كهيعص (آيت : 1) |
ڪاف ــ ھا ــ يا ــ عين ــ صاد |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
ھي تنھنجي پالڻھار جي ان رحمت جو ذڪر آھي جيڪا ھُن پنھنجي ٻانھي زڪريا ($) تي نازل ڪئي ھئي. |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏھن ھُن پنھنجي پالڻھار کان (نھايت) اڪيلائيءَ ۾ دعا گهري هئي. |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! منھنجون ھڏيون صفا چُور ٿي ويون آھن ۽ ڪراڙپ کان منھنجو مٿو صفا اَڇو (چاندي وانگر) ٿي چڪو آھي، اي منھنجا پالڻھار! مان ڪڏھن به توکان دعا گهرندي محروم به نه رھيو آھيان. |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ مان پاڻ کان پوءِ پنھنجي وارثن جي خراب ماحول کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال به سَنڍ آھي (بس!) تون مون کي پنھنجي مھرباني سان وارث (طور پُٽ جو اولاد) عطا فرماءِ. |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جيڪو منھنجي ۽ يعقوب ($) جي اولاد جو به وارث ٿئي ۽ اي پالڻھار! تون ان (پُٽ) کي دل پسند به بڻائجانءِ. |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(اللھ تعالى چيو ته) اي زڪريا! چڱو اسان توکي ھڪ ڇوڪري جي خوشخبري ڏيون ٿا، جنهن جو نالو يحى ھوندو، ان نالي سان اسان اڄ تائين ڪنھن کي به پيدا نه ڪيو آھي. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
زڪريا ($) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون وٽ ڇوڪرو ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جڏهن ته منھنجي گهر واري سَنڍ آھي ۽ مان به تمام جُهور پوڙھو ٿي چڪو آھيان. |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
جواب مليو ته ايئن ئي ٿيندو، تنھنجو پالڻھار فرمائي ٿو ته اھا ڳالھ منھنجي لاءِ انتھائي آسان آھي. ھن کان اڳ جڏھن تون خود ڪجهه به نه ھئين ته مون توکي به ته پيدا ڪيو ھو. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
زڪريا ($) عرض ڪيو ته: اي منھنجا پالڻھار! ڀلا منھنجي لاءِ ڪا نشاني ته مقرر فرماءِ. جواب مليو ته: تنھنجي لاءِ ھي نشاني آھي ته تون لڳاتار ٽن ڏينھن تائين ڪنھن سان به نه ڳالهائي سگهندين. (حالانڪ تون تندرست ھوندين) |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ ھو حجري مان نڪري پنھنجي قوم جي سامهون آيو ۽ (ھَٿن جي) اشارن سان نصيحت ڪئي ته صبح ۽ شام (اللھ تعالى جي) تسبيح بيان ڪندا رھو. |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
(يحى ؑ ڄمڻ کان پوءِ جڏھن سمجهه واري عمر کي پھتو ته کيس فرمايو ويو ته) اي يحى! ڪتاب کي مضبوطيءَ سان قابو ڪجانءِ ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ ئي سمجهه عطا ڪئي ھئي. |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پنھنجي طرفان خاص نرم دلي ۽ پاڪيزگي به عطا ڪئي ۽ ھو وڏو پرھيزگار ھو. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
ھو پنھنجي والدين سان وڏو نيڪ سلوڪ ڪندڙ ھو، نه ڪڏھن انهن سان سختيءَ سان پيش آيو ۽ نه ئي (سندن) نافرماني ڪئي. |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
۽ مٿس پيدائش واري ڏينھن، وفات واري ڏينھن ۽ ٻيھر جيئرو ٿي اٿڻ واري ڏينھن سلامتي آھي. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ ھن ڪتاب ۾ مريم((ؒ جو واقعو به بيان فرماءِ. جڏھن ھوءَ پنھنجي گهر وارن کان اوڀر طرف پرڀرو ٿي الڳ ويٺي. |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
هن گهر وارن جي پاسي کان هڪ پردو لٽڪائي ڇڏيو. پوءِ اسان ان ڏي ماڻهوءَ جي شڪل ۾ پنھنجو ھڪ فرشتو موڪليو. |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم ((ؒچيو ته مان توکان اللھ تعالى جي پناهه گهران ٿي. جيڪڏھن تون خدا ترس ماڻهو آھين (ته ھتان پري ٿي وڃ) |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
فرشتي چيس ته مان تنھنجي پالڻھار جي طرفان موڪليل آھيان ته جيئن مان توکي پاڪ فرزند عطا ڪريان. |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
