الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
تعريف الله کي ئي جڳائي، جنهن پنهنجي ٻانهي تي هيءُ ڪتاب نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪوبه ڏنگ ڏاءُ نه رکيائين |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ وارو ڪتاب آهي ته جيئن هو ماڻهن کي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ ايمان آڻي نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏئي ته انهن لاءِ سهڻو اجر آهي |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
جنهن ۾ هو سدائين رهندا |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله ڪنهن کي پٽ بنايو آهي |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
ان ڳالهه جو نڪي کين ڪو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي ئي هو. ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، جيڪا سندن واتان نڪري ٿي. رڳو پيا ٿا ڪوڙ هڻن |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
پوءِ اي نبي! متان تون سندن پويان ارمان ڪندي پنهنجو جيءُ وڃائي ويهين، جي هنن انهيءَ ڳالهه تي ايمان نه آندو |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
حقيقت اها آهي ته اهو جيڪي به (ساز و سامان) زمين تي آهي، تنهن کي اسان زمين جي سونهن بڻايو آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي پرک لهون ته منجهانئن ڪير وڌيڪ سهڻا عمل ڪندڙ آهي |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
(اڳتي هلي) انهيءَ ساريءَ موجودات کي اسان ميدان بڻائڻ وارا آهيون |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڀلا تو ائين سمجهيو آهي ڇا ته غار ۽ ڪـَـتبي وارا اسان جي ڪن عجيب وڏين نشانين مان هئا؟ |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن انهن ڪجهه نوجوانن غار ۾ اچي پناهه ورتي ته انهن چيو: "اي اسان جا پالڻهار! اسانکي پنهنجي خاص رحمت سان نواز ۽ اسان جي معاملي کي سڌاري سنواري ڇڏ" |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ اسان کين انهيءَ غار ۾ ڪيترا ئي سال گهاٽي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ اسان کين جاڳايو ته جيئن ڏسون ته ٻنهي ٽولن مان ڪير ٿو پنهنجي رهڻ واري عرصي جو صحيح حساب لڳائي |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسان توکي سندن اصلي قصو ٻڌايون ٿا ته هو ڪجهه نوجوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين گهڻي هدايت ڏني هئي |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ سندن دلين کي ان وقت مضبوط ڪيوسون، جڏهن اهي اٿيا ۽ اعلان ڪيائون ته "اسانجو رب ته فقط اهوئي آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏينداسون، جيڪڏهن ائين ڪيوسون ته ڏاڍي گٿي ڳالهه ڪئي سون" |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
(پوءِ انهن پاڻ ۾ چيو ته) "هن اسان جي قوم ته ڪائنات جي رب کي ڇڏي ٻيا معبود بڻائي ڇڏيا آهن. ڇو نه ٿا سندن معبود هجڻ تي ڪو چٽو ثبوت پيش ڪن؟ انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، جيڪو الله تي ڪوڙي ڳالهه مڙهي؟ |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
پوءِ جيئن ته توهان انهن سان ۽ الله کانسواءِ ٻين معبودن سان واسطو ٽوڙي چڪا آهيو ته هاڻي هلو هلي غار ۾ پناهه وٺو. توهان جو رب توهان تي پنهنجي رحمت پکيڙي ڇڏيندو ۽ توهان جو معاملو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سهنجا وسيلا ۽ سبب پيدا ڪندو" |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
تون کين غار ۾ ڏسين ها ته ائين لڳئي ها ته سج جڏهن اڀري ٿو ته سندن غار کان هٽي ساڄي پاسي لهي مــُـڙي وڃي ٿو ۽ وري جڏهن لهي ٿو ته کانئن پاسو ڪندو کاٻي پاسي لهي وڃي ٿو ۽ هو غار جي ڪشاديءَ چــُـر اندر پيا آهن، اها الله جي نشانين مان هڪڙي آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي هو گمراهه ڪري ڇڏي، ان لاءِ تون ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ مددگار نه لهندين |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
