كهيعص (آيت : 1) |
ڪهيعص. |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
(اي پيغمبر! هي) تنهنجي پاليندڙ جي رحمت جو بيان آهي |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
پنهنجي ٻانهي زڪريا تي.جڏهن اُن پنهنجي پاليندڙ کي ڳجهيءَ طرح سڏيو. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجا هڏا سُست ٿيا آهن ۽ مٿي جو ٻڍاپڻ چمڪيو آهي ۽ آءُ توکان گهرڻ ۾ (ڪڏهن به) نااُميد نه ٿيو آهيان |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ آءُ پاڻ کان پوءِ (پنهنجي) وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پاليندڙ مقبول ڪر. |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(الله فرمايو ته) اي زڪريا! اسين توکي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ڪيئن ڇوڪرو ٿيندو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي ۽ آءُ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
چيائين ته ائين ئي ٿيندو، تنهنجي پاليندڙ فرمايو ته اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ مون توکي هن کان اڳ پيدا ڪيو ۽ تون ڪابه شيءِ نه هئين. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! چيائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ پنهنجي قوم ڏي محراب مان نڪتو، پوءِ اشاري سان انهن کي چيائين ته صبح ۽ شام جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
اي يحييٰ! ڪتاب کي سوگهو وٺ! ۽ اسان کيس ٻالپڻ ۾ سمجهه ڏني. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪائي ڏني سون |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ (اهو) پرهيزگار هو. ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
۽ جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن جيئرو ڪري اٿاريو ويندس تنهن ڏينهن ۾ مٿس سَلام هجي. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ ڪتاب ۾ مريم جي ڳالهه بيان ڪر، جڏهن اڀرندي واري جاءِ ۾ پنهنجي مائٽن کان جدا ٿي. پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ اسان ان ڏي پنهنجو روح موڪليو. اهو ان جي اڳيان صحيح سالم ماڻهوءَ جي صورت ۾ آيو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم چيو ته آءُ توکان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين (ته پري ٿيءُ). |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
ان چيو ته آءُ رڳو تنهنجي پاليندڙ جو موڪليل آهيان ته توکي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
مريم چيو ته مون کي ڇوڪرو ڪيئن ٿيندو ۽ مون کي ڪنهن ماڻهوءَ به هٿ نه لاتو آهي ۽ نه آءُ زناڪار آهيان. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
ان چيو ته ائين ئي ٿيندو تنهنجي پاليندڙ فرمايو ته اهو ڪم مون تي آسان آهي، ۽ هن لاءِ ته اسين ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني ۽ پنهنجي طرفان رحمت ڪريون. ۽ (اهو) هڪ فيصلو ٿيل ڪم آهي. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ ان پيٽ ۾ ٻار رکيو پوءِ ان (حمل) ڪري پر ڀري مڪان ۾ جدا رهي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ان کي ويم جي سور کجيءَ جي ٿڙ ڏي نيو. چيائين ته جيڪر هن کان اڳ مران ها ۽ ڀُلايل وسري ويل هجان ها. پوءِ ان کي سندس پيرانديءَ کان اُن (ٻار) سڏيو ته غم نه ڪر! |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڪيرائي. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ اکيون ٿڌيون ڪر. پوءِ جيڪڏهن ماڻهن مان ڪنهن کي ڏسين ته چئو ته مون وڏي مهربان (الله) جي واسطي روزو باسيو آهي سو آءُ اڄ ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه ڳالهائينديس. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ ان کي پنهنجي قوم وٽ کڻي آئي. انهن چيو ته اي مريم! تو بڇڙو ڪم ڪيو آهي. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ! تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو نه هو، ۽ نه تنهنجي ماءُ زناڪار هئي. |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
پوءِ ان (ٻار) ڏي اشارو ڪيائين.انهن چيو ته جيڪو پنهنجي پينگهي ۾ ٻار آهي تنهن سان ڪيئن ڳالهائينداسون. |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
ٻار چيو ته آءُ الله جو ٻانهو آهيان. مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي نبي ڪيو اٿس. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ جتي به آءُ هجان اتي مون کي برڪت وارو ڪيو اٿس ۽ جيستائين آءُ جيئرو آهيان تيستائين مون کي نماز ۽ زڪوات جو تاڪيد ڪيو اٿس. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ (مونکي) پنهنجي ماءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو (ڪيو اٿس) ۽ مون کي سرڪش بدبخت نه ڪيو اٿس. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ جنهن ڏينهن آءُ ڄائس ۽ جنهن ڏينهن مرندس ۽ جنهن ڏينهن مون کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تن ڏينهن ۾ مون تي سلام هجي. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو عيسيٰ، مريم جو پٽ آهي. (اها) سچي ڳالهه آهي جنهن ۾ اهي شڪ ڪن ٿا. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
الله جو هيءُ ڪم نه آهي ته ڪو اولاد ڪري وٺي. اهو پاڪ آهي. جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ الله منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي پوءِ ان جي عبادت ڪريو. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
