الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
آهي، تنهن الله جو، حَمد بي حساب، جنهن سَندسِ خادِم خاص تي، نازل ڪيو ڪتاب، ۽ ڏِنگ نه رکيا اُن ۾، |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
سِڌو برصَواب، تان خوف خدا ڏي، پاڻ وٽان، سَندو سخت عذاب، پڻ ڏي مبارڪ مُؤمنِين، جي نيڪيون ڪن نواب، اَوس آهي، اُنهن لئي، سُهڻو صاف ثواب، |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
عِزت ساڻ آب، سَدا ساڪِن اُن ۾. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
پڻ ڀَو ڏِيارِ باھ جو، تن مُورکن کي مُور، جن چيو، ته پُٽ ٺَهرايو، پَرور پاڪ حُضور، |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
جِنهن جو عِلم نه اُنهن کي، نه پِڻنِ کي پَرُوڙ، جاوائـِي نِڱينِ وات مان، ساوڏِي زور ضرور، بناڪُوڙ فُتور، ٻيو ٻولِين ڪِين ٿا. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
ڪَر پَساه ڏِيندڙ، تن پُٺيان، تون آهِين، کان اَرمان، ته آندائون نه اِيمان، هرگز هِهڙِيءَ ڳالھ تي. |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
جيڪِي آهي زمين تي، سو ڪيوسون سَندسِ سِينگار، اَوس اُنهن کي اسِين، آزمايون اِظهار، ته آهي اِنهن مان ڪِهڙو، نِرمل نيڪوڪار، |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ جيڪي آهن اُن مٿي، جوڙون ۽ جِنسار، اَسِين آخِرڪار، اَوَسَر ڪندڙ اُن کي. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
اسان جي آيتن مان، ڪِ ڳڻيئـِي ڳَرِي ڳالھ؟ قِصو ڪَهف ڌَڻين جو، ۽ جي لکيل آهن لال، نال بِنال نِهال، قابو ڪِنهن ڪتاب ۾. |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن جوانن چُرکي، ڪيو اَجھو ۽ آستان، چي سانيمِ سَچا!، پاڻ وٽان، ڪر اسان تي اِحسان، پڻ اَسان تي آسان، ڪر اَسان جي ڪم کي. |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ سوگھا ڪياسون ڪَن سَندنِ، سارڻ کان، ڪي سال، |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
وَرِي اُٿاريوسون اُنهن کي، ته سَمجھون هِيء سُوال، ته ٻن ٻاريُنِ مان – ڪِهڙِيء، پورِي ڳڻِي ڳالھ، ته چُر ۾، اِهڙي چال، گھڻِي دير گھاريئون. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اِسين توکي اُنهن جو، بَرحق ڏِيون بَيان، جن مڃيو مالڪ پَنهنجو، هي سي جُنگ جُوان، ۽ گھڻِي بي گمان، ڪئـِي سون هِدايت اُنهن کي. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ ڪياسون قلب اُنهن جا، قوِي برقرار، جڏهن کڙاٿيا خيرسان، ته ٻوليائون ٻِيهار، ته آگو اُڀن ۽ ڀونءَ جو، آگو اَسان هارِ، اَسِين نه اَوس ڪوٺيون، ڪو ڌڻِي اِنهيان ڌار، تڏهن ته ڪَر تڪرار، آکيون سون، ڪي آکلون. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
هِن قوم اَسان جي، ڪيترا ٺاهيا ڌڻي، تِنهن ڌار، پوءِ ڇو نه صفاثابتِي، آڻينِ مَٿنِ اِظهار، پوءِ آهي ڪير اُن سوا، جَبرو جَفاڪار، ته هَٿراڌو هَزار، ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪرِيم تي. |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جڏهين اوهين ٿِيا اُنهن کان، ڪَنڌِيءَ ڀَر ڪنار، پڻ تن کان، جاٽون جن جون، ڪن ڌَڻِيءَ کان ڌار، پوءِ جَھليو جُھر جَبل جِي، ته اَهنجو پالڻهار، ٻاجھ پکيڙي پَنهنجِي، آن تي، ۽ اَوهان هار، سَڀ ڪُجھ سَهنج ستار، ڪري اوهان جي ڪم ۾. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ ڏِسندِين ته جڏهن سِج اُڀريو، ته سڄي پاسِئاغار، لَڙيو ۽ لَٿو جڏهن، ته لنگھيو لائـِين پار، ۽ اِهي سَندسِ اِيوانَ ۾، تَرسيل هُئا تڪرار، آيتن مان الله جي، اِيء نشانِي نِبار، سوئـِي سَئون، جنهن کي، سَنئـِين سُهائي ستار، ۽ ڀاڻا ڀُلائي جنهن کي، ڀُليل سو بَدڪار، نه مُرشد، نه مَددگار، لَهندِين اُن لئي لوڪ ۾. |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ ڀائـِيندِين بيدار، ۽ هوسُتل سَتن نِنڊن ۾، ۽ اسين اُٿلايونِ پِيا، ساڄي، کاٻي پار، ۽ ڪُتو، ڪَرايو اُن جون کولِيل کَڙھ تي غار، جي اُڀرِين مَٿنِ اوچتو، ته وَرِين تِنهِين وار،ڀَڄڻ لئي بيزار، ۽ ڀَرجِين ڀَومان، تن ڀَران. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اَسان اِهڙِي چال، اُٿاريوسون اُنهن کي، ته پُڇن حقِيقت حال، هِڪ ٻئي کان، هتي رهڻ جِي.ڪنهن چوندڙ، چيو اُنهن مان ته هِت گھاريان گھڻِي دير؟ چي، ڀانيو ٿا ڀلير!، ڏِينهن، ڪِ بَخرو ڏينهن جو. چيائون، ته آهي اَوهان جو، سائـِين سَمجھدار، ته وَرھ رَهيا، يا وار، غازي! اَوهين هِن غار ۾. چي، اُٿيارِيو پاڻ مان، هِن پنهنجي نوٽن نال، هِڪڙو هِن شهر ڏي، ته جانچي چَڱِيءَ چال، پوءِ آڻي اَوهان لئي طعام مان، جو بهتر هُجي بحال، ۽ نِرمِي ڪري نِهال ۽ پنهنجو حال نه ڏي، ڪِنهن هِڪڙي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
جي آگاه اوهان تي، سي ٿيا، ته صَحِيح ڪندان سنگسار، يا موٽائينِ، سَندنِ مذهب تي، توهان کي تڪرار، ۽ اَوهين اُنهِيء وار، سَدا نه ماڻيو سوڀ ڪا. |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اِنپر ڪيوسون اُنهن تي، اِنهن کي اِظهار، ته ٻُجھن ٻول لله جا، قائـِم برقرار، پڻ اَچڻِي اَهکيءَ وار، شڪ، نه شُبهو اُن ۾. جڏهن جھڳڙو پاڻ ۾، ڪيو ٻاريءَ سان، ٻارِي، پوءِ ڪن چيو ته قُبو اُنهن تي، ڪو بنايون بارِي، سائـِين تن جو سنڌي، رکندڙ سُڌ ساري، جي ڪري سگهيا، ڪم پنهن جو، وائـِي تن وارِي، ته مَسجد موچارِي، اَڏينداسون، اُنهن مٿي. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
سِگَھو چَون، ته ٽي ڄڻا، چوٿون سَگ سُڄاڻ، ڪي چون، ته پُورا پنج سي، ڇهون ڪُتو اُنهن ساڻ، ٺَلها ٺَپ ڳُجھ ۾، ۽ ڪي ڪَهن اِن اُهڃاڻ، ته سَت سڳورا پان ۾، ۽ اَٺون ڪُتو اُنهن جو. چئو، اُنهن جي انداز جو، سانيمِ سمجھدر، اَنگ نه ڄاڻن اُنهن جو، ڪي ڳاڻ ڳَڻيَنِ ڌار، مٿاڇَري مذڪور ري، تن ۾ نه ڪر تڪرار، ۽ تن جو پَتو پار، هِنن مان، مَ پُڇ، ڪِنهن هيڪڙي. |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ڪِنهن ڪم لئي، نه ٻول ٻِيهار، ته آهٖيمِ ڪرڻو ڪالھ سو، |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
مگر گُھري، جي مُون ڌڻي، اِنشاءَ الله هارِ، ۽ جڏهن پَنهن جو پالڻهار، وِساريئـِي، ته ورِي سارتون. ۽ چئو، آهيان اُميدوا، ته دڳ ڏَسِنيدمِ مون ڌڻي، ويجھو ٿِيان مَنجھ وار، سُونهپ هِن کان، صاف کي. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ ٽي سؤگھاريئون غار ۾، ورهيه نَو ويتر، |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
