كهيعص (آيت : 1) |
كۗهٰيٰعۗصۗ |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
رسولِ عربي (هي) تنهنجي رب جي رحمت جو ذڪر آهي، (جيڪا رحمت) ان پنهنجي ٻانهي (حضرت) زڪريا تي ڪئي |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جنهن وقت ان پنهنجي رب کي مخفي طور پڪاريو |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجو بدن (وڏي عمر هئڻ ڪري) ضعيف ٿي چڪو آهي ۽ منهنجا وار سفيد ٿي چڪا آهن ۽ آئون ڪڏهن به تنهنجي دعا مان نااميد نه ٿيو آهيان |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش! |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو (بہ) وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار! ان کي صالح ڪر |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
اي زڪريا بيشڪ اسين توکي هڪ پٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي، ان کان اڳ اسان ڪنهن جو به اهڙو نالو نه رکيو آهي |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو حالانڪ منهنجي گھر واري سنڍ آهي ۽ آئون نهايت عمر رسيده ٿي چڪو آهيان |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
الله تعالى فرمايو ڳالهه ايئن آهي. توهان جي رب فرمايو ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ تحقيق ان کان اڳ مون توکي پيدا ڪيو تڏهن ته تون ڪجھه به نه هئين |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ڪا نشاني عطا ڪر. الله تعالى فرمايو تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته تون بنا ڪنهن سبب جي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ڳالهائي نه سگھندين |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري پنهنجي قوم ڏانهن آيو پوءِ انهن کي اشارن سان چوڻ لڳو ته صبح ۽ شام تسبيح پڙهندا ڪريو |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
اي يحييٰ تورات کي مضبوطيءَ سان وٺ، ۽ يحييٰ کي اسان ننڍپڻ ۾ نبوت |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ نرم دلي ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ پاڻ پرهيزگار هو |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ پيءُ ماءُ سان سهڻو سلوڪ ڪندڙ هو ۽ پاڻ سخت ۽ نافرمان نه هو |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
الله تعالى جي طرفان سلام آهي يحييٰ جي ڄمڻ ۽ وصال واري ڏينهن تي ۽ ان ڏينهن جڏهن کيس اٿاريو ويندو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
رسولِ عربي توهان (بيبي) مريم جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو، جنهن وقت اها گھر وارن کان اڪيلي ٿي (عبادت لاءِ) هڪ جاءِ تي ويٺي جيڪا اوڀر طرف هئي |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ مريم پنهنجي گھر وارن کان گوشه نشيني اختيار ڪئي. پوءِ اسان مريم ڏانهن جبريل امين موڪليو، جيڪو (سندس اڳيان) هڪ مڪمل انسان ٿي ظاهر ٿيو |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم چيو آئون توکان الله تعالى جي پناه گھران ٿي جيڪڏهن تون خدا جو خوف رکين ٿو |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
جبريل چيو آئون ته فقط تنهنجي رب جو موڪليل (فرشتو) آهيان. ان لاءِ ته آئون توکي پاڪيزه پٽ عطا ڪريان |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
ان (بيبي صاحبه) چيو ته مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو؟ حالانڪ مون کي ڪنهن انسان هٿ نه لاٿو ۽ نه آئون بدڪار آهيان |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
جبريل چيو واقعي ايئن آهي، پر تنهنجو رب فرمائي ٿو ته ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ نهايت آسان آهي، ۽ آئون ايئن ان لاءِ ڪريان ٿو ته اهو ماڻهن لاءِ نشاني ٿِئي ۽ اسان وٽان رحمت ٿئي. ۽ اهو ڪم ايئن ٿيڻو آهي |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ (حضرت) عيسيٰ پنهنجي والده جي پيٽ ۾ ٿيو، پوءِ پاڻ پنهنجي گھر جي خالي حصي ۾ وڃي ويٺي |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ان کي ٻار ڄڻڻ جا سور سڪل کجي جي ٿڙ ڏانهن وٺي آيا. (بيبي) مريم چيو ڪاش آئون ان کان اڳ مري وڃان ها ۽ منهنجو ڪو ذڪر ئي نه هجي ها |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ ان کي هيٺائين کان جبريل امين پڪاريو ته تون ڏک نه ڪر، تحقيق تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪ نهر جاري ڪئي آهي |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ کجور جي ٿڙ کي پاڻ ڏانهن جھلي ڌُوڻِ، ان مان تو ڏانهن تازي پڪل کجور ڪرندي |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ تون کاءُ ۽ پيءُ ۽ پاڻ کي خوش ڪر، پوءِ جيڪڏهن تون ڪنهن ماڻهو کي ڏسين ته پوءِ ان کي چئو ته بيشڪ مون الله لاءِ خاموش رهڻ جو نذر ڪيو آهي، پوءِ آئون اڄ ڪنهن ماڻهو سان هرگز ڪين ڳالهائيندس |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ عيسيٰ کي کڻي مريم پنهنجي قوم وٽ آئي، قوم وارن چيو اي مريم بيشڪ تو تمام خراب ڪم ڪيو آهي |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ، تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو نه هو ۽ نه تنهنجي ماءُ بدڪار هئي |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