تون کين ڏسي ائين سمجهين ها ته اهي جاڳن پيا، حالانڪه هو سـُـتا پيا هئا، اسان کانئن ساڄي توڙي کاٻي، پاسا پيا ورائيندا هئاسون ۽ سندن ڪتو غار جي منهن وٽ اڳيون ٽنگون ڊگهيريون پيو هو، جيڪڏهن تون ليئو پائي کين ڏسين ها ته وٺي پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توکي انهن جي ڏسڻ سان هيبت وٺي وڃي ها |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اهڙي عجيب لقاءَ مان اسان کين جاڳائي اٿاريو، تانته پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سوال جواب ڪن. انهن مان هڪڙي پڇيو: "گهڻو وقت ائين رهيا آهيو؟" ٻين چيو: "شايد هڪ ڏينهن يا ڪجهه گهٽ رهيا هونداسون". وري چيائون: "الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيترو وقت ائين گذاريو اٿوَ". ٺهيو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هيءُ سڪو ڏيئي شهر اماڻيو، پوءِ هو ڏسي وائسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿان ٿو ملي ۽ اتان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچي ۽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺي ته متان ڪنهن کي توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه ڏيئي وِجهي |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
جيڪڏهن انهن جي وَر چڙهي ويئو ته بس پوءِ اهي يا ته سنگسار ڪندوَ يا زوريءَ پنهنجي دين ڏانهن موٽائي ڇڏيندا، جي ائين ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي سگهندؤ" |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
اهڙيءَ ريت اسان شهر وارن کي سندن باري ۾ ڄاڻ ڏني ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت جي گهڙي بيشڪ اچڻي آهي. (مگر ڏسو ته جنهن وقت سوچڻ جي ڳالهه ته هيءَ هئي) ان وقت هو پاڻ ۾ ان ڳالهه تي تڪرار ڪري رهيا هئا ته انهن (غار وارن) بابت ڇا ڪجي. ڪجهه ماڻهن چيو: "انهن تي هڪڙي ڀت اوساري ڇڏيو، انهن جو رب ئي سندن معاملي کي بهتر ڄاڻي ٿو" مگر جن جي سندن معاملن ۾ وڌيڪ هلندي پڄندي هئي، انهن چيو: "اسان ته مٿن عبادتگاهه بڻائينداسون" |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
ڪي چوندا ته هو ٽي هئا چوٿون سندن ڪتو هو ۽ ٻيا چوندا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ پيا ٿا ڌُڪا هڻن. ڪي ٻيا ماڻهو وري چون ٿا ته ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هو. چؤ ته منهنجو رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته هو ڪيترا هئا. ٿورڙا ئي ماڻهو سندن صحيح تعداد کي ڄاڻن ٿا، تنهنڪري ائين مڙيئي سرسري طرح ڪجهه چوڻ کان اڳتي وڌي ان باري ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر ۽ نڪي انهن بابت ڪنهن کان ڪجهه پــُـڇ |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ها، ڪنهن شيءِ متعلق ائين ڪڏهن به نه چوندو ڪر ته مان سڀاڻي هيءُ ڪم ڪندس |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
(توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو) مگر جيئن الله گهري. جيڪڏهن ويسر ۾ اهڙي ڳالهه زبان مان نڪري وڃئي ته هڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪر ۽ چؤ ته "اميد ته منهنجو رب هن معاملي ۾ هدايت جي وڌ ۾ وڌ ويجهي ڳالهه ڏانهن منهنجي رهنمائي ڪندو" |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ هو پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ سال رهيا ۽ (ڪي ماڻهو سالن جي ليکي ۾) نو سال اڃان به وڌيڪ آهن |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