مريم ((ؒچيس ته مون کي فرزند ڪيئن ٿيندو؟ مون کي ته ڪنھن به مرد ھٿ نه لاٿو آھي ۽ نه ئي مان ڪا بدڪار عورت آھيان. |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
فرشتي چيس ته ايئن ئي ٿيندو، تنھنجو پالڻھار فرمائي ٿو ته اھو ڪم منھنجي لاءِ انتھائي آسان آھي ( ۽ اِھو ان لاءِ ڪنداسون ته جيئن) اسان ڇوڪري کي ماڻهن جي لاءِ ھڪ نشاني ۽ پنھنجي طرفان ھڪ رحمت جي صورت ٺاھيون ۽ ان ڳالھ جو فيصلو ٿي چڪو آھي. |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ مريم (ؒ) کي (ٻار جو) حمل ٿيو ته ھوءَ اڃا به گهر وارن کان ٿورو پرڀرو ھلي وئي. |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ ويم جي سورن جي ڪري ھوءَ کجيءَ جي وڻ جي ھيٺان وڃي ويھي رھي، دل ۾ چيائين ته ڪاش! جيڪر مان اھڙي حالت کان اڳ ئي مري وڃان ھا جو منھنجو نالو نشان به نه رھي ھا. |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ ملائڪ کيس پيرانديءَ واري طرف کان پڪاري چيو ته غم نه ڪر، تنھنجي پالڻھار تنھنجي لاءِ ھڪ چشمو جاري ڪري ڇڏيو آھي. |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
تون کجيءَ جي وڻ کي ڌوڻو ڏي ته تنھنجي مٿان تازيون کارڪون ڪرنديون. |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
تون کارڪون کاءُ ۽ پاڻي پي پنھنجو ھيانءُ ٺار، جيڪڏھن ڪو ماڻهو توکي ملي ۽ پڇا ڪري ته کيس (آڱر جي) اشاري سان چئجانءِ ته مان اللھ تعالى جي نالي تي روزي جي باس باسي آھي، تنھن ڪري اڄ مان ڪنھن سان به نه ڳالھائينديس. |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ مريم ان ٻار کي کڻي پنھنجي قوم وٽ پھتي، ماڻهن چيس ته اي مريم! هي ته تون ھڪ عجيب حرڪت ڪري وڌي آھي. |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي ھارون جي ڀيڻ! نه ته تنھنجو پيءُ بري قسم جو ماڻهو ھو ۽ نه ئي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار عورت ھئي. |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
پوءِ مريم ٻار ڏي اشارو ڪيو (ته ھن کان پڇي وٺو) ماڻهن چيس ته اسان پينگهي ۾ پيل ٻار سان ڪيئن ڳالهائي سگهنداسين؟ |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
ايتري ۾ ٻار ڳالھائيندي چيو ته: مان اللھ تعالى جو ٻانھو آھيان، ھُن مون کي ڪتاب عطا ڪيو آھي ۽ مون کي نبي بڻايو آهي. |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
مان جتي به ھوندس اتي ھن مون کي برڪت وارو ڪري بنايو آھي ۽ مون کي تاحيات نماز پڙھڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ ھن مون کي پنھنجي ماءُ سان انتھائي نيڪ سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آھي ۽ مون کي سخت دل ۽ بدبخت به نه بنايو آھي. |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ مون تي پيدائش واري ڏينھن، وفات واري ڏينھن ۽ ٻيھر جيئرو ٿي اٿڻ واري ڏينھن سلامتي آھي. |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
هي آھي عيسى پٽ مريم، ان جو اھو ئي صحيح واقعو آھي، جنھن ۾ ماڻهو (ھروڀرو) شڪ ۾ پيل آھن. |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
اللھ تعالى جي شان وٽان اھا ڳالھ نه آھي جو ھو ڪنھن کي اولاد ٺاھي. ھو پاڪ آھي، جڏھن به ھو ڪنھن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آھي ته چوندو آھي ته ”ٿي“ ته اھو ”ٿي پوندو“ آھي. |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ اللھ تعالى ئي منھنجو ۽ توھان سڀني جو پالڻھار آھي. بس! ان جي ئي بندگي ڪريو، اھو ئي سڌو رستو آھي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
انهن منجهان مختلف جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي ڏينھن جي اچڻ تي وڏي تباھي هوندي. |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
جنھن ڏينھن کين اسان جي آڏو پيش ڪيو ويندو ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت تمام تيز ٿي ويندي. پر اڄ ھي ظالم وڏي گمراھيءَ ۾ پيل آھن. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
(اي نبيﷺ!) ھنن کي آخري فيصلي واري ڏينھن جي پشيماني کان ڊيڄار. ھن وقت ھي ماڻهو غفلت ۾ پئجي ايمان نٿا آڻين. |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
