كهيعص (آيت : 1) |
ڪاف، ها، يا، عين، صاد. (هي حروف مطقعات آهن هنن جو اصلي مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
(هي) تنهنجي پروردگار جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا) پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪيائين. |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳُجھي طرح سڏيو. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون ۽ مٿو ڪراڙپ سبب شعلي وانگر چمڪي (سفيد ٿي) ويو ۽ اي منهنجا مالڪ آءٌ ڪڏهن به تو کان دعا گهري محروم نه ٿيو آهيان. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ آءٌ پنهنجي (لاڏاڻي) بعد پنهنجي (بي دين) رشتيدارن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سَنڍ آهي. سو تون مون کي پاڻ وٽان وارث (پُٽ) عطا ڪر. |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جيڪو منهنجو وارث بنجي ۽ يعقوب جي گھراڻي جو وارث بنجي ۽ اي منهنجا پروردگار! تون ان کي پسنديده (شخصيت) بناءِ“. |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(جواب مليو): ”اي زڪريا! بيشڪ اسان تو کي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحى هوندو ، هن کان اڳ اسان ان نالي وارو پيدا نه ڪيو آهي“. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
(زڪريا) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽُ ڪيئن ٿيندو؟ حالانڪه منهنجي زال سَنڍِ آهي ۽ آءٌ ڪراڙپ جي انتهائي ضعيفي کي پهچي چڪو آهيان“. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
الله فرمايو!: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته: ”اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ بيشڪ آءٌ هن کان اڳ تو کي پيدا ڪري چڪو آهيان ان حال ۾ جو تون ڪا شيءِ به نه هئين“. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
زڪريا چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“. فرمايائين: ”تنهنجي لاءِ نشاني هي آهي جو تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ساندهه ڪنهن سان ڳالهائي نه سگهندين“. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ (زڪريا) محراب منجھان پنهنجي قوم ڏانهن نڪتو، پوءِ انهن ڏانهن اشارو ڪيائين ته: ”توهان صبح ۽ شام (الله جي) تسبيح بيان ڪيو“. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
(يحيٰ جي ولادت بعد چيوسين) ”اي يحى ! ڪتاب (تورات) کي مضبوطي سان وٺ“. ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ حُڪم (۽ دانائي) ڏني. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪيزگي ڏني. ۽ اُهو وڏو پرهيزگار هيو. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪندڙ هيو ۽ هرگز سرڪش نافرمان نه هيو. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
۽ ان (يحى) تي سلام هجي ان جي ميلاد جي ڏينهن ۽ جنهن ڏينهن لاڏاڻو ڪندو ۽ جنهن ڏينهن زنده ڪري اُٿاريو ويندو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ مريم جو ذڪر ڪر. جڏهن اُها پنهنجي گهر وارن کان الڳ ٿي اوڀر واري جاءِ ۾ آئي. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين، پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو روحُ (الامين جبريل) موڪليو، پوءِ ان جي سامهون مڪمل بشري صورت ۾ ظاهر ٿيو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
(مريم) چيو: ”آءٌ تو کان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جي تون (الله کان) ڊڄڻ وارو آهين“. |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
(جبرئيل) چيو: ”آءٌ ته صرف تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، (ان لاءِ آيس) جو آءُ تو کي هڪ پاڪيزه پُٽ عطا ڪيان“. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
(مريم) چيو: ”مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو ۽ نه ته مون کي ڪنهن ماڻهو ڇُهيو آهي ۽ نه ئي آءُ ڪا بدڪار عورت آهيان“. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
(جبريل) چيو: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته: ”اِهو (ڪم) مون تي آسان آهي ۽ هِن لاءِ ته اسان ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنايون ۽ پاڻ وٽان رحمت بنايون ۽ هي حڪم (اڳ ۾) فيصلو ٿيل آهي“. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ (مريم) ان کي پيٽ ۾ کنيو (يعني حمل وارِي ٿي) ۽ ان حمل کي کڻي هڪ پَــرَ ڀَرِي جاءِ ڏانهن هلي وئي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ويم جي سور ان کي هڪ کجيءَ جي ٿڙ ڏانهن آندو، (سُور سبب) چوڻ لڳي: ”هائو جي آءٌ اڳ مري وڃان ها ۽ ڀُلايل وِساريل هجان ها“. |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ ان کي پيراندي جي پاسي کان ان (ملائڪ) آواز ڏنو ته: ”غم نه ڪر بيشڪ تنهنجي پالڻهار تنهنجي هيٺان هڪ چشمو جاري ڪيو آهي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ تون کجيءَ جي ٿُڙَ کي پاڻ ڏانهن ڌُوڻِ ته تو تي تازيون پڪل کجورون ڪيرائيندو. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ (حسين ٻچي کي ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر، ۽ پوءِ جي تون ماڻهن مان ڪو ڏسين ته پوءِ (اشاري سان) چؤ ته مون وڏي مهربان (الله) لاءِ (چُپِ جي) روزي جي باس باسي آهي سو اڄ آءٌ ڪنهن به انسان سان نه ڳالهائينديس“. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ ان (عيسى) کي کڻي پنهنجي قوم وٽ آئي. چيائون: ”اي مريم! پڪ سان تون وڏو پاپُ ڪري کــڻي آئي آهين. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ! نه تنهنجو پيءُ برو ماڻهو هيو ۽ نه تنهنجي ماءُ بدڪار هئي“. |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
پوءِ (مريم) ان (ٻار) ڏانهن اشارو ڪيو. چيائون: ”اُن سان ڪيئن ڳالهائينداسين جيڪو گود ۾ پيل هڪ ٻار آهي“. |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
(ٻار) چيو: ”بيشڪ آءٌ الله جو ٻانهو آهيان، ان مون کي ڪتاب عطا ڪيو آهي ۽ مون کي نبيءُ بنايو آهي. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ مون کي برڪت وارو بنايائين آءٌ جتي به هجان ۽ ان مون کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏنو آهي جيستائين آءٌ جيئرو رهان. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ (مون کي) پنهنجي جيجل سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ وارو (بنايائين) ۽ ان مون کي سرڪش بدبخت نه بنايو آهي. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ مون تي سلام هجي جنهن ڏينهن منهنجو ميلاد ٿيو ۽ جنهن ڏينهن آءٌ لاڏاڻو ڪندس ۽ جنهن ڏينهن مون کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو“. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو مريم جو پٽ عيسى آهي، (اِها سندس باري ۾) سچي ڳالهه آهي جنهن ۾ اُهي شڪ ڪن ٿا. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
اهو الله جي شان جي لائق ناهي جو (ڪنهن کي ) پُٽ بنائي اُهو (ان کان) پاڪ آهي. جڏهن اهو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو پوءِ ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ پؤُ “ ته اهو ٿي پوي ٿو. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ (عيسيٰ چيو هيو ته:)” بيشڪ الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ توهان جو (به) پالڻهار آهي سو اوهان سندس عبادت ڪيو. هيءُ سڌو رستو آهي“. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پوءِ فِرقن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي بربادي آهي. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
ڇا خوب ڏسندڙ هوندا ۽ ڇا خوب ٻڌندڙ هوندا ! ان ڏينهن جنهن ۾ اسان وٽ حاضر ٿيندا پر ظالم ماڻهو اڄ کُلي گمراهي ۾ (پِــيَـــــلَ) آهن. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ انهن کي ڊيڄار حسرت (۽ پشيماني) واري ڏينهن کان، جڏهن (هر) ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويندو. مگر اُهي غفلت ۾ آهن ۽ اُهي ايمان نه ٿا آڻن. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
بيشڪ اسان زمين جا ۽ جيڪي ان مٿان آهن تن جا وارث آهيون ۽ (سڀ) اسان ڏانهن موٽايا ويندا. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي ڳالهه بيان ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جنهن وقت پنهنجي پيءُ کي چيائين: ”اي منهنجا بابا! تون انهن (بتن) جي پوڄا ڇو ٿو ڪرين جي نه ٻُڌن ٿا ۽ نه ڏسن ٿا! ۽ نه توکي ڪنهن (ايذائيندڙ) شيءِ کان بچائن ٿا. |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اي منهنجا پيءَ! بيشڪ مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جيڪو تو وٽ نه آيو آهي سو تون منهنجي پيروي ڪر ته آءٌ تو کي سڌي واٽ جي رهنمائي ڪيان. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي پوڄا نه ڪر. بيشڪ شيطان وڏي مهربان (الله) جو بي فرمان آهي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اي منهنجا پيءُ! آءٌ ڊڄان ٿو متان وڏي مهربان (الله) پاران تو تي ڪو عذاب پهچي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پَـــوِين“. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
(آزر) چيو: ”اي ابراهيم ! ڇا تون منهنجي معبودن کان منهن ڦيرائيندڙُ آهين؟ اگر تون باز نه آئين ته ضرور آءٌ تو کي سنگسار ڪندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وڃ“. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
