الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪجھ به ور وڪڙ نه رکيو اٿس. |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
(پر) ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن خدا جي بارگاھ مان جيڪو سخت عذاب ڪافرن تي نازل ٿيڻ وارو آهي تنهن کان ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ جن مومنن چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ تمام سٺو اجر (۽ ثواب) موجود آهي. |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
جنهن ۾ اهي سدائين (آرام ۽ مزي سان) رهندا. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ جي ماڻهو هن ڳالھ جا قائل آهن ته خدا کي اولاد آهي تن کي (عذاب کان) ڊيڄاري. |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
نڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر هئي. (اها) تمام سخت ڳالھ آهي جا سندن وات مان نڪري ٿي اهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو هن ڳالھ کي نه مڃين ته تون افسوس ڪندي انهن جي پٺيان پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندين. |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهن جو عمل سڀني کان وڌيڪ چڱو آهي. |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين (هڪ نه هڪ ڏينهن برباد ڪري) ويران ميدان ڪنداسون. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
(اي رسول) ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته اصحاب ڪهف ۽ رقيم (غار ۽ تختيءَ وارا) اسان جي (قدرت جي) نشانين مان هڪ عجيب نشاني هئا. |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن اهي جوان غار ۾ اچي پهتا، ۽ دعا گهريائون ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي پنهنجي بارگاھ مان رحمت عطا فرمائي! ۽ اسان جي لاءِ اسان جي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪر! |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
تڏهن اسان غار ۾ سندن ڪنن تي ڪيترن ئي ورهين تائين پردا وجهي ڇڏيا (کين سمهاري ڇڏيوسون) |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ اسان کين اٿاريو ته جيئن ڏسون ته جا مدت اهي (غار ۾ رهيا) سا ٻنهي گروهن مان ڪنهن ياد رکي. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
(اي رسول! هاڻي) اسين تو کي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪي جوان هئا جن پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو ۽ اسان سندن سوچ زياده ڪئي. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ اسان سندن دليون (صبر استقلال سان) مضبوط ڪيون (جو جڏهن دقيانوس بادشاھ کين ڪفر ڪرڻ تي لاچار ڪيو ته اٿي کڙا ٿيا ۽ (يڪدم) چوڻ لڳا: اسان جو پروردگار ته رڳو سڀني آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ئي آهي اسين ته ان کان سواءِ ڪنهن معبود جي هرگز عبادت نه ڪنداسون جيڪڏهن ائين ڪريون ته پڪ اسان عقل کان پري ڳالھ چئي. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
(افسوس هڪ) هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن خدا کي ڇڏي (ٻيا) معبود بنايا آهن. (ته پوءِ) اهي ماڻهو انهن (جي معبود هجڻ) جو ڪوئي ظاهر دليل ڇو نٿا آڻين؟ ۽ جو شخص خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ (پوءِ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (فلاڻي) غار ۾ وڃي وهو ته اوهان جو پالڻهار اوهان تي پنهنجي رحمت وڌائيندو ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان جي لاءِ آسانيءَ جو سامان پيدا ڪندو. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
