كهيعص (آيت : 1) |
ڪ،هه،ي،ع،ص |
ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2) |
بيان آهي ان ٻاجهه جو، جيڪا تنهنجي رب پنهنجي بندي زڪريا تي ڪئي |
إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3) |
جڏهن هن پڪاريو پنهنجي رب کي چپ چاپ ۾ |
قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4) |
هن عرض ڪيو، ”اي منهنجا رب! منهنجا ته هڏ به ڳري ويا آهن ۽ پوڙهائپ جي ڪري منهنجو مٿو به اڇو ٿي ويو آهي ۽ اي منهنجا پالڻهار! آئون توکان دعا گهرڻ بعد نامراد نه رهيو آهيان |
وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5) |
۽ مون کي پنهنجي پويان پنهنجي مائٽن جي مداين جو ڊپ آهي ۽ منهنجي زال آهي سَنڍ، تنهنڪري تون مون کي خاص فضل سان هڪ وارث عطا ڪر |
يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6) |
جيڪو وارث ٿئي منهنجو ۽ وارث بڻجي آلِ يعقوب جو، ۽ اي رب! بڻاءِ ان کي وڻندڙ انسان“ |
يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7) |
(رب فرمايو) ”اي زڪريا! اسان خوشخبري توکي ڏيون ٿا هڪ ڇوڪر جي، جنهن جو نالو يحيٰ هوندو، پئدا نه ڪيو آهي انهيءَ نالي وارو هن کان اڳ ۾“ |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8) |
(عرض ڪيائين) منهنجا پالڻهار! ڀلا مون کي ڪيئن پٽ ٿيندو جڏهن ته منهنجي زال سَنڍ آهي، ۽ آئون ٿي ويو آهيان جهور پوڙهو |
قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9) |
جواب مليو، ”ائين ئي ٿيندو جيئن تنهنجي رب فرمايو ته اها مون لاءِ معمولي ڳالهه آهي، ۽ آخر هن کان پهرين توکي پيدا ڪيم جڏهن ته تون ڪابه شيءِ نه هئين |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10) |
(زڪريا) چيو، پالڻهار! مقرر ڪر مون لاءِ ڪا نشاني، فرمايو ويو، تو لاءِ نشاني هيءَ آهي ته، ڳالهائي نه سگهندين ماڻهن سان ٽن ڏينهن تائين لڳاتار |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11) |
پوءِ هو نڪري آيو قوم جي سامهون محراب مان، ۽ اشارو ڪيو انهن کي ته اهي پاڪائي بيان ڪن الله جي ۽ صبح شام |
يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12) |
اي يحييٰ! خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان وٺ، ۽ اسان کيس نوازيو حڪم سان ننڍپڻ کان ئي |
وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13) |
۽ پنهنجي طرفان نرم دليءَ سان گڏ پاڪائي عطا ڪئي، ۽ هو ڏاڍو پرهيزگار هو |
وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14) |
۽ حق سڃاڻندڙ هو پنهنجي والدين جو، ۽ هو نه هٺيلو هو ۽ نه نافرمان هو |
وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15) |
۽ سلام ان تي هجي جنهن ڏينهن اهو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن اهو مئو ۽ جنهن ڏينهن اهو اٿاريو ويندو جيئرو ڪري |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16) |
۽ (اي نبيؐ،) بيان ڪر هن ڪتاب ۾ مريم جو حال، جڏهن اها ڌار ٿي پنهنجي ماڻهن کان هڪ هنڌ اوڀر طرف ويهي رهي هئي |
فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17) |
۽ اها پردو وجهي کانئن لڪي ويٺي هئي، ان حالت ۾ اسان موڪليو وٽس پنهنجي روح (فرشتي کي) ۽ اهو هن جي آڏو انسان جي صورت ۾ ظاهر ٿيو |
قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18) |
مريم چيو، آئون پناهه ٿي گهران الله رحمان جي توکان، جي تون ڪو خدا ترس ماڻهو آهين |
قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19) |
هن چيو، بيشڪ آئون ته تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، ته توکي هڪ پاڪيزه نينگر بخشيان |
قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20) |
مريم چيو، مون کي ڪيئن ٿيندو ڪو ٻار، جڏهن ته مون کي ڪنهن به ڇهيو نه آهي انسان ۽ نه آئون ڪا بدڪار عورت آهيان |
قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21) |