تون چؤ ته "الله انهن جي رهڻ واري عرصي کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳجهه کيس ئي معلوم آهن. ڪهڙو نه تيز ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي. سڄي مخلوق جي سار سنڀال لهندڙ، هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه مددگار ڪونهي ۽ هو پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪري |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
اي نبي! تنهنجي رب جي ڪتاب مان جيڪي به توڏي وحي ڪيو ويو آهي، تنهن کي (جيئن آهي تيئن) ٻڌائيندو ڪر، سندس فرمودن کي بدلائڻ جو حق ڪنهن کي به ناهي (تون جيڪڏهن انهن کي بدلائيندين ته) کانئس بچي وڃڻ لاءِ ڪا به پناهه جي جاءِ نه لهندين |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ پنهنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جي ساٿ تي راضي ڪري ڇڏ، جيڪي پنهنجي رب جي رضا جا طلبگار بڻجي صبح شام کيس سڏين ٿا ۽ انهن کان پنهنجي نظر نه ڦيراءِ . ڇا تون دنيا جي سونهن سوڀيا کي پسند ڪرين ٿو؟ ڪنهن به اهڙي شخص جي پيروي نه ڪر، جنهن جي دل کي اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو پنهنجي نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳي پيو آهي ۽ سندس ڪم (حدن کان) لنگهي ويل آهي |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
چؤ ته هيءُ حق ئي آهي، توهانجي رب جي طرفان. هاڻي جنهن جي دل گهري ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي انڪار ڪري ڇڏي. اسان (انڪار ڪرڻ وارن) ظالمن لاءِ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون ڄڀيون کين وڪوڙي وينديون، اتي جيڪڏهن هو پاڻي گهرندا ته اهڙي پاڻيءَ سان سندن گهرج پوري ڪئي ويندي، جيڪو پگهريل ٽامي وانگر هوندو ۽ مــُـنهن ڀڃي ڇڏيندن. پيئڻ لاءِ خراب ۾ خراب شيءِ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ نهايت برو هنڌ! |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ چڱا عمل ڪندا ته پوءِ بيشڪ اسان سهڻن عملن وارن جو اجر نه وڃائيندا آهيون |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
انهن لاءِ سدائين سرسبز رهڻ وارا باغ هوندا، جن جي هيٺان واهيون وهنديون. اتي هو سون جي ڪنگڻن سان سينگاريا ويندا، سنهڙي ريشم ۽ زريءَ جي گلن ڀريل پــَـٽ جا ساوا وڳا پائي اوچن تختن تي ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا. نهايت ڀلو اجورو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ عاليشان جڳهه! |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
اي نبي! انهن کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ ، ٻه شخص هئا، انهن مان هڪڙي کي اسان انگورن جا ٻه باغ عطا ڪيا، جن جي چوڌاري کجين جا وڻ هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وري پوک ٿيندي هئي |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻئي باغ ڏاڍا وڌيا ويجها ۽ خوب ڦــَـر جهليائون ۽ ان ۾ ڪابه ڪمي نه ڪيائون، انهن باغن منجهان اسان هڪ واهه وهايوسون |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
پوءِ ڏاڍي پيدائش لٿس. هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڳالهائيندي کيس چيو: "مان توکان مال دولت ۾ به گهڻو آهيان ۽ ماڻهن جي طاقت ۾ به گهڻو آهيان" |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
پوءِ هو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ لاءِ ظالم ثابت ٿيو، چوڻ لڳو: "مان نٿو سمجهان ته هيءَ دولت ڪا ڪڏهن فنا ٿيندي |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نه وري سمجهان ٿو ته ڪڏهن قيامت به قائم ٿيندي، پر تنهن هوندي به جي مونکي پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو ته پڪ اٿم ته اڃان به وڌيڪ شاندار جاءِ لهندس" |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندس سنگتيءَ کيس چيو: "ڇا تون ان هستيءَ سان ڪفر ڪرين ٿو، جنهن توکي مٽيءَ مان ۽ پوءِ هڪڙي ٽيپي مان پيدا ڪيو ۽ توکي سالم ماڻهو بڻائي کڙو ڪيائين |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