(مطلب ته اهو سوچي غار ۾ پهتا ته) جڏهن سج نڪري ٿو ته تون ڏسندين ته اهو سندن غار کان سڄي پاسي (کان) لڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي (کان) مڙي وڃي ٿو ۽ اهي (مزي سان) غار ۾ هڪ ويڪري جاءِ ۾ (ستل) آهن. اها خدا جي (قدرت) جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. جنهن کي خدا هدايت ڪري اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته پوءِ تون سندس ڪو به سرپرست رهنما هرگز نه لهندين. |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ڪڏهن سڄي پاسي تي ۽ ڪڏهن کاٻي پاسي تي پيا اٿلايون ۽ سندن ڪتو چائنٽ تي (پنهنجون) اڳيون ٽنگون پکيڙيون (مزي سان) ويٺو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ضرور ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان (وري) کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو وقت (هتي) رهيا آهيو؟ چيائون ته هڪ ڏينهن يا ڏينهن کان به گهٽ رهيا آهيون. (پوءِ) چوڻ لڳا ته جيترو (وقت) رهيا آهيو تنهن کي اوهان جو پروردگار وڌيڪ ٿو ڄاڻي. (چڱو!) ته هاڻي پاڻ مان هڪ کي هي پنهنجو رپيو ڏئي شهر موڪليو ته اهو (وڃي) ڏسي ته ڪهڙو کاڌو سٺو آهي، سو ان مان اوهان لاءِ ڪجھ کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
يقينن جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پئي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ڏي موٽائيندا ۽ جي ائين ٿيو ته اوهين ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندو. |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان سندن قوم جي ماڻهن کي سندن حالت جي خبر ڪئي ته اهي ماڻهو ڏسن ته خدا جو واعدو پڪ سچو آهي ۽ هي (به ڄاڻن) ته قيامت (جي اچڻ) ۾ ڪو به شڪ (شبهو) نه آهي. هاڻي (وري خبر پوڻ کان پوءِ) انهن جي باري ۾ اهي پاڻ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ته ڪجھ ماڻهن چيو ته سندن (غار) تي (يادگار) ڪا عمارت بنايو. سندن پروردگار ته انهن جي حال کان وڌيڪ واقف آهي ۽ انهن جي باري ۾ جن (مومنن) جي راءِ غالب رهي تن چيو ته اسين ته انهن (جي غار) تي هڪ مسجد بنائينداسون. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
(هاڻي نصارى نجران) چوندا ته اهي ٽي آهن چوٿون ڪتو (قطمير) آهي ۽ ڪي (عاقب وغيره) چون ٿا پنج آهن ڇهون سندن ڪتو آهي. (اهي سڀ) غيب جي (ڳالھ) ۾ اٽڪل (سٽڪل) لڳائين ٿا. ۽ ڪي چون ٿا ته ست آدمي آهن ۽ اٺون سندن ڪتو آهي. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار سندن شمار کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو انهن (جي شمار) کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا. پوءِ تون انهن جي ڳالھ ۾ معمولي بحث کان سواءِ ٻيو جهڳڙو نه ڪر ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال نه پڇ. |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ تون ڪنهن ڪم لاءِ ڪڏهن به نه چئو ته آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس، |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
پر (ائين چئو ته) جي خدا گهريو ته سڀاڻي ڪندس ۽ جيڪڏهن انشاءَ الله چوڻ ڀلجي وڃين ته (جڏهن ياد اچئي) پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪر (انشاءَ الله چئو) ۽ چئو ته اميد آهي ته منهنجو رب مون کي اهڙي ڳالھ جي رهنمائي فرمائي جا واٽ ڏيکارڻ ۾ هن کان به وڌيڪ ويجهي هجي. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