چئو، جيڪي گھاريئون غار ۾، تِنهن جِي خالق کي خبر، آهن ڳُجھ اُنهِي لئي، اُڀ ۽ ڀون اَندر، ڏاڍو ڏِسندڙ پاڻ ٿيو، پڻ سُڻندڙ سَربَسر، ته اُن ري، ناهي اُنهن لئي، ٻِيلي ڪوبه ٻِيهر، ۽ پَٽياري نه ڪري، ڪِنهن پَر سَندسِ حُڪم ۾ ڪنهن هيڪڙي. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ پَڙھ، جيڪو تو پار، وَحِي ڪيو ٿو وَڃي، تُنهنجي پَرور پاڪ جي، مُصحف مان، موچار، هرگز جنهن جي، حُڪمن ۾، ناهي ڦيرڦاڙ، ۽ دائـِم تِنهن کان ڌار، لِڪ نه لهندِين لوڪ ۾. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ جَھل پَنهنجي جانِ کي، ڀيڙو ڀَلارن، گڏ، جي سَندسِ سائـِين پاڪ کي، ڪن صُبح، سانِجھيءَ سَڏ، گُھرن هَميشه هَڏ، رَضامندو اُن رَبَّ جو. ۽ اکيون ڦيرمَ اُنهن ڪنان، گُھرِين ٿو گوهر! هِن حياتِيءَ ذليل جو ٺاٺ ٺلهو ٺيٺر، ۽ مَڃ نه تنهن کي مُورهِين، مَن جنهِين مُنڪر، ڪيوسون اَسان جي، ياد کان، ويسلو ويتر، ۽ هوائـِي ٿِي هليو، سَندسِ سکڻـِيءَ سَڌ سِر، ۽ آهي اَصل ٻاهر، حال جنهن جو حَد کان. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
چئو، سَچ اوهان جي، سائينء کان، ٻِيا سَڀ ٺلها ٺاھ، پوءِ وڻيسِ، سو وِسهي، وَڻيسِ، ڦِري وِڻاھ، سَنڀائـِي سون صُباح، آگَيٽندڙن لئي، آگنِي. ڀيڙيا ڀِتين تِنهن، جي واڪا ڪن ووءِ، ۽ ٽامي پَگھارِيل جِھڙو، پاڻِي مِلندن پوءِ، مَچ تنين جا مُنهڙا، ڀُڃي ڪندو بَدبوءِ، بُڇڙو سرڪڻ سوءِ، پڻ اُهکو اِرڪ ڏِيڻ ۾. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
جن آندو اِعتبار، ۽ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، تن جو نه وِڃايون وار، جِنهن صَفاسهُڻا ڪم ڪيا. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اُهي ئي آهن، اُنهن جون، ڀيڻيون باغ بهار، جن هيٺان هَلن نالِيون، ٻِيون ٻانهيون سونَ ٻِيهار، ڍَڪِين مَنجھسِ ڍوليا، وَڳاڪن وِينجھار، سَنهي، ٿُلهي پَٽ جا، ائي رنگ، سِينگار، سامهان، سي سيجن تي، تَڪيو ڏِنل تڪرار، دَرجو دِلقرار، ۽ تَڪيو به تمام سُهڻو!. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ مِثال ٻِن مَردن جو، ڪرِتِنين لئي مَذڪُور، ڪياسُون ٻِن مان هِڪ لئي، ٻه باغ، عَجب اَنگور؛ ۽ ڇانيون سون ڇُوهارن سان، مَٿان تن کي مُور، پڻ پوک ڀَلِي ڀَرپُور، ڪئـِي سُون ٻِنهِين جي وِچ ۾. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻنهين باغن پَنهنجا، پئي ميوا ڏِنا موڪ، ۽ گَھاٽيون نه، ڪو ٿوڪ، مُنجھانئـِن مُدامِي مُند تي. ۽ واهِيون سون ٻِنهين وِچان، اَوڏن عام جام، ۽ تِنهن لئي هُئا تمامِ، سالِم فَصل سال تي. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
پوءِ سندس ساٿئ کي، چيائين اِهڙي چال، جِنهن سان مُفت مُقابلو، پِيو هَلائي جنهن حال، ته مَنجھ ماڻهنِ ۽ مال، آءٌ سرس سراسر تو ڪنان. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
پوءِ گِھڙيو سَندسِ باغ ۾، ۽ هُئو مَنجھ جِنهن حال، پاڻيهِي پنهن جي جان سان، جاڙون ڪندڙ جال، چي، نه ڀانيان باغ هِي، پُريون ٿِيَنِ پيئمال، |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