پوءِ (بيبي) مريم عيسيٰ ڏانهن اشارو ڪيو، قوم وارن چيو اسين ان معصوم ٻار سان ڪيئن ڳالهايون جيڪو پينگھي ۾ آهي |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
ٻار (حضرت عيسيٰ) فرمايو بيشڪ آئون الله جو ٻانهو آهيان، الله تعالى مون کي ڪتاب عطا ڪيو ۽ مون کي نبي بنايو |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ مون کي مبارڪ ڪيو اٿس جتي به آئون هجان ۽ الله تعالى مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم فرمايو آهي جيستائين آئون زنده آهيان |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ مون کي ماءُ سان نيڪيءَ جو حڪم ڪيو اٿس ۽ مون کي سخت ۽ نافرمان نه ڪيو اٿس |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ الله تعالى جي طرفان مون تي سلام آهي ان ڏينهن جڏهن منهنجي ولادت ٿي ۽ وفات ٿيندي ۽ جنهن ڏينهن آئون زنده ڪري اٿاريو ويندس |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو عيسيٰ پٽ مريم جو آهي، سچي ڳالهه اها آهي جنهن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
الله تعالى کي لائق ناهي جو ڪنهن کي اولاد بنائي، الله پاڪ آهي، جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪندو آهي ته فقط چوندو آهي ته ٿيءُ پوءِ فوراً اهو ٿي پوندو آهي |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ الله تعالى منهنجو ۽ توهان جو رب آهي پوءِ توهان ان جي عبادت ڪريو، هيءُ سنئون سڌو رستو آهي |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پوءِ گروهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ قيامت جي ڏينهن ڪافرن لاءِ ويل آهي |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
رسولِ عربي توهان انهن کي (قيامت جا احوال) ٻڌايو ۽ ڏيکاريو ان ڏينهن (اهي) اسان وٽ ايندا مگر اڄ اهي ظالم صاف گمراهي ۾ آهن |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ توهان انهن کي قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو جڏهن فيصلو ڪيو ويندو ۽ اهي غفلت ۾ هوندا ۽ اهي ايمان نه آڻيندا |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
بيشڪ زمين ۽ جيڪي شيون زمين تي آهن انهن جا مالڪ اسين آهيون ۽ اهي اسان ڏانهن موٽايا ويندا |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) ابراهيم جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جنهن وقت (حضرت ابراهيم) پنهنجي چاچي کي چيو ته تون ان (بت) جي عبادت ڇو ٿو ڪرين جيڪو نه ٻڌي ٿو ۽ نه ڏسي ٿو ۽ نه ڪا شيءِ توکان دفع ڪري سگھي ٿو |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
اي منهنجا چاچا بيشڪ تحقيق مون وٽ اهو علم اچي چڪو آهي جيڪو تو وٽ ناهي پوءِ تون منهنجي تابعداري ڪر آئون توکي سڌو رستو ڏيکاريندس |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
اي منهنجا چاچا تون شيطان جي عبادت نه ڪر. بيشڪ شيطان ته رحمان جو نافرمان آهي |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
اي منهنجا چاچا بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو ته توکي الله تعالى جو ڪو عذاب نه پهچي، پوءِ تون (لعنت ۾) شيطان جو سنگتي نه ٿي وڃين |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
ان چاچي (آذر) چيو اي ابراهيم ڇا تون منهنجي معبودن کان مُنهن موڙين ٿو قسم سان جيڪڏهن تون باز نه آئين ته آئون توکي پٿر هڻندس ۽ تون مون کان گھڻو وقت پري ٿي وڃ |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