اصحاب ڪهف پنهنجي غار ۾ ٽي سو ورنهن رهيا. |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو نه مڃين ته کين) چئو ته جيترو رهيا تنهن کي الله زياده ڄاڻي ٿو. آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ان وٽ آهي. (الله اڪبر) اهو ڪهڙو نه ڏسندڙ آهي. ان کانسواءِ سندن ڪو به والي (وارث) نه آهي ۽ پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪري. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ (اي رسول) جيڪو ڪتاب تنهنجي پالڻهار جي طرفان تو ڏي وحي جي ذريعي نازل ڪيل آهي سو پڙهي ٻڌائين! ان جي ڳالھين کي ڪو به بدلائي نه ٿو سگهي ۽ ان کان سواءِ تو کي ڪا پناھ جي جاءِ نه ملندي. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ (اي رسول) پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پالڻهار کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضامندي گهرن ٿا ۽ انهن کان پنهنجي نظر نه ڦيرائي جو تون دنيوي زندگيءَ جي سينگار جي خواهش ڪرڻ لڳين. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجيءَ ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳل آهي ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ (اي رسول) چئو ته سچي ڳالھ (توحيد جوڪلمون) اوهان جي پالڻهار جي طرفان نازل ٿي چڪي آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي انڪار ڪري، (پر) بيشڪ اسان ظالمن لاءِباھ تيار ڪئي آهي جنهن جو دونهون کين گهيرو ڪندو. ۽ جيڪڏهن فرياد ڪندا ته سندن فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻي سان ڪئي ويندي جو منهن کي ڀڃي ڇڏيندن. اها ڪهڙي بڇڙي پيئڻ جي شيءِ آهي ۽ (دوزخ به) ڪهڙي بڇڙي جڳھ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا چڱا ڪم ڪندا رهيا ته اسين ڪڏهن به چڱي ڪم ڪندڙ جي اجر کي اڪارت نٿا ڪريون. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
هي اهي آهن جن جي (رهڻي ڪهڻي) لاءِ سدا بهار (بهشت جا) باغ آهن جن جي (جاين) هيٺان واھ وهندا هوندا اتي کين چمڪندڙ ڪندن جا ڪنگن پهرايا ويندا ۽ سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ڍڪيندا، اهي پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. اهو ڪهڙو نه چڱو بدلو آهي. ۽ (بهشت به آسائش جي ڪهڙي نه سٺي جڳھ آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ (اي رسول) کين انهن ٻن شخصن جو مثال بيان ڪر جن ٻنهي مان هڪڙي کي ٻه باغ انگورن جا ڏناسون ۽ انهن ٻنهي (باغن) جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪياسون ۽ انهن ٻنهي جي وڄ ۾ پوک (پيدا) ڪئي سون. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
انهن ٻنهي باغن تمام گهاٽا ميوا جهليا ۽ ميون جي ڏيڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي ۽ انهن باغن جي وچ ۾ اسان واھ وهايو. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
ان وٽ (گهڻو) ميوو هو، پوءِ پنهنجي سنگتيءَ سان ڳالهائيندي ان کي چيائين ته آءُ مال ۾ تو کان وڌيڪ آهيان. ۽ جماعت ۾ (به) وڌيڪ آهيان. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ (اهي ڳالهيون ڪندو) پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو. هوڏانهن سندس حالت هيءَ هئي جو (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيو هو (نيٺ) چوڻ لڳو ته مون کي هن باغ جي ڪڏهن به برباد ٿيڻ جو گمان به نه آهي. |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي گمان آهي ۽ جيڪڏهن مون کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندوته هن باغ کان به چڱي جاءِ ملندي. |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندس سنگتيءَ ان سان ڳالهائي رهيو هو تنهن کيس چيو ته ڇا تون ان جو انڪار ڪيو جنهن تو کي مٽيءَ مان وري نطفي مان پيدا ڪيو وري تو کي پورو مڙس بنايو. |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر(منهنجو عقيدو آهي ته) خدا منهنجو پاليندڙ آهي ۽ آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين تڏهن تو ڇو نه چيو ته ماشاءَ الله جيڪي خدا گهريو (سو ٿيندو ۽) خدا جي مدد کان سواءِ ڪا طاقت نه آهي. جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهڻو گهٽ ڏسين ٿو. |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