پڻ نه بِلڪُل ڀانئيان، ته قائـِم قِيامت ڪالھ، ۽ جي مونکي سَندمِ سائـِينءَ ڏي، وِيو چالانِ ڪيو، ڪنهن چال، ته بِهتر جاءِ بَحال، لاشڪ لَهندسِ، هِن ڪنان. |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سَندسِ ساٿِيء کيس چَيو، ۽ وراڻيسِ تِنهن وير، ته جنهن خلقيئـِي خاڪ مان، تنهن کان ڦِريل! کاڌِئي ڦير، موٽِي مَنِيء ڦڙي مان، بَنايَئـِي ڀَلير! موٽِي مَرد مَٿير، توکي، تِنهن تيار ڪيو. |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر آئون، آهي مُنهنجو، آگو هِڪ الله، هَرگز نه ڪريان همراه، ڪوسائـِينءَ سندمِ سان هيڪڙو. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
جيڪر جڏهن باغ ۾، گِھڙِين، ته ڪئـِي گُفتار، جيڪي گُھريو جَلَّ جَلالہٗ ٻيو ٻَر نه مُون ٻِيهار، مگر سَڀ مَدار، مُنهنجي مالِڪ هيڪ تي. توڻِي ڏِسِينم تون، ته مال ۽ عيال ۾، توکان آءٌ گَھٽ گھڻو، |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
پوءِ سِگھو سانيـَمِ مون، بَخشٖيمِ مَٿي ڀُون، بِهتر تُنهنجي باغ کان. ۽ مَٿان اُڀ موڪلِي، ڪو تِنِهين سِر صَر صَر، پوءِ صُبح ساڻ ڦري ٿئي، صفا سڃيرو سَر، |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا سُڪي سويرو تَرجَھلي، اُن جو اَمْرتِ سَر، پوءِ اُن جي آڻڻ سِر، طاقت نَه لَهِين تِر جيتري. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
پوءِ مِڙيئـِي ميوا اُن جا، گھريا مَنجھ گَھمسان، پيو مَهٽي مُٺيون پَنهنجون، مَنجھ پِره پريشان، مَلول اُنهِيءَ مال تي، جيڪِي مَنجھسِ خرچيو خان، ۽ ڪريل بي گمان، سو باغ سَندسِ بيخن مَٿي. پوءِ پَڇتايو پاڻ، پيو چوي اِهڙيءَ چال سان، ته سَندمِ سائـِينء سان، هُوند نه گڏيمِ هيڪڙو. |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ هُئو نه سَندسِ ساٿ ڪو، پاڪ ڌڻِيء کان ڌار، ته مَدد ڏئيسِ، تِنهن مهل ۾، ۽ نه وَرڻِي سَندسِ وَهار، |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
هُت هَلندِي هِڪ اَلله جِي، جو بَرحق بَقادار، سو اَجر جو اُجار، پڻ ڀَلو آخِر ڀال ۾. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ مُرسل! مِثال ڏِيينِ تون، هِن حَياتِيءَ بيڪار، اُتاريوسون اُڀ ڪنان، اُن پاڻِيء وارا پار، اُن سان اوڀر ڀُونء جا، گڏيا، گُل گُلزار، پوءِ ڦِرِي ڀُڪاپور ٿيا، واءُ کَنيَنِ تِنهن وار، صاحِب ربُّ، ستار، آهي قادِر هرڪنهن ڪم مَٿي. |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
ڌَڻ، ڄَڻ، سَڀ دُنيا ۾، جِيڻ جو جِنسار، ۽ باقِي، بيشڪ نيڪيون، تُنهنجي صاحِب وٽ، ستار، بِهتر بَرقرار، اَجر ۽ اُميد ۾. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
جڏهن جَبل رئـِي ڪَبا، ۽ ڏِسندِين ڀُون بَيران، ۽ ڪَٺي ڪنداسون اُنهن کي، مَنجھ مَحشر جي ميدان، پوءِ هرگز نه ڇَڏِينداسون هيڪڙو، تن مانَ مڙھ ڪِنهِين مَڪان، |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ صَف ۾ سڀ جَھان، سَندنِ پَرور پيش ڪبا. اَوهِين اَسان وٽ آيا، ٿِي هِڪ هِڪ، حُڪم ساڻ، جِيئن پيدا ڪيوسون نِيئان پِهرين؛ بلڪ ڀانيان پاڻ، ته ڪنداسون نه اوهان ڪاڻ، ڪو موقعو حرف حِساب جو. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ ڏِسندِين تِنهن ڏِينهن ۾، ڀَنوارِيل بَدڪار، چي، هَيْ! اسان جي حال کي، هِن ڪِتاب ڪِهڙا پار، ته ننڍي، وڇي ڪم کي، تَرڪ نه ڪري تڪرار، مگر اُن مِڙن جو، ڪري، پُورِيءَ طرح شُـمار، ۽ حاضر پاتئون حِساب ۾،جيڪي ڪيئون ڪم ڪار، ۽ تُنهنجو پالڻهار، هاڃو نه ڪري، ڪِنهن هيڪ سان. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ جڏهن چيو سون مَلڪن کي، ته آدم کي جُھڪو، پوءِ سوا اِبليس، سُڀ جھڪيا، هُو هُئو جِنن مان ڪو، ٿِيو ٻَهَرْ ٿُڪو، آگيسِ جي، اَمر ڪَنان، پوءِ اُن، ڪِ سندس اولاد کي، مون ري، وٺو مَهندار، ۽ ڌُران دُشمن اَهنجا، آهِن هُو اِظهار، هاڃيڪارن هارِ، بَدلو بِلڪُل بَدٿيو! |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون، سي ساکي ڪِين ڪيا، بلڪل بي گمان، جوڙڻ اُڀ زمين تي، پڻ جوڙڻ سَندنِ جان، ۽ آئون مَدد وٺندڙ ڪانه، مُوڙهلن کان مُورِهين. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ جڏهن چَئبو، ته اَڄ ڪٿي؟ جن ڀانتان ڀائيوار، پوءِ ٻاڏائيونِ، پوءِ نَه ٻُڌئون، ڪي واڪا سَندنِ تِنهن وار، ۽ آڏِي ڏِني سون اُنهن وِچان، ڪا ٻَرندڙ ٻَنڌ ٻِيهار، |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏِٺو ڏوهارين باھ کي، پوءِ ڀانيئون برقرار، پَوَڻا آهن پڪ سان، تِنهِين مَنجھ تڪرار، پوءِ ڪَنان اُن آزار، پاسي ته پاتئون پيچرو. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ ڏِناسون هِن قُرآن ۾، ڪَئين ماڻهن لئي مِثال، ۽ ماڻهوءَ گھڻِي ڳالھ، آهي بَحث بيڪار ۾. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهوءَ، مَنع ڪِنهن نه ڪَئـِي، آڻِينِ تان اِيمان، جڏهن هِدايت حق جِي، آئـِي کِين عيان، پن گُهرنِ سَندنِ سائـِينءَ ڪَنان، بَخشش بي گمان، مگر پَرِ مَهندِين جِي، اَچينِ، نيٺ نِڌان، يا مٿن مَنجھ ميدان، سامهون ٿيئي ساڙڪو. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
اَسين نه مُرسل موڪليون، مگر کِيانتاخان، يا آڳ ڪنان اڳوان، ڏَهڪائيندڙ ڏٖيھ کي. جن ڪُفر ڪيو، سي ڪُوڙسان، ڪن جھيڙا جنگ جِدال، تان ساڻسِ، صفا سچ کي، ڪن پَڻِي ۽ پائمال، پڻ اسان جون آيتون، ۽ جن نِشانيَن نال، وِيا ڪنبايا ڪُلال، ٺهرايئون ٺَٺوليون. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ آهي ڪير اُن کان. جَھجھو جَفاڪار، جنهن کي ياد ڏِنا ويا، جڏهن ڪم سَندس، ڪلتار،پوءِ موڙيئـِين مُنهن تن ڪنان، پوءِ وِساريئـِين تنهن وار، جيڪِي عَمل اڳـئين پار، سَندسِ هَٿِين هَلائيا. ڪياسونِ ڍَڪ قلبن تي، هِن کان، ته پُرجھن پاڻ، ۽ ڪئـِي سونِ سَندنِ ڪَنن ۾، ٻِي وَرِي ٻوڙاڻ، ۽ سَنئـِين ڏي، سَڏئينِ سُڄاڻ!، تڏهن سَدا نه هلن، سَنئـِين مَٿي. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
سائـِين سَٻاجھو تُنهنجو، پڻ بيشڪ نَخشڻهار، جيڪر جَھلٖين تن ۾، جي ڪيائون ڪم ڪار، ته اُنهن تي عَذاب لئي، تَڪڙائـٖي تڪرار، اُٽلو آهي، اُنهن لئي، ٻَڌل ٻول ٻِيهار، اَصل اُنهيان ڌار، نه پائـِيندا پَناھ ڪو. |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ گُم ڪياسون گام اُهي، جڏهن ڪَيئون ڪَلُور، ۽ مُقرر ڪيوسون مُور، موقعو سَندِن موت جو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن ٻيليسِ کي ٻوليو، مُوسٰى مَت سُڄاڻ، ته هَلندسِ هيڪاندو پيو، جِت مِلن ٻه مِهراڻ، يا عَرصو ڪو اڳواڻ!، گھڻو گُڏ گذاريان. |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
جڏهن ٻِنهِين جي، مِلڻ ماڳ تي، پُهتا اَچِي پاڻ، ته مَڇِي سَندنِ وِساريئون، جاکَيئون کاڌي ڪاڻ، پوءِ مَنجھ سِير سُرنگھ ساڻ، وَرتئـِين واٽ پانهنجِي. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