هيءُ سڌو رستو آهي. پوءِ جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي ڏينهن جي اچڻ تي وڏي خرابي آهي. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندا تنهن ڏينهن ڪهڙا نه چڱا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿيندا! پر ظالم اڄ ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ تون کين پشيمانيءَ جي ڏينهن کان ڊيڄار جنهن ڏينهن ڪم پورو ڪيو ويندو هوڏانهن (هن وقت) اهي غفلت ۾ آهن ۽ اهي ايمان نه ٿا آڻين. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آهن تن جا وارث ٿينداسون، ۽ اسان ڏي ئي کين موٽايو ويندو، |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ ڪتاب ۾ ابراهيم جي ڳالهه بيان ڪر. بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جنهن وقت پنهنجي پيءُ کي چيائين ته اي منهنجا ابا! جا شيءِ نه ٻڌي ٿي ۽ نه ڏسي ٿي ۽ اها توکي ڪجهه به ڪم نه ايندي تنهن کي تون ڇو ٿو پوڄين. |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اي منهنجا پيءٌ! مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جو تو وٽ نه آيو آهي سو منهنجي رستي تي هل ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اي منهنجا پيءٌ! تون شيطان جي عبادت نه ڪر. بيشڪ شيطان وڏي مهربان (الله) جو نافرمان آهي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اي منهنجا پيءٌ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان وڏي مهربان (الله) جي طرفان توتي ڪو عذاب اچي پوي پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پوين. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
(سندس پيءٌ) چيو ته اي ابراهيم! ڇا تون منهنجن معبودن کان ڦريل آهين؟ جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته آءُ توکي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کان گهڻو عرصو پري رهه. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
ابراهيم چيو ته تون سلامت هجين آءُ تولاءِ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو مون تي مهربان آهي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آءُ اوهان کان ۽ جن کي الله کان سواءِ سڏيو ٿا،تن کان جدا ٿيان ٿو ۽ آءُ پنهنجي پاليندڙ کي سڏيندس. اميد آهي ته آءُ پنهنجي پاليندڙ جي سڏڻ جي ڪري محروم نه ٿيندس. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن انهن کان ۽ جن جي اُهي الله کان سواءِ عبادت ڪندا هئا، تن کان جدا ٿيو ته ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشي ڏناسون ۽ هر هڪ کي نبي ڪيوسون. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ انهن کي پنهنجي رحمت مان (گهڻيون نعمتون) ڏنيوسون. ۽ انهن جو نيڪ نالو بلند ڪيوسون. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ ڪتاب ۾ موسيٰ جي ڳالهه بيان ڪر، بيشڪ اهو پسند ڪيل هو ۽ موڪليل نبي هو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
ان کي اسان (جبل) طور جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪندي کيس ويجهو ڪيوسون. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ ان کي پنهنجي رحمت مان سندس ڀاءُ هارون پيغمبر ڪري بخشي ڏنوسون. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ ڪتاب ۾ اسماعيل جي ڳالهه بيان ڪر! بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ موڪليل نبي هو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ پنهنجي گهر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو هو ۽ پنهنجي پاليندڙ وٽ قبول ٿيل هو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ ڪتاب ۾ ادريس جي ڳالهه بيان ڪر! بيشڪ اهو حد درجي جو سچو (۽) نبي هو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان کيس هڪ بلند مڪان تي کڻي ورتو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اِهي اُهي نبي آهن جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن. ۽ انهن مان آهن جن کي نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ کنيوسون. ۽ (اهي) ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن جن کي هدايت ڪئي سون ۽ پسند ڪيوسون، انهن کي جڏهن وڏي مهربان (الله) جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (اهي) سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ رُئن ٿا. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ سندن پٺيان اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جاءِ تي آيا جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهشن جي پٺيان لڳا، سو اُهي گمراهي ڏسندا. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو، سي جنت ۾ داخل ٿيندا. ۽ مٿن ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
(يعني) رهڻ جي باغن ۾ ، جن جو وڏي مهربان (الله) پنهنجن ٻانهن سان انهن جي ڏسڻ کانسواءِ وعدو ڪيو آهي بيشڪ سندس وعدو اچڻو آهي. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اتي سلام کان سواءِ (ٻي) ڪا بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا. ۽ اتي انهن لاءِ صبح ۽ شام جو روزي (موجود) آهي. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
اها جنت اها آهي (جنهنجو) پنهنجن ٻانهن مان ان کي وارث ڪنداسون جيڪو پرهيزگار ٿيو. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (ملائڪن رسول کي چيو ته) اسين تنهنجي پاليندڙ جي حڪم کانسواءِ هيٺ نه ٿا لهون. جيڪي اسان جي اڳيان ۽ جيڪي اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪي ان جي وچ ۾ آهي تنهن جو علم ان کي آهي. ۽ تنهن جو پاليندڙ ڀلڻ وارو نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