ته اميد آهي ته تنهنجو پروردگار تنهنجي باغ کان مون کي چڱو ڏي ۽ ان (تنهنجي باغ) تي آسمان مان ڪا آفت موڪلي ۽ صاف ويران ميدان ٿي پوي. |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان جو پاڻي هيٺ وهي (خشڪ) ٿي وڃي پوءِ تون ان کي لهي به نه سگهين. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ (نيٺ) سندس ميوي تي آفت اچي وئي، پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچيو هئائين تنهن تي پنهنجا ٻئي هٿ ملندو (افسوس ڪندو) رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجي ٽارين تي اونڌو ڪريل هو ۽ ان ماڻهوءَ چيو ٿي ته افسوس جيڪر آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها. |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ نه خدا کان سواءِ ڪا جماعت هئي جا سندس مدد ڪري! ۽ نه (وري) پاڻ ئي بدلو وٺي ٿي سگهيو. |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
(هن مان ثابت ٿيو ته) سرپرستي خاص خدا ئي جي لاءِ آهي جو سچو آهي. ان جو تمام سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان چڱو آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ (اي رسول) کين دنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر (اها) ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو، ۽ ان جي ڪري زمين جا اوپڙ گهاٽا ڄميا. پوءِ ڦري ڀريل ڪک ٿيا جنهن کي هوائون اڏائينديون وتن ٿيون ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
(اي رسول) مال ۽ اولاد (ان فاني) دنيا جي حياتيءَ جي زينت آهي. ۽ باقي رهڻ واريون نيڪيون اوهان جي پالڻهار وٽ اجر (۽ ثواب) ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ چڱيون آهن. ۽ انهن جي تمنا ۽ اميد ڪرڻ گهڻي چڱي آهي. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسون ۽ تون زمين کي کليل ميدان (جبلن کان خالي) ڏسندين ۽ اسين انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون ته انهن مان هڪ کي به نه ڇڏينداسون. |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ سڀئي تنهنجي پروردگار جي سامهون قطار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ (تنهن وقت اسين ياد ڏيارينداسون) ته جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيرو پيدا ڪيو هو (تئين) اوهان کي (نيٺ) اسان ڏي اچڻو پيو. پر اوهان ته خيال ڪندا هئا ته اسين اوهان لاءِ (ٻيو ڀيرو پيدا ڪرڻ جو) ڪوئي وقت ئي (مقرر) نه ڪنداسون. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب سامهون رکيو ويندو پوءِ جيڪي ان ۾ (لکيل) هوندو تنهن کان تون ڏوهارين کي ڊڄندو ڏسندين. ۽ چوندا هاءِ اسان جي شامت، هي ڪهڙو ڪتاب آهي! جو نڪا ننڍي ۽ نڪا وڏي ڳالھ لکڻ کان سواءِ ڇڏي اٿس. ۽ جو ڪجھ ڪيو هوندائون تنهن کي (لکيل) سامهون ڏسندا. ۽ تنهنجو پروردگار ڪنهن تي (ذرو برابر به) ظلم نه ڪندو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو (اهو ابليس) جنن مان هو، ته پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان نڪري ڀڳو ته (انسانو) ڇا مون کي ڇڏي ان کي ۽ ان جي اولاد کي پنهنجو دوست بنايو ٿا؟ هوڏانهن اهي اوهان جا (قديمي) دشمن آهن. ظالمن (خدا جي بدلي شيطان کي پنهنجو دوست بنايو هي انهن) جو ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي. |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
ته آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت مون انهن کي (مدد لاءِ) سڏيو هو نه سندن پيدا ڪرڻ وقت به. ۽ آءُ اهڙو (ويل نه) آهيان جو گمراھ ڪرڻ وارن کي مددگار بنايان. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن خدا فرمائيندو ته هاڻي اوهين جن ماڻهن کي منهنجو شريڪ خيال ڪندا هئا تن کي (مدد لاءِ) سڏيو، ته اهي ماڻهو انهن کي سڏيندا پر هو انهن کي جواب نه ڏيندا ۽ اسين انهن ۽ هنن وچ ۾ هڪ سخت اڏ بنائينداسون. |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏوهاري باھ کي ڏسندا پوءِ سمجهندا ته پڪ اهي ان ۾ وڌ ويندا ۽ ان (دوزخ) کان بچڻ جي راھ نه لهندا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ اسان ته هن قرآن ۾ ماڻهن جي (سمجهائڻ) لاءِ سڀ ڪو مثال ڦير گهير سان بيان ڪيو آهي پر انسان سڀ مخلوقات کان وڏو جهڳڙالو آهي. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهن وٽ جڏهن هدايت اچي چڪي ته (پوءِ) کين ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو، سواءِ هن جي جو اڳين جي ريت رسم انهن کي به پيش آئي يا اسان جو عذاب سندن سامهون اچي (موجود) ٿئي. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ اسين ته پيغمبرن کي رڳو هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (نيڪ ماڻهن کي نجات جي) خوش خبري ٻڌائين ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارين. ۽ ڪافر ڪوڙين ۽ اجاين ڳالهين جي ٽيڪ تي جهڳڙو ڪن ٿا ته جيئن ان جي ذريعي حق (ڳالھ جي) پاڙ پٽن. پڻ انهن ماڻهن منهنجي آيتن کي ۽ جنهن (عذاب) کان اهي ماڻهو ڊيڄاريا ويا تنهن کي مسخري ڪري ورتو اٿن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنهن کي خدا جون آيتون ياد ڏيارجن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيري ڇڏي ۽ پنهنجي پهرين ڪرتوتن کي جي هن جي هٿان ٿيا آهن وساري ڇڏي. ڄڻ ته اسان پاڻ سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن ته اهي (سچي ڳالهين کي) نه سمجهي سگهن. ۽ (ڄڻ ته) سندن ڪن ڳرا ڪيا آهن (ته ٻڌي نه سگهن) ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏي سڏيندين ته به ڪڏهن رستي تي نه ايندا. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
(اي رسول) تنهنجو پروردگار ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. جيڪڏهن سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ وٺ پڪڙ ڪري ها ته يڪدم (دنيا ۾ ئي) مٿن عذاب نازل ڪري ها. پر انهن لاءِ ته هڪ وقت (مقرر ڪيل) آهي جنهن کان خدا کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ نه لهندا. |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اهي ڳوٺ (جي اوهين ڏسو ٿا) جڏهن انهن ماڻهن سرڪشيءَ ڪئي ته اسان کين هلاڪ ڪري ماريو ۽ اسان سندن هلاڪت جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ (اي رسول) اهو واقعو ياد ڪر!) جڏهن موسى (حضرت خضر جي ملاقات لاءِ هليو ته) پنهنجي جوان (وصي، يوشع) کي چيو ته جيستائين آءُ ٻن دريائن (دوآبه) جي ملڻ واري هنڌ تائين نه پهچان (هلڻ کان) نه هٽندس (جيڪڏهن ملاقات نه ٿي ته) ورهن جا ورھ، پيو هلندس. |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن اهي ٻنهين دريائن جي ملڻ جي هنڌ پهتا ته پنهنجي (تريل) مڇي (اتي) وساري هليا. پوءِ ان (مڇي) دريا ۾ سرنگ جهڙو پنهنجو رستو ٺاهي هلي. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏهن ڪجھ اڳتي وڌيا ته موسى پنهنجي جوان (وصي) کي چيو ته (جائي) اسان کي اسان جو ناشتو ته ڏي. اسان جي (اڄوڪي) هن مسافريءَ مان ڏاڍو ٿڪ رسيو آهي. |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
(يوشع) چيو ڇا اوهان ڏٺو ڪين! ته جڏهن اسين (دريا جي ڪناري تي) ان پٿر وٽ ترسيا هئاسون ته آءُ (اتي) مڇي ڇڏي آيس، مون کي اوهان مان اها ڳالھ ڪرڻ شيطان وساري ڇڏي ۽ مڇيءَ عجيب نموني دريا ۾ پنهنجو رستو ورتو. |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
موسى چيو، اهو (هنڌ) ته اهو آهي جنهن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ اهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن کي ڳوليندا پوئتي موٽيا. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
