الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي (مقدس) ٻانهي تي ڪتاب (قرآن) لاٿو ۽ ان ۾ ڪابه ڏنگاڻ نه رکيائين. |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
ان کي سنئون سڌو ڪيائين هن لاءِ ته اهو (مقدس ٻانهو) ان سخت عذاب کان ڊيڄاري جو ان (الله) طرفان آهي ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي جيڪي ڀلا عمل ڪن ٿا ته بلاشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي. |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
ان ۾ اهي هميشه رهندا. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته: ”الله (پاڻ لاءِ) اولاد بنايو آهي“. |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
نه ان جو علم کين آهي ۽ نه انهن جي ابن ڏاڏن کي. وڏي ڳالهه آهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي. اُهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
پوءِ شايد تون پنهنجي جان انهن جي پويان ان ارمان ۾ ڳاري ڇڏيندين جيڪڏهن اهي هن (قرآن واري) ڳالهه تي ايمان نه آڻيندا. |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
بيشڪ اسان ان سڀ شين کي جيڪي زمين تي آهن ان (ڌرتيءَ) لاءِ سينگار بنايو آهي هن لاءِ ته اسان انهن (ڌرتيءَ تي وسڻ وارن) کي آزمايون ته انهن مان عمل جي اعتبار کان ڪير ڀلو آهي. |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ بيشڪ اسان جو ڪجهه ان (ڌرتيءَ) تي آهي تنهن کي (ختم ڪري) صاف ميدان بنائڻ وارا آهيون. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڇا تون سمجھين ٿو ته غار ۽ (غار تي) لکيل ڪتبي وارا اسان جي نشانين مان ڪا وڏي عجيب نشاني هئا؟ |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن چند نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي پوءِ چيائون: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جي آساني ڪر“. |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا) |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ته ڏسون ته ٻنهين جماعتن مان ڪير ان (وقت) کي صحيح ڳڻڻ وارو آهي جيڪو (غار ۾) رهيا. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسان تو کي انهن جي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اُهي چند نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هيو ۽ اسان کين هدايت ۾ ترقي ڏني. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ اسان انهن جون دليون ان وقت مضبوط ڪيون جڏهن اُهي اٿيا پوءِ چيائون: ”اسان جو پالڻهار ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار آهي ان کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪنداسين. (اگر ائين ڪيون ته) اسان نهايت غلط ڳالهه چئي“. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
(پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته)” هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کي ڇڏي ٻيا معبود بنايا آهن. اُهي سندن باري ۾ چٽو دليل ڇو نه ٿا آڻن؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي. |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن اوهان ڪنارو ڪيو آهي انهن (مُشرڪن) کان ۽ انهن معبودن کان جن جي اُهي الله کي ڇڏي پُوڄا ڪن ٿا ته پوءِ هلي غار ۾ پناهه وٺو توهان جو پالڻهار توهان تي پنهنجي رحمت ڪشادي ڪندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي ڪم ۾ آساني مهيا فرمائيندو“. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نه لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نه لهندين). |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ تون انهن کي جاڳيل سمجهندين حالانڪه اُهي ستل آهن. ۽ اسان ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي انهن جا پاسا بدلايون ٿا ۽ انهن جو ڪتو چانئٺ تي پنهنجون (اڳيون) ٽنگون پکيڙيون پيو آهي. جيڪڏهن تون انهن کي جھاتي پائي ڏسين ها ته انهن کان پُٺِ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اهڙي طرح اسان انهن کي (جاڳائي) اٿاريو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: (هتي) ”ڪيترو رهيا آهيو“؟ چيائون: ”اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيا آهيون“. چيائون: ”جيترو رهيا آهيو توهان جو پالڻهار بهتر ڄاڻندڙ آهي. پوءِ پاڻ مان هڪڙي کي پنهنجو هي سڪو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو پوءِ اُهي ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زور پاڪيزه آهي؟ ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ان کي گهرجي ته (ايندي ويندي) آهستگي ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪڙي کي به توهان جي خبر نه ڏئي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