بيشڪ اسان ئي زمين ۽ ان جي مٿان رھندڙن جا (اصل) وارث آھيون ۽ سڀني کي آخرڪار اسان ڏانھن ئي موٽايو ويندو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ ھن ڪتاب ۾ ابراھيم ($) جو واقعو به بيان فرماءِ. بيشڪ ھو وڏو سچار نبي ھو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
جڏھن هُن پنھنجي پيءُ کي چيو ته منھنجا بابا! جيڪو نه ٻڌي، نه ڏسي ۽ نه ئي تنھنجي ڪو ڪم اچي سگهي، پوءِ به تون ان جي بندگي ڪرين ٿو؟ |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
منھنجا بابا! بيشڪ مون وٽ اھڙو علم اچي چڪو آھي جيڪو تو وٽ نه پھتو آھي (بس!) تون منھنجي پيروي ڪر ، مان توکي سڌو رستو ڏيکاريندس. |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
منھنجا بابا! شيطان جي پوڄا نه ڪر، بيشڪ شيطان اللھ تعالى جو وڏو نافرمان آھي. |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
منھنجا بابا! مان ان ڳالھ کان ڊڄان ٿو ته ڪٿي تنھنجي مٿان اللھ تعالى جو عذاب نه اچي، پوءِ تون شيطان جي ساٿين ۾ شمار ٿيندين. |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
(سندس پيءُ ) چيو ته اي ابراھيم! ڇا تون منھنجي معبودن کان منھن موڙين ٿو؟ جيڪڏھن تون ان ڳالھ کان باز نه ايندين ته مان توکي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کي ڇڏي ھتان ھميشه لاءِ ھليو وڃ. |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
ابراھيم ($) چيس ته توھان تي سلامتي ھجي، مان پنھنجي پالڻھار کان توھان جي لاءِ معافي جي دعا گهرندس. بيشڪ ھو مون تي وڏو مھربان آھي. |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
(ٺيڪ آ) مان توھان کي ۽ توھان جي معبودن سڀني کي ڇڏي وڃان ٿو، جن کي توھان اللھ تعالى کان سواءِ سڏيو ٿا. مان ته رڳو پنھنجي پالڻھار جي ئي بندگي ڪندس. اميد آھي ته مان پنھنجي پالڻھار کان دعا گهرندي ڪڏهن به محروم نه رهندس. |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏھن ھو انهن کي ۽ ٻين هستين جن کي ھو اللھ تعالى کان سواءِ پڪاريندا ھئا تن سڀني کي ڇڏي ھليو ويو ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (عليهما السلام)عطا ڪيا ۽ هر هڪ کي نبي ٺاھيوسين. |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ اسان انهن سڀني کي پنھنجي رحمت مان ڪيتريون ئي نعمتون به عطا ڪيون ۽ انهن جي سچائي واري ڪردار کي بلند ڪيوسين. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ ھن ڪتاب ۾ موسى ($) جو واقعو به بيان ڪري ٻڌاءِ، بيشڪ ھو پسنديده رسول ۽ نبي ھو. |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
اسان کيس طُور جبل جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جي ڳالھ ڪرڻ لاءِ انتھائي ويجهو ڪيو. |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ اسان پنھنجي رحمت طور سندس ڀاءُ ھارون کي به نبي بنايو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ ھن ڪتاب ۾ اسماعيل ($) جو واقعو به بيان ڪري ٻڌاءِ، بيشڪ ھو وعدي جو سچو ھو ۽ ھو رسول ۽ نبي ھو. |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
ھو پنھنجي گهر وارن کي نماز پڙھڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حڪم ڪندو ھو ۽ پنھنجي پالڻھار جو پسنديده ٻانهو ھو. |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ ھن ڪتاب ۾ ادريس ($) جو واقعو به بيان ڪري ٻڌاءِ ته بيشڪ ھو سچو نبي ھو. |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
اسان کيس بلند مقام تي کڻي ورتوسين. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
ھي سڀ آدم ($) جي اولاد منجهان اُھي نبي آھن جن تي اللھ تعالى نعمتون فرمايون هيون، نوح ($) جا ساٿي، جن کي ٻيڙي ۾ بچايوسين ۽ ابراھيم ۽ اسرائيل (ؐ) جي اولاد، هي به انهن ماڻهن مان ھئا جن کي اسين چونڊي ھدايت وارو رستو عطا ڪيو هو. جڏھن به انهن کي اللھ تعالى جون آيتون پڙھي ٻڌايون وينديون ھيون ته سجدي ۾ ڪري روئندا ھئا. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پر انهن کان پوءِ سندن جڳھ تي نا اھل ماڻهو اچي ويا جن نماز کي ڇڏي ڏنو ۽ نفس جي خواھشن جي پٺيان ھلندا رھيا، پوءِ کين جلد ئي گمراھيءَ جي سزا ملندي. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
