الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ ڪامل ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏنگائي ڦڏائي ڪانه رکي اٿس. |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
بلڪل سڌي ڳالهه آهي (پيچن ۽ وڪڙن کان پاڪ آهي ۽ قرآن مجيد جو الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي سو) هن لاءِ ته ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان سخت عذاب ۽ تباهيءَ بابت خبردارڪري. ۽ مؤمنن کي جيڪي صالح عمل ٿا ڪن خوشخبري ڏئي ته يقيناً هنن جي لاءِ وڏو ۽ چڱو اجر آهي. |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
هو هميشه انهيءَ (خوشحالي) ۾ رهندا. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ پڻ انهن ماڻهن کي خبردار ڪري جيڪي (اهڙي سخت واهيات ڳالهه زبان مان ڪڍن ٿا ۽) چون ٿا ته الله تعاليٰ کي به اولاد آهي. |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
هن باري ۾ هنن کي ڪجهه به ڄاڻ ڪانهي. نڪي هنن جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي. ڪهڙي نه سخت خراب ڳالهه آهي جا سندن زبانن مان نڪري ٿي. جيڪي هو چون ٿا سو ڪجهه به نه آهي مگر سراسر ڪوڙ. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
(اي پيغمبر!) تنهنجي حالت ته اهڙي ئي رهي آهي جو جنهن صورت ۾ هي ماڻهو اها (چٽي) ڳالهه به نٿا (سمجهن ۽) مڃن تنهن صورت ۾ عجب ناهي ته تون هنن (جي هدايت) پٺيان لڳي پنهنجي جان کي افسوس ۾ ڳاري ڇڏين (حالانڪ هو ته مڃڻ وارا ئي ناهن، پوءِ ڇو ٿو افسوس ڪرين.) |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
روءِ زمين تي جيڪي به آهي، تنهن کي اسان زمين جي لاءِ زينت ۽ سونهن بنايو آهي، ۽ هن لاءِ بنايو آهي ته ماڻهن کي آزمايون ته انهن مان ڪهڙن جا عمل وڌيڪ چڱا آهن. |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ وري اسان ئي زمين جي هر شيء کي (نابود ڪري) ويران ميدان ڪري ٿا ڇڏيون. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
(اي پيغمبر!) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۾ رقيم وارا (اصحاب ڪهف) اسان جي نشانين مان ڪا عجيب نشاني هئا. |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
ڳالهه هيئن آهي ته ڪي جوان هڪ غار ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هنن دعا گهري هئي ته، اي اسان جا پروردگار پنهنجي طرفان اسان تي رحمت موڪل ۽ تون اسان جي هن ڪم لاءِ ڪاميابيءَ جا اسباب پيدا ڪري ڇڏ. |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسان هنن جا ڪَن (دنيا جي طرف کان) بند ڪري ڇڏيا. |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ اسان هنن کي اٿاري کڙو ڪيو انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي وڃي ته ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي آهي، جا گذريل مدت جو اندازو بهتر طريقي سان لڳائي سگهي. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
(اي پيغمبر!) اسان توکي انهن ماڻهن جو سچو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا. اهي ڪي نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هو. اسان کين هدايت جي واٽ تي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو هو. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ هنن جي دلين کي (صبر ۽ استقامت تي) محڪم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هو (حق جي راهه ۾) اٿي کڙا ٿيا تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهوئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي. اسان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا ڪونه آهيون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن، جن الله کان سواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اُهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاه ٺاهي. |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
(پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جنهن صورت ۾ اسان انهن ماڻهن کان ۽ انهن (معبودن) کان جن کي هو الله کان سواءِ پوڄين ٿا پاسو ڪيو آهي (۽ ڇڏي ڏنو آهي) تنهن صورت ۾ هلو ته هلي ڪنهن غار ۾ پناهه وٺون. اسان جو پروردگار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ڪندو ۽ اسان جي هن معاملي لاءِ سمر ۽ سامان مهيا ڪري ڏيندو. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا سا اهڙيءَ طرح جي هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو تڏهن توهان ڏسندؤ ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو، ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي (جو هنن حق جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا. حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ٿو ڇڏي، سو ئي (سچي) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ (سندس ئي ضد ۽ هوس پرستيءَ سبب) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي، تنهن لاءِ ڪوبه سندس ڪارساز ۽ راهه ڏيکارڻ وارو ڪونه لهندؤ ۽ ڏسندؤ. |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ توهان انهن کي ڏسو ته توهان سمجهندؤ ته هو جاڳن ٿا، حالانڪ هو ننڊ ۾ آهن. اسان هنن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي موڙيون ٿا (يعني هو پاسو ورائين ٿا جيئن اسان سمهڻ ۾ جاڳندي توڙي ننڊ ۾ پاسو ورائيندا آهيون) ۽ هنن جو ڪتو چائٺ وٽ پنهنجون اڳيون ٽنگون ڊگهيون ڪيون ويٺو آهي، جيڪڏهن توهان ليو پائي هنن کي ڏسو ته جيڪر منهن ڦيرائي پٺتي ڀڄي هليا وڃو، ۽ توهان تي (ان نظاري کان) دهشت ڇانئجي وڃي. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ (ڏسو) اهڙيءَ ئي طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان هنن کي وري اٿاري کڙو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪن. انهن مان هڪڙي چوندڙ پڇيو ته، اسان هتي ڪيتري مدت رهيا هونداسين؟ سڀني چيو ته، هڪڙو ڏينهن يا هڪڙي ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ (جڏهن پوري مدت معلوم ڪري نه سگهيا تڏهن) چيائون ته، اسان جو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتريءَ مدت تائين هتي رهيا پيا هئاسين. (هاڻي) هڪڙي ماڻهو کي هي چانديءَ جو سڪو ڏئي شهر ۾ موڪليو(ته اتي) وڃي ڏسي ته ڪنهن وٽان چڱو طعام ٿو ملي ۽ جتان ملي اتان ڪجهه طعام وٺي آڻي. پر چپ چاپ ۾ رهي جيئن ڪنهن کي به اسان جي خبر نه پوي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته (پوءِ هو اوهان کي ڇڏڻ وارا ناهن) يا ته اوهان کي سنگسار ڪري ماريندا يا ته مجبور ڪندا ته وري سندن دين ۾ موٽي داخل ٿيو. جيڪڏهن ائين ٿيندو (يعني وري سندن بت پرستي جي دين ۾ داخل ٿيندؤ) ته پوءِ ڪڏهن به فلاح (يعني ڪاميابي ۽ دائمي سعادت) حاصل نه ڪندؤ. |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) اهڙيءَ طرح (يعني هڪ ماڻهوءَ طرفان سڪو کڻي وڃي بازار ۾ ڏيکارڻ سان) اسان ماڻهن کي سندن حال کان واقف ڪيو (هنن جي ڳالهه لڪي ڪين سگهي) ۽ هن لاءِ واقف ڪيوسين ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته الله جو واعدو سچو آهي، ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. ان وقت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ته هنن (غار جي ساٿين) جي معاملي ۾ ڇا ڪجي. ماڻهن چيو ته، هن غار تي هڪ عمارت ٺاهيو (ته يادگار ٿئي.) جيڪي هنن تي ٿي گذريو تنهن کي سندن پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پوءِ انهن ماڻهن، جيڪي ان معاملي ۾ غالب پيا، تن چيو ته، (ٺيڪ آهي) اسان ضرور هنن جي مٿان (يا ڀرسان) هڪ عبادتگاهه بنائينداسين. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
ڪي ماڻهو چوندا آهن ته، غار وارا ماڻهو ٽي هئا ۽ چوٿون هو سندن ڪتو. ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ (رڳو ڌڪا ٿا هڻن ۽) غيب جي انڌاري ۾ تير ٿا اڇلائين ۽ ڪي چون ٿا ته ست هئا، اٺون هو سندن ڪتو. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، انهن جو سچو تعداد ته منهنجو پروردگار ئي بهتر ٿو ڄاڻي، ڇو ته هنن جو حال تمام ٿورا ماڻهو ٿا ڄاڻن. (۽ جڏهن ته صورت حال اها آهي) تون ماڻهن سان هن باري ۾ بحث ۽ جهڳڙو نه ڪر، پر (بحث) فقط انهيءَ حد تائين ڪر جو صاف صاف معلوم ڳالهه هجي. (يعني اونهين ۽ غير يقيني ڳالهين ۾ پوڻ نه گهرجي) نڪي انهن ماڻهن مان (جن ۾ اهي روايتون هلندڙ آهن) ڪن کان هن باري ۾ پڇا ڪر (ڇو ته سندن ڏند ڪٿائون اعتبار جوڳيون ناهن.) |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ڪابه ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته، سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس. |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
