كهيعص (آيت : 1) |
ڪٓهٰيٰـــعٓصٓ جِي، پَرور کي پَروڙ، |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
تُنهنجي ربَّ جِي رَحمت جو، ذِڪر آھ ضَرُور، ٻانهِي سَندسِ زَڪَرِيّاتي، مِهر جو مَذڪُور، |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن سائـِين سَندسِ کي، سَڏئـِين، سَڏڻ مَخفِي مُور، |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
سانيمِ! مُنهنجا سُست ٿيا، هَڏ گُڏ پاڪ حُضور،! ۽ مَٿو اَڇو ٿِيو مُورهِين، ڪَنان پِيرِئَ پُور، توکان گُھرڻ مَنجھ، غَفُور!، نا اُميد اَصل نه آهيان. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ ڊِنسِ پَنهنجن کان، مُون پُٺيان، ۽ سَنڍسَنديمِ زال، پوءِ وِيا وارث، پاڻ وَٽان، بَخشِينمِ ڪو بَحال، |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
والِي وارث مون ٿئي، پڻ يَعقوب سندٖي آل، راضِي رَضا نال، ڪر مُنحنجا مولا! اُن کي. |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
اي زڪريا! توکي ٿا ڏيون، واڌيون وَريام! پاڪِيزٖي پُٽ جون، يَحيٰى جِنهن جو نام، ڪيوسون نه مَهند مُدام، ڪو نالي ڀائـِي اُن جو. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
چي، پَرور! پُٽ ٿِئيمِ ڪِيئن، عورت مون اَوِيار، ۽ جُھورپ کي جَبَّار!، پُهتسِ پَڪ پِيرِي ڪنان. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
چي، اَٿِئي اِهڙي طور سائـِين سَندئـِي فَرمائـِيو، مون تي اِهو آسان گھڻو، ۽ توکي اَڳ اَتور!، مَرد بَنايمِ مور، ۽ ڪاشئ هُئـِين ڪِين تون. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
چي، سانيمِ!، سَندمِ لئي، ڪرتون، ڪو انهِئ جو اُهڃاڻ، چي، آهي اُهڃ تِنهنجو ته، مُرسل! ماڻهنِ ساڻ، ڪُڇِي نه سَگھندِين پاڻ، پُورا ٽي ڏِينهن، راتيون. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ نِڪتو سَندسِ نات تي، مَنجھان مِحراب، موچارو، ڪَئـِين اُنهن کي اِشارو، ته سَنجھي، صُبح ساراهِيو. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
يَحيٰى! پُوري زور سان، پَڪڙيا پاڪ ڪِتاب، ۽ نَوازيو سونسِ نَنڍڙي، سَڀڪا سُڌ ثواب، |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
ٻِي پڻ ٻاجھ پاڻ وَٽان، نِرملائـِي نواب، ۽ ڀَلو هَر ڪِنهن باب، پُورو پَرهيزگار هو. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ موچارو مُدام، پنهنجي ماءُ پِئَ سان، نه اَرڏو ۽ اَروجھ هو، |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
سَدا مٿسِ سَلام، جنهن ڏِينهن ڄائو ڄام، سو پڻ، وِصال ڪندو وَريام، پڻ مُئو، ۽ مَنجھان مُقام، جيئَرو جڏهن اُٿاربو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ مَريم جو مَذڪُور، ڪَر ياد ڪِتاب مان، اوڀر سَندسِ اَهل کان، جڏهن نِڪتِي بِي بِي نُور، |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ پَردو ۽ پُور، ڪو آڏو وَرتئـِين اُنهن ڪَنان. پوءِ موڪليوسون مَلڪ، پَنهنجو اُنهِئَ پار، پوءِ هِڪدم ٿِيو اُن اهارِ، ماڻهؤَ جي مِثال ۾. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
چيائين، ته آئين تو ڪنان، ٿِي پَوان، سانيمِ جي سام، توڻِي نيڪو نام، هُجِين پوتي پاڪَ تون. |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
چي، آئون رُڳو، تُنهنجي، رَبَّ جو ريٻارو، تان نينگر موچارو، بِيبِي توکي بَخشيان. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
چيائين، ته ڪِهڙي چال، مُون کي پُٽ پيدا ٿِئي؟ ۽ مون کي نه ڇُو تو مُورهِين، ڪِنهن بَني بشر بَحال، ۽ نه آئون زانياڻِي زال، اَصل ڪنان آهيان. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