(ابراهيم) چيو: ”تو تي سلام هجي. آءٌ هاڻي ئي پنهنجي پالڻهار کان تنهنجي لاءِ بخشش گهرندس بيشڪ اُهو مون تي گهڻو مهربان آهي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آءٌ اوهان کان جدا ٿيان ٿو ۽ الله کي ڇڏي اوهان جن (بتن) کي پوڄيو ٿا (تن سڀني کان به جدا ٿيان ٿو.) ۽ آءٌ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪندس. اميد آهي ته آءٌ پنهنجي پروردگار جي عبادت سبب محروم نه رهندس. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن (ابراهيم) انهن ماڻهن کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اُهي الله کي ڇڏي پوڄيندا هئا الڳ ٿلڳ ٿي ويو (ته) اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) بخشي ڏنا ۽ اسان انهن سڀني کي نبيءُ بنايو. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ انهن کي اسان پنهنجي رحمت مان عطائون ڪيون ۽ اسان انهن جي لاءِ سچي ۽ دائمي تعريف جو آواز بُلند ڪيو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ موسى جو ذڪر ڪر. بيشڪ اُهو چونڊيل ۽ صاحبِ رسالت نبي هيو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
۽ اسان کيس (جبل) طُور جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ کيس ويجهو ڪيو. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ اسان پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون کي نبي بنائي (بطور مددگار) کيس بخشي ڏنو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ ڪتاب ۾ اسماعيل جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وعدي جو سچو هيو ۽ موڪليل نبي هيو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ اُهو پنهنجي گهر ڀاتين کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيندو هيو ۽ اهو پنهنجي پاليندڙ وٽ پسند ڪيل هيو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ادريس جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان ان کي بلند مقام تي کڻي ورتو هيو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اِهي اُهي آهن جن تي الله انعام ڪيو آهي جيڪي نبين مان آهن جيڪي آدم جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن جن کي اسان نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيو هيو ۽ ابراهيم ۽ اسرائيل (يعني يعقوب) جي اولاد مان آهن. ۽ انهن مان آهن جن کي اسان هدايت ڪئي ۽ اسان پسند ڪيو ۽ جڏهن انهن تي رحمان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته اُهي ڪِري پَوَن ٿا سجدا ڪندي ۽ روئندي. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ انهن کان پوءِ اهڙا نالائق ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز ڇڏي ڏني، ۽ نفساني خواهشن جي پُٺيان پيا پوءِ جلد اهي گمراهي (جي سزا) کي ڏسندا. (۽ اهي جهنم جي غَـــيّا ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا.) |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ۽ نيڪ عمل ڪيائون پوءِ اُهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن تي ڪجهه به ظلم ڪونه ڪيو ويندو. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جو وڏي مهربان (الله) پنهنجي ٻانهن سان غائبانه وعدو ڪيو آهي بيشڪ ان جو وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اُهي ان ۾ ڪا بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا سواءِ ”سلام“ جي. ۽ انهن لاءِ ان ۾ صبح ۽ شام سندن روزي (موجود) هوندي. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
هي اُها جنت آهي جنهن جو وارث اسان پنهنجي ٻانهن مان ان کي بنائينداسين جيڪو پرهيزگار هوندو. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (اي جبرائيل نبيءَ کي چؤ ته)اسان تنهنجي پالڻهار جي حڪم بنا هيٺ نه ٿا لهون، سڀ ان جو آهي جيڪي اسان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي اسان جي پُٺيان آهي ۽ جيڪو ان جي وچ ۾ آهي ۽ تنهنجو پروردگار وسارڻ وارو نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
(اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني جو)پوءِ ان جي عبادت ڪر ۽ ان جي عبادت ۾ ثابت قدم رهه. ڇا تون ڪو سندس نالي وارو (ڪو سندس هم نام ) ڄاڻين ٿو؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ انسان چوي ٿو ته: ”ڇا (واقعي به) جڏهن آءٌ مري ويندس ته جلدي جيئرو ڪري اٿاريو ويندس“؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان کي ياد نه ٿو اچي جو اسان کيس اڳ پيدا ڪري چڪا آهيون جڏهن اُهو ڪا شيءِ ئي نه هيو. |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ تنهنجي پروردگار جو قسم ته اسان ضرور انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسين پوءِ انهن کي ضرور جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀَــــرِ ڪِريَلُ آڻي حاضر ڪنداسين. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ اسان هر ٽولي مان اهڙي ماڻهو کي ضرور چونڊي جدا ڪنداسين جيڪو وڏي مهربان (الله) جي مقابلي ۾ وڌيڪ سرڪشي ڪرڻ وارو هيو. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي دوزخ ۾ پوڻ جا وڌيڪ حقدار آهن. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ اوهان مان ڪوبه اهڙو ناهي مگر ان جو ان (دوزخ) تان گذر ٿيڻ وارو آهي، اها طئي ٿيل ڳالهه آهي جنهن جو پورو ڪرڻ تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ اسان انهن کي بچائينداسين جن (دنيا ۾) پرهيزگاري ڪئي ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀَرِ ڪِريل ڇڏينداسين. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جون چِٽيون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انڪار ڪرڻ وارا ايمان وارن کي چون ٿا ته: ”(هن دنيا ۾ ئي ڏسو ته) ٻنهين گروهن مان ڪير بهتر حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن جي مجلس وڌيڪ سهڻي آهي“؟ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
حالانڪه انهن کان اڳ اسان ڪيترين ئي اهڙين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون جن جو ساز و سامان ۽ ڏيکاءُ (هنن کان) گهڻو بهتر هيو. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
چؤ ته جيڪو گمراهي ۾ آهي وڏو مهربان (الله) ان کي خوب ڊگهي مُهلت ڏيندو آهي. ايستائين جو جڏهن اُهي اُها شيءِ ڏسندا جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو وڃي ٿو يا عذاب يا قيامت جي گھڙي تڏهن اُهي ڄاڻندا ته (هاڻي) ڪنهن جو حال وڌيڪ خراب ۽ ڪنهن جو لشڪر وڌيڪ ڪمزور آهي؟ |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽الله هدايت يافته ماڻهن جي هدايت ۾ واڌارو ڪري ٿو ۽ باقي رهڻ وارا صالح عملَ تنهنجي پالڻهار وٽ اجر ثواب ۾ ڀلا آهن ۽ انهن جو نتيجو به گهڻو ڀلو آهي. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا غيب تي آگاهه ٿيو آهي يا وڏي مهربان (الله) کان ڪو معاهدو ورتو اٿس! |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
هرگز نه. جيڪي چوي ٿو سو اسان لکندا رهنداسين ۽ ان لاءِ سزا کي ڊگهو ڪندا رهنداسين. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ جيڪي چوي ٿو (مرڻ بعد) ان جا اسان وارث ٿينداسين ۽ اهو اسان وٽ اڪيلو ايندو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
۽ انهن الله کي ڇڏي (ڪيئي ٻيا) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته اُهي سندن واسطي عزت جو سبب بنجن. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
هرگز (ائين) ناهي عنقريب اُهي (ڪوڙا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿي ويندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي ڇڏيو آهي اُهي کين (گناهن تي) خوب اڀارن ٿا. |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ تون انهن لاءِ (عذاب اچڻ جي) جلدي نه ڪر. اسان خود انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
جنهن ڏينهن اسان پرهيزگارن کي گڏ ڪري رحمان جي حضور (معزز مهمانن وانگر سوارين تي) آڻينداسين. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ اسان ڏوهارين کي جهنم ڏانهن اُڃَايَلُ (جانور وانگر) هڪلي اينداسين. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
(ان ڏينهن) ماڻهو شفاعت جا مالڪ نه هوندا سواءِ ان جي جنهن رحمان کان عهد ورتو هوندو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ اهي چون ٿا ته: رحمان (پنهنجي لاءِ) اولاد بنايو آهي. |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
بيشڪ اوهان (اي مُشرڪو!) بڇڙي شيءِ (زبان تي گھڙي) آندي آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
ان (بهتان)کان قريب آهي جو آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ڏري پوي ۽ پهاڙ پُرزا پُرزا ٿي ڪِري پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
جو انهن وڏي مهربان (الله) لاءِ اولاد جي دعوى ڪئي آهي. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
۽ رحمان لاءِ اِها ڳالهه ٺهي ئي نه ٿي جو (ڪنهن کي پنهنجو) اولاد بنائي. |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو وڏي مهربان (الله) وٽ ٻانهو بنجي پيش ٿيڻ وارو آهي. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو اٿس ۽ انهن کي پوري طرح شمار ڪيو اٿس. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ اهي سڀئي وٽس قيامت واري ڏينهن اڪيلا ايندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته جلد وڏو مهربان (الله) انهن لاءِ (ماڻهن جي دلين ۾) محبت پيدا ڪندو. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
پوءِ بيشڪ اسان هن (قرآن) کي تنهنجي زبان ۾ آسان ڪيو آهي تان جو تون ان جي ذريعي پرهيزگارن کي خوشخبري ٻڌائين ۽ ان جي ذريعي جهڳڙالو قوم کي ڊيڄارين. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون. ڇا تون انهن مان ڪنهن هڪ جو وجود ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀُڻڪ ٻڌين ٿو. |