بيشڪ جيڪڏهن اهي اوهان تي غالب ٿي ويا ته توهان کي سنگسار ڪندا يا توهان کي پنهنجي مذهب ۾ موٽائيندا (جي ائين ڪيُوَ) ته پوءِ توهان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا“. |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اهڙي طرح اسان انهن جي خبر (صدين بعد) ظاهر ڪئي جيئن ماڻهو ڄاڻن ته بلاشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آهي. ۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن (شهر وارا سندن وفات جي صدين بعد) پاڻ ۾ انهن بابت جهڳڙو ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائون ته ”انهن (جي غار) تي هڪ عمارت ٺاهيو. سندن پروردگار انهن جي حال بابت بهتر ڄاڻي ٿو“. جن ماڻهن انهن جي معاملي تي غلبو حاصل ڪيو انهن چيو ته: ”اسان ضرور انهن (جي غار جي دروازي) تي هڪ مسجد ٺاهينداسين“. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
سگھوئي ڪي چوندا ته اُهي ٽي هئا چوٿون سندن ڪتو هيو ۽ ڪي چوندا ته پنج هئا ڇهون سندن ڪتو هيو اهي اڻ ڏٺا اندازا آهن ۽ ڪي چوندا ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هيو. تون چؤ ته منهنجو پروردگار سندن ڳاڻيٽي کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. سواءِ چند ماڻهن جي انهن (جي تعداد) جو علم ڪنهن کي ناهي. سو تون انهن جي باري ۾ ڪنهن سان بحث نه ڪر سواءِ ان قدر جي جيڪو ظاهر ٿي چڪو آهي. ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال بابت نه پڇ. |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ڪنهن به ڪم لاءِ هرگز ائين نه چؤ ته (يقينًا) آءٌ سڀاڻي اِهو ڪم ڪرڻ وارو آهيان. |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
پر (ائين چؤ ته) جي الله گهريو. (يعني انشاءَ الله چؤ) ۽ پنهنجي پالڻهار ياد ڪر جنهن وقت وسارين ۽ چؤ ته: ”اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي ان کان (به) وڌيڪ ويجهي هدايت جي راهه ڏيکاريندو“. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ اُهي (اصحابِ ڪهف) پنهنجي غار ۾ ٽي سو سال رهيا ۽ انهن نَوَ (سال) ٻيا وڌايا. |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
چؤ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيترو رهيا. آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳُجهه ان جي علم ۾ آهن. اهو ڇا خوب ڏسڻ وارو! ڇا خوب ٻڌڻ وارو آهي! انهن (آسمانن ۽ زمين وارن ) لاءِ ان کان سواءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي ۽ نه اُهو پنهجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ پڙهه جيڪو تنهنجي پالڻهار جي ڪتاب مان تو ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ان جي ڪلام کي ڪو بدلائڻ وارو ڪونهي. ۽ تون ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه لهندين. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ پنهنجو پاڻ کي انهن ماڻهن سان گڏ ٽڪائي رک جيڪي صبح شام پنهنجي پالڻهار کي سڏن ٿا ان جي رضا چاهن ٿا ۽ پنهنجون اکيون انهن کان نه ڦيراءِ، ڇا تون دنياوي حياتي جو سينگار چاهين ٿو ۽ ان ماڻهو جي فرمانبرداري نه ڪر جنهن جي دل اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪئي آهي اُهو پنهنجي خواهش جو تابع ٿيو ۽ ان جو معاملو حد کان ٽَپِيلُ آهي. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ چؤ ته حق اوهان جي پالڻهار جي طرفان آهي. پوءِ جو چاهي ايمان آڻي ۽ جو چاهي ڪفر ڪري بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باهه تيار ڪئي آهي. جنهن جون قناتون انهن کي گهيري وٺنديون. ۽ جيڪڏهن اُهي (پاڻي لاءِ) پڪاريندا ته انهن جي فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻي سان ڪئي ويندي جيڪو چهرن کي ڀُڃي ڇڏيندو. ڪهڙي نه بڇڙي پيئڻ جي شيءِ آهي! ۽ ڪهڙي نه بڇڙي آرام گاهه آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون بيشڪ اسان ان ماڻهو جو اجر نه ٿا وڃايون جيڪو چڱا عمل ڪري ٿو. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