سواءِ هن جي جو سمجهي ڇڏيو ته ٿيندو اهوئي جو الله تعاليٰ چاهيندو ۽ جڏهن ويسر ٿيئوَ ته وري الله جي يادگيري تازي ڪري چئو ته، اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راهه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ (چون ٿا ته) هو (غار جا سنگتي) ٽي سئو سالن تائين غار ۾ رهيا ۽ ماڻهن (وري ان ۾) نو سال ٻيا به وڌايا آهن. |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اي پيغمبر!) تون چئه ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مدت رهيا، هو آسمان ۽ زمين جون سڀ لڪل ڳالهيون ڄاڻي ٿو. وڏو ئي ڏسندڙ ۽ وڏو ئي ٻڌندڙ آهي. هن کان سواءِ ماڻهن جو ڪوبه ڪارساز ڪونهي ۽ نه هو پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي به شريڪ ٿو ڪري. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو ڪتاب جو توتي وحي طور نازل ڪيو ويو آهي، تنهن جي پڙهڻ (۽ ان تي عمل ڪرڻ) ۾ لڳو رهه. الله جون ڳالهيون ڪوبه ڦيرائي نٿو سگهي. ۽ توکي هن کان سواءِ ڪوبه پناهه جو سهارو ملڻو ناهي. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پروردگار کي پڪاريندا رهن ٿا، ۽ هن جي محبت سان ڀرپور آهن تن جي صحبت تي خوش ۽ راضي رهه. انهن کان پنهنجي نگاهه ڦيرائي نه ڇڏ، جو وڃي دنيوي زندگيءَ جون رونقون ۽ زينتون ڳولڻ لڳن. جنهن ماڻهوءَ جي دل کي اسان پنهنجي يادگيريءَ کان غافل ڪري ڇڏيون (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق جنهن جي دل غافل ٿي ويئي) ۽ جيڪو پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳو، تنهن ماڻهوءَ جي ڳالهين تي ڪن نه ڏي. هنن جو معاملو حد کان ٻاهر نڪري ويو آهي. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ چئي ڏي ته سچائي اوهان جي رب جي طرف کان آهي. هاڻي جنهن کي وڻي سو مڃي، جنهن کي نه وڻي سو مڃي. اسان ظالمن جي لاءِ اهڙي باهه تيا ڪري رکي آهي، جنهن جون چادرون چئني ئي طرفن کان هنن کي وڪوڙي وينديون. هو پاڻيءَ جي لاءِ رڙيون ڪندا ته انهن جي جواب ۾ اهڙو پاڻي ملندن جهڙو پگهريل شيهو. اهو هنن جو وات (گرميءَ کان) پچائي ڇڏيندو. پوءِ ڪهڙي نه خراب شيء پيئڻ لاءِ هنن کي ملندي ۽ ڪهڙي نه خراب جاءِ ويهڻ لاءِ. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا (تن لاءِ ڪوبه انديشو ڪونهي) جنهن به چڱا ڪم ڪيا هوندا تنهن جو اجر اسان ڪڏهن ضايع نه ڪنداسين. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ دائمي باغ هوندا ۽ باغن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. اهي (بادشاهن وانگر) سون جا ڪنگڻ پائي، سبز ريشم جا باريڪ ۽ ٿلها ڪپڙا پهري ڪوچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا. ڪهڙو نه چڱو ثواب! (يعني انعام يا بدلو) ۽ ڪهڙي نه چڱي جاءِ! |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن (يعني مڪي جي ڪافرن) کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ. ٻه ماڻهو هئا، انهن مان هڪ جي لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ مهيا ڪري ڇڏيا. انهن جي چوڌاري کجور جي وڻن جو حاطو هو. انهن جي وچ واري زمين ۾ پوکن جون ٻنيون هيون. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
پوءِ ٻئي باغ ميون سان ٽمٽار ٿي ويا. پيدائش ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڪانه ٿي. اسان انهن جي وچ ۾ (ريج لاءِ) هڪڙي نهر جاري ڪري ڇڏي هئي. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
هن جي پيدائش (يا دولت) گهڻي ٿي ويئي. پوءِ هڪ ڏينهن (هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي) پنهنجي (مسڪين) دوست سان (جنهن کي باغ يا ٻي ڪا دولت ڪانه هئي) ڳالهيون ڪندي کيس چئي ڏنو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان، ۽ منهنجي هٿ ۾ ماڻهو به طاقتور آهن. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
پوءِ اهو (اهڙيون ڳالهيون ڪندي) پنهنجي باغ ۾ گهڙيو. ۽ هو (هٺ وڏائي ڪرڻ سان حقيقت ۾) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيو هو. هن (وڏائيءَ ۾ ڀرجي) چيو ته، مان نٿو ڀانيان ته اهڙو (عاليشان باغ) ڪڏهن به ويران ٿي ٿو سگهي. |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ مان نٿو ڀانيان ته (قيامت جي) گهڙي قائم ٿيندي ۽ جيڪڏهن کڻي هيئن ٿئي به ته مان پنهنجي پروردگار وٽ (قيامت جي ڏينهن) رجوع ڪيو وڃان ته به (مون کي ڪهڙو کٽڪو هئڻ گهرجي) مون کي ضرور (اتي به) هن کان ئي بهتر مڪان ملندو. |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
هي ٻڌي سندس دوست چيو؛ هڪٻئي سان گفتگو جو سلسلو جاري هو ته، ڇا تون انهيءَ هستيءَ کا انڪار ٿو ڪرين جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان ۽ پوءِ نطفي (يعني منيءَ) مان پيدا ڪيو (جنهن ڪري توکي وڏائي ڪرڻ ۽ خدا کي وسارڻ نه گهرجي، ڏس ته مٽي ۽ مني ظاهري ڪهڙيون نه حقير شيون آهن) ۽ پوءِ توکي انسان بنائي نمودار ڪيو. |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر مون کي ته يقين آهي ته اهوئي الله منهنجو پروردگار آهي. ۽ مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ آئين (۽ ان جي رونق ۽ ميوا ڏٺا) تڏهن تو هيئن ڇو نه چيو ته اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو الله چاهي ٿو سندس مدد کان سواءِ ڪو به ماڻهو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. ۽ هي جو تون ڏسين ٿو ( ۽ سمجهين ٿو) ته مان توکان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان (يعني مون کي دولت به ڪانهي ۽ ماڻهو به هٿ ۾ ڪو نه آهن.) |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
