كهيعص (آيت : 1) |
ڪاف- ها- يا- عين- صاد |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
(اي پيغمبر!) تنهجي پروردگار پنهنجي بندي زڪريا تي جا مهرباني ڪئي هئي، تنهن جو بيان هي آهي. |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
(ڇا ٿيو جو) حضرت زڪريا دل ئي دل ۾ پنهنجي پروردگار کي پڪاريو. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
۽ التجا ڪئي (يعني دعا گهري) ته (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
هاڻي مون کي پنهنجي برادريءَ کان انديشو آهي ته منهنجي مرڻ بعد (خبر ناهي ته ڇا ڇا ڪندا) منهنجي اهليه (يعني زال) سنڍ آهي (يعني اهڙي حالت اٿس جو ٻار ڪونه ٿي ڄڻي سگهي) پوءِ تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي هڪڙو وارث عطا ڪر. |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
اهڙو وارث ڏي، جيڪو منهنجو به وارث ٿئي ۽ حضرت يعقوب جي خاندان (جي برڪتن) جو به وارث ٿئي ۽ اي پروردگار! ان وارث کي (پنهنجي نظر ۾ توڙي تنهنجي بندن جي نظر ۾) سند پيل ڪجانءِ. |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(تنهن تي حڪم ٿيو ته) اي ذڪريا اسان توکي هڪڙي پٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٿا ڏيون جنهن جو نالو يحيٰ هوندو. اسان هن کان اڳي ڪنهن لاءِ به اهو نالو نه رکيو آهي. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
حضرت ذڪريا (عجب ۾ پئجي) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي پٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته منهنجي اهليه بانجهه (يعني سنڍ) ٿي چڪي آهي، ۽ مان گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته، ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ بلڪل آسان آهي. مون هن کان اڳي توکي پيدا ڪيو، حالانڪ تنهنجي هستيءَ جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي لاءِ (هن ڳالهه متعلق) ڪا هڪ نشاني ٺهرائي ڇڏ. الله تعاليٰ فرمايو ته، تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته ٽي راتيون لاڱيتو نه ڳالهاءِ. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ هو پنهنجي قربان گاهه مان نڪتو ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ آيو. (هن زبان نه کولي) اشارن سان چيائين ته، صبح شام خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
(جڏهن اهو پٽ ڄائو ۽ ڇوڪر ٿيو تڏهن الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته) اي يحيٰ خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان جهل (يعني ان جي حڪمن تي پورو پابند رهه). هو اڃا ننڍو ڇوڪرو ئي هو ته، اسان کيس علم عقل ۽ فضيلت ڏني. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پڻ اسان کيس دل جي نرمي ۽ نفس جي پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو وڏو پرهيزگار هو. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ ماءُ پيءُ لاءِ مهربان خدمتگار هو ۽ سختي ڪندڙ نافرمان نه هو. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
مٿس سلامتي هجي جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪيائين ۽ جنهن ڏينهن وري اٿاريو ويندو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ (اي پيغمبر! ماڻهن کي) هن ڪتاب ۾ (ڏنل) مريم جو معاملو بيان ڪري ٻڌاءِ. (انهيءَ وقت جو معاملو) جڏهن هوءَ هڪ مڪان (يعني جاءِ) ۾ ويئي جا اوڀر طرف هئي ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان جدا ٿي ويئي. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ هن انهن ماڻهن جي طرف کان پردو ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو فرشتو موڪليو. اهو (فرشتو) هڪ ڀلاري نيڪ ماڻهو جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم ان کي ڏسي (گهٻرائجي ويئي ۽) چيائين ته، جيڪڏهن تون نيڪ ماڻهو آهين ته رحمان خدا جي نالي تي توکان پناهه ٿي گهران. (يعني منهنجي ويجهو نه اچ، ۽ نه وري ڪو نقصان پهچاءِ). |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