انهن ماڻهن لاءِ سدا بهار باغَ آهن انهن جي (ماڙين جي) هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اتي انهن کي سون جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ اُهي سائي رنگ جي نرم ۽ باريڪ ۽ ٿُلهي ريشم جا لباس پائيندا. اتي تختن مٿان ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا. ڪهڙو نه ڀلو بدلو آهي. ۽ ڪيڏي حسين آرامگاهه آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ انهن لاءِ انهن ٻن ماڻهن جو مثال بيان ڪر جن ٻنهين مان هڪ لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ ڪيا ۽ ٻنهين (باغن) کي چوڌاري کجين جي وڻن سان ڍڪيو سين ۽ ٻنهين جي وچ ۾ پوک (آباد) ڪئي سين. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻنهين باغن پنهنجا ميوا ڏنا ۽ انهن ۾ ڪا ڪمي نه رهي ۽ ٻنهين جي وچ ۾ هڪ نهر وهائي سين. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ ان وٽ ميوا (يعني ٻيا به وسائل) هئا. پوءِ پنهنجي ساٿي کي چيائين ۽ اُهو ان سان بحث ڪري رهيو هيو ته: ”آءٌ تو کان مال ۾ وڌيڪ آهيان ۽ خاندان جي لحاظ کان وڌيڪ با عزت آهيان“. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ اُهو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي جان سان ظلم ڪندي چيائين: ”آءٌ نه ٿو سمجهان ته هي باغ ڪڏهن تباهه ٿيندو!! |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نه ئي سمجهان ٿو ته قيامت قائم ٿيندي ۽ جي آءٌ پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايو به ويس ته به يقيناً آءٌ هنن باغن کان بهتر موٽڻ جي جاءِ لهندس“. |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
ان جي ساٿي کيس چيو ۽ اُهو ساڻس گفتگو ڪري رهيو هيو: ”ڇا تو ان ذات سان ڪفر ڪيو! جنهن تو کي (اول) مٽيءَ مان پوءِ نطفي مان پيدا ڪيو. پوءِ تو کي پورو مرد بنايائين. |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر (آءٌ چوان ٿو) اُهو الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ آءٌ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين ته تو ائين ڇونه چيو: ” مَا شَآءَ اللّٰهُ لَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللّٰهِ (يعني جيڪي الله گهريو سو ٿيڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڪا طاقت نه آهي مگر الله جي مدد سان) جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ ڏسين ٿو ( ته ڇا ٿيو؟) |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
پوءِ اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي تنهنجي باغ کان بهتر ڏئي ۽ ان (باغ) مٿان آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ اهو صاف ميدان ٿي پوي. |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان جو پاڻي هيٺاهين ۾ هليو وڃي پوءِ تون ان کي حاصل ڪرڻ جي طاقت به نه لهين“. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ (آخر ڪار)ان جي ميوي مٿان آفت پئجي وئي پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچ ڪيو هئائين تنهن تي (ارمان ڪندي) پنهنجا ٻئي هٿ مَليندو رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجي ڇپرن سميت ڪِريل هيو ۽ چوي پيو ته: ”هاءِ افسوس جو آءٌ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيان ها“. |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ نه ان جي ڪا جماعت هئي جا الله جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري ۽ نه اُهو خود بدلي وٺڻ جي قابل هيو. |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
