلندي، ۽ ظالم اصل ۾ اهي آهن جيڪي ڪفر جي راهه وٺن ٿا. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله هميشه اها زنده رهڻ واري هستي، جيڪا پوري ڪائنات کي سنڀالي رهي آهي، ان کان سواءِ ڪوبه خدا نه آهي، اهو نه سمهي ٿو ۽ نه ان کي اوجهراڪي اچي ٿي، زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ان جو آهي، ڪير آهي جيڪو سفارش ڪري سگهي سندس اجازت کان سواءِ؟ جيڪي آڏو آهي انهن کي به ۽ جو ڪجهه انهن کان لڪل آهي ان کان به واقف آهي. ۽ سندس معلومات مان ڪنهن به شيءِ کي اهي گهيرو ڪري نٿا سگهن، سواءِ ان جي ته ڪنهن شيءِ جو علم هو پاڻ انهن کي ڏيڻ گهري، سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي ڇانيل آهي ۽ انهن جي سنڀال کيس ٿڪائڻ واري نه آهي، بس اها ئي ته بزرگ ۽ مٿاهين ذات آهي. |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين جي معاملي ۾ ڪابه زور زبردستي ناهي، صحيح ڳالهه غلط خيالن کان ڇنڊي ڦوڪي الڳ رکي وئي آهي، هاڻي جنهن طاغوت جو انڪار ڪيو ۽ الله تي ايمان آندو، انهن اهڙو ته مضبوط سهارو پڪڙيو، جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻ وارو ناهي ۽ الله (جنهن جو سهارو ان ورتو) سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي. |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله مددگار آهي ايمان آڻڻ وارن جو، اهو انهن کي اونداهيءَ مان آڻي ٿو روشني ڏي، ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي، سندن مددگار طاغوت آهي، اهي انهن کي روشنيءَ مان گهلي انڌيرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. اهي ماڻهو باهه ۾ وڃڻ وارا آهن، جتي هو هميشه رهندا. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
ڇا تو (اي نبي!) انهيءَ شخص (نمرود) جي حال تي غور نه ڪيو جنهن ابراهيم سان جهيڙو ڪيو؟ جهيڙو انهيءَ ڳالهه تي هو ته ابراهيم جو رب ڪير آهي ۽ انهيءَ ڪري (جهيڙو ڪيو) جو ان شخص کي الله حڪومت ڏني هئي، جڏهن ابراهيم چيو: زندگي ۽ موت منهنجي رب جي اختيار ۾ آهي ته ان چيو: زندگي ۽ موت منهنجي اختيار ۾ آهي، ابراهيم چيو: چڱو الله سج کي اوڀر کان اوڀاري ٿو، تون کڻي ان کي اولهه مان ڪڍي اچ. جنهن تي ششدر رهجي ويو حق جو منڪر ، پر الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي ظالم ماڻهن کي. |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا وري مثال طور ان شخص کي ڏسو، جنهن جو لنگهڻ هڪ اهڙي وستيءَ وٽان ٿيو، جيڪا اونڌي ڪِريل هئي پنهنجي ڇتن تي هن چيو: هن آبادي کي الله وري ڪيئن ٻيهر زندگي بخشيندو جيڪا هلاڪ ٿي چڪي آهي؟ ان تي الله سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ اهو سؤ سالن تائين مرده پيو رهيو پوءِ الله ان کي ٻيهر حياتي ڏني ۽ پڇيو: ڪيترو عرصو رهئين؟ هن چيو: هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو هوندس. فرمايو (الله): توتي هڪ سؤ سال انهيءَ حالت ۾ گذري چڪا آهن. هاڻي ذرا پنهنجي کاڌي ۽ پاڻي کي ڏس، ان ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو آهي. وري ڏس پنهنجي گڏهه ڏانهن (ان جو ڍانچو به ڳريل آهي) ۽ هي اسان بڻائڻ چاهيون ٿا نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس اسان ڪهڙيءَ طرح هڏين جي هن پنڃري کي کڻي ان تي چاڙهيون ٿا گوشت جڏهن حقيقت ان تي ظاهر ٿي ته هن چيو: آءٌ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ اهو واقعو سامهون رهيو جڏهن ابراهيم چيو منهنجا مالڪ! مون کي ڏيکار تون ڪيئن زنده ڪندو آهين مئن کي؟ فرمايائين: ڇا تون ايمان نٿو رکين؟ هن عرض ڪيو ايمان ته رکان ٿو، پر اطمينان ٿو گهران دل جو. فرمايائين: چڱو تون کڻ چار پکي ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ پوءِ انهن جو هڪ هڪ ٽڪر هڪ هڪ ٽڪريءَ تي رک، پوءِ انهن کي پڪار، اهي تو وٽ ڊوڙندا ايندا ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏ ته الله نهايت ئي اقتدار وارو حڪيم آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