ته (جتي مڇي ڇڏي هئائون اتي) ٻنهين کي اسان جي عبدن مان هڪ خاص عبد (خضر) مليو جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان رحمت (۽ ولايت) جو حصو عطا ڪيو هو ۽ اسان کيس لدني (پنهنجي خاص) علم مان ڪجھ سيکاريو هو. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسى ان (خضر) کي چيو، ڇا (اوهان جي اجازت آهي ته) آءُ هن عرض سان اوهان سان گڏ هلان ته جيڪو رهنمائيءَ جو علم اوهان کي (خدا جي طرفان) سيکاريل آهي تنهن مان ڪجھ مون کي به سيکاريو. |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
(خضر) چيو (آءُ سيکاريندس ته سهي پر) اوهان کي مون سان گڏ صبر ٿي نه سگهندو. |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ (سچي) جا ڳالھ تنهنجي علم جي احاطي کان باهر هجي تنهن کي ڏسي تون ڪئين صبر ڪندين؟ |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
(موسى) چيو (خاطري ڪريو) جيڪڏهن خدا گهريو ته اوهين مون کي صبر ڪندڙ لهندو ۽ آءُ اوهان جي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس. |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
(خضر) چيو (چڱو) ته پوءِ جيڪڏهن تون مون سان هلين ته مون کان ڪنهن به ڳالھ بابت نه پڇج جيستائين آءُ پاڻ ان جو ذڪر تنهنجي اڳيان شروع نه ڪريان. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ ٻئي (گڏجي) هليا ايتري تائين جو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته (خضر) ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو، موسى چيس ته (اوهان ته غضب ڪيو) ڇا ٻيڙي ۾ هن لاءِ سوراخ ڪيو ته ان ۾ سوار ٿيلن کي ٻوڙيو؟ اهو ته اوهان هڪ عجيب ڪم ڪيو آهي. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
(خضر) چيو ته ڇا مون تو کي نه چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟ |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
(موسى) چيو ته جيڪا مون کان ڀل ٿي تنهن تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي هن ڳالھ ۾ سختي نه ڪر. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
(خير اهو ٿيو) پوءِ ٻئي هليا، ايتري تائين جو جڏهن انهن کي هڪ ڇوڪرو مليو ته ان (خدا جي بندي) ان کي قتل ڪري ڇڏيو. موسى چيو (اي معاذ الله) ته ڇا تو هڪ بي گناھ کي ماري ڇڏيو (۽ اهو به) ڪنهن به جان جي بدلي وٺڻ کان سواءِ (ماريو) اوهان ته پڪ هڪ عجيب حرڪت ڪئي. |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
خضر چيو ته ڇا مون تو کي (وري وري) نه چيو هو ته تون مون سان گڏ صبر ڪري نه سگهندين؟ |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
موسى چيو، جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪنهن به شيءِ بابت اوهان کان پڇيم ته مون کي پاڻ سان نه رکج. بيشڪ اوهين مون کان معذرت (جي حد کي) پهتا. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ (وري) ٻئي هليا. ايتري تائين جو جڏهن هڪ ڳوٺ وارن وٽ آيا ته ان جي رهاڪن کان کاڌو گهريائون ته انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ ڀت ڏٺائون جا ڊهڻ تي هئي (ته خضر) ان کي سڌو ڪيو. (تنهن تي) موسى چيو ته جيڪڏهن اوهين گهرو ها ته (انهن ماڻهن کان) مزدوري وٺو ها (ته کاڌي جو سهارو ٿئي ها). |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
خضر چيو هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي آهي. جنهن تي تون صبر ڪري نه ٿي سگهئين تنهن جي حقيقت تو کي ٻڌايان ٿو. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
(هاڻي ٻڌ! ته) اها ٻيڙي (جنهن ۾ مون سوراخ ڪيو هو) سا ڪن غريبن جي هئي، جيڪي دريا ۾ محنت ڪري گذارو ڪندا هئا، مون گهريو ته ان کي عيبدار ڪري ڇڏيان، (ڇو ته) انهن پٺيان هڪ (ظالم) بادشاھ (ٿي) آيو جو سڀني ٻيڙين کي ڏاڍ سان ڦري ٿي ورتائين. |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ اهو ڇوڪر (جنهن کي مون ماريو) ان جا ماءُ پيءُ ٻئي (سچا) مومن آهن، مون کي انديشو ٿيو ته (ائين نه ٿئي جو وڏي هوندي) انهن کي به پنهنجي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ۾ ڦاسائي ڇڏي. |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
