كهيعص (آيت : 1) |
ڪهيعص |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
هي تنهنجي پروردگار جي رحمت جو بيان آهي جا (خدا) پنهنجي خاص بندي زڪريا تي ڪئي هئي. |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳجهيءَ طرح سڏيو. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
(۽) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏ، ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ مٿي جو ٻڍائڻ چمڪيو آهي (اڇو ٿي ويو) ۽ اي منهنجا پالڻهار! آءُ تنهنجي بارگاھ ۾ دعا ڪندي (ڪڏهين به) محروم نٿو آهيان. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ آءُ پاڻ (مرڻ بعد) پنهنجي وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال (ام ڪلثوم بنت عمران) سنڍ آهي، سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر. |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پروردگار! پسند ڪيل بناءِ |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
خدا فرمايو اي زڪريا! اسين تو کي هڪ نينگر جي خوش خبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحيى هوندو. (۽) هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
زڪريا عرض ڪيو: يا خدا! (ڀلا) مون کي ڪئين ڇوڪرو ٿيندو جڏهن منهنجي زال سنڍ آهي ۽ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
(خدا) فرمايو ته، ائين ئي ٿيندو تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته اها ڳالھ اسان لاءِ (ڪا ڏکي نه آهي پر بلڪل) آسان آهي. (۽) تون پاڻ ڏي ته خيال ڪر جو هن کان اڳ تو کي پيدا ڪيوسين (جڏهن) تون ڪجھ به نه هئين. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
زڪريا عرض ڪيو خداوندا! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! حڪم ٿيو، تنهن جي نشاني هي آهي ته تون برابر ٽي راتيون (۽ ڏينهن) ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ پنهنجي قوم ڏي (عبادت جي) محراب مان (کين هدايت ڏيڻ لاءِ) نڪتو ته کين اشاري سان چيائين صبح ۽ شام (ساندھ) ان جي تسبيح (۽ تقديس) ڪندا رهو. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
(آخر يحيى پيدا ٿيو ته اسان کين چيو ته) اي يحيى ڪتاب (تورات) مضبوطي سان وٺ! ۽ اسان کيس ننڍ پڻ ۾ ئي حڪم (نبوت) عطا ڪئي. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ رحم دلي ۽ پاڪيزگيءَ عطا فرمائي ۽ اهو پاڻ به پرهيزگار، |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
۽ (اسان جي طرفان) مٿس هميشه سلام آهي، جنهن ڏينهن پيدا ٿيو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن (ٻيو ڀيرو) جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ (اي رسول!) قرآن ۾ مريم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. جو جڏهن اها پنهنجن ماڻهن کان پاسي، اڀرندي واري جاءِ ۾ (وهنجڻ لاءِ) وڃي ويٺي. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. ته اسان ان ڏي پنهنجو روح (جبرائيل) کي موڪليو ته اهو ان جي اڳيان سهي سالم ماڻهو جي صورت ۾ اچي بيٺو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
(اها ان کي ڏسي گهبرائجي وئي ۽ کيس) چيائين: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءُ تو کان خدا جي پناھ گهران ٿي. (مون کان ٽري وڃ!). |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
(جبرائيل) چيس ته آءُ تنهنجي پالڻهار جو موڪليل (فرشتو) آهيان ته تو کي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
(مريم) چيس ته مون کي ڇوڪرو ڪئين ٿيندو! هوڏانهن مون کي ڪنهن (مرد) آدمي هٿ به لاتو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
(جبرائيل) چيو ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته اها ڳالھ (سواءِ پيءُ جي ٻار پيدا ڪرڻ) مون تي اسان آهي ته جيئن ان کي (پيدا ڪري) ماڻهن لاءِ پنهنجي (قدرت جي) هڪ نشاني مقرر ڪري ۽ خاص رحمت (جو ذريعو) ڪريان. ۽ اها ڳالھ طي ٿيل آهي. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
مطلب ته (پٽ) سان اها پنهنجو پاڻ حامله ٿي پئي. پوءِ ان سبب ڪري ماڻهن کان پر ڀري جدا رهي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
(پوءِ جڏهن ويم جو وقت ويجهو آيو) ته کيس ويم جي سور (هڪ سڪل) کجي جي ٿڙ ڏي نيو. ۽ (لاچار ٿي شرم کان) چوڻ لڳي ته جيڪر ان کان اڳ مران ها ۽ ڀلايل وسري ويل هجان ها. |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
