كهيعص (آيت : 1) |
ڪ_ هه_ يٰ_ ع_ص |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
هي ذڪر آهي تنهنجي رب جي سندس ٻانهي زڪريا تي ڪيل رحمت جو. |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن هن پنهنجي رب کي ڳجهو پڪاريو هو. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
چيائين ”اي رب! منهنجا هڏ هيڻا ٿيا، مٿي ۾ اڇاڻ چمڪڻ لڳي آهي، ته به اي رب! آءُ توکي پڪارڻ کان بي مراد نه آهيان. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
آءُ مون کان پوءِ منهنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال اڻ ويار (سنڍ) آهي، هاڻي ته تون پاڻ وٽان مو نکي ڪو وارث ڏي. |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جو مون ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ اي ڌڻي! تون ان کي پسنديءَ جهڙو ڪر!“ |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(چيوسون) ”اي زڪريا! اسين توکي هڪ ”يحيٰ“ نالي ڇوڪر جي مبارڪ ٿا ڏيون، اهڙي نالي وارو اسان اڳ ٻيو ڪو به ڪو نه خلقيو.“ |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
”چيائين اي رب! مون کي ڪٿان ڇوڪر ٿيندو! جو منهنجي زال اڻ ويار آهي ۽ آءُ پوڙهائي جي ڇيهه کي وڃي پهتو آهيان؟“ |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
چيائين، ”ائين ئي ٿيندو، تنهنجي رب چيو آهي ته اهو مون لاءِ آسان آهي، جو مون هن کان اڳ توکي به بنايو آهي، جو تون ڪجهه به نه هئين!“ |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
چيائين ”اي رب! مون لاءِ ڪا نشاني بڻاءِ!“ چيائين ”تو لاءِ نشاني اها آهي، جو تون ماڻهن سان ساندهه ٽي راتيون ڳالهائي نه سگهندين.“ |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ هو حجري مان نڪري پنهنجي قوم ڏي آيو ۽ کين اشاري ۾ چيائين ته ”صبح شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو.“ |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
”اي يحيٰ! ڪتاب کي پختو ٿي وٺ“ ۽ اسان هن کي ننڍپڻ ۾ ئي دين جي سمجهه ڏني هئي. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ خاص پاڻ وٽان نرم دلي ۽ پاڪائي، ۽ هو تمام نيڪ هو. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ سندس مائٽن سان چڱائي ڪندڙ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
ان تي ڄمڻ ڏينهن، وفات ڏينهن ۽ وري اٿڻ جي ڏينهن الله جي طرفان سلامتي هجي! |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ هن ڪتاب ۾ مريم جو ذڪر پڙهه، جڏهن هوءَ سندس گهر وارن کان جدا ٿي اڀرندي جاءِ ڏي ويئي. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
پوءِ هن انهن کان پردو ڪيو، تڏهن اسان هن ڏي پنهنجو روح موڪليو، جو هن وٽ پوري ماڻهوءَ جي شڪل ٿي آيو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
(مريم) چيو ”آءُ توکان خدا جي پناهه ٿي گهران، جي تون خدا ترس آهين.“ |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
چيائين، ”آءُ تنهنجي رب جو ئي موڪليل آهيان، ته توکي هڪ پاڪ ڇوڪر ڏيان.“ |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
چيائين ”مون کي ڇوڪر ڪٿان ٿيندو، جو نه مون کي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ لڳايو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان!“ |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
چيائين ائين ئي ٿيندو، تنهنجي رب چيو آهي ته اهو مون لاءِ آسان آهي، هن لاءِ ته اسين هن کي ماڻهن لاءِ نشاني بڻائينداسون ۽ اسان وٽان رحمت، ۽ اها فيصل ٿيل ڳالهه آهي.“ |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ هو پيٽ سان ٿي ۽ ان سان وڃي ڪنهن پرانهين هنڌ رهي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ويم جي سورن سبب کجيءَ جي وڻ ڏي آئي، چوڻ لڳي ”هاءِ! جي آءُ هن کان اڳ مري وڃان ها ۽ ڪنهن کي ياد به نه هجان ها!“ |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ ملائڪ کيس هيٺئين طرف کان پڪاريو، ته ”فڪر نه ڪر، تنهنجي رب تنهنجي هيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آهي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ هن کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏي لوڏ، ته تو وٽ تازيون کارڪون ڪرنديون. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