فرشتي چيو، ائين ئي ٿيندو، تنهنجو پالڻهار فرمائي ٿو ته تمام سولو آهي ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ، اسان ماڻهن لاءِ نشاني بڻائينداسين هن نينگر کي ۽ پنهنجي رحمت به، ۽ اهو ڪم ٿي ئي رهندو |
فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22) |
پوءِ اهو ٻار جو حمل کيس ٿيو ۽ اها (حمل کي کڻي) پري هلي وئي |
فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23) |
پوءِ کيس پهچايو ويم جي سور هڪ کجيءَ جي وڻ هيٺان، هوءَ چوڻ لڳي، ڪاش آئون مري وڃان هاهن کان اڳي ئي، ۽ منهنجو ڪوبه نالو نشان ئي نه هجي ها |
فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24) |
پوءِ کيس سڏي چيو پيرانديءَ کان فرشتي، تون غم نه ڪر، بيشڪ وهايو آهي تنهنجي هيٺان تنهنجي رب هڪ چشمو |
وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25) |
۽ کجيءَ جي وڻ کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته ڪيرائي ڪيتري ساري توتي تازي کجور |
فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26) |
بس تون کاءُ ۽ پيءُ ۽ ٺار پنهنجا نيڻ، پوءِ جي تون ڏسين ڪنهن ماڻهو کي، ته ان کي چؤ، بيشڪ مون باسيو آهي رحمان جي لاءِ روزو، تنهنڪري آئون ڪنهن سان اڄ نه ڳالهائينديس |
فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27) |
پوءِ اها کڻي آئي قوم ڏي هن ٻار کي، ماڻهو چوڻ لڳا، اي مريم! هي ته تو ڪيو آهي ڪم وڏي گناهه جو |
يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28) |
اي ڀيڻ هارون جي! نه تنهنجو هو پيءُ ڪو خراب ماڻهو ۽ نه تنهنجي ماءُ وري ڪا عورت هئي بدڪار |
فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29) |
مريم ٻار ڏي اشارو ڪيو، ماڻهن چيو، اسان ڪيئن ان سان ڳالهايون، جيڪو پينگهي ۾ پيل آهي ٻار؟ |
قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30) |
ٻار ڳالهايو، بيشڪ آئون بندو آهيان الله جو، هن ڏنو آهي مون کي ڪتاب ۽ بڻايو اٿس مون کي نبي |
وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31) |
۽ ڪيائين برڪت وارو جتي به آئون رهان، ۽ حڪم ڏنائين نماز جو ۽ زڪوات جو، جيستائين آئون جيئرو رهان |
وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32) |
۽ پنهنجي والده جو حق ادا ڪندڙ بڻايو ۽ ناهي بڻايو مون کي هٺيلو ۽ بدبخت |
وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33) |
۽ سلام آهي مون تي جڏهن آئون ڄايس ۽ جڏهن آئون مرندس ۽ جڏهن وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندس |
ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34) |
اهو آهي عيسيٰ پٽ مريم، هي آهي سچي ڳالهه ان جي باري ۾، جنهن ۾ ماڻهو شڪ ڪري رهيا آهن |
ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35) |
الله جو اهو ڪم ناهي ته اهو بڻائي ڪنهن کي پٽ، اهو پاڪ ذات آهي، جڏهن هو ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪندو آهي ته چوندو آهي ”ٿي پؤ“ ته اها ٿي پوندي آهي |
وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36) |
۽ (عيسيٰ چيو هو) ۽ بيشڪ الله منهنجو رب آهي ۽ توهان جو به رب، بس توهان ان جي عبادت ڪريو، اها ئي راهه سڌي آهي |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37) |
پوءِ اختلاف ڪرڻ لڳا مختلف ٽولا پاڻ ۾، پوءِ انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي تباهي جو وقت هوندو جن ڪفر ڪيو جڏهن اهي ڏسندا وڏو ڏينهن |
أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
ان ڏينهن ٻڌي رهيا هوندا سندن ڪَن ۽ ڏسي رهيون هونديون سندن اکيون، پر اهي ظالم اڄ پڌري گمراهيءَ ۾ آهن |
وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39) |
۽ (اي نبي!) انهن کي ڊيڄار پشيماني جي ڏينهن کان جنهن ڏينهن ڪم پورو ڪيو ويندو، ۽ جڏهن ته اهي غافل آهن ۽ اهي ايمان نٿا آڻين |
إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40) |