مثال وٺ انهن ماڻهن جو جيڪي پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا الله جي راهه ۾، انهن جي خرچ جو مثال ائين آهي جيئن هڪ داڻو پوکيو وڃي ۽ ان مان ست سنگ نڪرن ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا هجن، اهڙيءَ طرح الله جنهن جي به عمل کي چاهي ٿو وڌائي ٿو ۽ الله هٿ جو ڪشادو آهي ڄاڻندڙ به آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جيڪي ماڻهو خرچ ڪن ٿا پنهنجا مال الله جي راهه ۾ ۽ خرچ ڪري پنهنجو احسان نٿا ڄاڻائين، نه ڏک ڏين ٿا، انهن جي لاءِ اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن جي لاءِ ڪنهن به خوف جو موقعو آهي ۽ نه ڪنهن رنج جو. |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
هڪ مٺڙو ٻول ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ ڳالهه تي درگذر ڪرڻ ان خيرات کان بهتر آهي جنهن جي پويان ڏک هجي، ۽ الله بي نياز آهي، بردباري سندس صفت آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، پنهنجي صدقن جو احسان ڄاڻائي ۽ ڏک ڏئي ان شخص وانگر خاڪ ۾ نه ملايو، جيڪو پنهنجو مال فقط ڏيکاءُ لاءِ خرچ ڪري ٿو ماڻهن آڏو ۽ نه الله تي ايمان رکي ٿو ۽ نه ڏينهن آخرت تي، ان جي خرچ جو مثال اهڙو آهي، جيئن هڪ ٽڪري هجي جنهن تي مٽيءَ جو تهه ڄميل هو، ان تي جڏهن زوردار مينهن پيو ته سڄي مٽي وهي وئي ۽ صاف ٽڪري رهجي وئي، نه اهڙن ماڻهن جي خيرات ڪرڻ مان کين ڪا نيڪي ملي ٿي، ۽ الله جو دستور نه آهي ڪافرن کي سڌي رستي ڏيکارڻ جو. |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو خرچ ڪن ٿا پنهنجو مال دل جي اطمينان سان انهن جي خرچ جو مثال ائين آهي جيئن هڪ باغ هجي ڪنهن مٿاهين جاءِ تي. جي زوردار بارش پوي ته ٻيڻو ڦل ڏئي، پر جي زوردار بارش نه به پوي فقط هلڪي بوند به ان جي لاءِ ڪافي آهي ۽ توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، اهو سڀ الله جي نظر ۾ آهي. |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا توهان مان ڪير هي پسند ڪندو ته ان وٽ سرسبز باغ هجي، کجين ۽ انگورن جو ان ۾ نهرون وهندڙ هجن، هر قسم جي ميون سان اهو مڪمل ٽمٽار هجي ۽ عين انهيءَ وقت هڪ تيز جهولي جي زد ۾ اچي اهو لهسجي وڃي، جڏهن ته پاڻ پوڙهو هجي ۽ سندس ننڍڙا ٻار ڪم جي قابل نه هجن، اهڙيءَ طرح الله پنهنجيون ڳالهيون توهان جي سامهون بيان ڪري ٿو، شايد توهان غور وفڪر ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، خرچ ڪريو پاڪ شين مان جيڪي مال توهان ڪمايا آهن ۽ جيڪي اسان ڪڍيا آهن توهان جي لاءِ زمين مان، (ان مان سهڻو حصو الله جي راهه ۾) ائين نه ٿئي ته خراب ۾ خراب شيءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريو ان جي راهه ۾ ڏيڻ جي لاءِ، جي اها توهان کي ڏجي ته هرگز قبول نه ڪندؤ، جي اکيون پورڻيون نه پون، توهان کي معلوم هجي ته بيشڪ الله بي نياز آهي ۽ بهترين صفتن سان ساراهيل آهي. |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان ڊيڄاري ٿو توهان کي غربت کان ۽ ترغيب ڏئي ٿو شرمناڪ راهه اختيار ڪرڻ جي، پر الله توهان کي پنهنجي بخشش ۽ فضل جي اميد ڏياري ٿو، ۽ الله وڏي ڪشادي هٿ وارو داناءُ آهي. |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
حڪمت عطا ڪري ٿو جنهن کي گهري ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي، ان کي حقيقت ۾ وڏي دولت ملي وئي، ۽ انهن ڳالهين مان فقط اهي ماڻهو سبق وٺن ٿا جيڪي سياڻا آهن. |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