چي، آهي اِهڙِي چال، تُنهنجي پَرور پان چَيو، ته مُون کي سَولو سو گھڻو، قُدرت ساڻ ڪمال، ۽ ڪَريونسِ ماڻهن لئي، مُورهين نِشاني نِهال، ۽ سَندسِ ڀال بَحال، ۽ هو حُڪم ٿِيل حُضور مان. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ کَنيائـِين باسو، پوءِ ٿيئـِي اُن سان ڌار، ڪِنهن اڳاهِين آسَن مَٿي، |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ سُورن لَڌيَسِ سار، پوءِ هِڪدم آندو اُن کي، پاڙ کجِئَ جي پار، هُوند! مُيسِ مَهندئـِين، ٻوليائـِين ٻِيهار، ۽ هُجان ها هَموار، وِسِريل، وِساريل توڙ کان. |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ سَڏيائـِينسِ، سَندسِ هيٺ کان، ته دَم نه دونکو ڌار، توهيٺان، رَبُّ تُنهنجي، تَلاءُ ڪيو تيار، |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
کِينچ کَجِئَ جي پار کي، تون مريم! پَنهنجي پار، ته تازا، تَر تڪرار، ڇاڻٖي ڇُوهارا تو مَٿي. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ ۽ پِي، ۽ ٺارتون، سَندا نيڻنِ نار، پوءِ، جي ڏِسِين، ماڻهن مان ڪو هِڪ، ته ٻول ٻِيهار، ته سچ پَچ روزو مون رکيو، سَندمِ سائـِين هارِ، ته نه ڪُڇنديَس برقرار، اَڄ ڪِنهن اِنسان سان. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ آندئـِين پَنهن جي پَهر ۾، ٻَکڻ کڻي سو ٻار، چي، مريم موچار! آندِئي اَپرِي ڳالھ ڪا. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي همشيران هارون جي! نه بابهِين هو بَدڪار، ۽ نه تُنهنجِي ماءُ تَڪرار، ڪا هُئـِي، ڪَمِينٖي ڪم مَٿي. |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
پوءِ ڏِنئـِين اِشارو اُن ڏي، چيائون اِهڙي چال، هِي لوڏڻ ۾ لال، تِنهن سان، ڳالھ ڇا ڳالهايون. |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
تڏهن، ٻوليو ٻار، ته آئون بَندو الله جو، ڪِتاب ڏِنمِ ڪَلتار، پڻ مُرسل ڪيائـِيمِ مِهرسان. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ بَنائـيَنمِ بَرڪت ڀَريو، جِھڙي به هَنڌ هُجان، ۽ آڇئيَنمِ اَمر نِماز جو، پن زَڪواة مال مَنجھان، آئون آهيان جان، جِيئَرو هِن جَھان ۾. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ موچارو سَندمِ ماءُ سان؛ پڻ مون نه ڪيائـِين مُور، سَرڪَش، سِر جو سُور، نِڀاڳو نادان ڪو. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ مون تي سَدا سَلام، ڄايَسِ جنهن ڏينهن ۾، يا مَرندسِ جنهن مَهل ۾، ۽ مَنجھان ماڳ مَقام، اَمر ساڻ عَلام، جِيئَرو جڏهن اَٿار جان. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
هرگز آهي هِي، عِيسٰى پُٽ مريم جو، سَچو قَول صَحِي، جِنهن ۾ ٿِيَنِ شَڪ شِڪار جو، |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
اِي نه اَلله جي شان وَٽان، ته بيٽو ڪِنهن به بَناءِ، پَڪ پاڪائـِي اُن کي، سَڀ ڪِنهن طرح سُهاءِ، جڏهن، ڪِنهن جي جوڙڻ جو، فيصلو فَرماءِ، تِنهن کي حُڪم هَلائي، “ٿي” ته پوءِ ٿِي پَوي. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ اَلله مُون ۽ اَوهان جو، سائـِين هيڪ صَحِي، پوءِ پُوڄِيو کيس پَهِي، وَهِين اِهائـِي واٽڙِي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پوءِ ٽوليون ٽَرڪيون پاڻ ۾، ڌَرم بنائي ڌار، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، هئي هئي! تِنين هارِ، ڏاڍي وَڏي ڏِينهن جي، حاضرِي کان هيڪار، |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
ڪَنِين سَرها ڪيترو، پڻ ڏِسندڙ تِکا تَڪرار، اَسان وَٽ اَچن، جِنهن ڏِينهن ۾، پر ظالم زِيانڪار، وَرتل آهِن هِن وار، بِلڪُل پَڌرِئَ ڀُل ۾. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ ڊِڄارئـِينِ اُنهِئَ ڏِينهن کان، جو آھِ سَندو اَرمان، جنهن ڏِينهن ڪم پورو ٿِيو، ۽ مَنڊيو وِيو مِيزان، ۽ هِي غَفلت مَنجھ غَلطان، ۽ هِي مَڃِين نَه مُورهِين. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