(کين ڊيڄار ان فيصلي واري ڏينهن کان) ۽ اسان ئي وارث هونداسين زمين جا ۽ سڀ اسان ڏي ئي موٽايا ويندا |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41) |
۽ بيان ڪر هن ڪتاب ۾ قصو ابراهيم جو، بيشڪ هو هڪ سچو انسان ۽ (اسان جو) نبي هو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42) |
(کين ياد ڏيار) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا! توهان انهن شين جي پوڄا ڇو ٿا ڪريو جيڪي نه ٻڌن ٿيون ۽ نه ڏسن ٿيون ۽ نه وري توهان جو ڪو ڪم به ڪري سگهن ٿيون |
يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43) |
بابا سائين! بيشڪ مون وٽ هڪ اهڙو آيو آهي علم جيڪو توهان وٽ ناهي، توهان منهنجي پويان هلو، آئون ٻڌائيندس سڌي راهه توهان کي |
يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44) |
بابا سائين! توهان بندگي نه ڪريو شيطان جي بيشڪ شيطان ته رحمان (رب) جو (بلڪل) نافرمان آهي |
يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45) |
بابا سائين! بيشڪ مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي توهان مبتلا نه ٿي وڃو عذاب رحمٰن جي ۾ ۽ سنگتي ساٿي ٿي وڃو شيطان جا“ |
قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46) |
پيءُ چيو، ڇا تون ڦري ويو آهين منهنجي خدائن کان اي ابراهيم؟ جيڪڏهن تون نه مڙندين ته آئون توکي سنگسار ڪندس بس تون مون کان ڌار ٿي وڃ |
قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47) |
ابراهيم چيو، سلام هجي توهان تي، آئون دعا گهرندس پالڻهار کان ته توهان کي معاف ڪري، بيشڪ منهنجو رب مون تي مهربان آهي |
وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48) |
۽ آئون توهان کي ڇڏيان ٿو ۽ انهن هستين کي به جن کي توهان الله کي ڇڏي پڪاريو ٿا، آئون ته پنهنجي رب کي پڪاريندس، اميد ته آئون پنهنجي رب کي پڪاري نامراد نه ٿيندس |
فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن هو ڌار ٿي ويو انهن ماڻهن کان جيڪي پوڄيندا هئا جن کي سواءِ الله جي، ته اسان کيس اولاد ڏنو اسحاق ۽ يعقوب جهڙو، ۽ هرهڪ کي بنايو هو (پنهنجو) نبي |
وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50) |
۽ کيس نوازيو پنهنجي رحمت سان ۽ کين عطا ڪئي سچي (وڏي کان وڏي) مشهوري |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51) |
۽ بيان ڪر هن ڪتاب ۾ (قصو) موسيٰ جو بيشڪ اهو هڪ چونڊيل شخص هو ۽ پيغمبر نبي هو |
وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52) |
۽ اسان کيس سڏيو طور جي ساڄي پاسي کان، ۽ راز جي ڳالهه ٻولهه سان قربت عطا ڪئي |
وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53) |
۽ اسان ڏنو کيس پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون کي (مددگار طور) نبي ڪري |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54) |
۽ بيان ڪر (اي نبي!) هن ڪتاب ۾ اسماعيل جو قصو، بيشڪ اهو سچو هو وعدي جو ۽ اهو رسول هو نبي هو |
وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55) |
۽ هو ڪندو هو حڪم پنهنجي گهر وارن کي نماز ۽ زڪواة جو، ۽ هو پنهنجي رب وٽ پسند ڪيل انسان هو |
وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56) |
۽ بيان ڪر هن ڪتاب ۾ ادريس جو قصو، بيشڪ هو هڪ سچو انسان ۽ نبي هو |
وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57) |
۽ اسان کيس بلند مرتبو ڏئي مٿانهون ڪيو هو |
أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58) |
هي اهي ئي پيغمبر آهن جن تي الله انعام ڪيو هو پنهنجي نبين جي نسل آدم جي اولاد مان، ۽ انهن ماڻهن جي اولاد مان جن کي اسان نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو ۽ ابراهيم جي نسل مان ۽ اسرائيل (يعقوب) جي اولاد مان ۽ هي انهن جي اولاد مان هئا جن کي هدايت ۽ بلند درجو ڏنو، (انهن جو حال هي هو جو) جڏهن رحمٰن جون آيتون کين ٻڌايون وينديون هيون ته ڪِري پوندا هئا سجدي ۾ رُئندا |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59) |