(باقي رهي) منهنجي ڳالهه، سو منهنجو رب ته اهو الله ئي آهي ۽ مان ان سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان“ |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ گهڙي رهيو هئين ته ان وقت ائين ڇونه چيئه ته "مَاشَآءَ اللهُ لَاقُوَّتَ اِلَّا بِاللهِ" (جيڪي ڪري الله، کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪا طاقت ڪانهي) جيڪڏهن توکي مان پاڻ کان مال دولت ۽ اولاد ۾ گهٽ ٿو نظر اچان |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجو رب مونکي تنهنجي باغ کان به ڀلو عطا ڪري ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا آفت موڪلي، جنهن سبب اهو لــَـسو ميدان ٿي پوي |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان جو پاڻي زمين ۾ هليو وڃي ۽ تون ان کي ڪڍي ئي نه سگهين" |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
نيٺ ٿيو به ائين جو سندس سارو فصل چٽ ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي انگورن جي باغ کي مــَـنهن مٿان اونڌو ڪريل ڏسي پنهنجي لڳايل رقم تي هٿ مهٽيندو رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو: "جيڪر ته مان پنهنجي رب سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها" |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
نڪي وري ڪو الله کي ڇڏي وٽس اهڙو جٿو ئي هو، جيڪو سندس ڪا مدد ڪري ها ۽ نه وري هو پاڻ ئي انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ وارو هو |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
(تڏهن پتو پيس ته) ٺاهڻ توڙي ڊاهڻ جو اختيار ته الله برحق جي ئي هٿ ۾ آهي، انعام اهوئي ڀلو آهي، جيڪو هو عطا ڪري ۽ پڇاڙي به اها ڀلي جيڪا هو سـُـرهي ڪري |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ اي نبي! انهن کي دنيا جي حياتيءَ جي حقيقت هن مثال سان سمجهاءِ ته اڄ جو اسان آسمان مان پاڻي وسايو ته زمين مان اسرندڙ شيون خوب اڀريون ۽ ٻئي ڏينهن اهو سڀ ڪجهه بهه بڻجي ويو، جو هوائون ان کي اڏائينديون وتن ٿيون. الله کي سڀ ڪجهه ڪري سگهڻ جي طاقت آهي |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
اهو مال دولت ۽ اولاد فقط هن دنيا جي زندگيءَ لاءِ رونق جو سامان آهن، باقي جٽادار شيون اهي نيڪيون آهن، جيڪي تنهنجي رب جي نظر ۾ نتيجي جي لحاظ کان به بهتر آهن ۽ انهن ۾ چڱي اميد به رکي سگهجي ٿي |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
(ڳڻتي ان ڏينهن جي هئڻ گهرجي) جڏهن اسان جبل هلائينداسون ۽ زمين توکي صفا پڌرو پٽ نظر ايندي ۽ اسان سڀني انسانن کي ائين ميڙي گڏ ڪنداسون جو (اڳين پوين مان) ڪوبه نه بچندو |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ سڀئي تنهنجي رب جي آڏو قطارن جي صورت ۾ پيش ڪيا ويندا، ڏسو آيا نه اسان وٽ، بلڪل ائين ئي جيئن اسان توهانکي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو. توهان ته سمجهيو هو ته اسان توهان لاءِ ڪوبه وعدي جو وقت مقرر ئي نه ڪيو آهي |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ اعمالنامو آڏو رکيو ويندن، پوءِ تون ڏسندين ته ڏوهاري ماڻهو ان ۾ لکيل ڳالهين کان ڊڄندا هوندا ۽ پيا چوندا هوندا ته "هاءِ ڙي اسان جي بدبختي، هيءُ ڪهڙو ڪتاب آهي جنهن اسان جي ڪابه ننڍي توڙي وڏي ڳالهه نه ڇڏي آهي، بلڪه اها به ان ۾ آندي اٿائين". جيڪو به ڪيو هوندائون سو سڀ اکين آڏو موجود ڏسندا ۽ تنهنجو رب ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ڪندو |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
