كهيعص (آيت : 1) |
ﵳ (ڪاف ـ هاـ ياـ عين ـ صاد) |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
بيان آهي انهيءَ رحمت جو جيڪا تنهنجي رب پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪئي هئي |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن هن پنهنجي رب کي دل ۾ سڏيو |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
عرض ڪيائين: "اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏا به ڳري ويا آهن ۽ ڪراڙپ جي ڪري مٿو به اڇو ٿي ويو آهي، مان توکان دعا گهري ڪڏهن به بي نصيب نه ٿيو آهيان |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
مان پنهنجي پويان پنهنجي برادريءَ وارن جي خرابين کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي، تون مونکي پنهنجي خاص فضل سان ڪو وارث عطا ڪر |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جيڪو منهنجو به وارث بڻجي ۽ يعقوب جي اولاد جي ميراث به ماڻي ۽ اي رب! اهو سڀني کي وڻندڙ انسان بنائجانءِ " |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(ورندي مليس) "اي زڪريا! اسان توکي هڪڙي پٽ جي بشارت ڏيون ٿا، جنهن جو نالو يحيٰ هوندو، اسان ان نالي وارو ماڻهو هن کان اڳ پيدا نه ڪيو آهي." |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
عرض ڪيائين: "پالڻهار! ڀلا مونکي پٽ ڪيئن ٿيندو، جڏهن جو منهنجي زال به سنڍ آهي ۽ مان پاڻ به جهور ڪراڙو ٿي ويو آهيان؟" |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
ورندي مليس: "ائين ٿي رهندو. تنهنجو رب فرمائي ٿو ته اهو منهنجي لاءِ آسان آهي، آخر هن کان اڳ مان توکي به ته پيدا ڪري چڪو آهيان، جڏهن ته تون ڪا شيءِ نه هئين". |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
زڪريا چيو: "رب منهنجا! ڀلا مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر". فرمايائين: "تنهنجي لاءِ نشاني اها آهي ته تون ساندهه ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين". |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ هو حجري مان نڪري پنهنجي قوم جي سامهون آيو ۽ کين اشارن سان هدايت ڪيائين ته صبح شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
"اي يحيٰ! الله جي ڪتاب کي سوگهو ڪري جهل". اسان کيس ننڍپڻ ۾ ئي (صحيح) فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت سان نوازيو هو |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پنهنجي طرفان کيس نرم دلي ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو ڏاڍو پرهيزگار هو |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جا حق ادا ڪندڙ هو ۽ ڪنهن سان ڏاڍ ڪندڙ نه هو ۽ نه نافرمان هو |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
مٿس سلام هجي، جنهن ڏينهن جو هو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن هو مري وڃي ۽ جنهن ڏينهن هو وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃي |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ اي نبي! هن ڪتاب ۾ مريم جو احوال بيان ڪر، جڏهن هوءَ پنهنجن ماڻهن کان پاسيرو ٿي اوڀر پاسي وئي |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
کانئن پردو ڪري لڪي ويٺي هئي. تڏهن اسان وٽس پنهنجي روح (فرشتي) کي موڪليو، جيڪو سندس سامهون مڪمل انسان جي صورت ۾ آيو |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم کيس چيو ته "جيڪڏهن تون الله کان ڊڄندڙ آهين ته مان توکان رحمان جي پناهه ٿي وٺان." |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
هن چيو ته "مان ته تنهنجي رب جو موڪليل آهيان ۽ ان لاءِ موڪليو ويو آهيان ته توکي هڪڙو پاڪ ٻار ڏيان". |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
مريم چيو: "مونکي ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته مونکي ڪنهن انسان هٿ ئي نه لاتو آهي ۽ نه مان ڪا بدڪار عورت آهيان". |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