تڏهن (جبرائيل، کيس پيراندي کان آواز ڏنو ته غم نه ڪر! تنهنجي رب تنهنجي (ڀرسان) هيٺ هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ کجي جي ٿر کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته تو تي تازيون پڪيون خارڪون ڪرنديون. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ (ٻار ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر پوءِ ماڻهن مان جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسين ۽ (اهو تو کان ڪجھ پڇي) ته تون (اشاري سان) چئجانءِ ته مون خدا ڪارڻ روزو باسيو هو سو آءُ اڄ ڪنهن به ماڻهو سان نه ڳالهائينديس. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ (مريم) ان ٻار کي پنهنجي قوم وٽ کڻي آئي. انهن ماڻهن (ٻار کي ڏسي) چيو ته اي مريم تو ته پڪ هي تمام بڇڙو ڪم ڪيو آهي. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ نه تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو هو، ۽ نه تنهنجي ماءُ (ئي) بدڪار هئي. (هي تو ڇا ڪيو). |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
ته مريم ان ٻار ڏي اشارو ڪيو (ته جيڪي پڇڻو هجيو ته هن کان پڇو) انهن چيو (ڀلا اسين هنج جي ٻار سان ڪئين ڳالهايون؟ |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
(تنهن تي ان ٻار خدا جي قدرت سان) چيو ته آءُ خدا جو عبد آهيان. مون کي ڪتاب (انجيل) ڏنو اٿس، ۽ مون کي نبي ڪيو اٿس. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ جتي به آءُ هجان اتي مون کي برڪت وارو ڪيو اٿس، جيستائين آءُ جيئرو آهيان تيستائين مون کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ مون کي منهنجي ماءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو (ڪيو اٿس) ۽ (الحمد لله جو) مون کي سرڪش بدبخت نه ڪيو اٿس. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ پڻ (خدا جي طرفان) جنهن ڏينهن آءُ ڄايس ۽ جنهن ڏينهن آءُ مرندس مون تي سلام آهي ۽ جنهن ڏينهن مون کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اها آهي مريم جي پٽ عيسى جي بلڪل سچي ڳالھ جنهن بابت اهي ماڻهو (ناحق) شڪ ڪن ٿا. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
ڪنهن به ريت اهو خدا جي لائق نه آهي ته (اهو ڪنهن کي) پٽ بڻائي اهو پاڪ پاڪيزه آهي جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ٿي! اهو ٿي پويٿو. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا منهنجو (به) پالڻهار آهي ۽ توهان جو به، ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو، اها ئي (توحيد) سڌو رستو آهي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
(۽ اهو دين عيسى آندو هو) پوءِ (ڪافرن جي) جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي (خدا وٽ) وڏي خرابي آهي. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندا تنهن ڏينهن ڪهڙا نه چڱا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿيندا! پر اڄ ته نافرمان ماڻهو ظاهر گمراهي ۾ آهن. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ (اي رسول!) تون کين پشيمانيءَ (۽ افسوس) جي ڏينهن کان ڊيڄار جنهن ڏينهن قطعي فيصلو ڪيو ويندو. ۽ (هاڻي ته) هي ماڻهو غفلت ۾ (پيا) آهن ۽ ايمان نٿا آڻن. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
بيشڪ اسين (هڪ ڏينهن) زمين ۽ جيڪي مٿس آهي (تنهن جا) اسان ئي وارث ٿينداسون (۽ سڀ فنا ٿيندو) ۽ سڀني کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ (اي رسول!) ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جڏهن ان، پنهنجي (چاچي ۽ رسمي) پيءُ کي چيو هو ته اي ابا! جا شيءِ (بت) نه ٻڌي ٿو ۽ نه ڏسي ٿو ۽ اهو تو کي ڪجھ به ڪم نه ايندو تنهن کي تون ڇو ٿو پوڄين؟ |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اي منهنجا پيءُ! مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جو تو وٽ نه آيو آهي. سو منهنجي پيروي ڪر ته تو کي (دين جي) سڌي راھ ڏيکاريان. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي عبادت نه ڪر ڇو ته بيشڪ شيطان، خدا جو نافرمان (بندو) آهي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اي منهنجا پيءُ! مان ڊڄان ٿو ته متان وڏي مهربان (الله) جي طرفان تو تي ڪو عذاب اچي پوي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پوين. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
(آذر) چيس ته اي ابراهيم! ڇا تون منهنجن معبودن کان ڦريل آهين؟ جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته (ياد رک!) آءُ تو کي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ پري رھ. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