(اهو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ تون سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي قائم رهه، ڇا تون ان جي نالي واري کي ڄاڻين ٿو؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ انسان چوي ٿو ته ڇا جڏهن آءُ مرندس ته مون کي جيئرو ڪري ڪڍيو ويندو؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان ياد نه ٿو رکي ته اسان ان کي هن کان اڳ پيدا ڪيو جڏهن هو ڪجهه به نه هو. |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اسين انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون (ان کان) پوءِ کين جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ سڀ ڪنهن جماعت مان جيڪو به انهن مان الله سان زياده سرڪشي ڪرڻ وارو هوندو تنهن کي جدا ڪنداسون. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ جيڪي ان (جهنم) ۾ داخل ٿيڻ جا زياده حقدار آهن تن کي ڄاڻون ٿا. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ اوهان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جو اتي اچڻ وارو نه آهي. (اهو وعدو) تنهنجي پاليندڙ کي پورو ڪرڻو آهي جو فيصلو ٿي چڪو آهي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
(ان کان) پوءِ پرهيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀر (ڪِريل) ڇڏينداسون. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته (هنن) ٻن ٽولن مان ڪير مرتبي ڪري چڱو آهي ۽ ڪنهن جي مجلس وڌيڪ سهڻي آهي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
هوڏانهن انهن کان اڳ ڪيتريون جماعتون اسان برباد ڪيون جن جو سامان ۽ ڏيکاءُ گهڻو چڱو هو. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
(اي پيغمبر) چو ته جيڪو گمراهيءَ ۾ آهي تنهن کي ڀلي ته وڏو مهربان (الله) ڍر ڏي، چٽي ڍر. ايتري تائين جو جڏهن عذاب يا قيامت ڏسندا، جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ڄاڻندا ته (هاڻ) ڪير مرتبي ڪري بڇڙو ۽ لشڪر ڪري ڪمزور آهي. |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ الله هدايت وارن جي هدايت وڌائي ٿو. ۽ هميشه رهڻ وارن چڱن ڪمن جو بدلو تنهنجي پاليندڙ وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جو نتيجو به گهڻو چڱو آهي. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
(اي پيغمبر! ڇا تون ان کي ڏٺو؟) جنهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ضرور مون کي مال ۽ اولاد ڏنو ويندو. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا ڳجهه جي خبر پيئي اٿس يا وڏي مهربان (الله) کان ڪو انجام ورتو اٿس. |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
ائين نه آهي، جيڪي چوي ٿو سو لکنداسون. ۽ ان لاءِ عذاب کي ڊگهو ڪندا وينداسون. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ اهو جيڪي شيون چوي ٿو تن جا (ان جي مرڻ کان پوءِ) وارث ٿينداسون ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
۽ الله کان سواءِ ٻين کي معبود بنايو اٿن هن لاءِ ته اهي (معبود) انهن لاءِ عزت جو سبب ٿين. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
ائين نه ٿيندو. اهي انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿيندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
(اي پيغمبر !) ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي ڇڏيو جي انهن کي (گناهن لاءِ) ڀڙڪائين ٿا؟ |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ تون مٿن (عذاب اچڻ لاءِ) جلدي نه ڪر.اسين رڳو سندن (حياتيءَ جا ڏينهن) ڳڻيون ٿا. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
جنهن ڏينهن پرهيزگارن کي وڏي مهربان (الله) وٽ مهمان ڪري گڏ ڪنداسون. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ ڏوهارين کي جهنم ڏي اڃايل هڪلي اينداسون. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
ته جنهن وڏي مهربان (الله) وٽان (سفارش جو) انجام ورتو هوندو تنهن کان سواءِ ٻيا سفارش جو حق نه رکندا. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ چون ٿا ته وڏي مهربان (الله پاڻ لاءِ) اولاد ٺهرايو آهي. |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
بيشڪ اوهان بڇڙي شيءِ آندي آهي، |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
جنهن کان متان آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ڦاٽي پوي ۽ جبل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
هن ڪري جو وڏي مهربان (الله) جو اولاد ٺهرائين ٿا. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
هوڏانهن وڏي مهربان (الله) لاءِ هيءَ ڳالهه نه ٿي ٺهي |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
ته (ڪنهن کي پنهنجو) اولاد ٺهرائي. جو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو وڏي مهربان (الله) وٽ ٻانهون ٿي اچڻ وارو آهي. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو اٿس ۽ انهن کي ڳڻي ڇڏيو اٿس. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ هر هڪ ان وٽ قيامت جي ڏينهن اڪيلو ايندو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي وچ ۾ وڏو مهربان (الله) محبت پيدا ڪندو. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
پوءِ اسان ان (قرآن) کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ رڳو هن لاءِ آسان ڪيو آهي ته تون ان سان پرهيزگارن کي خوشخبري ٻڌائين ۽ جهڳڙالو ماڻهن کي ان سان ڊيڄارين. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ انهن کان اڳ اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون، ڇا انهن مان ڪنهن کي ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀڻڪ ٻڌين ٿو. |