پوءِ کاءُ، پيءُ ۽ پنهنجون اکيون ٺار، پوءِ جيڪو ماڻهو ڏسين ته چوينس ته ”مون خدا لاءِ روزي جو نذر ٻڌو آهي، سو اڄ آءُ ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه ڳالهائيندس!“ |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ ٻار کي کڻي قوم ۾ آئي، ته چوڻ لڳا، ”مريم! تو بيشڪ بڇڙي چيز آندي آهي! |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو ۽ نڪا تنهنجي ماءُ بدڪار هئي!“ |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
ته هن ٻار ڏانهن اشارو ڪيو، چيائون ”ڀلا هن سان ڪيئن ڳالهايون، جو پينگهي جو ٻار آهي؟“ |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
(ٻار) چيو ”آءُ خدا جو ٻانهو آهيان، هن مون کي ڪتاب ڏنو آهي ۽ مون کي نبي بنايو اٿس. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ آءُ جتي به هجان، اتي مون کي برڪت وارو بنايو اٿس ۽ جيسين جيئرو هجان، تيسين مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪيو اٿس. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
مون کي پنهنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ بنايائين ۽ مون کي سرڪش چنڊو نه بنايو اٿس. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ مون تي سلامتي آهي ڄمڻ ڏينهن ۽ مرڻ ڏينهن ۽ وري جيئرو ٿي اٿڻ ڏينهن.“ |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو آهي عيسيٰ پٽ مريم جو، جنهن ڳالهه ۾ هو شڪ ٿا ڪن تنهن جي سچي ڳالهه اها آهي. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
اهو الله جو وڙ ناهي، جو هو ڪنهن کي پٽ بنائي، هو پاڪ آهي، هن کي جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي ته فقط ان کي چوندو آهي ته ”ٿي پئو“ ته هو ٿي پوندو آهي. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ الله منهنجو ڌڻي آهي ۽ اوهان جو به ڌڻي آهي، تنهن ڪري ان جي ئي بندگي ڪريو، اها ئي سنئين واٽ آهي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پوءِ به ڪن ٽولين پاڻ ۾ بگيڙو ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينهن اڳيان اچڻ جي خرابي آهي. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جنهن ڏينهن هو اسان وٽ ايندا، تڏهن ڏاڍا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿي پوندا_ پر ظالم اڄ صفا گمراهيءَ ۾ آهن! |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
انهن کي پڇتائڻ واري ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن آخري فيصلو ٿيندو- جو هو غفلت ۾ آهن ۽ ايمان نٿا آڻين. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
اسين سڄيءَ زمين ۽ ان ۾ رهندڙن جا وارث آهيون ۽ سڀ اسان ڏي ئي موٽبا. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
هن ڪتاب ۾ ”ابراهيم“ جو ذڪر ڪر، هو وڏي سچائيءَ وارو نبي هو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جڏهن هن سندس پيءُ کي چيو ”بابا! تون انهن جي بندگي ڇو ٿو ڪرين جي نڪي ٻڌن ٿا، نه ڏسن ٿا، نڪي تو تان ڪجهه به ٽاري ٿا سگهن؟ |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
بابا! بيشڪ مون وٽ اها ڄاڻ آئي آهي، جا تو وٽ نه هئي، ان ڪري منهنجو چيو مڃ، ته آءُ توکي سنئينءَ واٽ لڳايان. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
بابا! شيطان جي بندگي نه ڪر، بيشڪ شيطان رحمان جو نافرمان آهي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
بابا! مون کي ڊپ آهي ته توتي رحمان وٽان ڪو عذاب اچي رسي، پوءِ تون شيطان جو همراهه ٿي پوندين!“ |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
چيائين ”ابراهيم! ڇا! تون انهن کان ڦريل آهين، جن جي اسين بندگي ٿا ڪريون؟ جيڪڏهن تون انهي کان باز نه ايندين ته توکي سنگسار ڪندس ۽ مون کان هميشه لاءِ پري ٿيءُ!“. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