(ابراهيم) چيو (چڱو ته) منهنجو سلام آهي. (پر تڏهن به) آءُ پنهنجي پالڻهار کان تو لاءِ معافي گهرندس. بيشڪ اهو مون تي مهربان آهي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آءُ اوهان کي ۽ (انهن بتن کي به) جن کي اوهين خدا کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا (سڀني کي ڇڏي ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪندس، اميد آهي ته (آءُ) پنهنجي پالڻهار جي عبادت کان محروم نه رهندس. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن انهن کان ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪندا هئا، تن کان جدا ٿيو ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) عطا ڪيو ۽ هر هڪ کي نبوت جي درجي تي فائز ڪيوسون. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ انهن کي پنهنجي رحمت مان ڪجھ عنايت ڪيوسون ۽ اسان انهن جي لاءِ اعلى درجي جو ذڪر خير (دنيا ۾ به) مقرر ڪيوسون. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ (اي رسول) قرآن ۾ ڪجھ موسى جي ڳالھ (به) بيان ڪر، بيشڪ اهو پسند ڪيل (منهنجو بندو) ۽ موڪليل (صاحب ڪتاب ۽ شريعت) نبي هو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
۽ اسان کيس (جبل) طور جي سڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪندي کيس ويجهو ڪيوسون. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ اسان کيس پنهنجي خاص مهربانيءَ سان سندس ڀاءُ هارون کي (ان جو وزير بڻائي) عنايت ڪيو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ (اي رسول) قرآن ۾ اسماعيل جي (به) ڳالھ بيان ڪر، بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ موڪليل نبي هو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ پنهنجي گهروارن کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾پسند ڪيل هو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ (اي رسول) قرآن ۾ ادريس جو به تذڪرو ڪر، بيشڪ اهو وڏو سچو (بندو ۽) نبي هو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان ان کي هڪ بلند مڪان (بهشت ۾) کڻي ورتو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
هي اهي نبي آهن جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن، ۽ انهن مان جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) کنيوسون. ۽ ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان جن کي هدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون انهن کي جڏهن خدا جون (نازل ڪيل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (اهي) سجدي ۾ زارو زار رئندي ڪريو پون ٿا. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
وري انهن کان پوءِ اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهش جي پٺيان لڳا، جلد ئي اهي ماڻهو پنهنجي گمراهيءَ جي (نتيجي) سان ملي ويندا. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا. ۽ مٿن ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
(اهي سدا بهار باغن ۾ رهندا) جن جو خدا پنهنجن بندن سان ڳجهو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ سندس وعدو اچڻو آهي. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اتي سلام کان سواءِ (ٻي) ڪا بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا، پر (هر طرف کان) سلام ئي سلام (جو آواز ايندو) ۽ اتي سندن کاڌو صبح ۽ شام (جنهن وقت به چاهيندا) انهن جي لاءِ (تيار) هوندو. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
هي اهو بهشت آهي (جنهن جو) پنهنجن عبدن سان جيڪو پرهيزگار هوندو تنهن کي ان جو وارث ڪنداسون. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (ملائڪن رسول کي چيو ته) اسين پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان سواءِ هيٺ نه ٿا لهون. جيڪي اسان جي اڳيان ۽ جيڪي اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪي ان جي وچ ۾ آهي سو سڀ ان کي آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار ڀلجڻ وارو نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
(اهو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي پوءِ تون سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي قائم رھ. ڀلا اوهان جي علم ۾ ان جو (الله جو) ڪوئي همنام به آهي؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ (ڪي) آدمي (ابي بن خلف) تعجب کان چون ٿا ته ڇا جڏهن آءُ مرندس ته مون کي جيئرو ڪري (قبر مان) ڪڍيو ويندو؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا اهو ماڻهو ان (ڳالھ) کي ياد نه ٿو رکي ته اسان کيس ان کان اڳ جڌهن اهو ڪجھ به نه هو (ته کيس) پيدا ڪيو. |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ (اي رسول) تنهنجي پروردگار جو (پنهنجو) قسم آهي ته اسين انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون پوءِ کين جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ سڀ ڪنهن جماعت مان جيڪو به انهن مان (دنيا ۾)الله سان زياده سرڪشي ڪرڻ وارو هوندو تنهن کي جدا ڪنداسون. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ جيڪي ان (جهنم) ۾ داخل ٿيڻ جا زياده حقدار آهن تن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ اوهان مان ڪو به اهڙو نه آهي جو جهنم مٿان نه لنگهي (ڇو ته پل صراط ان جي مٿان آهي، اهڙو وعدو) تنهنجي پروردگار کي پورو ڪرڻو آهي جو فيصلو ٿي چڪو آهي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ اسين پرهيزگارن کي بچائينداسون ۽ نافرمانن کي ان ۾ ڳوڏن ڀر ڇڏي ڏينداسون. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن کين اسان جو پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن ڪفر اختيار ڪيو، اهي ايمان وارن کي چون ٿا ته(ڀلا هي ته ٻڌايو ته اسين ۽ اوهين) ٻنهين فرقن مان مرتبي ۾ ڪير وڌيڪ چڱو آهي ۽ ڪنهن جي محفل وڌيڪ سٺي آهي؟ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