فرشتي چيو: ائين ٿي رهندو، تنهنجو رب فرمائي ٿو ته ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام آسان ڳالهه آهي ۽ ائين اسان ان ڪري ڪنداسون ته ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بڻايون ۽ پنهنجي طرفان رحمت به ۽ اهو ڪم ضرور ٿيڻو آهي |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ مريم کي اهو ٻار ٿي ويو ۽ هوءَ ان کي پيٽ ۾ سانڍيو هڪ ڏورانهين هنڌ هلي ويئي |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ويم جي سورن کيس ڇڪي وڃي کجيءَ جي وڻ جي ٿـُـڙ وٽ پهچايو. چوڻ لڳي: "جيڪر ته مان اڳيئي مري وڃان ها ۽ منهنجو ڪو نالو نشان ئي نه بچي ها". |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
فرشتي پيرانديءَ کان سڏي چيس: "دل نه لاهه، تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪڙو چشمو وهائي ڇڏيو آهي |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ تون کجيءَ جي ٿـڙ کي ته لوڏي ڏس، تنهنجي مٿان تازيون کارڪون ڇڻي پونديون |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ تون کاءُ ۽ پيءُ ۽ اکيون ٺار. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نظر اچيئي ته چئجانس ته مان رحمان لاءِ روزي جي باس باسي آهي، تنهنڪري اڄ مان ڪنهن سان به نه ڳالهائينديس |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ هوءَ اهو ٻار کڻي پنهنجيءَ قوم ۾ آئي، ماڻهو چوڻ لڳس: "اي مريم! هيءُ ته وڏو ڏوهه ڪيو اٿيئي |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ، نڪي تنهنجو پيءُ ڪو خراب ماڻهو هو ۽ نه تنهنجي ماءُ ئي ڪا بدڪار هئي". |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
مريم ٻار ڏانهن اشارو ڪين. ماڻهن چيو: اسان ان سان ڇا ڳالهايون، جيڪو اڃان ته پينگهي ۾ پيل هڪ ٻار آهي؟" |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
ٻار چوڻ لڳو: "مان الله جو ٻانهو آهيان، هن مونکي ڪتاب ڏنو آهي ۽ نبي بڻايو اٿائين |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ مونکي برڪت وارو ڪيو اٿائين. جتي به کڻي مان هجان ۽ نماز ۽ زڪوات جي پابنديءَ جو حڪم ڏنو اٿائين، جيستائين جيئرو هجان |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ هن مونکي پنهنجيءَ ماءُ جا حق ادا ڪرڻ وارو بڻايو آهي ۽ مون کي ڪنهن سان به ڏاڍ ڪندڙ ۽ سرڪش بدبخت نه بڻايو اٿائين |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
سلام آهي مون تي جڏهن مان پيدا ٿيس ۽ جڏهن مان مرندس ۽ جڏهن مان وري جيئاري کڙو ڪيو ويندس". |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو اٿوَ عيسيٰ پٽ مريم جو ۽ اها اٿوَ ان جي باري ۾ اصلي سچي ڳالهه، جنهن بابت ماڻهو پيا ٿا شڪ ڪن |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
الله کي اها ڳالهه نه سونهندي آهي ته هو ڪنهن کي پٽ بڻائي. هن جي ذات پاڪ آهي. هو ته جڏهن به ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪندو آهي ته بس ايترو چوندو آهي ته ٿيءُ، ته اها ٿي پوندي آهي |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
(۽ عيسيٰ چيو هو ته) الله ته منهنجو به رب آهي ۽ توهان جو به رب، سو توهان انهيءَ جي ئي ٻانهپ ڪريو، اهوئي سڌو رستو اٿوَ". |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پر پوءِ جدا جدا ٽولا پاڻ ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا، سو جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ اهو وقت ڏاڍي تباهيءَ جو ٿيندو، جڏهن هو هڪڙو وڏو ڏينهن ڏسندا |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جڏهن هو اسان جي آڏو اچي حاضر ٿيندا، ان ڏينهن ته ڪن به ڏاڍا سرلا هوندن ته اکيون به ڏسڻ جون ڏاڍيون تيز. پر اڄ ته اهي ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهن |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