فرشتي چيو ته، مان تنهنجي پروردگار جو موڪليل آهيان، ۽ هن لاءِ موڪليو ويو آهيان ته، توکي هڪ پاڪ فرزند (جي خوشخبري) ڏيان. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
مريم فرمايو ته، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو مون کي پٽ ٿئي، جڏهن ته مون کي ڪنهن به مرد هٿ نه لاتو آهي، ۽ نه وري بدچال آهيان. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
فرشتي چيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پروردگار فرمايو آهي ته، اهو ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو ناهي (هو فرمائي ٿو) ته هي انهيءَ لاءِ ٿيندو ته ان (پٽ يعني حضرت عيسيٰ) کي ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني بنايان ۽ منهنجي رحمت جو ان ۾ ظهور ٿئي ۽ هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ٿيڻ جو حڪم ٿي چڪو آهي. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ ان (پيدا ٿيڻ واري پٽ حضرت عيسيٰ) جو حمل ٿيس، هوءَ (پنهنجي اها حالت لڪائڻ لاءِ) ماڻهن کان جدا ٿي پري هلي وئي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ويم جي سورن جي ايذاءَ کان کجور جي هڪ وڻ جي هيٺان ويئي. (۽ ان جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي) ۽ چيائين ته، ڪهڙو نه چڱي ٿئي ها جيڪڏهن مان هن کان اڳي مري وڃان ها ۽ ماڻهو منهنجي هستي بلڪل وساري ڇڏين ها. |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
ان وقت (هڪ فرشتي) کيس هيٺئين طرف کان پڪاري چيو ته، غم نه ڪر، تنهنجي پروردگار تنهنجي بطن (پيٽ مبارڪ) ۾ هڪ وڏي هستي پيدا ڪري ڇڏي آهي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
تون کجور جي وڻ جو ٿڙ هٿن ۾ جهلي پنهنجي طرف لوڏو ڏي، ته تازن ۽ پڪل کارڪن جا ڇڳا توتي ڪرڻ لڳندا. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ پيءُ، (پنهنجي فرزند ڏسي) پنهنجون اکيون ٺار (۽ سڀ غم وهم وساري ڇڏ) پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏسين (جو توکان ڪجهه پڇي ته، کيس اشاري سان) چئي ڏي ته، مان رحمان خدا جي حضور ۾ روزي رکڻ جو نذر باسيو آهي. تنهن ڪري مان اڄ ڪنهن به ماڻهو سان ڳالهه ٻولهه نه ڪنديس. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ (ڇا ٿيو جو) هوءَ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان کڻي پنهنجي ماڻهن وٽ آئي ۽ پٽ سندس هنج ۾ هو. ماڻهن (ڏسندي ئي) چئي ڏنو ته، اي مريم! تو ته تمام حيران ڪندڙ ڳالهه ڪري ڏيکاري آهي. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو هو، نڪي تنهنجي ماءُ بدچال هئي، (تو هي ڇا ڪري ڇڏيو؟) |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
تنهن تي حضرت مريم پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪيو (ته هو اوهان کي ٻڌائيندو ته، حقيقت ڇا آهي؟) ماڻهن چيو ته، ڀلا هن سان ڪيئن ڳالهايون، جو اڃا هنج ۾ ويهندڙ ٻار آهي. |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
(پر) هن چئي ڏنو ته مان الله جو ٻانهو آهيان. هن مون کي ڪتاب ڏنو آهي. ۽ (مونکي) نبي بنايو اٿس. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ هن مون کي برڪتن وارو ڪيو آهي، جتي به مان هجان، هن مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏنو آهي، ته جيستائين جيئرو رهان تيستائين اهي ڪم ادا ڪندو رهان. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
هن (الله) مون کي پنهنجي ماءُ لاءِ مهربان خدمتگار ڪيو آهي ۽ سرڪش ۽ نافرمان ڪونه ڪيو اٿس. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ مون تي سندس طرف کان سلامتيءَ جو پيغام آهي، (مون تي سلامتي هجي) جنهن ڏينهن ڄائيس، جنهن ڏينهن مرندس ۽ جنهن ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندس. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو آهي مريم جي پٽ عيسيٰ (جو احوال). سچي ڳالهه اها ئي آهي جنهن بابت ماڻهو (عيسائي ۽ يهودي هيترا) اختلاف ڪرڻ لڳا آهن. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