سو (انهيءَ تي هٺ وڏائي نه ڪر) عجب ناهي ته منهنجو پروردگار تنهنجي هن باغ کان به بهتر (باغ هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾) مون کي ڏيئي ڇڏي. ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا اهڙي حساب ڪيل آفت موڪلي جو واريءَ وارو ميدان ٿي وڃي. |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان جي نهر جو پاڻي بلڪل هيٺ هليو وڃي، ايتري قدر جو تون ان تائين پهچي نه سگهين. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ پوءِ (ڏسو) ائين ئي ٿيو جو سندس دولت (برباديءَ جي) گهيري ۾ اچي ويئي. هو هٿ مهٽيندي افسوس ڪرڻ لڳو ته هاءِ هاءِ هنن باغن تي ڪيڏا نه خرچ (۽ تڪليفون) ڪيون ويون هيون! (اهي سڀ برباد ٿي ويون) ۽ باغن جو هي حال ٿيو جو ٽاريون ڪري زمين جي برابر ٿي ويون. هاڻي هو چوي ٿو ته، هاءِ هاءِ! جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها. |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
نڪي هئس ڪي ماڻهو (يا اولاد) جيڪي الله کان سواءِ هن جي مدد ڪن ها. نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هيس جو پاڻ کي برباديءَ کان بچائي ها. |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
هن مان ثابت ٿي ويو ته في الحقيقت سڄو اختيار الله جي هٿ ۾ آهي. اهوئي آهي جو بهتر ثواب (يعني نعمتون) ڏيڻ وارو آهي ۽ انهيءَ ئي جي هٿ ۾ چڱي (۽ بهتر) عاقبت (يعني پڇاڙي) آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ (اي پيغمبر!) انهن کي دنيا جي زندگيءَ جو مثال ٻڌائي ڇڏ. ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو (زمين جي پوکن ۽ وڻن وغيره جو) اسان آسمان مان پاڻي وسايو، ۽ زمين جا اوڀڙ ان سان ملي جلي اڀري آيا (۽ خوب وڌيا ۽ پکڙيا) پوءِ (ڇا ٿيو؟) سڀ ڪجهه سڪي ڪک پن ٿي ويو. هوا جا جهٽڪا انهن کي کنڊيڙي رهيا آهن ۽ بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه تي قادر آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي). |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال دولت ۽ اولاد دنيوي زندگيءَ جي زينت آهن (۽ دل لڀائيندڙ آهن، پر ٿورڙا ڏينهن). پر چڱا عمل جي باقي رهڻ وارا آهن. انهن تي تنهنجي پروردگار وٽ انعام (ڳنهڻ جي حقداريءَ لاءِ) بهتر آهن ۽ اهي ئي نيڪ عمل آهن، جن جي نتيجن مان بهتر اميد رکي سگهجي ٿي. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ (قيامت جي) ڏينهن اسان جبلن کي هلائي ڇڏينداسين ۽ زمين کي ڏسندؤ ته پنهنجي اصل حالت ۾ اڀري ايندي (يعني مٿائيون هيٺ ٿي وينديون ته هيٺاهيون مٿي اڀري اينديون، وڏو انقلاب اچي ويندو) ۽ (ان وقت) اسان سڀني انسانن کي (پاڻ وٽ) گڏ ڪنداسين ۽ ڪنهن هڪڙي کي به ڇڏي نه ڏينداسين. |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ هنن جون وصفون (هڪٻئي پٺيان) تنهنجي پروردگار جي سامهون پيش ٿينديون. (پوءِ کين چيو ويندو ته) جهڙيءَ طرح اوهان کي پهريائين (زمين تي) پيدا ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح توهان اڄ (وري اٿي) اسان وٽ حاضر ٿيا آهيو. توهان ته خيال ڪيو هو ته، اسان توهان جي لاءِ (هن طرح پيش ٿيڻ جو) وقت ڪونه ٺهرايو هو. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ (هن وقت) لکيل اعمال ناما آندا ويندا ۽ تون ڏسندين ته جيڪي انهن ۾ (لکيل) آهي تنهن گهنهگارن کي هراس ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هو (بي اختيار) چئي ڏيندا ته افسوس اسان جي حال تي هي ڪهڙا ته ڪتاب آهن جو ڪابه ڳالهه ڇڏيل ڪانهي. ننڍيون خواهه وڏيون سڀ ڳالهيون ان ۾ حساب هيٺ آيل آهن. مطلب ته جيڪي به هنن (دنيا ۾) ڪيو هو سو سڀ پنهنجي اڳيان موجود ڏسندا. ۽ تنهنجو پروردگار ڪنهن سان به بي انصافي نه ڪندو، (جيڪي جنهن ڪيو سوئي ان جي آڏو ايندو). |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪو، تڏهن سڀ جهڪيا هئا، پر ابليس نه جهڪيو هو. هو جنن مان هو. (مطلب ته) هن پنهنجي پروردگار جي حڪم جي نافرماني ڪئي. پوءِ ڇا توهان (انسان) مونکي ڇڏي (جو توهان جو پروردگار ۽ توهان تي رحمت ڪندڙ آهيان) هن (شيطان) کي ۽ سندس نسل کي پنهنجو ڪارساز ٿا بنايو، حالانڪ هو اوهان جا دشمن آهن. ظالمن جي لاءِ اها ڪهڙي نه بڇڙي مٽاسٽا آهي (جو پنهنجي رحيم رب کي ڇڏي دشمن شيطان جا ٻانها ٿي پاڻ کي تباهه ٿا ڪن). |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مان هنن (شيطانن) کي پاڻ سان شامل نه ڪيو هو، جڏهن زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو هوم. نڪي انهيءَ وقت هو شامل هئا جڏهن خود انهن کي پيدا ڪيو هوم (جڏهن ته اهي پاڻ خلقيل آهن، تڏهن پنهنجي پيدا ٿيڻ وقت ڪيئن موجود ٿي سگهن ها). مان اهڙو نه هوس جو (انسانن جي) گمراهه ڪرڻ وارن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايان. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو ته، (اي نافرمان انسانو!) جن هستين کي توهان سمجهيو هو ته مون سان شريڪ آهن، تن کي هاڻي سڏيو ته سهي، ته هو سڏيندا، پر کين ڪوبه جواب ڪونه ملندو. اسان هنن ٻنهي (يعني گهنگار انسانن ۽ سندن ٺهرايل شريڪن) جي وچ ۾ اوٽ ۽ پردو ڪري ڇڏينداسين (جنهن ڪري هڪٻئي جو ڳالهائڻ به نه ٻڌي سگهندا). |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ گنهگار (دوزخ جي ڀڙڪندڙ) باهه ڏسندا ۽ سمجهي وٺندا ته کين ان ۾ ڪرڻو آهي، ۽ هو ڀڄي وڃڻ لاءِ ڪابه واٽ نه لهندا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ (ڏسو) اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي هدايت لاءِ هر طرح جا مثال موٽائي موٽائي وري وري بيان ڪيا آهن. پر انسان گهڻين ئي ڳالهين ۾ وڏو جهڳڙالو ثابت ٿيو آهي. (يعني ايتري چٽائي هوندي به اختلاف ڪن ٿا ۽ بحث ۽ جهڳڙن ۾ پئجي وڃن ٿا). |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ جڏهن ته هدايت ماڻهن جي اڳيان اچي ويئي آهي، تڏهن ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پالڻهار کان بخشش جي طلب ڪرڻ کان کين ڪهڙي ڳالهه روڪي سگهي ٿي، سواءِ هن ڳالهه جي جو (هو ضد ڪري طلب ڪن ٿا ته) اڳوڻين قومن جهڙو معاملو کين به پيش اچي يا اسان جو عذاب هنن جي سامهون اچي کڙو ٿي بيهي. (هو بيوقوف ائين نٿا سمجهن ته پوءِ هنن جو ايمان کين ڪم نه ايندو ۽ تباهه ٿي ويندا). |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ اسان ته پيغمبرن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي انعامن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪن. پر جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ڪوڙين ڳالهين جي اوٽ وٺي جهڳڙا ڪرڻ لڳن ٿا، انهيءَ لاءِ ته اهڙيءَ طرح سچائي کي شڪ واري ڳالهه ڪري ڏيکارين. هنن اسان جي آيتن (نشانين) کي ۽ ان ڳالهه کي جنهن کان کين خبردار ڪيو ويو آهي، کل چرچي ۽ مسخريءَ جي ڳالهه بنائي رکي آهي. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي ٿو سگهي جنهن کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ هو انهن کان ڪنڌ موڙي ڇڏي ۽ پنهنجا بدعمل وساري ڇڏي، جيڪي اڳي ڪري چڪو آهي. بيشڪ اسان هنن جي دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڪابه ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ۽ اسان سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ وجهي ڇڏي آهي، (جنهن ڪري هو حق جو آواز ٻڌي نٿا سگهن) تون هنن کي ڪيترو به سڌي واٽ ڏي، سڏين ته به هو هرگز ڪڏهن به سڌي واٽ لهي نه سگهندا. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
پر (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار وڏوئي بخشيندڙ آهي ۽ وڏوئي رحمت وارو آهي. جيڪڏهن هو انهن ماڻهن جي عملن جي ڪمائي موجب کين پڪڙ ڪرڻ چاهي ها ته عذاب نازل ڪري ها. پر هنن جي لاءِ هڪڙو ميعاد (مدو) مقرر ڪري ڇڏيو اٿس. ان کان سواءِ ڪابه جاءِ نه لهندا (يعني سڀني کي آخر انهيءَ مقرر ميعاد جي جاءِ تي ضرور پهچڻو آهي.). |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ ڏسو هي (پراڻيون) بستيون آهن. جڏهن انهن جي رهاڪن ظلم جي واٽ اختيار ڪئي تڏهن اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو. اسان هنن جي تباهيءَ جي لاءِ هڪ ميعاد مقرر ڪري ڇڏيو هو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ (ڏسو) حضرت موسيٰ پنهنجي ساٿي خادم کي چيو ته، مان پنهنجي ڪوشش کان نه هٽندس، جيستائين انهيءَ جاءِ تي نه پهچان، جتي ٻه سمنڊ اچي مليا آهن. مان ته (پنهنجي واٽ وٺيون) هلندو رهندس. |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن هو ٻنهي سمنڊن جي ملڻ واري جاءِ تي پهچي ويا، تڏهن کين انهيءَ مڇيءَ جو خيال ئي لهي ويو (جا پاڻ سان کنئي هئائون) انهيءَ مڇيءَ سمنڊ ۾ وڃڻ جي لاءِ سرنگهه وانگر هڪ واٽ ڳولي لڌي هئي. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
جڏهن هو اڳتي وڌيا تڏهن موسيٰ پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو ته، اڄ جي مسافريءَ اسان کي ڏاڍو ٿڪائي وڌو آهي. ناشتو (يعني نيرن جي ماني) آڻ ته کائون. |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
هن چيو ته، توهان (هي واقعو) ڪونه ڏٺو ڇا؟ جڏهن اسان (سمنڊ جي ڪناري تي) ٽڪريءَ جي ڀرسان بيٺا هئاسين، تڏهن مون کي مڇيءَ جو خيال ئي لهي ويو هو. هن عجيب طريقي سان سمنڊ ۾ وڃڻ جي واٽ ڳولي لڌي، ۽ هو شيطان جوئي ڪم هو، جو تو سان اها ڳالهه ڪرڻ مون کان بلڪل وسري ويئي. |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
موسيٰ فرمايو ته، جنهن ڳالهه جي تلاش ۾ نڪتا هئاسين سا اها ئي آهي، پوءِ هو ساڳيا پير وٺي پٺتي موٽيا. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
(پوءِ جڏهن انهيءَ ٽڪريءَ وٽ پهتا) تڏهن هنن کي اسان جي (خاص) ٻانهن مان هڪ ٻانهو گڏيو. انهيءَ شخص تي اسان خاص طرح رحمت ڪئي هئي. ان کي پاڻ وٽان (سڌيءَطرح) علم عطا فرمايو هو (يعني کيس وحي موڪيندا هئاسين.) |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
حضرت موسيٰ کيس چيو ته، جيڪڏهن توهان اجازت ڏيڻ فرمايو ته، توهان سان رهان، هن لاءِ ته جيڪو چڱو علم اوهان کي (خدا وٽان) سيکاريل آهي، تنهن مان ڪجهه مون کي به سيکاريو. |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
هن جواب ڏنو ته، (هائو پر) تون مون سان رهي صبر نه ڪري سگهندين. |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ ڪيئن صبر ڪري سگهندين جڏهن تون اهڙي ڳالهه ڏسندين جا تون سمجهي ڪين سگهندين؟ |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
حضرت موسيٰ چيو ته، جيڪڏهن خدا چاهيو ته توهان مون کي صابر ڏسندؤ. مان توهان جي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس. |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
هن چيو ته، چڱو جيڪڏهن توکي مون سان رهڻو آهي ته هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ جو جيستائين مان پاڻ توکي ڪجهه نه چوان تيستائين ڪنهن به ڳالهه بابت ڪو سوال نه پڇجانءِ. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ هو ٻئي مسافري ڪندا اڳتي هلندا رهيا تانجو (سمنڊ جي ڪناري تي پهتا ۽) ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا. (حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ ڇا ڪيو جو) انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڏار وجهي ڇڏيائين، حضرت موسيٰ (اهو حال ڏسي بي اختيار) چئي ڏنو ته، هي ڇا ڪيوَ؟ ٻيڙيءَ کي هن لاءِ ڏار وجهي ڇڏيوَ ڇا ته ڀلي مسافر ٻڏي وڃن؟ توهان ته وڏي خطرناڪ ڳالهه ڪري وڌي آهي. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
هن فرمايو ته، مون چيو ڪين هو ته، تون مون سان رهي صبر ڪري نه سگهندين؟ |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڀل ٿي ويئي. انهيءَ ڀل تي پڪڙ نه ڪجو، سختي نه ڪجو. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
وري هو اڳتي هليا، تان جو (هڪ ڳوٺ جي ويجهو پهتا ۽) کين هڪڙو ڇوڪرو گڏيو. (حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ) انهي ڇوڪر کي قتل ڪري ڇڏيو. تنهن ته حضرت موسيٰ چئي ڏنو ته، توهان هڪ بي گناهه جي حياتي وڃائي، حالانڪ هن ڪنهن کي به نه ماريو هو، توهان ڪهڙي نه برائيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي! |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
هن (شخص) چيو ته، مون چيو ڪين هو ته، تون مون سان (منهنجي ڪمن تي) صبر نه ڪري سگهندين! |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
حضرت موسيٰ چيو ته، جيڪڏهن وري مان ڪجهه پڇان ته پوءِ مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ نه ڏجو. ان حالت ۾ توهان تي منهنجي ڪابه ميار نه رهندي. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ ٻئي اڃا به اڳتي هليا، تان جو هڪ ڳوٺ ۾ پهتا. ڳوٺ وارن کان ماني گهريائون. هنن مهمان نوازي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ (پراڻي) ڀت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي. اها حالت ڏسي حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ ان جي مرمت شروع ڪئي ۽) ان کي نئين سر مضبوط ڪري ڇڏيائين. تنهن تي (حضرت موسيٰ) چئي ڏنو ته، جيڪڏهن توهان چاهيو ها ته انهيءَ محنت جو ڪجهه عيوضو هنن ماڻهن کان وٺو ها. (عيوضي کان سواءِ بيڪار محنت ڇو ڪيوَ؟) |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
تڏهن (حضرت موسيٰ جي ساٿيءَ) چيو ته، بس هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائيءَ جو وقت اچي ويو. پر هاڻي انهن ڳالهين جي حقيقت توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
(پهريائين ٻيڙيءَ واري ڳالهه تي ٿا اچون) اها ٻيڙي ڪن مسڪينن جي هئي، جيڪي سمنڊ تي محنت مزوري ڪندا آهن. اهي جنهن طرف وڃي رهيا هئا، تنهن طرف هڪڙو (ظالم) بادشاهه آهي جو جنهن جي به (چڱي) ٻيڙي ٿو ڏسي سا زور زبردستيءَ سان کسي ٿو وٺي. سو مون چاهيو ته، ان ٻيڙيءَ ۾ هڪڙو عيب ڪري ڇڏيان (ته بادشاهه جا ماڻهو اهو عيب ڏسي ٻيڙي کسي نه سگھن). |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ پوءِ انهيءَ ڇوڪر جو معاملو ٿا کڻو. هن جا ماءُ پيءُ مؤمن آهن (خدا جي طرفان مون کي علم مليو هو سو) ان ڇوڪر کي ڏسي خطرو محسوس ڪيم ته هو ڇوڪر انهن (ماءُ پيءُ) کي سرڪشي ۽ ڪفر ڪري ايذاءِ پهچائيندو. |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
تنهن ڪري مون چاهيو ته، سندن پروردگار هن ڇوڪر کان بهتر ڇوڪر کين عطا ڪري جو دينداريءَ ۽ پاڪائي ۾ توڙي محبت ڪرڻ ۾ بهتر هجي. |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ اُها ڀت (جنهن جي مرمت ڪيم سا) ڳوٺ جي ٻن يتيم ڇوڪرن جي آهي، جنهن جي هيٺان انهن جو خزانو پوريل آهي. هنن جو پيءُ هڪ نيڪ ماڻهو هو. تنهن ڪري تنهنجي پروردگار چاهيو ته، ٻئي ڇوڪرا جوانيءَ کي پهچي پنهنجو خزانو محفوظ ڏسي ڪڍي وٺن. (جيڪڏهن اها ڀت ڪري پوي ها ته سندن خزانو سلامت نه رهي ها. تنهن ڪري ئي ضروري ڳالهه هئي ته ان کي مضبوط ڪيو وڃي) اها انهن ڇوڪرن تي تنهنجي پروردگار جي رحمت هئي، جا ظهور ۾ آئي. ۽ ياد رک ته، مون جيڪي جيڪي ڪيو سو پنهنجي اختيار سان ڪونه ڪيو. (الله جي حڪم سان ڪيم) اها آهي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي توکي صبر نه آيو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
(اي پيغمبر!) توکان ماڻهو ذوالقرنين جو حال ٿا پڇن، تون چئو ته، مان هن جو ڪجهه احوال اوهان کي (قرآن مجيد ۾) پڙهي ٿو ٻڌايان. |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
اسان هن کي زمين تي حڪمراني ڏني هئي ۽ پڻ هن جي لاءِ هر طرح جو سامان ۽ اسباب مهيا ڪري ڇڏيو هو. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
سو (ڏسو) هن (پهريائين هڪڙي وڏي ڪم لاءِ) سامان ۽ اسباب تيار ڪيا (۽ اولهه طرف نڪري پيو.) |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
تان جو (هلندي هلندي) سج جي لهڻ واري جاءِ وٽ پهچي ويو. اتي هن کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته سج هڪ نيري ۽ ميري پاڻي جي ڍنڍ ۾ لهي ٿو وڃي. ۽ ان جي ويجهو هڪ قوم جا ماڻهو رهندڙ ڏٺائين، اسان (يعني الله تعاليٰ) کيس چيو ته، اي ذوالقرنين! (هاڻي هي ماڻهو تنهنجي حڪم هيٺ آهن) وڻئي ته کين سزا ڏي ۽ وڻئي ته ساڻن چڱو سلوڪ ڪري کين پنهنجو ڪري ڇڏ. |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
ذوالقرنين چيو ته، (مان بي انصافي ڪرڻ وارو نه آهيان) جيڪو (آئندهه) سرڪشي ڪندو تنهن کي ضرور سزا ڏيندس. پوءِ هن کي (آخر) پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. هو (بدعمل ڪندڙن کي) سخت عذاب ۾ وجهندو. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
پر جيڪو ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو تنهن کي ان جي بدلي ۾ چڱو انعام ملندو ۽ کيس اهڙين ئي ڳالهين جو حڪم ڏينداسين، جنهن ۾ هن جي لاءِ آساني ۽ راحت هوندي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
ان کان پوءِ هن وري تياري ڪئي (اوڀر طرف) نڪري پيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
تان جو سج اڀرڻ جي آخري حد تائين پهچي ويو. هن ڏٺو ته، سج هڪ قوم تي اڀري ٿو، جنهن کي اسان سج جي اس کان بچڻ لاءِ ڪا اوٽ يا پناهه ڪانه ڏني هئي. |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
هنن جي حالت اهڙي هئي ۽ جيڪي ذوالقرنين وٽ هو، تنهن جي اسان کي پوري پوري خبر آهي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
هن وري (سفر جو) سامان ۽ سمر تيار ڪيو (۽ ٽئين ڪم لاءِ نڪري پيو.) |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تان جو ٻن (جبلن جي) ديوارن (يعني قطارن) جي وچ تائين پهچي ويو. اتي هن ڏٺو ته، جبلن جي هن پاسي هڪ قوم رهندڙ آهي، جنهن جي ماڻهن سان ڳالهائجي ٿو ته، لفظ به ڪونه ٿا سمجهن. (يعني ذوالقرنين جي ٻولي نه پئي سمجهيائون. پر ترجمانن جي وسيلي گفتگو ڪيائون.) |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهيءَ قوم جي ماڻهن (پنهنجي زبان ۾) چيو ته، اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج (جون قومون اتر کان اچي هي جبل لنگهي) هن ملڪ ۾ اچي ڦرمار ڪن ٿا. ڇا (هيئن ٿي سگهي ٿو ته) توهان اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ هڪڙي ديوار بنائي ڏيو ۽ اسان ان جي عيوض ۾ ڪجهه خراج (سالياني ڍل) توهان کي ڏيندا رهون. |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
ذوالقرنين چيو ته، منهنجي پروردگار جيڪي مون کي منهنجي قبضي ۾ ڏنو آهي، سوئي منهنجي لاءِ بهتر آهي، (توهان جو خراج مون کي ڪونه ٿو گهرجي) پر توهان پنهنجي (بازن جي) قوت سان (هن ڪم ۾) منهنجي مدد ڪيو. مان توهان جي ۽ ياجوج ماجوج جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڀت ٺاهي ڇڏيندس. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
(پوءِ هن حڪم ڏنو ته) لوهه جون سرون مون وٽ آڻيو. پوءِ جڏهن (سڀ سامان گڏ ٿي ويو ۽) ٻنهي جبلن جي وچ ۾ وڏي ديوار کڙي ڪري انهن جبلن جي برابر بلند ڪئي ويئي، تڏهن حڪم ڏنائين ته (کورا ٻاريو ۽) ڌَوِڻِيون لڳايو. پوءِ جڏهن (ايتري قدر ڌوڻيون لڳايون ويون جو) بلڪل باهه (وانگر لال) ٿي ويئي تڏهن چيائين ته پگاريل ٽامون آڻيو ته ان تي هاري (لڳائي) ڇڏيون. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
(اهڙيءَ طرح هڪ شاهي ديوار بنجي پئي) جنهن تي نڪي (ياجوج ماجوج) چڙهي ٿي سگهيان نڪي ان کي سوراخ ڪري ٿي سگهيا. |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
(هن ڪم پوري ٿيڻ بعد) ذوالقرنين چيو ته، هي (جيڪي ٿيو سو في الحقيقت) منهنجي پروردگار جي طرف کان رحمت آهي. جڏهن منهنجي پروردگار جي واعدي واري ڳالهه ظهور ۾ ايندي تڏهن هو ان (ديوار) کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو. (پر ان کان اڳي ڪوبه ان کي ڪيرائي ڊاهي نه سگهندو) ۽ منهنجي پروردگار جو واعدو يا فرمايل ڳالهه حق آهي، (ٽرڻ واري ناهي.) |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ (جنهن ڏينهن اها ڳالهه ظهور ۾ ايندي) تنهن ڏينهن هڪڙي قوم ٻي قوم جي اندر (سمنڊ وانگر) لهرون هڻي ويهڻ لڳندي ۽ توتاري کي ڦوڪ ڏيئي (وڄائي ويندي ۽) سڀني قومن کي گڏ ڪيو ويندو. |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
انهيءَ ڏينهن اسان منڪرن جي سامهون دوزخ کي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪنداسين، جهڙيءَ طرح ڪا شيء بلڪل اڳيان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
(اِهي) اُهي منڪر آهن ، جن جي اکين تي اسان جي ذڪر کان پردو پئجي ويو هو ۽ (جن جي ڪنن ۾ اهڙي ٻوڙاڻ پئجي ويئي هئي جو) ڪابه ڳالهه ٻڌي به ڪونه سگهندا هئا. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسان کي (يعني خدا کي) ڇڏي اسان جي بندن کي پنهنجا ڪارساز بنائي رکن؟ (کين يقي رکڻ گهرجي ته) اسان ڪافرن جي مهمانيءَ لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، اسان توهان کي ٻڌائي ڇڏيون ته ڪهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمن ۾ سڀني کان وڌيڪ ناڪامياب ۽ نامراد رهجي ويا؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
(ٻڌو! نامراد ۽ ناڪامياب اُهي ٿيا) جن جون سڀ ڪوششون هن دنيا جي زندگي ۾ ضايع ڪيون ويون ۽ اهي هن ڌوڪي يا فريب ۾ اچي ويا آهن ته ڏاڍو چڱو ڪارخانو بنائي رهيا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي آيتن جا ۽ سندس حضور ۾ حاضر ٿيڻ جا منڪر ٿيا. تنهن ڪري ئي انهن جا سڀ ڪم اجايا ويا ۽ انهيءَ ڪري قيامت جي ڏينهن اسان هنن (جي عملن) کي ڪوبه وزن نه ڏينداسين. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
انهن جهڙي ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي ۽ اسان جي آيتن ۽ رسولن تي ٽوڪون، مسخريون ڪيون هيون تهڙوئي هنن لاءِ (لازمي) نتيجو ۽ بدلو ٿيندو دوزخ! |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن جي مهمانيءَ لاءِ بهشت جا باغ هوندا. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
هو هميشه انهن ۾ رهندا ۽ ڪڏهن به نه چاهيندا ته پنهنجي جاءِ بدلائين (۽ ٻيءَ حالت ۾ رهن). |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
(اي پيغمبر!) اعلان ڪر ته، جيڪڏهن منهنجي پروردگار جون ڳالهيون لکي ڇڏڻ لاءِ دنيا جا سڀ سمنڊ مس بنجي وڃن ته سمنڊ جو پاڻي ختم ٿي ويندو، پر منهنجي پروردگار جون ڳالهيون ختم ڪونه ٿينديون. اگرچه انهن سمنڊن سان شامل ٿيڻ لاءِ ٻيا به اهڙائي (وڏا) سمنڊ پيدا ڪري ڇڏيون (ته به اها سڀ مس ڪافي نه ٿيندي). |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
(اي پيغمبر هي به ماڻهن کي) چئي ڇڏ ته، مان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان ته توهان ئي جهڙو هڪ انسان ( آدم جو اولاد) آهيان، (تفاوت فقط هي آهي ته الله تعاليٰ مون ڏي وحي ٿو موڪلي). البته الله تعاليٰ مون ڏي وحي موڪليو آهي (۽ ٻڌايو آهي) ته اوهان جو معبود اهو ئي هڪ (الله) آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري جيڪو به پنهنجي پروردگار سان ملڻ جي آرزو (اميد ۽ چاهت) رکي ٿو، تنهن کي گهرجي ته چڱا عمل ڪري ۽ پنهنجي پروردگار جي بندگيءَ ۾ ڪنهن به ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ نه ڪري. (يعني فقط الله جي حڪمن جي پيروي ڪري ۽ سندس حڪمن خلاف شيطان يا ظالمن انسان جي حڪمن تي نه هلي). |