لنگهيا جڏهن لاشڪ، پوءِ ٻيلِيءَ سَندسِ کي ٻوليئـِين، مانِي مَنجھدجِي آڻ تون، جا پَڪِي کَنئـِي سون پَڪ، ڏِٺوسون ڏاڍو ٿَڪ، هِن پَنهنجي پراهِين پَنڌ ۾. |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
چي، ڏِٺيئـِي نه، ڏُونگر ڀر، جڏهن ڪيوسون ماڳ مَڪان، مَڇِي وِساريمِ ماڳ تي، ۽ ويسر ڏِنيمِ ڪا نه، هِن کان، ته ساريان سا، مگر شامِتي شيطان، پوءِ وَرتئـِين عَجب عيان، پنهنجو دَڳ درياھ ۾. |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
چي، ڳولِي سون سا، جاءِ اُها، پوءِ وَريا تنهِين وٖير، پَنهنجا کڻِي پير، نِهاريندا نِشانيون. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ ٻانهون مُنهنجي ٻانهن مان، لَڌائون ڪو لال، جنهن سان پَنهنجي بخشش مان، بيشڪ ڪياسون ڀال، پڻ بخشيو سون بَحال، اُن کي عِلم اَسان وَٽان. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
چيسِ مُوسٰى مِير، ته ڇا، پانہ! تُنهنجي پُٺ ۾، هَلي سَگھان ٿو هِن شرط تي؟ ته سيکارِيينمِ سُڌير!، تِنهن عِلم مان، اَڪسِير، جو سائـِينءَ توکي سيکاريو. |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
چي، مون سان، تون مُور، ڪري نه سَنگھندِين صبر ڪو، |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ جنهن جِي، تو نه پَرُوڙ، سو ڪهڙِي صُورت سَهندِين. |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
چي، اِنشاء الله، ڏِسندينمِ تون، صَبر وارو صاف، ۽ نه هَلندسِ بَرخلاف، هرگز تُنهنجي حُڪم کان. |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
چي، پوءِ جي پُٺيان هَلٖينمِ تون، ڪُجھ مَ پُڇينمِ مُور، تان مَنجھان تِنهن مَذڪور، توکي پاڻيهِي، آءٌ چوان. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ هَليا، تان هوڙٖي مَٿي چَرهيا، ته وِڌائـِينسِ چِير، چي، ڪِ چِيرئِيسِ؟ ته چَڙهيل اُن ۾، سڀ ٻوڙئـِين مَنجھ مِير، بِنہ بي تدبِير، ڪاملَ تو ڪو ڪم ڪيو. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
چي، ڪِ نه چَيمِ، ته مون ساڻ، صبر سَهندِين ڪو نه ڪو، |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
چي، جيڪِي مون وِساريو، تِنهن ۾ نه پَڪڙ پاڻ، ۽ سَختِي ڪر نه سُڄاڻ!، مُون سان مُنهنجي ڪَم ۾. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ هَليا، تان هِڪ ڇوڪرو، ڏِٺائون جِنهن وار، پوءِ قتل ڪيائين اُن کي، ته ٻوليائـِين ٻِيهار، ڪِيئن ماڻهو ماريئي، بي گناھ، مارِيَل ماڻهؤَ ڌار، ڪيو تو ڪم ڪار، بيشڪ بِلڪُل اَڀرو. |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
چي، ڪِ توکي اڳ نه چيم؟ ته سَهندِين نه، صبر مون ساڻ، |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
چي، مون کي، نه گَڏج مُورهين، جي ڪُجھ پُڇيَمِ هِن پڄاڻ، بيشڪ پُهتِين پاڻ، مَعذرت کي، مُون وَٽان، |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ هليا، تان هِڪ گام تي، وارِد ٿيا جنهن وار، گُھريئون گام ڌَڻِيَنِ کان، تازو طعام تيار، پوءِ ڪيائون اِنڪار، طعام ڏيڻ کان، تن کي. پاتئون مَنجھسِ پاڻ، ڪا ڀِت ڀَڄڻ گھوري، اَڏي مَڏٖي اُن کي، ڪيئـِين سَنئـِين سَڌورِي، چي، هُوند گُھرئـِي، گھڻِي ٿورِي مَٿَسِ مَزُورِي ورتئـِي. |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