(حضرت) ابراهيم چيو منهنجو توهان کي (الوداعي) سلام آهي، آئون جلدي تنهنجي لاءِ تنهنجي رب کان بخشش طلب ڪندس، بيشڪ اهو مون تي نهايت مهربان آهي |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آئون ڪناره ڪشي ڪريان ٿو توهان کان ۽ توهان جي بتن کان جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا ۽ آئون پنهنجي رب جي عبادت ڪندس. اميد ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي رب جي عبادت مان نامراد نه ٿيندس |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ پاڻ جڏهن ان کان ۽ انهن جي بتن کان ڪناره ڪشي ڪئي ته اسان (حضرت) ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيا ۽ (انهن مان) هر هڪ کي نبوت عطا ڪئي |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ اسان انهن کي پنهنجي رحمت عطا ڪئي ۽ اسان انهن جو ذڪر اعليٰ ڪيو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) موسيٰ جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو بيشڪ اهو مخلص هو ۽ پاڻ رسول (۽) نبي هو |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
۽ اسان ان کي طُور سينا جي ساڄي پاسي کان پڪاريو ۽ راز جي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ ان کي مقرب بنايو |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجي رحمت سان، سندس ڀاءُ (حضرت) هارون نبي ڪري عطا ڪيو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) اسماعيل جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو، بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ پاڻ رسول (۽) نبي هو |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ پاڻ پنهنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو هو، ۽ پاڻ پنهنجي رب وٽ پسنديده هو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ رسولِ عربي توهان قرآن ڪريم ۾ (حضرت) ادريس جو ذڪر ڪريو، بيشڪ اهو سچو نبي هو |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان ان کي بلند مقام تي پهچايو |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اهي انهن نبين مان آهن جن تي الله تعالى پنهنجي نعمت ڪئي آهي (اهي) (حضرت) آدم جي اولاد مان هئا، ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جن کي اسان نوح سان گڏ سوار ڪرايو. ۽ ڪي انهن مان (حضرت) ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ اهي انهن مان آهن جن کي اسان هدايت ڏني ۽ برگزيده بنايو. جنهن وقت انهن جي مٿان رحمان جون آيتون پڙهيون وينديون هيون ته اهي سجدي ۾ ڪري روئيندا هئا |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ انهن جي پويان اهڙا ناخلف پيدا ٿيا جن نماز ضايع ڪئي ۽ پنهنجي سَڌن جي پٺيان هليا پوءِ اهي جلدي جهنم جي وادي ۾ اڇلايا ويندا |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
مگر جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا پوءِ اهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ سندن عملن مان ڪا شيءِ نه گھٽائي ويندي |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
(انهن لاءِ) بهشت جا باغ هوندا جن جو رحمان پرپٺ پنهنجي ٻانهن سان وعدو فرمايو، بيشڪ الله تعالى جو وعدو ضرور ايندڙ آهي |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
بهشت ۾ سلام کانسواءِ فضول ڳالهه نه ٻڌندا، ۽ بهشتين کي بهشت ۾ صبح ۽ شام رزق ڏنو ويندو |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
اهو بهشت آهي جنهن جو مالڪ اسين پنهنجي انهن ٻانهن کي ڪنداسين جيڪي پرهيزگار هوندا |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ اسين (فرشتا) نٿا نازل ڪريون مگر توهان جي رب جي حڪم موجب، زمان ماضي زمان حال ۽ زمان استقبال جي سڀني شين جو مالڪ الله تعالى آهي ۽ توهان جي رب کي ويسر ناهي |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن پوءِ توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ الله جي عبادت تي صبر ڪريو، ڇا الله جي نالي جهڙو ٻيو توهان ڄاڻو ٿا (يقيناً نه) |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ اُهو انسان (اُبَيَ بن خلف، قيامت جو منڪر) چوي ٿو ته ڇا آئون جڏهن مري ويندس ته پوءِ عنقريب زنده ڪري اٿاريو ويندس |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان کي ياد ناهي ته بيشڪ اسان ان کي ان کان اڳ پيدا ڪيو هو ۽ پاڻ ڪا شيءِ نه هو |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ توهان جي رب جو قسم آهي ته آئون ضرور انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪندس پوءِ انهن کي جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر ڪري حاضر ڪندس |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
ان کان پوءِ اسين هر (گمراه) فرقي مان انهن ماڻهن کي جدا ڪنداسين جيڪي انهن مان رحمان سان زياده سرڪش هوندا |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