هتي (ثابت ٿيو ) جو سڀ اختيار الله جو آهي جيڪو برحق آهي. اُ هو بهتر آهي انعام ڏيڻ ۾ اُهو بهتر آهي انجام ڪرڻ ۾. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ انهن لاءِ دنياوي زندگي جو مثال بيان ڪر جا ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان کان لاٿو. پوءِ ان جي ڪري زمين مان رل وچڙ ساوڪ ڄائي پوءِ اها سُڪلَ ڪَکَ بنجي وئي جنهن کي هوائون اڏائن ٿيون. ۽ الله هر شيءِ تي پوري طاقت رکندڙ آهي. |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال ۽ پُٽ دنياوي حياتي جو سينگار آهن. ۽ باقي رهڻ واريون (ته) نيڪيون آهن جي تنهنجي پروردگار وٽ ثواب جي لحاظ کان بهتر آهن ۽ آرزو جي لحاظ کان (به) بهتر آهن. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ جنهن ڏينهن اسان جبلن کي هلائينداسين ۽ تون زمين کي صاف ميدان ڏسندين ۽ انهن (سڀني) کي گڏ ڪنداسين ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي به نه ڇڏينداسين. |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ (سڀئي) تنهنجي پالڻهارجي اڳيان قطار ۾ پيش ڪيا ويندا. (چيو ويندو ته) بيشڪ اوهان اسان وٽ ائين آيا آهيو جيئن اسان اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو. بلڪه اوهان گمان ڪندا هئا ته اسان اوهان لاءِ هرگز ڪو وعدي جو وقت مقرر نه ڪنداسين. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ (هر انسان اڳيان) اعمال نامو رکيو ويندو پوءِ تون ڏوهارين کي ڏسندين ته (اُهي) انهن (ڏوهن) کان ڏرندڙ هوندا جيڪي ان ۾ (لکيل) هوندا ۽ چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي هن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آهي؟ جو ان نه ڪا ننڍي (شيءِ) ڇڏي آهي ۽ نه وڏي مگر ان کي شمار ڪيو اٿس“. ۽ اُنهن جو ڪجهه ڪيو هيو سو سڀ پنهنجي اڳيان حاضر لهندا ۽ تنهنجو پالڻهار ڪنهن هڪ تي به ظلم نه ڪندو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ ابليس جي. اُهو جِنَن مان هيو پوءِ ان پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي نافرماني ڪئي. ڇا پوءِ اوهان مون کي ڇڏي ان کي ۽ ان جي اولاد کي دوست بنايو ٿا؟ حالانڪه اُهي اوهان جا دشمن آهن. ظالمن جي لاءِ نهايت برو بدلو آهي. |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
نه مون انهن کي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش جي وقت موجود رکيو هيو ۽ نه انهن جي جانين جي پيدائش مهل ۽ نه ئي مون گمراهه ڪندڙن کي مددگار بنايو. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ اُن ڏينهن الله انهن کي فرمائيندو ته: ” انهن کي سڏيو جن کي اوهان منهنجو شريڪ گمان ڪندا هئا“. پوءِ انهن کي سڏيندا پر اُهي کين جواب نه ڏيندا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ هڪ هلاڪت جي جاءِ (مشترڪ) بنائينداسين. |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏوهاري باهه کي ڏسندا پوءِ پڪ سمجهندا ته اُهي ان ۾ پَوَڻَ وارا آهن ۽ اُهي ان کان بچڻ جي جاءِ نه لهندا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي لاءِ هر طرح جي مثال کي (انداز مٽائي) بار بار بيان ڪيو آهي. ۽ انسان سڀ شيءِ کان وڏو جهيڙيڪار آهي. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهن کي ان کان ڪنهن ڪونه روڪيو آهي جو ايمان آڻن جڏهن انهن وٽ هدايت اچي وئي ۽ پنهنجي پروردگار کان بخشش گهرن سواءِ هن جي جو انهن تي اڳين ماڻهن وارو (بربادي جو) طريقو اچي وڃي ۽ يا عذاب انهن جي سامهون اچي. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ اسان رسولن کي نه موڪليندا آهيون مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي، ۽ ڪافر ماڻهو بيهوده ڳالهين جي سهاري جهڳڙو ڪن ٿا تان جو ان (باطل) جي ذريعي حق کي زائل ڪن ۽ منهنجي آيتن ۽ جنهن (عذاب) کان ڊيڄاريا وڃن ٿا ان کي کل ڀوڳ ڪري وٺن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي؟ جنهن کي سندس پالڻهار جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ته پوءِ انهن کان منهن ڦيري ڇڏي ۽ وساري ڇڏي ان کي جيڪي سندس هٿن اڳي ڪري موڪليو. بيشڪ اسان انهن جي دلين تي پردا وڌا آهن جو ان (حق) کي سمجهي سگهن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏانهن سڏيندين ته اُهي ڪڏهن به هدايت نه حاصل ڪندا. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ تنهنجو پالڻهاروڏو بخشيندڙ رحمت جو ڌڻي آهي. اگر اُهو انهن جي ڪئي تي انهن کي پڪڙي ها ته انهن تي جلد عذاب موڪلي ڇڏي ها. بلڪه انهن لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر آهي (جڏهن اهو ايندو) ته ان کان (بچڻ لاءِ) هرگز ڪا پناهه جي جاءِ نه لهندا. |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اهي ڳوٺ آهن جڏهن انهن ظلم ڪيو ته اسان انهن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ اسان انهن مان هرهڪ جي هلاڪت لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر ڪيو هيو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