اي نبي! انهيءَ حالت ۾ جڏهن اهي ماڻهو غفلت ۾ آهن ۽ ايمان نٿا آڻين، کين ان ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن فيصلو ڪيو ويندو ۽ سواءِ پڇتاءَ جي ٻيو ڪو چارو نه هوندو |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
تڏهن اسان ئي زمين ۽ سندس سمورين شين جا وارث هونداسون ۽ سڀئي اسان ڏانهن ئي موٽائي آندا ويندا |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ هن ڪتاب ۾ ابراهيم جو قصو بيان ڪر، بلاشڪ هو هڪ سچار انسان ۽ نبي هو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
(انهن کي اهو وقت ياد ڏيار) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو هو ته "اي ابا! ڇو ٿو انهن شين جي عبادت ڪرين جيڪي نڪي ٻڌن ٿيون نه ڏسن ٿيون ۽ نه تنهنجو ڪو ڪم ئي ڪري سگهن ٿيون؟ |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
بابا سائين! مون وٽ هڪ اهڙو علم آيو آهي، جيڪو تو وٽ نه آيو آهي. تون منهنجي پيروي ڪر، مان توکي سڌو رستو ڏيکاريندس |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
منهنجا ابا، شيطان جي بندگي نه ڪر، شيطان ته رحمان جو بي فرمان آهي |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
ابا! مون کي ڊپ آهي ته متان توکي رحمان جو عذاب نه سٽي رکي ۽ تون به شيطان جو سنگتي بڻجي وڃين". |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
پڻس چيو: "ابراهيم! ڇا تون منهنجي معبودن کان ڦري ويو آهين؟ جيڪڏهن باز نه آئين ته مان توکي سنگسار ڪري ڇڏيندس. بس تون مون کان هميشه لاءِ جدا ٿي وڃ". |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
ابراهيم ورندي ڏني: "توتي سلام هجي، مان پنهنجي رب کان دعا گهرندس ته توکي معاف ڪري ڇڏي، منهنجو رب ته مون تي ڏاڍو مهربان آهي |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
مان توهان کي به ڇڏيان ٿو ۽ انهن کي به جن کي توهان الله کي ڇڏي پڪاريو ٿا، مان ته پنهنجي رب کي ئي پڪاريندس. اميد ته مان پنهنجي رب کي سڏي محروم نه رهندس". |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن هو انهن ماڻهن کان ۽ انهن کان جن کي هو الله جي بدران پيا سڏيندا هئا، ڌار ٿي ويو ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب جهڙي اولاد عطا ڪئي ۽ هرهڪ کي نبي بڻايوسين |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ پنهنجيءَ رحمت سان نوازيوسين ۽ کين سچو ناماچار عطا ڪيوسين |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ هن ڪتاب ۾ موسيٰ جو بيان ڪر، هو هڪ چونڊيل شخص هو ۽ رسول نبي هو |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
اسان کيس طور (جبل) جي ساڄي پاسي کان سڏ ڪيو هو ۽ راز جي ڳالهين سان کيس قرب عطا ڪيو هو |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ پنهنجي مهربانيءَ سان سندس ڀاءُ هارون کي به نبي بڻائي کيس (مددگار ڪري) ڏنو هئوسون |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ هن ڪتاب ۾ اسماعيل جو به بيان ڪر، هو وعدي جو سچو هو ۽ رسول نبي هو |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ پنهنجي رب وٽ تمام عزت وارو انسان هو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ هن ڪتاب ۾ ادريس جو به بيان ڪر، هو هڪڙو سچار انسان ۽ هڪ نبي هو |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
اسان کيس اوچي ماڳ تي کڻي ورتو هو |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اِهي اٿوَ اهي پيغمبر جن تي الله انعام فرمايو، آدم جي اولاد مان ۽ وري انهن ماڻهن جي نسل مان جن کي اسان نوح سان گڏ ٻيڙيءَ تي سوار ڪيو هو ۽ پڻ ابراهيم جي نسل مان ۽ اسرائيل (يعقوب) جي نسل مان. ۽ اهي انهن ماڻهن مان هئا، جن کي اسان هدايت بخشي هئي ۽ چونڊيو هو. انهن جي حالت اها هوندي هئي ته جڏهن رحمان جون آيتون کين ٻڌايون وينديون هيون ته روئندي سجدي ۾ ڪري پوندا هئا |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پر پوءِ انهن کان بعد اهڙا نالائق سندن جاءِ نشين بڻيا، جن نماز کي ڇڏيو ۽ نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳا، سو سگهوئي هو گمراهيءَ جو نتيجو پــَـسندا |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