ان کان پوءِ اسين انهن ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون جيڪي جهنم ۾ ساڙڻ جا وڌيڪ حقدار هوندا |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ توهان مان اهڙو ڪوبه ناهي جنهن جو گذر دوزخ تان نه ٿيندو، توهان جي رب جو اهو قطعي فيصلو آهي |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
ان کان پوءِ اسين پرهيزگارن کي نجات ڏينداسين ۽ ظالمن کي جهنم ۾ گوڏن ڀر ڪري داخل ڪنداسين |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن انهن جي مٿان اسان جون صاف صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر، مومنن کي چون ٿا ته ٻن فريقن مان درجي ۽ مجلس جي لحاظ کان ڪهڙو، وڌيڪ بهتر آهي |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
۽ انهن کان اڳ اسان ڪيتريون قومون برباد ڪري ڇڏيون جيڪي انهن کان ملڪيت ۽ ڏسڻ ۾ وڌيڪ بهتر هئا |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪو گمراهي ۾ آهي ان کي رحمان گھڻي ڍر ڏئي ٿو، ايستائين جو جڏهن اُهي اُهو ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو، يا عذاب يا قيامت، پوءِ اهي جلدي معلوم ڪندا ته انهن مان شرارتي ۽ ڪمزور لشڪر ڪنهن جو آهي |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ مؤمنن جي رُشدُ و هدايت ۾ الله تعالى مزيد اضافو ڪري ٿو، ۽ آخرت جا عمل توهان جي رب وٽ سڀ کان بهتر آهن ۽ (انهن جو) سڀ کان بهتر نتيجو ملندو |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
ڇا پوءِ توهان ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو اسان جي آيتن کي نٿو مڃي ۽ چوي ٿو ته مون کي (آخرت ۾) ضرور مال ۽ اولاد ملندو |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا اهو غيب کان واقف ٿيو آهي يا رحمان کان ان کي ڪو وعدو مليو آهي |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
ايئن هرگز نه ٿيندو، اسين جلدي سندس چوڻ لکنداسين ۽ ان کي تمام ڊگھو عذاب ڏينداسين |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ اسين سندس مال ۽ اولاد جا وارث هونداسين ۽ پاڻ اسان وٽ اڪيلو ايندو |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
انهن (مشرڪن) الله تعالى کانسواءِ معبود ورتا آهن ان لاءِ ته اهي سندن مددگار ٿين |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
ايئن هرگز نه ٿيندو، اهي جلدي بتن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ اهي سندن سخت دشمن ٿي پوندا |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ اسان ڪافرن تي شيطان موڪليا جيڪي انهن کي (گناهن لاءِ) اُڀارين ٿا |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ توهان (انهن جي عذاب لاءِ) تڪڙ نه ڪريو، اسين انهن جي ڳڻپ ڪريون ٿا |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
قيامت جي ڏينهن اسين پرهيزگارن کي گڏ ڪري پاڻ ڏانهن وفد ڪري آڻينداسين |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ اسين، مجرمن کي جهنم ڏانهن اڃايل ڪري هڪلينداسين |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
نٿا مالڪ ٿين ڪنهن شفاعت جا، مگر اهي، جن کي شفاعت جي اجازت مليل هوندي |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ (ڪافر) چون ٿا ته رحمان اولاد پسند ڪيو آهي |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
بيشڪ توهان عجيب ڳالهه چئي آهي |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
(اهڙي ڳالهه ٻڌي) قريب آهي ته آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين چيرجي پوي ۽ جبل ڍهي ڪري پون |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
ان لاءِ ته انهن رحمان لاءِ اولاد جي نسبت ڪئي آهي |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
اولاد جي نسبت رحمان جي شايانِ شان ناهي |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
آسمانن ۽ زمينن ۾ جيڪي آهن سي سڀ رحمان جي حضور ۾ ٻانها ٿي حاضر ٿيندا |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ الله تعالى انهن جي چڱي طرح ڳڻپ ڪئي آهي |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ انهن مان هر هڪ الله جي دربار ۾ اڪيلو اڪيلو ٿي ايندو |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جلدي الله تعالى انهن سان پيار ڪندو |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
پوءِ (هي قرآن) اسان توهان جي زبان تي آسان بنايو ان لاءِ توهان انهيءَ سان پرهيزگارن کي مبارڪ ڏيو ۽ سخت جھيڙاڪ قوم کي ڊيڄاريو |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ انهن کان اڳ ۾ اسان ڪيتريون ئي قومون برباد ڪيون، ڇا توهان انهن مان ڪنهن کي ڏسو ٿا يا توهان انهن جو ڪو معمولي آواز ٻڌو ٿا (يقيناً نه) |