الله جي لاءِ هيءَ ڳالهه (هرگز مناسب) ٿي نٿي سگهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بنائي. پاڪائي هجي ۽ آهي ان (پاڪ خدا) لاءِ (هو ڪيئن اهڙو مجبور ٿي سگهي ٿو جو ڪنهن فاني هستيءَ کي پنهنجو پٽ بڻائي). سندس شان هي آهي ته جڏهن ڪوبه ڪم ڪرڻ جو فيصلو ٿو ڪري ته رڳو حڪم ٿو ڪري ته ٿي پؤ! ته بس ٿي ٿو پوي. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ (حضرت عيسيٰ جي پڪار هيءَ هوندي هئي) بيشڪ الله ئي منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي. بس انهيءَ ئي جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪيو. اهوئي (سچائي جو) سڌو رستو آهي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پر وري کانئس پوءِ مختلف فرقا پاڻ ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا. سو جن ماڻهن حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي حالت تي افسوس آهي، انهيءَ ڏينهن جي نظاري تي افسوس جو (اچڻ وارو آهي ۽ جو) ڏاڍو سخت ڏينهن ٿيندو. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جنهن ڏينهن اهي اسان جي حضور ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سندن ڪن ڪهڙا نه چٽو ٻڌندڙ ۽ سندن اکيون ڪهڙيون نه چٽو ڏسندڙ هونديون. پر اڄوڪي ڏينهن ظالمن جو ڪهڙو حال هوندو؟ ظاهر ظهور گمراهي ۾ (تباه حال) هوندا. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ (اي پيغمبر!) کين انهيءَ (اچڻ واري) ڏينهن بابت به خبردار ڪري ڇڏ، جو وڏو پڇتائڻ وارو ڏينهن ٿيندو جڏهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي ويندو. هاڻي ته هي ماڻهو غفلت ۾ پئجي ويا آهن ۽ (هن ڳالهه تي) ايمان آڻڻ وارا ناهن. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
اسان ئي (آخر) زمين جا وارث ٿينداسين ۽ انهن سڀني ماڻهن جا به جيڪي زمين تي رهندڙ آهن ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت ابراهيم جو ذڪر (بيان) ڪر، يقيناً هو سچو هو، ۽ الله تعاليٰ جو نبي هو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
(انهيءَ وقت جو ذڪر ڪر) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا بابا! تون ڇو ٿو اهڙيءَ شيءِ جي پوڄا ڪرين جا نڪي ٻڌي ٿي، نڪي ڏسي ٿي ۽ نڪي توکي ڪنهن ڪم اچي ٿي. |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اي منهنجا بابا! مان سچ ٿو چوان ته، علم جي ڪجهه روشني مون کي ملي آهي جا توکي ڪانه ملي آهي. پوءِ منهنجي چوڻ تي لڳ. مان توکي سڌي واٽ ڏيکاريندس. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اي منهنجا بابا! شيطان جي ٻانهپ نه ڪر، شيطان ته خدا جو نافرمان ٿي چڪو آهي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اي منهنجا بابا! مون کي خوف ٿو ٿئي ته متان رحمان خدا جي طرفان توتي ڪو عذاب اچي ڪڙڪي ۽ تون شيطان جو سنگتي ٿي پئين. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
پيءُ (اهي ڳالهيون ٻڌي) چيو ته، اي ابراهيم تون منهنجي معبودن (خدائن) کان ڦري ويو آهين ڇا؟ ياد رک ته جيڪڏهن تون اهڙين ڳالهين کان باز نه ايندين ته توکي سنگسار ڪري (ماري) ڇڏيندس، (پنهنجو خير گهرين ته جان بچائي) مون کان پري هليو وڃ. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
حضرت ابراهيم فرمايو ته، چڱو منهنجو سلام قبول پوي (مان جدا ٿي ٿو وڃان) هاڻي مان پنهنجي پروردگار کان تنهنجي بخشش لاءِ دعا گهرندس. هو مون تي ڏاڍو مهربان آهي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
مان توهان سڀني کي ڇڏي ٿو وڃان ۽ انهن کي به ڇڏي ٿو ڏيان جن کي توهان الله کان سواءِ پڪاريندا آهيو، مان پنهنجي پروردگار (هڪ الله) کي ٿو پڪاريان، اميد آهي ته پنهنجي پروردگار کي پڪاري مان محروم (يا ناڪامياب) ڪونه ٿيندس. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم انهن ماڻهن کان ۽ انهن سڀني کان جن کي خدا کان سواءِ پوڄيندا هئا جدا ٿي ويو، تڏهن اسان (هن جي نسل ۾ برڪت ڪئي ۽) هن کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ انهن مان هرهڪ کي اسان نبوت ڏني هئي. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ کين پنهنجي رحمت مان بخششو ڪيوسين ۽ پڻ انهن سڀني لاءِ سچائيءَ جون صدائون (آواز) بلند ڪيوسين. (يعني سندن سچي ساراهه پئي ڳائجي). |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت موسيٰ جو بيان پڙهه، بيشڪ هو هڪ خاص خاص ٻانهو ۽ (الله جو) موڪليل پيغمبر هو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