۽ توهان جيڪو ڪجهه خرچ ڪيو هجي يا ڪابه باس باسي هجي، ته الله کي ان جو علم آهي، ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي. |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن پنهنجا صدقا ڏيو ظاهري طور ته اهو به چڱو آهي، پر جيڪڏهن لڪائي ڏيو محتاجن کي ته اهو توهان جي حق ۾ وڌيڪ بهتر آهي، توهان جون ڪيتريون ئي برايون انهيءَ طرز عمل سان ڌوپجي وڃن ٿيون ۽ الله توهان جي هر عمل کان باخبر آهي. |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
اي نبي! ماڻهن کي هدايت بخشڻ جي ذميواري توتي نه آهي، پر الله هدايت جنهن کي گهري ان کي بخشي ٿو، ۽ جيڪو مال توهان راهه خير ۾ خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي پنهنجي لاءِ ڀلو آهي، آخر توهان انهيءَ لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا ته الله جو راضپو حاصل ٿئي، ته جيڪو مال توهان راهه خير ۾ خرچ ڪندؤ، ان جو پورو اجر توهان کي ملندو، ۽ توهان جي حق تلفي هرگز نه ٿيندي. |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
اهي ماڻهو آهن مدد جا مستحق خاص طور تي، جيڪي تنگدست آهن جيڪي الله جي ڪم ۾ اهڙا ته وڪوڙجي ويل آهن جو ذاتي ڌنڌي لاءِ زمين ۾ ڊڪ به ڊوڙ ڪري نٿا سگهن، اڻ واقف سمجهن ٿا ته اهي خوشحال آهن، تون سندن چهرن مان اندروني حالت ڄاڻي سگهين ٿو، پر اهي اهڙا نه آهن جيڪي ماڻهن جي پٺيان پئي ڪجهه گهرن، انهن جي مدد ۾ جيڪي ڪجهه توهان خرچ ڪندؤ، اهو الله کان لڪل نه رهندو. |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي ماڻهو پنهنجو مال رات ڏينهن خرچ ڪن ٿا، ڳجهو يا ظاهر، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن خوف جو ۽ نه آهي مقام رنج جو. |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
پر جيڪي ماڻهو وياج کائن ٿا، انهن جو حال ان شخص جهڙو آهي، جنهن کي چريو ڪري ڇڏيو هجي شيطان ڇُهي، انهيءَ حالت ۾ هو چون ٿا: انهن جي مبتلا ٿيڻ جو سبب هي آهي ته واپار به وياج جهڙي شيءِ آهي، جڏهن ته الله واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام، ان ڪري جنهن کي سندس رب وٽان هيءَ نصيحت پهچي ته پوءِ هو وياج خوري کان رڪجي وڃي، پهرين هو جو ڪجهه کائي چڪو سو کائي چڪو، ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو هن حڪم کان پوءِ جاري رکندو، اهو جهنمي آهي جتي هو هميشه رهندا. |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
الله بلڪل ناس ڪري ٿو وياج کي ۽ صدقن کي بلڪل وڌائي ٿو، ۽ الله ڪنهن به بي شڪر بد عمل ماڻهو کي پسند نٿو ڪري. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
ها جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ۽ نيڪ عمل ڪن ۽ قائم ڪن نماز ۽ زڪوٰة ڏين، انهن جو اجر بيشڪ سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ نه رنج جو موقعو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، الله کان ڊڄو ۽ جيڪو توهان جو ماڻهن تي رهجي ويل وياج آهي، اهو ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن واقعي توهان ايمان آندو آهي. |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پر جي توهان ائين ڪيو ته خبردار رهو ته اعلانِ جنگ آهي الله ۽ ان جي رسول طرفان توهان جي خلاف، هاڻي به توبهه ڪريو (وياج ڇڏيو) ته توهان اصل سرمايو وٺڻ جا حقدار آهيو، نه توهان ظلم ڪريو نه توهان تي ظلم ٿيندو. |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