هوڏانهن انهن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي اسان برباد ڪيو جن جو سامان ۽ ڏکاءُ (هنن کان) گهڻو چڱو هو. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
(اي رسول کين) چئو ته جو شخص گمراهيءَ ۾ پيو آهي تنهن کي خدا ڍر ڏئي ٿو ڇڏي، ايتري تائين جو جڏهن عذاب يا قيامت ڏسندا، جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو آهي، تڏهن ڄاڻندا ته (هاڻ) ڪير مرتبي ڪري بڇڙو ۽ لشڪر (جٿي) ۾ ڪير ڪمزور (بيوس) آهي. |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ جيڪي سڌي رستي تي آهن خدا تن جي هدايت کي وڌائي ٿو. ۽ هميشه رهڻ وارن چڱن ڪمن جو بدلو تنهنجي پالڻهار وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جو نتيجو به تمام سٺو آهي. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
(اي رسول) ڇا تو ان کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته (ڀلا جي قيامت ٿيندي به ته) مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا ڳجھ جي خبر پئي اٿس يا هن خدا کان ڪو انجام وٺي ڇڏيو اٿس. |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
ائين نه آهي، جيڪي بڪواس ڪري ٿو، اسين (سڀ) هينئر ئي لکي ٿا ڇڏيون، ۽ ان لاءِ عذاب کي (اڃا به) ڊگهو ڪندا وينداسون. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ اهو (جنهن مال اولاد بابت) بڪي ٿو تنهن جا وارث ٿينداسون ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
۽ انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻين کي معبود بنايو، هن لاءِ ته اهي (معبود) انهن لاءِ عزت جو سبب ٿين. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
ائين هرگز نه ٿيندو. اهي (هٿرادا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿيندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي (بڇي) ڇڏيو آهي جي انهن کي (گناهن لاءِ) بهڪائين ٿا. |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ تون مٿن (عذاب اچڻ لاءِ) جلدي نه ڪر. اسين رڳو سندن (حياتيءَ جا ڏنل ڏينهن) ڳڻيون ٿا. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
جنهن ڏينهن پرهيزگارن کي رحمان (خدا) پاڻ وٽ مهمان ڪري گڏ ڪنداسون. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ ڏوهارين کي جهنم ڏي اڃايل هڪلي اينداسون. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
(ان ڏينهن) اهي ماڻهو سفارش تي (به) قادر نه ٿيندا، پر (هاءُ) جنهن شخص خدا کان (سفارش جو) انجام وٺي ڇڏيو هوندو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ (يهودي) چون ٿا ته خدا (عزيز کي) پٽ بنايو آهي. |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
(اي رسول) چوين ته اوهان اهڙي سخت ڳالھ (پنهنجي طرفان گهڙي) چئي آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
جو جيڪر ان کان آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪري پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
ان ڳالھ کان انهن ماڻهن خدا جي لاءِ پٽ مقرر ڪيو آهي. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
هوڏانهن خدا جو شان نه آهي جو اهو (ڪنهن کي) پنهنجو پٽ بنائي. |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
جو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو خدا جي اڳيان رڳا بندا بنجي اچي حاضر ٿين ٿا. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ انهن کي پنهنجي (علم جي) احاطي ۾ گهيري رکيو اٿس ۽ انهن کي ڳڻي ڇڏيو اٿس. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ هر هڪ ان وقت قيامت جي ڏينهن اڪيلو ايندو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا جلد خدا سندن محبت ماڻهن تي فرض ڪندو. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
بيشڪ اسان هن محبت جي فرض کي تنهنجيءَ زبان جي ذريعي آسان ڪيو آهي ته جيئن تون ان سبب پرهيزگارن کي (جنت) جي خوش خبري ڏين. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ (عرب جي) جهڳڙالو قوم کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار ۽ اسان هن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن کي ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀڻڪ ٻڌين ٿو؟ |