اَسين وارِث آهيون، ڀُون جا برابر، پڻ جيڪِي آهن اُن مٿي، ساڪِن سراسر، ۽ اَسان ڏي آخِر، مِڙيئي موٽائـِبا. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ ڪَر تون مَنجھ ڪِتاب، ياد اِبراهِيم کي، جو سَچو بَرصواب، نَبِي نيڪ نواب هو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جڏهن، چيائين ته بابا مُنهنجا! ڇو پوڄِئين تِنهن پئمال؟ جنهن کي نه ڪَنَ، جَن سان سُڻي ڪو سُوال، ۽ نه هرگز ڏِسي حال، ۽ نه لاهِينَئـِي لاچار، ڪو. |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اَبَا! آيمِ عِلم مان، جنهن جو توکي پَرو نه پاند، پوءِ پُٺيانمِ هَل هيڪاند، ته سُنهايائـِين واٽ سَنِئين. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اَبا! اَصل نه ڪر تون، شيوا سَندِي شيطان، شيطان بي فَرمان، آهي خُود اَلله جو. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اَبا! ڊڄان، ته عذاب ڪو، رَسيئـِي کَـئون رَحمان، پوءِ شامِل سين شيطان، ٻيلِي ٻارڻ ۾ ٿِيِـين. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
چي ڪِ، اِبراهِيم! آهيِـين، مُنهنجي بُتن کان بيزار؟ جي بِلڪُل بَس نه تون ڪندِين، ته ڪندوسِين سَنگسار، ۽ مُون کان گوشي گھار، مُدت مَدِيد ڪيتري. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
چي، خُوش هُجين شال، آءٌ گُھرندس ئـِي گَھڻو، سَندمِ سائـِين پاڪ کان، تولئي بَخش ڀَال، آهي اِهو هَر حال، مُونتي مِهربان گھڻو. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آئون اوهان کان ٿو ٿِيان، بِلڪُل بَرڪِنار، پڻ اُنهن کان، اَوهين جن کي، پوڄيو ڌَڻيان ڌار، ۽ سَڏِيندسِ سانيمِ کي، آهٖيمِ آسَ اَپار، ته وانجَھيل نه ٿِيندسِ وار، سانيمِ جي سُوال کان. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جَڏهن جدا پاڻ ٿيو، اُنهن کان اَڳواڻ، پڻ اُنهن کان، شيوا جن سَندِي، ڪن سوا ربَّ، سُڄاڻ، ۽ پوءِ يَعقُوب، اِسحاق اُن کي، بيشڪ بَخشياسون، پاڻ، ۽ ڪيوسونِ ڪَرم ساڻ، نَبِي سوڀارو سَڀ کي. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ بيشڪ پَنهنجِي بَخشش مان، ڪياسون اُتن اِحسان، ۽ سَندِي سَچ زِبان، اَعلىٰ ڪئـِي سون اُنهن لئي. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ ڪرياد ڪِتاب ۾، مُوسٰى جو مَذڪُور، هُئو مُخلِص مُرسل مُور، ۽ خاص کِيانتو خابَرُو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
۽ سَڄي پاسي کان طُور جي، اَسان ڏِنسِ آواز، ۽ هُجڻ لئي هَمراز، ڪيوسون اوڏ اُن کي. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ ڏِنو سونِس پَنهنجِي ڏات مان، هارُون سَندسِ ڀاءُ نَبِي نِياپا، ڏِيندڙ ڏيہ ڏاتار جا. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ ڪر ياد ڪِتاب ۾، اِسماعِيل اَطهر، وَعدي سَچو، وِيرسو، ۽ نَبِي پيغمبر، |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ ڪندو نِماز، زڪوٰة جو، هو اَهلِس کي اَمر، ۽ پَنهنجي، وَٽ پَرور، هو سَدا سُهاڻل سُپرِين. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ ڪر ياد ڪِتاب ۾، اِدرِيس جو اَحوال، جو سَچ پَچ سَچو صاف هو، نَبِي نيڪ نِهال، |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ بَخشيو سُونسِ بحال، اُتم آستان ڪو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اُهي، جَن الله، نَبِيَّن مان نَوازِيو، آدم جي اَولاد مان، يا وِيا تَن وَھ واھ!! ۽ جن کي، اُٺايوسون اوٺ ۾، حضرت نوح سان، هَمراھ، ۽ ابراهيم ۽ اسرائيل جو، نَسل نيڪ نِگاھ، پڻ سَنئـِين سُهائيسون جن کي، ۽ ڌُئاسون دِلخواہ، جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، حُڪم حَقَّ دَرگاھ، ته ڪِريا ڪَري آھ، نَمندڙ، رُوئيندڙ رَبَّ اڳيان. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ وَلارِي جاءِ تِن، بعد سَندنِ، بَدڪار، جَن نِمازون ناس ڪيون، ۽ ٿِيا شَهوتن شِڪار، پوءِ تڪڙوئـِي تڪرار، هاوِئَ تَري هَڄندا. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