اسان کيس طور جبل جي ساڄي (يعني اوڀر) طرف کان سڏ ڪيو ۽ (وحي جي) ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ويجهو آندو. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ پڻ پنهنجي رحمت سان (سندس مددگاريءَ لاءِ کيس) هارون ڏنوسين جو سندس ڀاءُ هو ۽ نبي هو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب (قرآن مجيد) ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر پڙهه، بيشڪ هو پنهنجي قول جو سچو هو ۽ (الله جو) موڪليل هو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ هو پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ هو (سڀني ڳالهين ۾) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پسند پيل هو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ (اي پيغمبر!) ڪتاب ۾ ادريس جو به ذڪر ڪر، بيشڪ هو به سچائيءَ جو پتلو ۽ نبي هو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان هن کي وڏي بلند مقام (درجي) تائين پهچائي ڇڏيو هو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن نبين مان آهن جن کي الله تعاليٰ نعمتون ڏنيون، آدم جي نسل مان ۽ انهن جي نسل مان جن کي اسان حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو. پڻ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسرائيل (يعني حضرت يعقوب) جي نسل مان ۽ انهن قومن مان جن کي اسان سڌيءَ واٽ تي لڳايو ۽ (ڪاميابيءَ ۽ سعادت لاءِ) چونڊيو. اهي اهي ماڻهو آهن جن کي جڏهن رحمان خدا جون آيتون ٻڌايون وينديون هيون تڏهن بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندا هئا ۽ سندن اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پر انهن کان پوءِ اهڙا ناخلف (نڀاڳا) سندن جانشين ٿيا جن نماز (جي حقيقت) ضايع ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان پئجي ويا. سو (ڏسندؤ ته) جلد سندن سرڪشي سندن آڏو ايندي. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
پر جيڪو (گناهن کان) باز ايندو، ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪرڻ ۾ لڳي ويندو (تنهن لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان ذرو به بي انصافي نه ٿيندي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
هميشه واري جنت (۾ داخل ٿيندا) جنهن متعلق رحمان خدا پنهنجي ٻانهن سان واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو واعدو هڪ غيبي ڳالهه جي باري ۾ آهي (جنهن کي هو هن حياتيءَ ۾ محسوس ڪري نٿا سگهن پر) يقيناً هن جو واعدو اهڙو آهي، جو ڄڻ ته اها ڳالهه ٿي ويئي. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
انهيءَ (جنت واري) زندگيءَ ۾ ڪابه واهيات ڳالهه هنن جي ڪنن ۾ نه پوندي. جيڪي به ٻڌندا، سا سلامتيءَ جي ئي صدا هوندي. اتي صبح توڙي شام سندن رزق سندن لاءِ مهيا ٿيندو رهندو. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
سو (ڏسو) اها آهي جنت جنهن جو اسان انهيءَ ماڻهو کي وارث ڪري ٿا ڇڏيون جيڪو اسان جي ٻانهن مان متقي (يعني پرهيزگار) آهي. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (فرشتا جنتين کي چوندا ته،) اسان (توهان ڏي) تڏهن ٿا اچون جڏهن توهان جي پروردگار وٽان حڪم ٿو ملي، جيڪي به اسان جي اڳيان آهي، جيڪي به اسان جي پٺيان گذري چڪو آهي، ۽ جيڪي به انهن ٻنهي وقتن جي وچ ۾ ٿي گذريو سڀ سندس ئي حڪم سان آهي ۽ اوهان جو پروردگار اهڙو ناهي جو ڪابه ڳالهه وساري ڇڏي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