چيائين ”سلام عليڪ، آءُ اڃا به تنهنجي لاءِ پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهرندس، بيشڪ هو مون تي وڏو مهربان آهي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
مون اوهان کان خواهه انهن کان پاسو ڪيو، جن جي اوهين الله کان سواءِ بندگي ٿا ڪريو ۽ آءُ پنهنجي رب کي ئي پڪاريندو رهندس، اميد اٿم ته پنهنجي رب کي پڪارڻ کان بدبخت نه ٿيندس.“ |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن کانئن ۽ انهن کان پاسو ڪيائين جن جي هو الله کان سواءِ بندگي ڪندا هئا، ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيو ۽ سڀني کي نبي بڻايوسون. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ کين پنهنجي رحمت مان حصو ڏنوسون ۽ سندن نالي کي نيڪ ۽ بلند ڪيوسون. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ هن ڪتاب ۾ ”موسيٰ“ جو ذڪر ڪر، هو خاص ٻانهو ۽ رسول نبي هو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
اسان کيس طور جبل جي ساڄي پاسي کان آواز ڏنو۽ کيس ڳجهه جي ڳالهين لاءِ مقرب بڻايو. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ ان کي پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون به نبي ڪري ڏنوسون. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ ڪتاب ۾ ”اسماعيل“ جو ذڪر ڪر، بيشڪ هو وعدي جو سچو هو ۽ رسول نبي هو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ ساڻس لاڳاپيل کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو هو ۽ پنهنجي رب وٽ پسند پيل هو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ ڪتاب ۾ ”ادريس“ جو ذڪر ڪر، هو سچو نبي هو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان کيس مٿاهين درجي تي رسايو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
اهي ئي شخص آهن جن تي الله نعمت ڪئي آهي، آدم جي نسل جي نبين مان، نوح سان گڏ چاڙهيلن مان ۽ ابراهيم ۽ يعقوب جي نسل مان ۽ انهن مان، جن کي اسان رستو ڏيکاريو ۽ چونڊيوسون_ جڏهن وٽن رحمان جون آيتون پڙهيون ٿي ويون ته سجدو ڪندي روئندي زمين تي ڪري ٿي پيا. (سجدو) |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ کانئن بعد اهڙا پويان ٿيا، جن نمازون وڃايون ۽ سڌن پٺيان لڳا- پوءِ جلد ئي گمراهيءَ جي سزا ڏسندا. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
مگر جن توبه ڪئي، ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، اهي بهشت ۾ داخل ٿيند ا ۽ مٿن ڪجهه به ظلم نه ٿيندو. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
اهي بهشتي باغ ۾ هميشه رهندڙ آهن، جن جو وعدو رحمان پنهنجن بندن سان پرپٺ ڪيو آهي، بيشڪ ان جو وعدو ضرور ملندو. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
هو انهيءَ ۾ سلام کان سواءِ ٻي ڪا به بڪواس نه ٻڌندا ۽ انهن کي صبح ۽ شام رزق ملندو رهندو. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
اهو ئي بهشت آهي جنهن جا مالڪ اسين پنهنجن بندن مان اهي بڻائينداسون جي نيڪ هوندا. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (ملائڪن چيو) ته اسين تنهنجي رب جي حڪم بنا لهي نٿا سگهون، جيڪي به اسان جي اڳيان آهي يا پٺيان آهي يا انهن جي وچ ۾ آهي سو سڀ ان جو آهي ۽ تنهنجو ڌڻي وساريندڙ نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
هو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي، پوءِ ان جي بندگي ڪر ۽ سندس بندگي تي قائم رهه_ ڇا تون ان جي نالي وارو ڪو ٻيو به ڄاڻين ٿو؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ انسان ٿو چو ي ته ”جڏهن مرندس تڏهن جيئرو ڪري اٿاربس ڇا؟“ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان کي اهو ياد ناهي، ته اسان هن کي هن کان اڳ به خلقيو آهي، جو هو ڪجهه به نه هو؟ |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
پوءِ تنهنجي رب جو قسم آهي، ته اسين انهن کي خواهه شيطان کي ضرور گڏ ڪنداسون، پوءِ وري کين دوزخ جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ هر هڪ ٽولي مان اهڙن کي جدا ڪنداسون، جي الله سان گهڻي سرڪشي ڪند اهئا. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ اسان کي انهن جي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جيڪي منجهس پَوَڻا آهن. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