ياد ڪريو جڏهن اسان ملائڪن کي چيو هو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو پر ابليس نه ڪيو. اهو جنن مان هو، تنهنڪري پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائين. پوءِ ڇا توهان مونکي ڇڏي ان کي ۽ سندس اولاد کي سرپرست بڻايو ٿا، حالانڪه هو توهانجا دشمن آهن؟ ڏاڍي بري آهي ظالمن جي مٽاسٽا |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون آسمان ۽ زمين خلقڻ وقت انهن کي ڪونه گهرايو هو ۽ نڪي سندن ئي پيدائش ۾ کين شريڪ ڪيو هو، مان ته ائين ڪندو ئي ناهيان جو گمراهه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار بڻايان |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
پوءِ ان ڏينهن اهي ماڻهو ڇا ڪندا، جڏهن سندن رب کين چوندو ته پڪاريو هاڻي انهن هستين کي جن کي توهان منهنجو شريڪ سمجهيو هو. اهي انهن کي سڏيندا پر هو سندن سڏ ئي نه ورائيندا ۽ اسان انهن سڀني لاءِ هڪ گڏيل تباهيءَ جي کڏ قائم ڪنداسون |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
سڀئي مجرم ان ڏينهن باهه ڏسندا ۽ سمجهي ويندا ته هاڻي انهيءَ ۾ اِجهو ٿا پون ۽ ان کان بچڻ لاءِ ڪابه واهه نه لهندا |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
اسان هن قرآن ۾ ماڻهن کي قسمين قسمين سمجهاڻيون ڏيئي سمجهايو آهي، مگر انسان ڏاڍو جهڳڙالو آهي |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
وٽن جڏهن هدايت اچي ويئي ته کيس مڃڻ ۽ پنهنجي رب جي در معافي وٺڻ کان آخر کين ڪهڙي شيءِ روڪيو هو؟ سواءِ هن جي ٻي ڀلا ڪهڙي شيءِ ته، ساڻن به اهائي ڪار ٿئي، جيڪا اڳوڻين قومن سان ٿي هئي يا وري عذاب ئي اچي سندن آڏو بيهي |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
رسولن کي اسان فقط ان لاءِ موڪليندا آهيون ته خوشخبري ڏيڻ ۽ خبردار ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏين، پر ڪافرن جي حالت اها آهي، جو باطل جي ڳالهين سان حق کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ۽ انهن منهنجي آيتن کي ۽ جنهن سان ڊيڄاريا ويا آهن، مسخري بڻايو آهي |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي، جنهن کي سندس رب جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ته هو وري کانئن منهن ڦيرائي ڇڏي ۽ انهيءَ بڇڙي پڇاڙيءَ کي صفا وساري ڇڏي، جنهن جو انتظام به پنهنجن هٿن سان پاڻ ئي ڪيو اٿائين؟ (جن ائين ڪيو آهي) انهن جي دلين تي اسان پردا وجهي ڇڏيا آهن، جو قرآن جي ڳالهه نٿا سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ به اسان ٻوڙاڻ وجهي ڇڏي آهي، تون کڻي کين ڪيترو به هدايت ڏانهن سڏيندينِ، هو ان حالت ۾ ڪڏهن به هدايت نه لهندا |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
تنهنجو رب ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي. هو جيڪڏهن سندن ڪرتوتن جي ڪري کين پڪڙي ها ته مٿن ترت ئي عذاب موڪلي ڇڏي ها، مگر انهن لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر ٿيل آهي، جنهن کان ڀڄي جان ڇڏائڻ جي کين ڪابه واٽ نه ملندي |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
اهي تباهه ڪيل وسنديون توهانجي آڏو موجود آهن، انهن جڏهن ظلم ڪيو ته اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان هرهڪ جي تباهيءَ جو وقت اسان مقرر ڪري ڇڏيو هو |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
(کين موسيٰ سان پيش آيل واقعو ٻڌاءِ) جڏهن موسيٰ پنهنجي نوڪر کي چيو هو ته "مان پنهنجو سفر تيستائين ختم نه ڪندس، جيستائين ٻن دريائن جي پاڻ ۾ ملڻ جي هنڌ تائين نه پهچان، پوءِ کڻي ڪيڏي به ڊگهي عرصي تائين پيو هلندو رهان" |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن هو انهن جي پاڻ ۾ ملڻ جي جاءِ تي پهتا ته پنهنجي مڇيءَ جو خيال دل تان لهي وين ۽ اها نڪري ائين درياءَ ۾ هلي وئي، ڄڻ ته ڪا سرنگهه نڪتي پئي هئي |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