۽ توهان جو قرضدار تنگيءَ ۾ آهي ته آسودگيءَ تائين کيس مهلت ڏيو ۽ جي صدقو ڪريو ته اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي جيڪڏهن توهان سمجهي وڃو. |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ ان ڏينهن جي رسوائي ۽ مصيبت کان بچو جڏهن ته توهان الله ڏانهن واپس ايندؤ، اتي هر شخص کي سندس ڪمايل هر نيڪي ۽ برائيءَ جو بدلو ملي ويندو ۽ ڪنهن تي هرگز ظلم نه ٿيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان قرض جي ڏي وٺ ڪريو ته ان کي ڪنهن مقرر عرصي لاءِ لکندا ڪريو، ٻنهي شخصن جي وچ ۾ هڪ شخص انصاف سان دستاويز لکي، جنهن کي الله لکڻ پڙهڻ جي قابليت ڏئي ان کي لکڻ کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي، اهو لکي ائين جيئن کيس سيکاريو آهي الله، جنهن جي ذمي اهو حق آهي (يعني قرض وٺڻ وارو) ۽ ان کي (الله)، سندس رب کان ڊڄڻ گهرجي ۽ جيڪو به معاملو طئي ٿيو آهي، ان ۾ ڪابه ڪمي بيشي نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو پاڻ نادان يا ڪمزور هجي، يا لکرائي نه سگهي، ته سندس ولي وارث اهو انصاف سان لکرائي، پوءِ پنهنجي مردن مان شاهدي ٻن ماڻهن جي لکرايو، پر جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون هجن، جيئن هڪ وساري ويهي ته ٻي ان کي ياد ڏياري. هي شاهد اهڙن ماڻهن مان هجن جن جي شاهدي توهان وٽ مقبول هجي. شاهدن کي جڏهن شاهدي ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ته شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ نه گهرجي، معاملو ڀلي ننڍو هجي يا وڏو، وقت مقرر ڪرڻ سان گڏ ان جو دستاويز لکرائڻ ۾ سُستي نه ڪريو، هي طريقو الله وٽ توهان لاءِ انصاف وارو آهي، ان مان شاهدي ثابت ٿيڻ جي سهوليت آهي، ۽ توهان جو شڪ ۾ پوڻ جو امڪان گهٽجي ٿو. ها، واپار جي ڏي وٺ توهان ماڻهو پاڻ ۾ ڪريو ٿا، ان کي نه لکيو وڃي ته ڪو حرج نه آهي، پر واپاري معاملي طئي ڪرڻ وقت شاهد ڪندا ڪريو ۽ ستايو نه وڃي لکندڙ توڙي شاهد کي، ائين ڪندؤ ته پوءِ ضرور گنهگار ٿيندؤ. ۽ الله کان ڊڄو، ۽ توهان کي صحيح طريقي جي تعليم ڏئي ٿو الله، ۽ الله کي هر شيءِ جو علم آهي. |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
جيڪڏهن توهان سفر جي حالت ۾ آهيو ۽ دستاويز لکڻ لاءِ ڪو ڪاتب نه آهي ته ڳهه گروي رکڻ سان معاملو طئي ڪريو، جي توهان مان ڪو ماڻهو ٻئي تي ڀروسي سان معاملو طئي ڪري جنهن تي ڀروسو ڪيل آهي، ان کي گهرجي ته امانت ادا ڪري ۽ الله پنهنجي رب کان ڊڄي ۽ نه لڪائي هرگز شاهدي، جيڪو (شاهدي) لڪائي ٿو گناهه ۾ ٻڏل آهي ان جي دل، ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ۽ توهان ظاهر ڪريو پنهنجي دل جون ڳالهيون يا لڪايو، انهن جو حساب بهرحال الله توهان کان وٺندو، پوءِ معاف ڪري ته کيس اختيار آهي جنهن کي گهري ۽ جنهن کي گهري سزا ڏئي، ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو. |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
ايمان آندو آهي رسول انهيءَ هدايت تي جيڪا سندس رب طرفان مٿس نازل ٿي آهي، ۽ ايمان وارن پڻ تسليم ڪيو آهي، جيڪي الله ۽ فرشتن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن کي مڃن ٿا ۽ انهن جو قول آهي ته اسان الله جي رسولن کي هڪ ٻئي کان الڳ نٿا ڪريون، ۽ اسان حڪم ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي، اسان توکان بخشش جا طالب آهيون ۽ اسان کي تو ڏي ئي موٽڻو آهي. |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
نه وجهندو آهي بار الله ڪنهن به جاندار تي سندس وِت کان وڌيڪ ذميواريءَ جو، جنهن شخص جا نيڪي ڪمائي ان جو ڦل ان لاءِ ۽ جا برائي ڪئي، ان جو وبال به ان تي، (ايمان آڻڻ وارؤ! هيئن دعا گهرو ”اي اسان جا رب! اسان کان ڀُل چڪ۾ جي گناهه ٿين، ته انهن تي پڪڙ نه ڪر. مالڪ! اسان تي اهو بار نه وجهه جيڪو تو اسان کان پهرين ماڻهن تي وڌو هو. پروردگار! جنهن بار کڻڻ جي اسان ۾ طاقت نه آهي، اهو بار اسان تي نه رک، ۽ اسان سان نرمي ڪر، اسان کي معاف ڪر، اسان تي رحم ڪر تون اسان جو مولا آهين، اسان جي مدد ڪر ڪافرن جي مقابلي ۾. |