(ياد ڪر)جڏهن موسى پنهنجي جوان (ساٿيءَ)کي چيو ته: ”آءٌ تيستائين (پوئتي) نه هٽندس جيستائين ٻن دريائن جي ملڻ واري هنڌ نه پهچان يا گهڻو وقت هلندو رهان“. |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن ٻن دريائن جي گڏجڻ واري هنڌ تي پهتا ته پنهنجي مڇي وساريائون پوءِ ان (مڇيءَ زنده ٿي) درياءَ ۾ سُرنگ وانگر رستو بنايو. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏهن ٻئي اڳتي هليا ته (موسى) پنهنجي جوان کي چيو ته: ”اسان کي اسان جي منجهند جي ماني ڏي بيشڪ اسان کي اسان جي هن سفر ۾ ٿَڪ رسيو آهي“. |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
(ساٿي چيو:) ”ڇا تو نه ڏٺو؟ جنهن وقت اسان پٿر وٽ آرام ڪيو هيو ته پوءِ بيشڪ آءٌ مڇيءَ کي وساري ويٺس ۽ مون کي اُهو شيطان کان سواءِ ٻيو ڪنهن نه وسارايو جو آءٌ تو سان ان جو ذڪر ڪيان ها ۽ ان (مڇي)ته عجيب طرح سان درياءَ ۾ پنهنجو رستو ورتو“. |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
(موسى) چيو: ”اُها ئي ته (جاءِ) آهي جنهن کي اسان ڳوليو پئي“. پوءِ اُهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن تي پوئتي موٽيا. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ اسان جي ٻانهن مان هڪ ٻانهي (يعني خضر) کي لڌائون جنهن کي اسان پاڻ وٽان رحمت عطا ڪئي هئي ۽ اسان ان کي پاڻ وٽان هڪ علم (يعني لدني علم) سيکاريو هيو. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسى ان کي چيو ته: ”ڇا آءٌ تنهنجي پيروي ڪيان هن شرط تي ته مون کي ان علم مان ڪجهه سيکارين جيڪو تو کي رُشد و هدايت لاءِ سيکاريو ويو آهي“. |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
(خضر) چيو ته: ”بيشڪ تون مون سان رهي هرگز صبر ڪري نه سگهندين. |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ تون ان تي ڪيئن صبر ڪري سگهندين؟ جنهن کي تو پنهنجي علم جي احاطي ۾ نه ورتو هجي“. |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
(موسى) چيو: ”انشاءالله جلد تون مون کي صبر وارو لهندين آءٌ تنهنجي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪونه ڪندس“. |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
چيائين: ”پوءِ جي منهنجي پيروي ڪرين ٿو ته مون کان ڪنهن شيءِ بابت نه پڇجانءِ جيستائين آءٌ پاڻ تو سان ان جو ذڪر نه ڪيان“. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ ٻئي هليا. تانجو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته (خضر) ان (ٻيڙيءَ) کي سوراخ ڪيو. (موسى) چيو ته: ”ڇا تو ان لاءِ ان (ٻيڙي) ۾ سوارخ ڪيو آهي ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو وڏو اڻ وڻندڙ ڪم ڪيو آهي“. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
چيائين ته: ”ڇا مون تو کي نه چيو هو ته تون مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگهندين“. |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
(موسى) چيو: ”جيڪا مون کان ڀُل ٿي ان تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي ڪم ۾ سختي نه ڪر“. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ ٻئي هليا. تانجو جڏهن هڪ ڇوڪري سان مليا ته ان کي قتل ڪري ڇڏيائين. (موسى) چيو: ”ڇا تو هڪ بي گناهه جان کي بغير ڪنهن جان (جي بدلي) جي قتل ڪري ڇڏيو؟ بيشڪ تو ڏاڍو سخت ڪم ڪيو آهي“. |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
چيائين: ”ڇا مون تو کي نه چيو هيو؟ ته بلاشڪ تون مون سان گڏ (رهي) صبر ڪري نه سگهندين“؟ |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