ته اسان گهريو ته (کيس ماري ڇڏيون) سندن پروردگار ان جي عوض ۾ (کين اهڙو فرزند) عطا فرمائي جو هن کان پاڪ نفسيءَ ۾ ۽ پاڪ قرابت ۾ چڱو هجي. |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ اها ڀت (جنهن کي سڌو ڪيو) ته اها شهر جي ٻن يتيمن ڇوڪرن جي هئا ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهي ڇوڪرن جو خزانو (پوريل) هو، پڻ انهن ٻارڙن جو پيءُ هڪ نيڪ آدمي هو. پوءِ تنهنجي پالڻهار گهريو ته ٻئي ڇوڪرا (جڏهن) پنهنجيءَ جواني کي پهچن ته تنهنجي پروردگار جي مهرباني سان پنهنجو خزانو ڪڍن ۽ مون ته (جيڪي) ڪيو پنهنجي اختيار سان ته ڪين ڪيو (پر خدا جي حڪم سان) اها حقيقت آهي انهن واقعن جي، جن تي تو کان صبر ٿي نه سگهيو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو ذوالقرنين جو حال (امتحان طور پر) پڇن ٿا. تون (سندن جواب ۾) چئو ته آءُ به اوهان کي ان ڪجھ حال ٻڌيان ٿو. |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
(خدا فرمائي ٿوته) بيشڪ اسان، ان کي سموري زمين تي قدرت (حڪومت) عطا ڪئي هئي ۽ اسان کيس سڀ ڪنهن قسم جو سامان ڏنو هو. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ هو ڪنهن سامان (سفر) جي پٺيان پيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
ايتري تائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ تي ان کي ڪاري گپ واري چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ ان چشمي جي ويجهو هڪ قوم کي به آباد ڏٺائين. اسان چيو ته اي ذوالقرنين (تو کي اختيار آهي) چاهي (سندن ڪفر جي ڪري) کين سزا ڏي (ته ايمان آڻين) يا انهن سان حسن سلوڪ جو طريقو اختيار ڪر (جو پنهن جو پاڻ ايمان آڻين). |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
ذوالقرنين عرض ڪيو، جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي اسين سزا ڏينداسون، (نيٺ) وري به اهو (قيامت ۾) پنهنجي پروردگار جي سامهون موٽايو ويندو. ۽ اهو بڇڙيءَ کان بڇڙي سزا ڏيندو. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ جنهن ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو تنهن لاءِ چڱي کان چڱو بدلو آهي. ۽ پنهنجي معاملي ۾ کيس آسان ڪم ڪرڻ لاءِ چونداسون. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
وري ان هڪ ٻي راءِ اختيار ڪئي. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
ايتري تائين جو جڏهن سج اڀرڻ جي جاءِ تي پهتو ته سج کيس اهڙو ڏسڻ ۾ آيو جو (ڄڻ ته) ڪجھ ماڻهن (جي سرن) تي اهڙي طرح ٿو اڀري جن جي لاءِ اسان سج جي سامهون ڪو پردو نه بنايو هو. |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
۽ هو به ائين ئي ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي هو تنهن جي اسان کي پوري خبر هئي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
(مطلب ته) هن هڪ (ٻي) راءِ اختيار ڪئي. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
ايتري تائين جو جڏهن (هلندي هلندي ملڪ روم ۾ هڪ جبل جي ڪنگرن) جي ديوارن جي وچ ۾ پهتو انهن ٻنهي ديوارن جي هن طرف هڪ قوم کي (آباد) لڌائين جيڪي ڳالھ ٻول ڪا به سمجهي نٿي سگهيا. |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهن (ترجمي ڪندڙ جي ذريعي) چيس ته اي ذوالقرنين! (هن گهاٽ کان هوڏي) ياجوج ماجوج جي قوم آهي (جا) ملڪ ۾ فساد ڪندي رهندي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي اجازت هجي ته اسين هن مطلب لاءِ اوهان وٽ چندو گڏ ڪريون ته اوهين اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪا ڀت بنايو. |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