اڃان اڳتي هليا ته موسيٰ پنهنجي نوڪر کي چيو ته "آڻ اسان جي نيرن، هن سفر ۾ ته ڏاڍو ٿڪجي پيا آهيون" |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
نوڪر ٻڌايس: "ڏٺئي نه ته ڇا ٿيو؟ جڏهن اسان انهيءَ ٽڪريءَ وٽ ترسياسون ته ان وقت مونکي مڇيءَ جو خيال ئي نه رهيو ۽ شيطان مونکي اهڙو ڀلايو جو ان جي ڳالهه (توسان ڪرڻ) وسري وئي، مڇي ته عجيب نموني ۾ نڪري درياءَ ۾ هلي وئي" |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
موسيٰ چيس: "اهائي ته آهي، جنهن جي ڳولا ۾ هئاسون". پوءِ پويان پير ڪري موٽي پيا |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
۽ اتي انهن اسانجي بندن مان هڪڙي بندي کي لڌو، جنهن کي اسان پنهنجي رحمت سان نوازيو هو ۽ پنهنجي طرفان هڪڙو خاص علم عطا ڪيو هو |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسيٰ ان کي چيو: "ڇا مان توسان گڏ هلان ته جيئن تون مونکي اها ڏاهپ سيکارين، جيڪا توکي سيکاري وئي آهي؟" |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
هن چيس: "تون مونسان صبر نه ڪري سگهندين" |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ جنهن ڳالهه جي توکي خبر ئي نه هجي ته ان تي آخر صبر ڪري به ڪيئن ٿو سگهين" |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
موسيٰ چيس: "انشاءَ الله تون مونکي صبر ڪندڙ ڏسندين ۽ مان ڪنهن به ڳالهه ۾ تنهنجي ڪا بي فرماني نه ڪندس" |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
هن چيس: "چڱو ڀلا مونسان گڏ هلين ٿو ته پوءِ مون کان ڪنهن به ڳالهه بابت نه پڇجانءِ ، جيستائين مان پاڻ توکي اها نه ٻڌايان" |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ ٻئي روانا ٿيا، تانجو وڃي هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ته هن (خضر) ان ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو. موسيٰ چيس: "ٻيڙيءَ ۾ ان لاءِ ٽنگ ڪيو اٿئي ڇا ته سڀني ٻيڙيءَ وارن کي ٻوڙي ڇڏين؟ هيءَ ته ڏاڍي ڳؤري ڳالهه ڪئي اٿئي" |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
هن وراڻي ڏنس: "مان توکي چيو نه هو ته تون مونسان صبر ڪري نه سگهندين؟" |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
موسيٰ چيس: "ويسر ٿيڻ تي منهنجي پڪڙ نه ڪر ۽ منهنجي معاملي ۾ ايڏو سختيءَ کان ڪم نه وٺ" |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
وري اڳتي هليا، تانجو کين هڪڙو ڇوڪرو مليو ته (ان الله جي ٻانهي) ان ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ چيو: "تو هڪ بيگناهه کي ماري وڌو؟ ان ته ڪنهن کي خون نه ڪيو هو؟ اهو ڪم ته ڏاڍو ڪڌو ڪيو اٿئي" |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
هن چيس: "مان توکي چيو نه هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟" |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
موسيٰ چيس: "هن کان پوءِ جي مان توکان ڪجهه پڇان ته پوءِ ڀل مون کي ساڻ نه کڻجانءِ ، بس هاڻي ته منهنجي طرفان توکي مهلت ملي وئي". |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ وري اڳتي هليا، تان جو اچي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا ۽ ڳوٺ وارن کان ماني گهريائون پر انهن ٻنهي کي ماني کارائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اتي انهن هڪ ڀت ڏٺي جا ڪرڻ تي هئي. ان شخص انهيءَ ڀت کي وري اوساري بيهاريو. موسيٰ چيس: "جيڪڏهن گهرين ها ته ان ڪم جي مزدوري وٺي سگهين ها". |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
هن چيس: "بس هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچـّ۾ جدائي آهي، هاڻي توکي انهن ڳالهين جي حقيقت ٿو ٻڌايان جن تي توکان صبر نه ٿيو |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