پر جيڪي ماڻهو توبہ ڪندا، ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا ته اھڙائي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا. انهن جي مٿان ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
اھڙن ماڻهن لاءِ ھميشه رھڻ وارا باغ آھن، جن جو اللھ تعالى پنھنجي ٻانهن سان ڳجهي نموني وعدو ڪيو آھي. بيشڪ اھو وعدو ضرور پورو ٿيندو. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اُھي جنتي اتي جنت ۾ ڪنھن به قسم جي فضول ڳالھ ٻولھ نه ٻڌندا، رڳو ھڪ ٻئي کان سلام ڪرڻ جا آواز ٻڌندا ۽ جنت ۾ کين مسلسل صبح ۽ شام کائڻ پيئڻ جون شيون ملنديون رھنديون. |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
اھا ئي جنت آھي جنھن جو وارث اسان پنھنجي ٻانهن مان انهن کي بنائينداسين جيڪي پرھيزگار رھيا ھوندا. |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
(ملائڪن چيو ته) اسان تنھنجي پالڻھار جي حڪم کان سواءِ نازل ئي نه ٿيندا آھيون جيڪو ڪجهه اسان جي سامهون آھي يا اسان جي پويان آھي يا انهن ٻنهي جي وچ ۾ آھي سو سڀ ڪجهه اللھ تعالى جو ئي آھي. تنھنجي پالڻھار کي ڪڏھن به ويسر نه ٿيندي آھي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
ھو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رھندڙ سموري مخلوق جو پالڻهار آھي. بس! تون ان جي بندگي ڪر ۽ بندگي ڪرڻ ۾ پڪو رهه. ڇا توکي انهن صفتن جھڙو ڪو ٻيو نظر اچي ٿو؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
انسان چوي ٿو ته جڏھن مان مري ويندس ته ڇا مون کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا انسان کي اھو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کان اڳ جڏھن ھو خود ڪابه شيءِ نه ھو ته بيشڪ اسان ئي ته کيس پيدا ڪيو ھو؟ |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
بس! تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته اسان انهن سڀني کي شيطانن سميت ھڪ ھنڌ گڏ ڪنداسين پوءِ انهن سڀني کي جھنم جي چوڌاري آڻي گوڏن ڀر ڪيرائينداسين. |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ ھر گروهه مان اھڙن ماڻهن کي الڳ ڪري بيھارينداسين جيڪي پنھنجي پالڻھار جي مقابلي ۾ وڏا سرڪش ٿي بيٺا ھئا. |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
اسان انهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي جھنم ۾ اڇلائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن. |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ توھان مان ڪوبه اھڙو شخص نه آھي جنھن جو ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ جھنم وٽان گذر نه ٿئي (چاھي پُل صراط جي صورت ۾ ئي ھجي) اھو تنھنجي پالڻھار جو پڪو فيصلو ٿيل آھي. |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ اسان صرف پرھيزگارن کي ئي بچائينداسين ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀر ڪيرائينداسين. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏھن انهن (ظالمن) کي اسان جون پڌريون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته اسان ٻنهي مان ڪهڙي ٽولي جو شان وڏو آھي ۽ ڪنھن جي محفل سٺي آھي؟ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
(انھن کي معلوم ھجڻ کپي ته) اسان انهن کان اڳ انهن کان به وڌيڪ شان ۽ شوڪت رکڻ وارين قومن کي تباهه ڪري چڪا آھيون. |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته جيڪو ماڻهو خود گمراھي ۾ وڃڻ چاھيندو آھي ته اللھ تعالى به کيس اوڏانھن وڃڻ جي ڍَرَ ڏئي ڇڏيندو آھي پوءِ جڏھن ھو وعدو ڪيل شين، عذاب يا قيامت کي ڏسندا ته ان وقت خبر پئجي ويندي ته ڪنھن جو شان بدترين ۽ ڪنھن جو لشڪر ڪمزور ھو. |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