باقي جيڪي توبه تائب ٿين ۽ ايمان آڻن ۽ نيڪ عمل ڪن اهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن تي ٿورو به ظلم نه ڪيو ويندو |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
انهن لاءِ هميشه قائم رهندڙ جنتون آهن، جن جو رحمان پنهنجن بندن سان اڻ ڏٺيءَ حالت ۾ وعدو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو وعدو ضرور پورو ٿيڻو آهي |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اتي هو ڪا به واهيات ڳالهه نه ٻڌندا، باقي رڳو چڱائي ئي چڱائي ٻڌندا ۽ سندن رزق کين صبح شام پيو ملندو رهندو |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
اها آهي اها جنت، جنهن جو وارث پنهنجن بندن مان اسان ان کي بڻائينداسون، جيڪو پرهيزگار ٿي رهيو هوندو |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
(ملائڪن چيو) اي نبي! اسان تنهنجي رب جي حڪم کان سواءِ نازل نه ٿيندا آهيون، جيڪي ڪجهه اسان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي پويان آهي ۽ جيڪي ڪجهه ان جي وچ ۾ آهي، هر شيءِ جو مالڪ اهوئي آهي ۽ تنهنجو رب ڪو وسارڻ وارو ناهي |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
هو رب آهي آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن، تنهنڪري تون ان جي ٻانهپ ڪندو ڪر ۽ سندس ٻانهپ تي ثابت قدم ٿي بيهه. ڇا تنهنجي ڄاڻ ۾ ڪا اهڙي هستي آهي جا سندس مــَـٽُ هجي؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
انسان چوي ٿو ته جڏهن مان مري ويندس ته پوءِ وري جيئرو ڪري ڪڍيو ويندس ڇا؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان کي اهو ياد نٿو اچي ته اسان ته اڳ به کيس پيدا ڪري چڪا آهيون، جڏهن هو ڪا شيءِ نه هو؟ |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
تنهنجي رب جو قسم! اسان ضرور انهن سڀني کي ۽ انهن سان گڏ شيطانن کي به ميڙي آڻينداسون، پوءِ جهنم جي چوڌاري آڻي کين گوڏن ڀر ڦٽو ڪنداسون |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ هر ٽولي مان هر اهو شخص چونڊي ڌار ڪنداسون، جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ سرڪشيءَ ۾ سڀني کان زور هوندو هو |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ اهو اسانکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته انهن مان ڪير جهنم ۾ پوڻ جو سڀني کان وڌيڪ لائق آهي |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
توهان مان ڪوبه اهڙو نه آهي، جيڪو جهنم تي نه اچي، اها ته طئي ٿيل ڳالهه آهي، جنهن جو پورو ڪرڻ تنهنجي رب تي لازم آهي |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ اسان انهن ماڻهن کي بچائي وٺنداسون، جيڪي (دنيا ۾) پرهيزگار هئا ۽ ظالمن کي ڇڏي ڏينداسون ته منجهس اونڌا ڪريا پيا هجن |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
انهن ماڻهن کي جڏهن اسان جون چٽيون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته نه مڃڻ وارا ايمان وارن کي چون ٿا ته ٻڌايو ته اسان ٻنهي ٽولن مان ڪير بهتر حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن جون ڪچهريون وڌيڪ شاندار آهن؟" |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
حالانڪه هن کان اڳ اسان ڪيترين ئي اهڙين قومن کي تباهه ڪري چڪا آهيون، جيڪي مال متاع توڙي ڏيکاءَ ۾ هنن کان واڌاريون هيون |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
چوين ته جيڪو ماڻهو گمراهيءَ ۾ پئجي ويندو آهي، ان کي رحمان ڍر ڏيندو آهي، تان جو جڏهن اهڙا ماڻهو اها شيءِ ڏسي وٺندا آهن، جنهن جو ساڻن وعدو ڪيل هوندو آهي، پوءِ اهو خدائي عذاب هجي يا قيامت جي گهڙي، تڏهن وڃي پتو پوندو اٿن ته حالت ڪنهن جي خراب آهي ۽ ڪنهن جو لشڪر ڪمزور آهي |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
ٻئي طرف جيڪي ماڻهو سڌيءَ راه تي هلندا آهن، الله انهن کي سڌي واٽ تي هلڻ ۾ اڃان به وڌائيندو آهي ۽ پٺيان قائم رهندڙ نيڪيون ئي تنهنجي رب وٽ ثواب ۽ انجام جي خيال کان ڀليون آهن |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
پوءِ ڏٺئي نه انهيءَ شخص کي، جيڪو اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته مان ته پيو مال ۽ اولاد سان نوازيو ويندس |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا ان کي غيب جو پتو پئجي ويو آهي؟ يا رحمان کان ڪو وعدو وٺي ڇڏيو اٿائين؟ |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
هرگز نه، جيڪا لٻاڙ هڻي ٿو، ان کي اسان لکي ڇڏينداسون ۽ سندس سزا کي اڃان به ڊگهو ڪري ڇڏينداسون |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
جنهن مال مڏين ۽ نوڪرن چاڪرن جي ڳالهه ٿو ڪري، اهو سڀ اسان وٽ رهجي ويندو ۽ هو اڪيلو اچي اسان جي آڏو پيش ٿيندو |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
انهن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجو معبود بڻايو آهي، ته هو ڪو سندن واهر وسيلا بڻبا |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
ائين نه ٿيندو، هو سڀئي سندن عبادت جو انڪار ڪندا ۽ اٽلندو سندن مخالف بڻجي ويندا |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
ڏسو نٿا ته اسان حق جي منڪرن کي شيطان بڇي ڇڏيا آهن، جيڪي کين گهڻي کان گهڻو (حق جي مخالفت تي) ڀڙڪائيندا رهن ٿا؟ |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
سو تون مٿن عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ نه ڪر، اسان ته پيا ٿا سندن ڏينهن ڳڻيون |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
ڄاڻ آيو اهو ڏينهن جڏهن پرهيزگارن کي اسان مهمانن وانگر رحمان جي آڏو پيش ڪنداسون |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ ڏوهارين کي اڃايل ڌڻ وانگر جهنم ڏانهن هڪلي آڻينداسون |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
ان وقت ماڻهو ڪابه سفارش نه آڻي سگهندا، سواءِ ان جي جنهن جو رحمان کان ڪو عهد ورتل هوندو |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
هو چون ٿا ته رحمان ڪنهن کي پٽ بڻايو آهي |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
ڪهڙي نه واهيات ڳالهه ٺاهي آيا آهيو |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
اجهو ٿا آسمان ڦاٽي پون، زمين ڏري پوي ۽ جبل ڀـُـري ڪري پون |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
انهيءَ ڳالهه سببان جو انهن رحمان (ٻاجهاري الله) لاءِ اولاد هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
رحمان جو ته اهو شان ئي ناهي، جو هو ڪنهن کي پٽ بڻائي |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
جيڪي به آسمانن توڙي زمين ۾ آهن، سڀئي رحمان جي آڏو ٻانهن جي حيثيت ۾ اچي حاضر ٿيڻا آهن |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
هن ته سڀني کي وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ کين چڱيءَ طرح ڳڻي ڇڏيو اٿائين |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
سڀئي قيامت جي ڏينهن هڪ هڪ ٿي اچي سندس سامهون حاضر ٿيندا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ عمل صالح ڪيا اٿائون، ستت ئي رحمان انهن لاءِ دلين ۾ محبت پيدا ڪندو |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
تنهنڪري اي نبي! اسان هن ڪلام کي آسان بڻائي تنهنجي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ نازل ڪيو آهي ته جيئن تون پرهيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ هٺيلن کي ڊيڄارين |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
هنن کان اڳي ڪيترين ئي قومن کي اسان تباهه ڪري چڪا آهيون، پوءِ ڀلا اڄ انهن مان ڪنهن جي ڪا نشاني ڏسين ٿو يا انهن جو ڪو ڀڻڪو به ٻڌين ٿو |