انهيءَ ٻيڙيءَ جو معاملو اهو آهي، جو اها ڪن غريب ماڻهن جي هئي، جيڪي درياءَ ۾ محنت مزوري ڪندا هئا، مان پئي چاهيو ته ان کي عيبدار ڪري ڇڏيان، ڇو جو اڳتي هڪ اهڙي بادشاهه جي حد هئي، جيڪو هر ٻيڙي زوريءَ کسي وٺندو هو |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
رهيو اهو ڇوڪرو، سو ان جا ماءُ پيءُ مؤمن آهن، اسانکي ڊپ ٿيو ته اهو ڇوڪرو پنهنجي سرڪشيءَ ۽ ڪفر سان کين تنگ ڪندو |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
تنهنڪري اسان چاهيو ته سندن رب ان جي بدلي کين اهڙو اولاد ڏئي جيڪو اخلاق ۾ به ان کان ڀلو هجي ۽ جنهن کان مٽن مائٽن جي حقن جي وڌ ۾ وڌ پوئواري به ٿي سگهي |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
باقي ان ڀت جي ڳالهه اها آهي ته اها ٻن يتيم ڇوڪرن جي آهي، جيڪي انهيءَ شهر ۾ رهن ٿا. انهيءَ ڀت جي هيٺان انهن ڇوڪرن لاءِ خزانو پوريل آهي ۽ سندن پيءُ هڪڙو نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري تنهنجي رب گهريو ته اهي ٻئي ٻار بالغ ٿين ۽ پنهنجو خزانو ڪڍن، اهو تنهنجي رب جي رحمت سبب ڪيو ويو آهي، مان ڪو پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪيو آهي". اها اٿيئي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي توکان صبر نه ٿي سگهيو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ اي نبي! اهي ماڻهو توکان ذوالقرنين متعلق پڇا ڪن ٿا. چوين ته مان ان جو ڪجهه احوال توهان کي ٻڌايان ٿو |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
اسان کيس زمين ۾ اقتدار عطا ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس هر قسم جا سامان ۽ وسيلا ڏنا هئا |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
هن (اڳ ۾ اولهه ڏي هڪڙيءَ مهم جو) سانباهو ڪيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
تانجو جڏهن هو سج لهڻ جي حد تائين پهچي ويو ته هن سج کي هڪ ڪاري پاڻيءَ ۾ لهندي ڏٺو ۽ اتي هن کي هڪڙي قوم ملي. اسان کيس چيو: ”اي ذوالقرنين! تنهنجي وس ۾ آهي ته کين تڪليف پهچائين يا ساڻن سٺو سلوڪ ڪرين“ |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
هن چيو: ”جيڪو منجهانئن ظلم ڪندو اسين کيس سزا ڏينداسون.“ پوءِ هو پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو ۽ هو کيس اڃان به سخت عذاب ڏيندو |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ جيڪو انهن منجهان ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ان لاءِ ڏاڍو سٺو بدلو آهي ۽ ان کي اسان آسان حڪم ڏينداسون |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
پوءِ وري هن (هڪڙي ٻيءَ مهم جي) تياري ڪئي |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
تان جو سج اڀرڻ جي حد تائين وڃي پهتو. اتي هن ڏٺو ته سج هڪ اهڙيءَ قوم تي ٿو اڀري جنهن لاءِ اُس کان بچڻ جو اسان ڪوبه بندوبست نه ڪيو آهي |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
اها هئي حالت انهن جي ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي ڪجهه هو تنهن جي خبر ته اسان کي هئي |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
پوءِ وري هن (هڪڙيءَ اڃان به ٻيءَ مهم جو) سانباهو ڪيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تان جو جڏهن ٻن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته هن کي اتي هڪڙي قوم ملي، جنهن ڏاڍي مشڪل سان ڪا ڳالهه سمجهي ٿي |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهن ماڻهن چيس: "اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج هن سرزمين ۾ ڏاڍو فساد ٿا ڦهلائين. پوءِ ڇا اسان توکي ڪو چندو ان ڪم لاءِ ڏيون ته جيئن تون ان جي عيوض اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو بند ٻڌي ڏئين؟" |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