اللھ تعالى ھدايت وارن جي ھدايت کي اڃا به وڌائيندو آھي، تنھنجي پالڻھار وٽ چڱائي ۽ بدلي جي حساب سان باقي رھندڙ نيڪيون ئي بھتر آھن. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
ڇا تو اھڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو جنھن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ ھو چوندو وتي ٿو ته مون کي اڃا به وڌيڪ مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو. |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا کيس غيب جي علم جي خبر آھي يا ھُن وڏي مھربان (اللھ تعالى) کان ڪو وعدو ورتو آهي. |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
ايئن ھرگز نه آھي. اسان اُن جون چيل سڀ ڳالهيون لکندا وڃون ٿا ۽ اسان اُن جي عذاب کي وڌائينداسون. |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
هُو دنيا ۾ جيڪي ڪجهه چوي ٿو (سو مرڻ کان پوءِ) اھو سڀ ڪجهه اسان جي قبضي ۾ ايندو ۽ هُو خود اڪيلو اسان وٽ اچي حاضر ٿيندو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
انهن ماڻهن اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي رڳو پنھنجي عزت وڌائڻ خاطر معبود بنايو آھي. |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
ھرگز نه! (انھن جي ڪير به عزت نه وڌائيندو) قيامت واري ڏينھن ھو پنھنجي معبودن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿي بيھندا. |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
ڇا توھان نه ڏٺو ته اسان ڪافرن جي مٿان شيطانَن کي مسلط ڪري ڇڏيو آھي ته جيئن ھو کين گناھن ڪرڻ تي خوب اڀاريندا رھن. |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
تنھنڪري تون انهن جي مٿان عذاب اچڻ ۾ تڪڙ نه ڪر. اسان سندن زندگيءَ جا ڏينھن (چڱي طرح) ڳڻي رھيا آھيون. |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
اسان ان ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن جي صورت ۾ اللھ تعالى جي آڏو پيش ڪنداسين. |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ وري ڏوھارين کي اڃايل جانور وانگر جھنم ڏانھن ھڪلي وينداسين. |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
ان ڏينھن ڪنھن به ماڻهوءَ کي سفارش ڪرڻ جو ڪو به اختيار حاصل نه ھوندو سواءِ ان ماڻهوءَ جي جنھن اللھ تعالى کان سفارش ڪرڻ جي اجازت ورتي ھوندي. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
ھو چون ٿا ته اللھ تعالى پنھنجي لاءِ اولاد بنائي آھي. |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
(حقيقت ۾) انهن اها انتھائي بيھوده ڳالھ ٺاھي ورتي آھي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
متان آسمانَ ڦاٽي پون، زمين ڏري پوي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪري پون. |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
ان ڳالھ تي ته انهن ماڻهن اللھ تعالى جي لاءِ اولاد رکڻ جي (ڪوڙي) دعوى ڪئي آھي. |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
اللھ تعالى جو اھو شان ئي نه آھي جو ھو اولاد رکي. |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آھي سو سڀ اللھ تعالى جي آڏو ٻانهن جي حيثيت ۾ پيش ٿيندا. |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
ھُن انهن سڀني کي قابو ۾ رکي ھڪ ھڪ ڪري ڳڻي ڇڏيو آھي. |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ قيامت واري ڏينھن سڀئي اڪيلو اڪيلو ٿي ان جي آڏو پيش ٿيندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا اللھ تعالى انهن جي لاءِ (ٻين ماڻهن جي دلين ۾) محبت پيدا ڪندو. |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
بيشڪ اسان قرآن مجيد کي تنھنجي ئي ٻوليءَ ۾ آسان ڪري نازل ڪيو آھي ته جيئن تون پرھيزگارن کي جنت جي خوشخبري ٻڌائين ۽ ڦڏائي قسم جي ماڻهن کي جھنم جي باهه کان ڊيڄارين. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ اسان انهن کان اڳ ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري چڪا آھيون ڇا تون انهن مان ڪنھن به ھڪ کي موجود ڏسين ٿو يا انهن جو ڪو ڀُڻڪاٽ ٻڌين ٿو؟ |