ذوالقرنين چيو ته منهنجي پالڻهار خرچ ڪرڻ جي طاقت اهڙي عطا ڪئي آهي. جا (اوهان جي چندي کان) گهڻو وڌيڪ آهي. (مال جي ضرورت نه آهي) اوهان رڳو قوت سان مدد ڪريو ته آءُ اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ آڙ بنايان. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
(چڱو ته) مون کي (ڪٿان) لوھ جون سرون آڻي ڏيو (نيٺ هنن آنديون) ۽ هڪ وڏي ڀت بڻي) ايتري تائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي وچ ۾ (ڀري) برابر ڪيائين تڏهن چيائين ته (ان ۾ باھ) ڦوڪيو. ايتري تائين جو جڏهن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين، چيائين ته مون وٽ پگهريل ٽامون آڻيو ته ان تي پلٽيان. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ ايتري اوچي ديوار بني جو ياجوج ماجوج ان تي نه چڙهي سگهيا ٿي ۽ ان ۾ سوراخ ڪري سگهيا ٿي. |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
ذوالقرنين (ڀت کي ڏسي) چيو هيءَ منهنجي پروردگار جي مهرباني آهي. جڏهن منهنجي رب جو وعدو (قيامت) ايندو. ان کي ڀڃي ڀوري ڇڏيندو. ۽ منهنجي پالڻهار جو وعدو سچو آهي. |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ اسين ان ڏينهن (کين سندن حال تي) ڇڏي ڏينداسون ته هڪ ٻئي ۾ (ٽڪرائي دريا جي) لهرن وانگر گڏجي ويندا ۽ صور ڦوڪيويندي پوءِ سڀني کي گڏ ڪنداسون، |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ ان ڏينهن جهنم کي انهن ڪافرن جي اڳيان ظاهر آندو ويندو. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
جن جي اکين تي منهنجي ياد کان پردو (پيل) هو ۽ (رسول جي دشمنيءَ ڪري سچي ڳالھ) ڪجھ به نه ٻڌي سگهندا هئا. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ته ڇا جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو، هن خيال ۾ آهن ته اسان کي ڇڏي اسان جي ٻانهن کي پنهنجو سرپرست بنائين (۽ ڪجھ به سوال جواب نه ٿيندو چڱو ٻڌو) اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
(اي رسول! کين) چئو ته ڇا آءُ اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر ڏيان جي عمل جي حساب سان وڏي نقصان ۾ آهن؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
هي اهي (ماڻهو) آهن جن جي ڪوشش دنيا جي حياتي ۾ (ئي) اجائي ويئي ۽ اهي اجايا خيال ڪن ٿا ته پاڻ چڱو ڪم ڪري رهيا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اهي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي پالڻهار جي آيتن کان ۽ (ڏينهن قيامت جي) سندس سامهون حاضر ٿيڻ جو انڪار ڪيو ته انهن جو سڀ ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿيو پڻ انهن لاءِ قيامت ڏينهن حساب تي ترازو به قائم نه ڪنداسون (سڌا جهنم ۾ اڇليا ويندا). |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اهو جهنم سندن (ڪرتوتن) جو بدلو آهي ڇو ته هنن ڪفر اختيار ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن تي ٺٺوليون ڪيائون. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي مهماني لاءِ بهشت جا باغ آهن. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
جن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اتان ڪڏهن به هٽڻ جي خواهش نه ڪندا. |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
(اي رسول انهن ماڻهن کي) چئو ته منهنجي پروردگار جون ڳاليهون (فضائل لکڻ) لاءِ سمنڊ (جو پاڻي) مس ٿئي ته منهنجي پالڻهار جي ڳالهين ختم ٿيڻ کان اڳ سمنڊ کپي ويندو، جيتوڻيڪ (ٻيو سمنڊ) ان جهڙو ان جي مدد لاءِ آڻيون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
(کين) چئو ته آءُ به اوهان جهڙو ئي (شڪل شباهت ۾) هڪ آدمي آهيان (فرق هي آهي ته منهنجي نوع جدا آهي ۽ مون ڏي هي وحي آئي آهي ته اوهان جو معبود رڳو هڪ الله آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾) حاضر هئڻ جو خواهشمند هجي ته ان کي چڱا ڪم ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ۾ ڪنهين کي شريڪ نه ڪري. |