هن چين: "جيڪو منهنجي رب مونکي ڏنو آهي سو ئي گهڻو آهي، توهان رڳو محنت سان منهنجي مدد ڪريو، مان توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ بند ٻڌي ٿو ڏيان |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
مونکي لوهه جا ٽـُـڪر آڻي ڏيو". تان جو جڏهن ٻنهي جبلن جي وچ واري وٿيءَ کي ڀري هڪ ڪرو ڪري ڇڏيائين ته چيائين ته هاڻي باهه دُکايو، تان جو جڏهن (اها لوهي ڀت) صفا باهه وانگر لال (ڳاڙهي) ڪري ڇڏيائين ته چيائين: "آڻيو، ته هاڻي مان ان تي رجايل ٽامو وجهان". |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
(اهو بند اهڙو هو جو) نڪي ياجوج ۽ ماجوج مٿانئس چڙهي ٿي اچي سگهيا ۽ نه وري منجهس کاٽ هڻڻ جي ئي ڪا طاقت هئن |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
ذوالقرنين چين: "اها منهنجي رب جي رحمت آهي، مگر جڏهن منهنجي رب جي وعدي جو وقت ايندو ته هو ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو ته برحق آهي |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ ان ڏينهن اسان ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسون ته (سمنڊ جي موجن وانگر) هڪ ٻئي سان وڪوڙجي پاڻ ۾ ويڙهجي سيڙهجي وڃن ۽ صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان سڀني انسانن کي هڪ هنڌ ميڙي گڏ ڪنداسين |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ ان ڏينهن اسان جهنم کي ڪافرن جي بلڪل آڏو آڻينداسون |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
انهن ڪافرن جي آڏو جيڪي منهنجي نصيحت کان انڌا بڻيل هئا ۽ وري ڪجهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هئا |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ته پوءِ اهي ماڻهو جن ڪفر اختيار ڪيو آهي، انهيءَ خيال ۾ آهن ڇا ته مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن کي پنهنجو دوست بنائين؟ اسان ته اهڙن ڪافرن جي مهمانيءَ لاءِ جهنم تيار ڪيو آهي |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
اي نبي! چوين ته توهان کي ٻڌايان ته پنهنجن عملن جي لحاظ کان ڪير آهن وڌ ۾ وڌ نقصان ۾ پيل؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اهي جن جي دنيا واري زندگيءَ ۾ ساري ڪوشش صحيح راه کان ٿـڙيل هئي ۽ وري سمجهندا ائين پئي رهيا ته ڏاڍي سهڻي ڪم کي لڳا پيا آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اِهي ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجي رب جي آيتن کي مڃڻ کان ۽ سندس ملڻ کان انڪار ڪيو هو، سو انهن جو سارو ڪيو ڪرتيو چٽ ٿي ويو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان انهن کي ڪوبه وزن نه ڏينداسون |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
انهن جو بدلو جهنم آهي، ان ڪفر جي بدلي جيڪو انهن ڪيو هو ۽ پڻ ان ٺٺولبازيءَ جي ڪري جيڪا هو منهنجي آيتن ۽ منهنجن رسولن تي ڪندا هئا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
باقي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، انهن جي مهمانيءَ لاءِ فردوس وارا باغ آهن |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
جن ۾ هو سدائين رهندا ۽ ڪڏهن به اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ نه گهرندا |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
اي نبي! چوين ته جيڪڏهن سمنڊ به منهنجي رب جون ڳالهيون لکڻ لاءِ مس بڻجي پوي ته اهو کــُـٽي پوندو پر منهنجي رب جون ڳالهيون نه کٽنديون، توڻي جو اهڙو ٻيو سمنڊ به هجي ته اهو به پورو نه پوندو |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
اي نبي! چوين ته مان ته هڪ انسان آهيان توهان وانگر، مون ڏي ته وحي ٿو ڪيو وڃي ته توهان جو معبود فقط هڪڙو ئي معبود آهي، پوءِ جيڪو پنهنجي رب جي ملاقات جو اميدوار هجي، ان کي گهرجي ته نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي رب سان سندس عبادت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ڪري |