هو آسمان ۽ زمين جو پرورگار آهي ۽ انهن سڀني جو پروردگار آهي جي آسمان ۽ زمين ۾ آهن. سو (اي پيغمبر!) انهيءَ ئي جي ٻانهپ ڪر ۽ سندس ٻانهپ ڪرڻ جي راهه ۾ جيڪي به تڪليفون پيش اچن سي صبر سان سهندو رهه. ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ٻيو به ڪو سندس همنام آهي. (يعني الله جهڙو آهي؟ هرگز نه!) |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ (حقيقتن کان غافل) انسان چوي ٿو ته، جڏهن مان مري ويندس تڏهن وري جيئرو اٿاريو ويندس ڇا؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
(افسوس) انسان کي هيءَ ڳالهه به ياد ناهي ڇا ته اسان کيس اڳي به پيدا ڪيو هو، جنهن کان اڳي هو ڪجهه به نه هو. |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
سو (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار شاهد آهي اسان انهن سڀني کي ۽ انهن سان گڏ سڀني شيطانن کي ضرور هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي چوڌاري حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏينداسين ۽ هو گوڏن ڀر ڪريل هوندا. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ هر هڪ ٽوليءَ مان انهن ماڻهن کي (چونڊي) جدا ڪنداسين، جيڪي (پنهنجي زندگيءَ ۾) رحمان خدا کان سخت باغي (نافرمان) ٿي ويا هئا. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ هيءَ ڳالهه به اسان ئي بهتر ڄاڻنداسين ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو دوزخ ۾ پوڻ جا زياده لائق آهن. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ (ياد رکو ته) اوهان (ڪافرن) مان ڪوبه اهڙو ڪونهي جو انهيءَ منزل مان نه لنگهندو (يعني دوزخ ۾ نه پوندو) ائين ڪرڻ (يعني ڪافرن کي دوزخ ۾ وجهڻ) تنهنجي پروردگار ضروري ٺهرايو آهي. اهو هڪ ڪيل فيصلو آهي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ اسان متقين کي نجات (يعني ڇوٽڪارو) ڏينداسين ۽ ظالمن کي دوزخ ۾ گوڏن ڀر ڪريل ڦٽو ڪنداسين. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن اسان جون روشن آيتون ماڻهن کي ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ پيل آهن سي ايمان وارن کي چون ٿا ته هي ته ٻڌايو ته، (اسان) ٻنهي ٽولين ۾ ڪهڙي ٽولي آهي جا وڏي پوزيشن (درجي) واري آهي ۽ جنهن کي شاندار (دٻدٻي واري) مجلس (يا ڪائونسل) آهي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
۽ هنن کان (اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته) کانئن اڳي گهڻين ئي قومن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو جي کانئن گهڻو بهتر اسباب ۽ (جنگي) سامان رکنديون هيون ۽ جن کي کانئن گهڻو وڌيڪ دٻدٻو ۽ رونق هئي. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته، جيڪڏهن ڪو گمراهيءَ ۾ پوي ٿو ته رحمان خدا جو قانون هي آهي جو هن کي (عذاب کان) مهلت ڏيندو رهي ٿو. هو انهيءَ حال ۾ رهندو تان جو پنهنجي اکين سان اها ڳالهه ڏسي جنهن جو ساڻس واعدو ڪيو ويو هو، يعني عذاب يا قيامت جي گهڙي. پوءِ ان وقت کيس پتو پوندو ته ڪير هو جنهن جي پوزيشن (يا درجو) بدتر (وڌيڪ خراب) ثابت ٿيو ۽ جنهن جو ٽولو سڀني کان وڌيڪ هيڻو ۽ ضعيف ثابت ٿيو. |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ جن ماڻهن سچي واٽ لڌي ۽ ان تي هليا تن کي الله تعاليٰ وڌيڪ هدايت ٿو ڪري (۽ سنئين واٽ تي ٿو هلائي) ۽ تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ ته باقي رهڻ واريون (يعني بقاءُ ڪندڙ) نيڪيون ئي بهتر آهن، ثواب ۾ توڙي (بهتر) نتيجن (ڏيکارڻ) ۾. (يعني چڱن عملن جا چڱا نتيجا نڪرندا ۽ وڏا انعام ۽ نعمتون ملنديون). |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
(اي پيغمبر!) تو ڏٺو ته، انهيءَ شخص جو ڪهڙو حال ٿيو جنهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مان ضرور مال ۽ دولت حاصل ڪندس ۽ مان ضرور گهڻي اولاد وارو ٿيندس. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
(هو جو ائين ٿو چوي سو) هن کي غيب جي خبر پئجي ويئي آهي ڇا؟ يا خدا کان ڪو عهد وٺي ڇڏيو اٿس ڇا؟ (جو خدا کي ضرور ائين ئي ڪرڻو پوندو). |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
هرگز نه (ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي) چڱو هو جيڪي چوي ٿو سو اسان لکي ٿا ڇڏيون (يعني هن جي اها ڳالهه ڪانه وسرندي. سندس آڏو ايندي) ۽ سندس عذاب جي رسي ڊگهي ڪندا رهنداسين. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