پوءِ انهن بعد اهڙا سندن جانشين ندورا ماڻهو ٿيا جو انهن نماز کي ئي ڇڏي ڏنو ۽ لڳي پيا پٺيان نفس جي سَڌن جي، بس جلد ئي اهي گمراهيءَ جي سزا ڏسندا |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60) |
البته جيڪي توبه ڪندا ۽ ايمان آڻيندا ۽ سٺا عمل ڪندا اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا بهشت ۾ ۽ مٿن ذري برابر ظلم نه ٿيندو نه (حق تلفي) ٿيندي |
جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61) |
انهن لاءِ ئي هميشه جا باغ آهن وعدو ڪيو آهي رحمٰن پنهنجي بندن لاءِ پرپٺ، بيشڪ اهو سندس وعدو پورو ٿي رهندو |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62) |
اتي نه ٻڌندا اهي ڪابه بيهودي ڳالهه سواءِ سٺي ڳالهه جي، ۽ کين رزق لڳاتار ملندو رهندو صبح ۽ شام |
تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63) |
هي آهي اهو بهشت، جنهن جو وارث اسان پنهنجن ٻانهن مان ان کي ڪنداسين، جيڪو پرهيزگار هوندو |
وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64) |
۽ (اي نبي!) نه لهندا آهن (ملائڪ) پنهنجي رب جي حڪم کان سواءِ، جيڪو ڪجهه ڀي اسان جي اڳيان آهي ۽ جيڪو اسان جي پويان آهي ۽ جيڪو ان جي وچ ۾ آهي، هر شيءِ جو مالڪ اهو تنهنجو رب آهي جنهن کي ويسر نه آهي |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65) |
اهو ئي رب آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن بس تون بندگي ڪر ان جي ۽ ثابت قدم رهه، ڇا تنهنجي معلومات مطابق ڪا هستي ان جي جوڙ جي آهي؟ |
وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66) |
۽ چوي ٿو انسان ته ڇا جڏهن آئون مري ويندس ته وري جيئرو ڪري ڪڍيو ويندس؟ |
أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67) |
ڇا ياد نٿو اچي انسان کي ته اسان کيس پيدا ڪري چڪا آهيون هن کان اڳي به، جڏهن ته اهو ڪجهه به نه هو؟ |
فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68) |
تنهنجي رب جو قسم! اسان ضرور سڀني کي ۽ شيطانن کي به ساڻن گڏ گهيري آڻينداسين ۽ کين گوڏن ڀر ڪيرائينداسين دوزخ جي چوڌاري |
ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69) |
پوءِ چونڊي وٺنداسين هرهڪ ٽولي مان ان شخص کي جيڪو وڌيڪ سرڪش هو رحمٰن جي مقابلي ۾ |
ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70) |
پوءِ وري اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته ڪير آهي اهو شخص انهن مان دوزخ ۾ اڇلڻ جي لائق |
وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71) |
۽ ڪوبه توهان مان اهڙو نه آهي جيڪو دوزخ ۾ نه پوي، هي طئي ٿيل ڳالهه آهي جنهن کي پورو ڪرڻ تنهنجي رب جي ذمي آهي |
ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72) |
پوءِ بچائينداسين اسان انهن ماڻهن کي جيڪي (دنيا ۾) متقي هئا ۽ ظالمن کي ان ۾ ڪِريل ڇڏينداسين |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73) |
۽ جڏهن ٻڌايون وينديون آهن انهن کي اسان جون آيتون صاف صاف، ته چوندا آهن ڪافر ماڻهو انهن ماڻهن کي جيڪي مؤمن آهن ته ٻڌايو اسان کي ٻنهي ٽولن مان ته ڪير چڱيءَ حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن جون مجلسون شاندار آهن؟ |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74) |
جڏهن ته ان کان اڳي اسان ڪيترين اهڙين قومن کي ناس ڪيو آهي جيڪي ساز وسامان ۾ کانئن وڌيڪ هيون |
قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75) |
انهن کي چؤ، جيڪو به شخص گمراهيءَ ۾ مبتلا ٿيندو آهي تنهن کي رحمٰن ڍر ڏيندو آهي، جڏهن اهي ماڻهو ڏسي وٺندا آهن جن جو وعدو ساڻن ڪيل هوندو آهي، پوءِ اهو عذاب الاهي هجي يا آخري گهڙي (قيامت جي) پوءِ کين معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن جو حال خراب آهي ۽ ڪنهن جو ٽولو ڪمزور |
وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76) |