مَگر، موجو موٽيو، ۽ آندائـِين اِعتبار، پن ڪَيائين ڪَم چڱا، اُهي آخرڪار، گِھڙن جَنت ۾ جُھونجھار، ۽ ذَرو نه پَسن زيان ڪو. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
مَڃر مُدامِي باغ سي، مُلڪ مَلِير مَلهار، پَرپُٽ، سَندسِ پُڄارِيين، جنهن جو قول ڏِنو ڪَلتار، ۽ اُن جا قول قَرار، اَوَسَ آهِن اَچڻا. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اَڀرو نه ٻُڌن اُن ۾، سَوا ڳالھ سَلام، ۽ سَندن لئي صُبح، شام، تيار طعام، تن جو. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
وارِث اُنهن باغن جو، تِنهن بَنايون بيشڪ، مُنهنجي پُوڄارِين مان پڪ، جو پُورو پَرهيزگار هُجي. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ تُنهنجي آگي جي اَمر سَوا، نه اُترون ڪنان اَفلاڪ، اَڳيان، پويان اَسان جي، پڻ اُن وِچ، اُنهئَ لاڪِ، ۽ تُنهنجو پرور پاڪ، بِلڪُل ناھِ ڀُلجڻو. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
آگو اُڀن ۽ ڀون جو، پڻ جيڪي مَنجھنِ جِنسار، پوءِ ڪَرشيوا اُن جِي، پڻ سَہ سَندسِ شيوا هارِ، اُن نالي سان نِبار، ڪو ڄاڻِين سَڀ ڄمار ۾؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ آکي ٿو اِنسان ڇا؟ جَڏهن مُئسِ مُورهِين، جَلدِي ڪَڍبسِ جِيئرو، ڀُون مان بيگمان، |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڪِ ماڻهو نه ساري، ته مَهند تِنهن، جوڙيو سون جوان، جَڏهن مَنجھ جَھان، ڪا شئ هو، ڪا نه ڪا؟ |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ سُنهن تُنهنجي سائـِينءَ جو، ته زورازورضَرُور، اُنهن ۽ شيطانن کي، مڙينداسون مُور، پوءِ جِتان ڪٿان جھنّم جي، چوڌارِي چڪنا چُور، گوڏن ڀَر غَرقُور، حاضر ڪنداسونِ هَڻِي. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ ٽارِينداسون هَر ٽوليان، موٽي تِنهن مَڪان، جو ڏاڍو بي فَرمان، اُنهن مان، آهي الله جو. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
موٽِي اَسين اُنهن کان، ويتر واقِف ڪار، هُوندو جو حَقدار، گھڻو مَنجھسِ گِھڙن جو. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ ناهي اَوهان مان ڪو، مگر اَچڻو اُن مٿان، تُنهنجي پَرور تي پَڪو، واجِب اِهو واعِدو. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ جن پرهيز ڪئـِي، اُنهن کي ڪنداسون آزاد، ۽ مُونن ڀَر بيداد، ترڪ ڪنداسون، تِنهن ۾. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن اَسان جا فرمان، هُئا پَڙهبا پَڌرا اُنهن تي، جي ڦِريا، تن اُنهن کي چَيو، آندو جَن اِيمان، ٻِنهِين قومن مان ڪِهڙي، بِهتر بي گمان، مِهتر مَنجھ مَڪان، پڻ ڪَچهرِئَ ۾ چَهرِي؟ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
۽ اُنهيا اَڳ جُڳ ڪيترا، ماري ڇَڏياسون مُور، اُهي مِلڪِيت ۾ مامُور، پڻ ڏِٺي ڏاڍا سُهڻا. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
چئو، ڀَلِين جيڪو ڀُل ۾، تِنهن کي، بَخشي وَڌبارِي، تان ڏِسن، تِنهن ڏجين ٿو، وَعدو جنهن وارِي، يا دُنيا اَندر دَرد ڪو، يا قِيامت ڪارِي، پوءِ مَٺو ڪير مڪان ۾؟ تِنهن جِي پَوندِي سُڌ سارِي، ۽ هيڻو هيڪارِي، لاشڪ لشڪر، فوج ۾. |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ جَن سَنئون چِتايو سَر، تَن سانئـِين، سُونهپ سَرس ڏِئي، ۽ باقي نيٺ نيڪيون، رَبَّ تُنهنجي وَٽ، رَهبر، بَدلي ۾ بِهتر ۽ موٽڻ ۾ موچارِيون. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
پوءِ ڪِ ڏِٺئـِي تِنهن حال؟ جِنهن اَجايو اِنڪار ڪيو، اَسان جي اُهڃاڻن کان، ۽ چيائين اِهڙِي چال، ته مال ۽ آل عَيال، مُون کي، مِلندو مُورهِين. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا ڳُجِهي ڳالھ مَٿي، ٿِيو اُهو آگاہ؟ يا اِهڙو وَٽ الله، وَرتائـِين ڪو واعدو. |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
سمجھ ته اَسِين لِکون پِيا، جِھڙِي لات لَنوي، ۽ اِنگھائينداسون عذاب مان، ڪارڻ تِنهن ڪَوي، |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ سَنڀالِينداسون، سو سڀئـِي، جِھڙي چال چوي، ۽ اَسان پيش پَوي، فَردا، فَردا هيڪلو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
اُنهن اَ گا پَنهنجا ڌاريا، ڌَڻِئَ ڌار، تان هُجن تَن هارِ، مُهابو ۽ مانَکو. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
سَمجھ ته سَندنِ شيوا کان، اَوس ڪن اِنڪار، ۽ وٖيريَنِ وارو وار، آخر ڪَندا اُنهن مَٿي. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
نه ڏِٺئ؛ِي؟ ته اَسان اِبلِيس، مُنڪرن تي موڪليا، پوءِ کَڙا ڪن خَسِيس، اُنهن کي اِنڪار تي. |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ تون تَن جي بابَ ۾، نه تَڪڙائـٖي تَڪرار، اَسِين نالي وار، پِيا ڳَڻيون پُورِيَ ڳَڻپ سان. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
ڀيڙا ڪنداسون ڀَلن کي، تنهِن ڏِينهن، مولي وَٽ، مهمان، |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ بُڇن ڪَنداسون باھ ڏي، چوکُنڀو چالان؛ |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
پارت پُورت ڪِنهن جِي، ڪري سگھندا ڪانه، مگر وَٽِ مَنّان، وَرتو جِنهن واعِدو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ چيائون اِهڙي چال، ته پَرور پُٽ ٺَهرايو، |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
بيشڪ بِلڪُل بُڇڙِي، آندِي اَوهان ڳالھ، |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
ته اُڀ ڦاٽن اُن ڪنان، ۽ ڀُون ڀيٖرُون هَڻي بَحال، ۽ اُن کان ڀوراڀور ٿِي، ڪِرن جَبل جال، |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
ته سَڏيو صاحِب نال، نِينگر نونِهال ڪو. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
۽ سائـِين سُهائي ڪِين، ته پَٽئـِين ڪِنهن کي پُٽ ڪري، |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
ناهِن اُڀ، زَمِين ۾، مَگر سَڀ مِسڪِين، گولا ٿِي غَمگِين، اَچڻا دَر اَلله جي. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
سارئـِينِ توڙ تَمام، ۽ ڳـڻـئـِينِ پُورِئَ ڳَڻپ سان، |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ ڪُل، سي ڏِينهن قِيام، اُن وَٽِ اَڪيلا اَچڻا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
آندو جَن اِيمان، ۽ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، تَن لئي رَبُّ، رَحمان، پيدا ڪندو پِرِيتڻون. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
ڪَيو سون تُنهنجِي زبان تي، اِن لئي اِهو آسان، ته ڀَلن ڏِيِـين بِشارتون، تِنهن مُوجب مِهربان، پڻ خوف ڏِيارِين خان! تِنهن سان تَڪرارِي، قوم کي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ اَڳ جُڳ ڪيترا،ڪياسون ناس نِپٽ، هاڻي ڪو پَسين هيڪڙو، تن مان، پَڌرو مَٿي پَٽِ؟ يارُون رُون ۽ رُونگٽ، ڪو سُڻِين سَندِن هَڏن جو. |