موسى چيو: ”جيڪڏهن آءٌ هن کان پوءِ توکان ڪنهن شيءِ جي باري ۾ پڇان ته پوءِ تون مون کي پاڻ سان گڏ نه رکجانءِ. بيشڪ (هاڻي ته) منهنجي طرفان توکي عذر ملي ويو آهي“. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ ٻئي هليا. ايستائين جو جڏهن ٻئي هڪ ڳوٺ وارن وٽ اچي پهتا ٻنهين اتان جي رهواسين کان کاڌو طلب ڪيو پوءِ انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ان (ڳوٺ) ۾ هڪ ڀِت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي ته ان کي اُن (خضر) سڌو کڙو ڪيو. (موسى) چيو: ”اگر تون چاهين ها ته ان (ڀت ٺاهڻ) تي ڪا مزدوري وٺين ها“! |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
(خضر) چيو: ”هي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي، هاڻي تو کي آءٌ ان ڳالهين جي حقيقت کان آگاهه ڪيان ٿو جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
اُها ٻيڙي چند غريبن جي هئي جن درياءَ ۾ محنت مزدوري ٿي ڪئي، سو مون ارادو ڪيو ته ان کي عيبدار ڪيان ۽ سندن اڳيان هڪ بادشاهه هيو جيڪو هر (بي عيب) ٻيڙي کي زبردستي ڦُري رهيو هيو. |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ هُو ڇوڪرو ان جا ماءُ پيءُ ايمان وارا هئا پوءِ اسان کي انديشو ٿيو ته هي (اگر زنده رهيو ته) انهن ٻنهين کي سرڪشي ۽ ڪفر تي مجبور ڪندو. |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
سو اسان ارادو ڪيو ته سندن پالڻهارکين ان جي بدلي ان کان بهتر پاڪيزگي وارو ۽ ان کان وڌيڪ رحم وارو (اولاد) ڏئي. |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ اُها ڀِت شهر ۾ (رهڻ وارن) ٻن يتيم ٻارن جي هئي ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهين لاءِ هڪ خزانو (دفن ٿيل) هيو ۽ انهن ٻنهين جو پيءُ صالح هيو. سو تنهنجي پالڻهار ارادو ڪيو ته اُهي ٻئي پنهنجي جواني کي پهچن ۽ اُهي پنهنجو خزانو پاڻ ڪڍن، (اهو سڀ ڪجھه) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت سبب آهي. ۽ مون اهو پنهنجي اختيار سان ڪونه ڪيو آهي. اِها انهن ڳالهين جي حقيقت آهي جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين“. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ (اي نبي) تو کان ذوالقرنين بابت پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”آءٌ هاڻي ان جو ڪجهه بيان اوهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان. |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار ڏنو هيو ۽ اسان کيس سڀ قسم جا اسباب (۽ وسيلا) ڏنا هئا. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ اُهو (ڪنهن خاص مهم لاءِ) ڪنهن رستي سان نڪري پيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
ايستائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ (يعني الهندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو ان (سج) کي هڪ پاڻي جي گرم چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ اتي هڪ قوم (رهندڙَ) لڌائين“. اسان چيو: ”اي ذوالقرنين (تنهنجي اختيار آهي) يا انهن کي سزا ڏين يا انهن سان سهڻو سلوڪ ڪرين“. |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
(ذوالقرنين) چيو ته: ”جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي جلد سزا ڏينداسين پوءِ اُهو پنهنجي پالڻهار طرف موٽايو ويندو پوءِ اُهو ان کي سخت عذاب ڏيندو. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ پر جيڪو ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو ته ان جي لاءِ سهڻو بدلو آهي، ۽ عنقريب اسان به ان لاءِ پنهنجي احڪامن مان آسان احڪام ڏينداسين“. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
وري اهو ڪنهن (ٻئي) رستي سان نڪري پيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
ايستائين جو اُهو سج اڀرڻ واري جاءِ ( يعني اڀرندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو. اتي ان سج کي هڪ قوم تي اڀرندي ڏٺو جن لاءِ اسان سج کان (بچاءَ خاطر) ڪو پردو نه ڪيو هيو. |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
واقعو ائين ئي آهي. ۽ بيشڪ جو ڪجھه ان وٽ هيو اسان پنهنجي علم سان ان جو گهيرو ڪيو آهي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
وري اهو ڪنهن (ٻئي) رستي جي پُٺيان پيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
ايستائين جو اُهو ٻن جبلن جي وچ ۾ (هڪ جاءِ تي) پهتو انهن پهاڙن جي پويان هڪ قوم آباد لڌائين جيڪي ڪا ڳالهه سمجهڻ جي ويجهو نه هئا. |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