چي، مُون ۽ تُنهنجي وِچ ۾، هِيءَ موڪلاِڻي مِير!، توکي تڪڙو تن جِي، ڏِيندسِ خَبر خبِير!، جن تي صبر سُڌير!، ڪري نه سگھِين تون ڪيترو. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
پر، هوڙٖي سَندو حال، ته هو مَٿل مِسِڪين جو، جي ڌنڌو ڪن درياءَ ۾، پوءِ ڪَيمِ خاص خيال، ته ڪريان عيب اُن ۾؛ ۽ تن ٻَهران، ٻيڙيء سال، بيگر مَنجھ بَحال، هو وَٺندو حاڪم هيڪڙو. |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
پر ڇوڪر، پوءِ اُن جا هُئا، مائـِٽ مُسلمان، ڀوءِ ڀانيوسون ڀَو اِهو، ته ڪري تن تعبان، |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
پر ڇوڪر، پوءِ اُن جا هُئا، مائـِٽ مُسلمان، ڀوءِ ڀانيوسون ڀَو اِهو، ته ڪري تن تعبان، آڪڙ ۽ اِنڪار ۾؛ |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
تڏهن گُھريمِ بي گمان، ته بدلو وَرِي بَخشٖين ڪو، سَندنِ رَبُّ سُبحان، هُنِئان موچارو مانَ، پاڪائـِي پَرگھور ۾! |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ قِصّي ذُوالقرنين جو ، توکي ڪَن سُوال، چئو جلد پڙهندسِ، اُن مَنجھان، ڪجھ اوهان تي اَحوال، |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بادشاهِي ڀُونءَ ۾، بَخشِي سونسِ بَحال، ۽ هر قِسم جا ڪَمال، اَسباب ڏناسون اُن کي. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ سَنڀوڙِيو سامان سان، ڪِنهِين طرف ڪَهي، |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
تان سج لَهڻ هَنڌ سَهڙِيو، پوءِ سُوٺائـِين صَحِي، ڪر وِيو سِج لَهِي، دُٻي مَنجھ ڌُٻڻ جي. پوءِ وَٽسِ لَڌائـِين قوم ڪا، پڻ چيو سون اِهڙِي چال، ذُوالقرنين! سَزا سَخت ڪا، لاءِ تن سان لال! يا ڀَلا ڪَر بَحال، ڪو سُهڻو سُلوڪ اُنهن ۾. |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
چي، پَرڪيا جِنهن ڪَلُور، ڏُک ڏاڍا ڏِيندسِ اُن کي، موٽِي سَندسِ سائـِينءَ ڏي، موٽائـِبو، سو مُور، پوءِ زَبردست ضرُور، ڏِيندو عذاب اُن کي. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
پر جنهن آندو ايمان، ۽ چڱا ڪيائين ڪَمڙا، تنهن لئي صفا سُهڻو، بَدلو بي گمان، ۽ اسان جو ڪم آسان، آڇِينداسون اُن کي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
سَنڀوڙو سامان سان، وَرِي ٻِئي وَلهار، |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
تان سج اُڀرئي، هَنڌتي، وارِد ٿيو جِنهن وار، اُڀرندو اُن قوم تي، سوٺو کيَسِ سَچار، بِنہ نه بنايوسون، جن ئي اوڍڻ اِنهيان ڌار، |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
جيڪا اُنهِئَ وٽ اَخبار، سا پورِي ڄاتِي سون پَڪ سان. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
سَنڀوڙو سامان، موٽِي مَت سُڄاڻ، |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تان جڏهن ٻِن جبلن وچ ۾، پُهتو ته پاتئـِين پاڻ، پَريان تن پَرياڻ، جي ٻولِي ٻُجھن ئـِي ڪانڪا. |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
چيائون اِهڙِي چال، ته اي ذُوالْقَرْنين بادشاھ! يا جوج ۽ ماجوج هِن ملڪ ۾، آهِن بگاڙو بحال، پوءِ ڪِ تولئي، پاڻ تي، خرچ کَڻون سڀ مال، تان ٻَڌين ٻَنڌ ڌَمال، اسان ۽ اُنهن جي وِچ ۾. |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