اوهان مان ڪو به اهڙو ناهي جو ان وٽان نه گذرندو_ اهو تنهنجي رب جو پورو ٿيندڙ انجام آهي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ نيڪن کي ڇوٽڪارو ڏينداسون ۽ ظالمن کي منجهس گوڏن ڀر ڪريل ڇڏي ڏينداسون. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن مٿن اسان جون پڌريون آيتون پڙهجن ٿيون ته ڪافر مؤمنن کي چون ٿا ته ”پاڻ ٻنهي ٽولن مان ڪنهنجي جاءِ چڱي آهي ۽ مجلس سٺي آهي؟“ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
پر انهن کان اڳ ڪيترائي ٽولا چٽ ڪياسون، جي کانئن سامان ۽ ڏيکاءُ ۾ گهڻا چڱا هئا. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
چئو ته جيڪو گمراهيءَ ۾ هوندو آهي انهن کي خدا ڊگهو رسو ڏئي ٿو، تان جو جيڪي ساڻن عذاب جو يا قيامت جو وعدو هوندو آهي سو ڏسي وٺندا، پوءِ جلد ئي خبر پوندن ته ڪير بڇڙي جاءِ وارو ۽ هيڻي لشڪر وارو آهي؟ |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
الله انهن کي وڌيڪ سنئين راهه لڳائيندو آهي جي سنئين راهه تي هلندا آهن ۽ هميشه نيڪ ڪم تنهنجي رب وٽ ثواب ۾ به چڱا آهن ۽ انجام ۾ به چڱا. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
ان شخص کي ڏٺئي، جنهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو؟ ۽ چيائين ” مون کي (آخرت۾ ) به مال ۽ اولاد ملندا.“ |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
غيب جي خبر اٿس، يا خدا وٽ ڪو انجام ٻڌو اٿس؟ |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
هرگز نه! هو جيڪي چوي ٿو، سو به لکون ٿا ۽ مٿس عذاب وڌائيندا رهنداسون. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
جيڪي چوي ٿو سو اسان جي وس ۾ هوندو ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
هنن الله کان سواءِ ٻين کي سائين بنايو آهي ته اهي کين عزت ڏيارين. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
هر گز نه_ هو جلد ئي سندن پوڄائڻ کان انڪار ڪندا، ۽ سندن دشمن ٿيندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
تون ڏسين نٿو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي موڪليو آهي ته کين ڌوڻيندا رهن؟ |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
پوءِ انهن لاءِ تڪڙ نه ڪر، اسين سندن سڀ ڪجهه ڳڻي رهيا آهيون. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
ان ڏينهن نيڪن کي ٻاجهاري الله وٽ مهمان ڪري گڏ ڪبو. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ ڪافرن کي دوزخ ڏانهن هڪلينداسين. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
شفاعت جو اختيار فقط ان کي هوندو جنهن الله وٽ عهد ورتو هوندو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ هو چون ٿا ته ”الله اولاد ورتو آهي“ |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
(چئو ته) اوهان اها اهڙي بڇڙي ڳالهه چئي آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
جنهن کان جيڪر آسمان ڦاٽن، زمين چيرجي ۽ جبل ٽڪرا ٽڪرا ٿي پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
جو هو الله لاءِ اولاد سڏين. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
۽ الله جووڙ ناهي جو هو اولاد وٺي. |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي، سو الله اڳيان ٻانهي ٿي اچي ٿو. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ هن انهي کي گهيري هيٺ رکيو آهي ۽ کين ڳڻي ڇڏيو آهي. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ سڀئي وٽس قيامت ڏينهن اڪيلا ٿي ايندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ الله جلد ئي محبت پيدا ڪندو. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
بيشڪ اسان قرآن کي تنهنجي زبان ۾ سولو ڪيو آهي ته تون ان سان نيڪن کي مبارڪ ڏين ۽ جهيڙا ڪارن کي ساڻس ڊيڄارين. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ انهن کان اڳ اسان ڪيترائي جڳ ناس ڪيا. ڇا، تون انهن مان ڪنهنجو ڪو پتو به ڏسين ٿو ۽ ڪا ڀڻڪ به ٻڌين ٿو؟ |