چيائون: ”اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ (يعني ان علائقي ۾) فساد مچائيندڙ آهن ڇا پوءِ اسان تنهنجي لاءِ ڪجهه خرچ ڪڍون؟ جو تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ديوار بنائين“. |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
(ذوالقرنين) چيو: ”منهنجي اختيار ۾ منهنجي پالڻهار جو ڪجھه ڏنو آهي اُهو بهتر آهي، پوءِ اوهان محنت (مزدوري) سان منهنجي مدد ڪيو ته آءٌ اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مضبوط ديوار ٺاهيان. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
اوهان مون کي لوهه جا تختا (پَڙڇَ) آڻي ڏيو“. ايستائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي چوٽين وچ ۾ ديوار برابر ڪيائين، تڏهن چيائين ته: ”(ان ۾ باهه) ڦوڪيو“. ايستائين جو جڏهن (لوهه) کي (ڦوڪي ڦوڪي) باهه بنايائين ته چيائين: ”مون وٽ پگهريل ٽامو آڻيو ته ان مٿان پَلٽِيان“. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ انهن (ياجوج ماجوج) ۾ ايتري طاقت نه هئي جو ان تي چڙهي اچي سگهن ۽ نه ايتري همت جو ان ۾ سوراخ ڪري سگهن. |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
(ذوالقرنين) چيو: ”هي منهنجي پالڻهار جي طرفان رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي پالڻهار جي وعدي وارو وقت ايندو اُهو هن (ديوار) کي (ڪيرائي) هموار ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي پروردگار جو وعدو سچو آهي. |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
ان ڏينهن اسان ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسين (سمنڊ جي موجن وانگر) پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندا رهندا. ۽ صُور ۾ ڦُوڪ ڏني ويندي ته اسان انهن سڀني کي (حشرگاهه ۾) گڏ ڪنداسين. |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ اسان ان ڏينهن دوزخ کي ڪافرن لاءِ ظاهر ظهور ڪري ڇڏينداسين. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
اُهي ماڻهو جن جون اکيون منهنجي ياد کان پردي ۾ هيون ۽ اُهي ٻڌي به نه سگهندا هئا. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا ڪافرن اِهو سمجهيو آهي ته اُهي مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن کي ڪارساز بنائيندا؟ بيشڪ اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
چؤ ته ڇا اسين اوهان کي ٻڌايون ته پنهنجي عملن ۾ سڀني کان وڌيڪ نامراد ماڻهو ڪير آهن؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اهي ماڻهو آهن جن جي ساري ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ گم ٿي وئي ۽ اُهي سمجهندا رهيا ته اُهي سڀ ڪجھه ٺيڪ ڪري رهيا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
هي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار جي آيتن ۽ ساڻس ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ انهن جا عمل چَٽُ ٿي ويا، پوءِ اسان قيامت جي ڏينهن انهن کي ڪو وزن (۽ اهميت)نه ڏينداسين. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اُهو جهنم ئي انهن جو بدلو آهي هن ڪري جو ڪفر ڪيائون ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن کي ڀوڳ ڪري ورتائون. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون، انهن جي ميزباني لاءِ (جنت جي سڀ کان اعليٰ طبقي) فردوس جا باغ هوندا. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
انهن ۾ اهي هميشه رهندا اتان (جاءِ) مٽائڻ نه چاهيندا. |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
چؤ ته جيڪڏهن سمنڊُ منهنجي پالڻهار جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ مَسُ ٿئي ته منهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون ٿيڻ کان اڳ سمنڊ ختم ٿي ويندو ۽ توڙي اسان ان جهڙو ٻيو (سمنڊ) مدد لاءِ آڻيون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
چؤ ته (معبود نه هجڻ ۾) آءٌ ته صرف اوهان وانگر انسان آهيان (ها) مون ڏانهن وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ اوهان جو معبود صرف هڪ ئي معبود آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ان کي گهرجي ته نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه بنائي. |