چي مون سين اُن ۾، مُون ڌڻي، ڪيا ڪَرم ڪِروڙ، مُنهنجِي مدد اوهين ڪريو، طاقت مُوجب توڙ، ته ٻَڌان بند اَروڙ، اوهان ۽ اُنهن جي وچ ۾. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
چي، مون وَٽ ٽُڪر لوھ جا، آڻي ڪريو اَنبار، تان جڏهن ٻِن جبلن وِچ ۾، ڪري چُڪوقطار، چي، ڦوڪيو، تان اُن کي، جڏهن ٻارئين باہ ٻيهار، چي، ٽامون وَٽمِ هڪوار، آڻيو ته اُتسِ پلٽائيان. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ چَڙِهي نه سَگھيا اُن تي ۽ ڀَڃِي نه سَگھيسِ بَحال، |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
چيائين اِهڙِي چال، ته هِي رَحمت مُنهنجِي رَبَّ جِي. آيو جڏهن اَنجام، پوءِ سانيمِ رَبُّ سَتّار، ڪُٽي ڪندو اُن کي، هِڪ جھڙو پَٽ هَموار، ۽ ٻول سَندمِ سانيمِ جا، آهن بَرحق برقرار، |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ ترڪ ڪيو سون تن کي، هِڪ ٻئي ۾ هيڪار، تِنهن پَل سَندنِ پار، پيا لهرِين جِيئين لپيٽبا. ۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ ۾، پوءِ ميڙيو سونِ، ميڙيَڪو، |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ پَڌرو اوسِ پَڪو، ڪيو سون ڪافرن لئي. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
۽ جن جون اکيون سَندمِ سار کان، هُجن مَنجھ حجاب، ۽ نه رکن طاقت تاب، ڪنهن ٻول چال ٻُڌڻ جِي. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا اُهي، جن اِنڪار، ڪيو، ڀانيئون برقرار؟ ته بَنائـِينِ سَندمِ بَندن کي، مون ري، مَددگار، ڪيوسون توڙ تيار، مَگر مَنزل مُنڪِرين. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
چئو، ڪَمن ۾ ڪِرِيَلن جِي، ڪِ آنکي ڏيان ڪَرَ؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
جن جو هِن جَھان ۾، وِيو سَعيو سر بسر، ۽ هُو ڀانئـِينِ برابر، ته ڪن پِيانيڪ ڪَمايون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
سي، جي ڦِريا، سَندنِ سائـِينءَ جي، حُڪمن کان هيڪار، پڻ مَهندان سَندسِ مِلڻ کان، پوءِ ڪِريا سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ مَهندان مَحشر وار، مَنڊيون نه تُراڙو تن لئي. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اِها سَزا اُنهن جِي، ڄيرو سَڀ ڄَمار، جنهن سبب ڦِريا، پڻ سَندمِ نِشانيون نِروار، ۽ مُرسل مڻيادار، ٺَهرائـِيون ٺَٺوليون. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
جن مڃيو ۽ موچارا ڪم ڪيا، آهي اُنهن هار، مِهمانِي موچار، بيشڪ باغ بهشت جا. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
سدا ساڪِن اُن ۾، سَرها سڀ ڄَمار، اُنهئ کان ٻَهارِ، موٽڻ نه گھرون مُورِهين. |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
چئو، سائـِينءَ سَندمِ جي ڳالهَينِ لئي، جي سَمنڊ سَڄو ٿئي مَس، ته سائـِين سَندمِ جي ڳالهئـِين، اَڃا اچي ڪو ڪَس، ته بَحر وَڃٖي ٿِي بَس، مَرجِھڙس مَدد آڻيون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
چئو حَرف تن کي هِئُ، ته آئون اَوهان جھڙو آدمي، مون ڏي، وَڃي ٿو موڪليو، واحد جو وَحِي، ته اَوهان سَڀن جو صحِي، سائـِين، سائـِين هيڪڙو. پوءِ جيڪو رکي آسرو، ڌَڻيسِ جي ديدار، پوءِ گُھرجي ته چَڱا ڪم ڪري، ۽ سانيسِ ساڻ، ستار، ٻانَهپ مَنجھ ٻِيهار، هرگز نه گَڏي ڪو هيڪڙو. |