هو جنهن مال ۽ اولاد جي دعويٰ ڪري ٿو (سو کڻي مليس ته به) آخر هو اسان جي ئي قبضي ۾ ايندو. ۽ اسان وٽ ايندو به اڪيلوئي اڪيلو. (مال ۽ اولاد ڪم ڪونه ايندس). |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
۽ هنن ماڻهن الله کان سواءِ ٻين کي کڻي معبود بنايو آهي ته سندن مددگار ٿين. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
پر هرگز ائين ڪونه ٿيندو آهي (قيامت جي ڏينهن) سندن بندگيءَ بابت صاف انڪار ڪندا ۽ اٽلندو هنن جا مخالف ٿيندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
(اي پيغمبر!) تون ڏسين ٿو ڇا ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي چاڙهي موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته هنن کي (گناهن ۽ فساد ڪرڻ لاءِ برغلائيندا ۽) اڀاريندا رهن. |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ تون انهن جي باري ۾ تڪڙ نه ڪر، (سندن فيصلو ڪرڻ ۽ کين مغلوب ڪرڻ ۾ جا دير ٿي رهي آهي، سا فقط هن ڪري آهي جو) اسان هنن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون. (مقرر وقت ويجهو اچي ويو آهي). |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
انهي ڏينهن (جيڪو پري ناهي) اسان پرهيزگار انسانن کي پنهنجي حضور ۾ مهمانن وانگر آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪنداسين. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ گهنگارن کي اڃايل جانور وانگر دوزخ ڏي ڪاهي هڪالي وينداسين. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
انهيءَ ڏينهن سفارش ڪرڻ يا ڪرائڻ ڪنهن جي به اختيار ۾ نه هوندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي خدا جي حضور مان واعدو مليو هوندو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ اهي ماڻهو (يعني عيسائي) چون ٿا ته رحمان خدا پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي. |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
اها تمام سخت خراب ڳالهه آهي جا ٺاهي پيش ڪئي ويئي آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
(اهڙي خراب ڳالهه تي ممڪن آهي ته) آسمان ڦاٽي پوي ۽ زمين ۾ ڏار پئجي وڃي ۽ جبل ڏڪي ڪري پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
(جو) ماڻهو الله جي لاءِ پٽ هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
الله تعاليٰ کي ڪيئن ٿو جڳائي جو پاڻ لاءِ هڪ پٽ بنائي رکي. |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
حالانڪ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي سو انهيءَ لاءِ آهي ته الله جي اڳيان ٻانهپ جو سر جهڪائي حاضر ٿئي. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
هن (پنهنجي قدرت سان) انهن (عيسائين) کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، ۽ (پنهنجي علم سان) هڪ هڪ کي ڳڻي ڇڏيو آهي. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ قيامت جي ڏينهن سندس حضور ۾ اڪيلا اچي بيهندا. (يعني ڪوبه مددگار ساڻن ڪونه هوندو). |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
(اي پيغمبر!) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عملن کي لڳي ويا آهن تن متعلق يقين آهي ته رحمان خدا (ماڻهن جي دلين ۾) انهن لاءِ محبت پيدا ڪري ڇڏيندو. (يعني ماڻهو انهن ڏانهن ائين ڇڪجي ايندا جيئن لوه جي سئي چقمق ڏانهن ايندي آهي ۽ کين نهايت پسند ڪندا). |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
(انهيءَ غرض سان) اسان قرآن کي تنهنجي ٻولي (عربي) ۾ نازل ڪري آسان ڪيو آهي ته پرهيزگار انسانن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏئي ۽ جيڪا قوم سچائيءَ جي مقابلي ۾ ضد ڪندڙ ۽ هٺ ڪندڙ هجي تنهن کي (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
هنن (قريش سرڪشن) کان اڳي قومن جا ڪيترائي دور ٿي گذريا آهن جن کي اسان (بدعملن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن جي به هستي (هاڻي) محسوس ڪيو ٿا؟ ڇا هنن جي رڳو ڀڻ ڀڻ به ڪا ٻڌجي ٿي؟ |