۽ الله انهن ماڻهن کي سڌي واٽ تي هلڻ ۾ واڌارو ڪري ٿو جيڪي اها راهه وٺن ٿا، ۽ باقي رهڻ واريون نيڪيون ئي تنهنجي رب وٽ چڱيون بدلي ۽ پڄاڻيءَ جي لحاظ کان سٺيون آهن |
أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77) |
وري تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو انڪار ڪري ٿو اسان جي آيتن جو، ۽ چوي ٿو ته آئون ضرور نوازيل رهندس مال ۽ اولاد سان |
أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78) |
ڇا کيس پتو پئجي ويو آهي غيب جو يا هن ورتو آهي رحمٰن کان ڪوبه انجام؟ |
كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79) |
هرگز نه! اسان لکي ڇڏينداسين جيڪي ڪجهه هي بڪي ٿو ۽ اڃا به ڪنداسين سندس سزا ۾ واڌارو |
وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80) |
۽ هو جنهن به ٺٺ جو ذڪر ڪري ٿو اهو سڀ اسان وٽ رهندو ۽ اسان وٽ حاضر ٿيندو هي اڪيلو |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81) |
۽ ورتا آهن انهن ماڻهن الله کان سواءِ ڪي ٻيا خدا، جيئن سندس ڀرجهلا ٿين |
كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82) |
خبردار! (ڪوبه سندن مددگار نه ٿيندو) سڀئي انڪار ڪندا سندن عبادت جو، ۽ اٽلندو سندن ئي ٿي ويندا مخالف |
أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83) |
ڇا تون ڏسين نٿو ته اسان موڪليا آهن شيطان انهن منڪرن تي (جيڪي کين اوڀارين ٿا) مخالفت تي |
فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84) |
چڱو تڪڙ نه ڪر عذاب لاءِ انهن تي، اسان بيشڪ سندن لاءِ ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون |
يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85) |
اهو ڏينهن ايندو جڏهن اسان پرهيزگارن کي مهمانن وانگر رحمٰن آڏو پيش ڪنداسين |
وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86) |
۽ اڃايل ڍورن وانگر مجرمن کي دوزخ ڏي هڪلي نينداسين |
لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87) |
ڪابه سفارش آڻڻ تي ماڻهو قادر نه هوندا ان وقت سواءِ ان جي جنهن رحمٰن وٽان پروانو ورتو هجي |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88) |
۽ اهي چون ٿا ته ورتو آهي رحمٰن ڪنهن کي پٽيلو ڪري |
لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89) |
وڏي بيهودي ڳالهه آهي جن ماڻهن ٺاهي آهي |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90) |
(جنهن ڪري) ويجهو آهي ته آسمان ڦاٽي پون، ڏري ڀري پوي (ٽڪر ٽڪر ٿي) زمين ۽ ڪِري پون جبل (ٽڪرا ٽڪرا ٿي) |
أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91) |
ان ڳالهه تي ته ماڻهن رحمٰن لاءِ اولاد جي دعويٰ ڪئي |
وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92) |
۽ اهو شان ئي ناهي رحمٰن جو ته ڪنهن کي پنهنجو پٽ بڻائي |
إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93) |
جيڪي ڪجهه به موجود آهي آسمانن ۽ زمين ۾، سي سڀ حاضر ٿيندا ان رحمٰن جي حضور ۾ ٻانهن جي حيثيت ۾ |
لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94) |
بيشڪ حاوي آهي اهو ۽ ڳاڻيٽو (سڀني جو ڪري ڇڏيو آهي) |
وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95) |
۽ اهي سڀئي قيامت جي ڏينهن سندس سامهون هڪ هڪ ٿي پيش ٿيندا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ سٺا ڪم ڪري رهيا آهن، جلد ئي اهو رحمٰن سندن دلين ۾ محبت پئدا ڪندو |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97) |
پوءِ (اي نبي!) هن ڪلام کي اسان تنهنجي زبان ۾ نازل ڪيو آهي آسان ڪري، ته تون پرهيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ هٺيلن کي ڊيڄارين |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98) |
۽ اسان هلاڪ ڪيو آهي هنن کان اڳي ڪيترين ئي قومن کي پوءِ اڄ تون ڪٿي انهن جو ڪوبه نشان لهين ٿو يا ڪابه سندن ڀڻڪ ڪٿي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي |