الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن اهو الله جنهن پنهنجي حبيب ڪريم تي قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ ان ۾ ڪابه ٽيڙائي ناهي |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
قرآن بلڪل سڌو آهي ان لاءِ ته ماڻهن کي الله تعالى جي سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ مؤمنن کي بشارت ڏئي. ۽ جيڪي ماڻهو سهڻا عمل ڪن ٿا بيشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
اهي انهي ثواب ۾ هميشه رهندا |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ رسولِ عربي انهن کي (قرآن سان) ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله تعالى اولاد رکيو آهي |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
انهيءَ باري ۾ انهن کي ۽ انهن جي وڏن کي ڪوبه علم ناهي، اها تمام وڏي ڳالهه اهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي، اهي ته فقط ڪوڙ ڳالهائن ٿا |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
پوءِ تحقيق توهان انهن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري گھڻي غم سببان پنهنجي وجود مبارڪ کي سخت پريشاني ۾ وجھو ٿا |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
بيشڪ اسان زمين جي مٿان ماڻهن لاءِ خوبصورتي خلقي آهي، انهي لاءِ ته انهن ماڻهن جي آزمائش ڪجي ته انهن مان ڪهڙو سهڻا عمل ڪري ٿو |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ بيشڪ اسان زمين جي مٿان هر شيءِ کي ويران ڪندڙ آهيون |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
توهان کي معلوم هجڻ گھرجي ته بيشڪ اصحابِ ڪهف ۽ رقيم اسان جي عجيب نشانين مان هئا |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جنهن وقت انهن نوجوانن ڪهف (غار) ۾ پناه ورتي، پوءِ انهن چيو ته اي اسان جي رب اسان کي تون پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ تون اسان لاءِ اسان جي ڪم ۾ درستي پيدا ڪر |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ اسان انهن کي ڪيترائي سال غار ۾ ننڊ ڪرائي |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
ان کان پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ان لاءِ ته اسين معلوم ڪريون ته انهن ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي ٽڪڻ جو صحيح اندازو ڪري ٿي |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسين توهان تي انهن جو قصو حق سان بيان ڪريون ٿا، تحقيق اهي (ڪجھه) نوجوان هئا جن پنهنجي رب تي ايمان آندو ۽ اسان انهن جي يقين کي زياده ڪيو |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ اسان انهن جي دلين کي مضبوط ڪيو جڏهن اهي اٿي بيٺا پوءِ انهن چيو ته اسان جو رب اهو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي، اسين الله تعالى کانسواءِ ٻئي معبود جي عبادت نه ڪنداسين (اسان ايئن ڪيو ته) بيشڪ اسان ان وقت غلط ڳالهه ڪئي |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
اها جيڪا اسان جي قوم آهي انهن الله کانسواءِ معبود بنايا آهن، اهي انهي ڳالهه لاءِ ڇو نٿا ڪو مستند دليل آڻن، پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻي |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جنهن وقت توهان انهن کان ۽ انهن جي معبودن کان پاسو ڪريو ته پوءِ توهان غار ۾ پناه وٺو، اتي توهان لاءِ توهان جو رب پنهنجي رحمت کي وسيع ڪندو ۽ توهان لاءِ توهان جي ڪم ۾ الله تعالى آساني پيدا ڪندو |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
رسولِ عربي توهان ڏسندا ته جڏهن سج انهن تي اُڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن سج انهن تي لَهي ٿو ته انهن جي کاٻي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ اهي (اصحابِ ڪهف) غار جي کليل ميدان ۾ آهن، اهي الله تعالى جي نشانين مان آهن، جنهنکي الله هدايت ڏي ٿو پوءِ اهو هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ توهان هرگز ان لاءِ ڪو ولي مرشد نه لهندا |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ توهان (ڏسندڙ) ڀائيندا ته اهي جاڳيل آهن حالانڪ اهي ستل آهن، ۽ اسان انهن جا پاسا ساڄي ۽ کاٻي پاسي تبديل ڪريون ٿا، ۽ سندن ڪتو پنهنجا اڳيان ٻئي پير سامهون ڪري چائنٺ تي ويٺل آهي، جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهن کي ڏسي ته انهن کان ڀڄي پري ٿئي ۽ انهن کان سخت خوفزده ٿي وڃي |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اسان انهن کي اهڙي طرح اٿاريو ان لاءِ ته اهي هڪ ٻئي کان پاڻ ۾ سوال ڪن، انهن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته توهان ڪيترو وقت ٽِڪِيا آهيو، ڪن چيو ته اسين هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھه حصو (غار ۾) ٽڪيا آهيون، ڪن چيو ته توهان جي رب تعالى کي وڌيڪ ڄاڻ آهي جيڪو وقت توهان ٽڪيا آهيو، پوءِ توهان پاڻ مان هڪڙي کي ٿورڙي چاندي ڏيئي شهر ۾ موڪليو ته اهو ڏِسَي وَائِسَي ته اتي ڪهڙو سٺو طعام آهي پوءِ توهان لاءِ ان مان طعام وٺي اچي ۽ ان کي گھرجي ته سوچي سمجھي خريداري ڪري ۽ ڪنهن کي به توهان جو اطلاع نه ڏي |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
بيشڪ اهي جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي پيا ته اهي توهان تي پٿراءُ ڪندا يا توهان کي پنهنجي دين تي واپس آڻيندا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته توهان ڪڏهن به نجات وارا نه ٿيندا |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اهڙي طرح اسان انهن جي قوم کي (ان ڳالهه جو) اطلاع ڏنو، ان لاءِ ته اهي ڄاڻن ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ بيشڪ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪندا هئا (يعنى) پنهنجي ڪم بابت، پوءِ انهن چيو ته انهن جي مٿان عمارت تعمير ڪريو. الله تعالى انهن کي خوب ڄاڻي ٿو انهن ماڻهن چيو جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿيا ته اسين ضرور انهن تي مسجد تعمير ڪنداسين |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
اهي جلدي چوندا ته (اصحابِ ڪهف) ٽي آهن ۽ چوٿون انهن جو ڪتو آهي، ۽ ڪي چوندا ته اهي پنج هئا ڇهون سندن ڪتو آهي سواءِ ڏسڻ جي اندازو ڪن ٿا ۽ ڪي چوندا ته ست اهي هئا ۽ اٺون انهن جو ڪتو آهي. رسولِ عربي توهان فرمايو ته منهنجي رب کي اصحابِ ڪهف جو صحي تعداد خوب معلوم آهي، نٿا ڄاڻن ان کي مگر ٿورڙا ماڻهو، پوءِ توهان هن حقيقت کان وڌيڪ ان تي بحث نه ڪريو ۽ توهان ان متعلق انهن مان ڪنهن کان به سوال نه پڇو |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ توهان هرگز ڪنهن ڳالهه لاءِ ايئن نه چئو ته بيشڪ آئون سڀاڻي اهو ڪم ڪندس |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
انشاء الله چوڻ کانسواءِ، ۽ جنهن وقت توهان کي ويسر ٿئي ته الله کي ياد ڪريو، ۽ توهان فرمايو ته عنقريب مون کي منهنجو رب ان کان بهتر رستو عطا ڪندو |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ اصحابِ ڪهف پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ نَوَ (309) سال رهيا |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى کي وڌيڪ علم آهي جيترو اُهي رهيا، الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو غيب آهي اهو بهتر ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، ۽ انهن لاءِ الله تعالى کانسواءِ ڪوبه مددگار ناهي، ۽ الله جي حڪم ۾ سندس ڪوبه شريڪ ناهي |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ رسولِ عربي توهان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪريو، الله تعالى جي ڳالهين کي ڪير به تبديل نٿو ڪري، ۽ هرگز نه لهندا توهان ان کانسواءِ ڪنهن پناه کي |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ توهان پنهنجي وجود کي انهن مسڪين اصحابن سان گڏ رکو جيڪي پنهنجي رب جي صبح ۽ شام عبادت ڪن ٿا، اهي پنهنجي عبادت الله تعالى جي رضامندي لاءِ ڪن ٿا ۽ توهان انهن کان پنهنجو توجه نه هٽايو، ڇا توهان دنيا جي زندگي جي زينت طلب ڪريو ٿا، ۽ انهن جي چوڻ ۾ نه اچو جن جون دليون اسان جي ذڪر کان غافل آهن ۽ اهي پنهنجي خواهش موجب هليا ۽ سندس ڪم حد کان وڌي ويو |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ رسولِ عربي توهان فرمايو ته حق توهان جي رب طرفان آهي، پوءِ جيڪو چاهي سو ڀلي ايمان آڻي ۽ جيڪو چاهي سو ڀلي ڪفر اختيار ڪري، بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باه تيار ڪئي آهي، انهي باه جون ديوارون انهن کي گھيري ۾ وٺنديون، ۽ اهي جيڪڏهن پاڻي گھرندا ته کين ڌات وانگر ٽهڪيل پاڻي ڏنو ويندو جيڪو سندن مُنهن کي ساڙي ڇڏيندو، ڪهڙو نه خراب پاڻي آهي، ۽ دوزخ ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي رهڻ جي |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا بيشڪ اسين نيڪوڪارن جا سهڻا عمل ضايع نٿا ڪريون |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بهشت جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون انهن کي بهشت ۾ سون ۽ چاندي جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ انهن کي ساوا ڪپڙا پارايا ويندا جيڪي سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا هوندا، اهي بهشت ۾ تختن تي ٽيڪون هڻي ويٺل هوندا، ڪهڙو نه بهترين ثواب آهي ! ۽ بهشت ڪهڙي نه بهترين رهڻ جي جاءِ آهي |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ توهان انهن لاءِ ٻن ماڻهن جو مثال ذڪر ڪريو جو انهن ٻنهيءَ مان هڪڙي کي اسان انگورن جا ٻه باغ عطا ڪيا ۽ انهن ٻنهي جي چوڌاري کجن جا وڻ هئا ۽ انهن ٻنهي باغن جي هيٺان پوک پوکيل هئي |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
اهي ٻئي باغ پورو پورو ميوو ڏيڻ لڳا ۽ ڪنهن به باغ جي پيداوار ۾ ڪمي نه هئي، ۽ انهن ٻنهي باغن جي وچ مان اسان نهر جاري ڪئي |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ باغ جي مالڪ وٽ هر قسم جا ميوا هئا، پوءِ باغ جي مالڪ پنهنجي ساٿي کي چيو ته آئون توکان ملڪيت ۾ زياده آهيان ۽ منهنجو قبيلو به زياده آهي |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ اهو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ اهو پنهنجي نفس تي ظلم ڪرڻ وارو هو، پاڻ چوڻ لڳو ته مون کي گمان ئي ناهي ته هي (باغ) ڪڏهن فنا ٿيندو |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ مون کي گمان ئي نه آهي ته قيامت ايندي ۽ جيڪڏهن (بالفرض) آئون پنهنجي رب ڏانهن موٽايو وَيُسِ ته ان باغ کان بهتر مون کي نتيجو ملندو |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندس ساٿي کيس ورائي جواب ۾ چوڻ لڳو ڇا تون ان خالق جو انڪار ڪرين ٿو جنهن توکي مٽي مان پيدا ڪيو ان کان پوءِ توکي هڪ قطري مان مڪمل مرد ڪري پيدا ڪيو |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر آئون چوان ٿو ته اهو الله آهي جيڪو منهنجو رب آهي ۽ آئون پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نٿو ڪريان |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين ان وقت تو ڇو نه ماشاء الله لا قوت الا بالله چيو، جيڪڏهن تون مون کي هينئر مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
پوءِ عنقريب مون کي منهنجو رب تنهنجي باغ کان بهتر عطا ڪندو ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان عذاب نازل ڪندو پوءِ (اهو باغ) ڦري صاف ميدان ٿي پوندو |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان باغ جو پاڻي زمين ۾ هيٺ لهي ويندو پوءِ تون هرگز ان کي تلاش نه ڪري سگھندين |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ باغ جا ميوا ختم ٿي ويا پوءِ اهو پنهنجا هٿ (حسرت سان) مهٽيندو رهيو ان خرچ تي جيڪو ان ۾ ڪيو هئائين ۽ اهو باغ پاڙان پٽجي مَنَهَنِ تي ڪِري پيو ۽ باغ جو مالڪ چوڻ لڳو ڪاش آئون پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ ان وٽ ڪوبه گروه نه هو جيڪو الله کانسواءِ سندس مدد ڪري ۽ نه اهو پاڻ بدلو وٺي سگھيو ٿي |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
ان وقت ۽ ان صورت حال ۾ سڀئي اختيار الله تعالى وٽ هوندا، اهو ئي بهترين ثواب عطا ڪري ٿو ۽ ان وٽ ئي بهترين انجام آهي |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ رسولِ عربي توهان انهن لاءِ دنيا جي زندگي جو مثال بيان ڪريو، انهيءَ جو مثال ان پاڻي جهڙو آهي جيڪو اسان آسمان مان نازل ڪيو پوءِ پاڻي سببان زمين ساوڪ ۽ پوءِ ساوڪ ڦري سُڪَلُ گاهه ٿي جنهنکي هوائون اُڏائن ٿيون، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر مطلق آهي |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال ۽ پٽ دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آهن، ۽ نيڪ عمل توهان جي رب وٽ ڀلا آهن ثواب جي لحاظ کان ۽ ڀلا آهن اميد جي لحاظ کان |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسين ۽ توهان زمين کي صاف ۽ کُليل ڏسندا، ۽ اسين انهن سڀني کي اٿارينداسين پوءِ انهن مان ڪوبه ڪونه رهندو |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ سڀئي توهان جي رب جي دربار ۾ صفون ٻَڌي بيٺل هوندا، تحقيق توهان (اڄ) اسان وٽ ايئن آيا آهيو جيئن اسان توهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو، بلڪِ توهان کي گمان هو ته اسين توهان کي وعدي موجب نه اٿارينداسين |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ عمل نامان رکيا ويندا، پوءِ توهان مجرمن کي ڏسندا ته اهي ان کان ڊڄندا ۽ اهي چوندا ته هاءِ اسان جي هلاڪت هن لکت کي ڇا ٿيو آهي جو اسان جا صغيرا ۽ ڪبيرا گناه سڀئي انهيءَ ۾ لکجي ويا، ۽ جيڪو ڪجھه انهن عمل ڪيو هوندو سو حاضر هوندو، ۽ توهان جو رب ڪنهن سان به ظلم نٿو ڪري |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀن سجدو ڪيو، ابليس جِنن مان هو پوءِ ان پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪئي، ڇا پوءِ توهان ابليس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ مددگار ڪري وٺو ٿا ۽ اهي توهان جا سخت دشمن آهن، ۽ ظالمن کي ڪهڙو نه خراب بدلو مليو |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون انهن (شيطانن) کي حاضر نه ڪيو آسمانن ۽ زمينن جي تخليق وقت ۽ نه سندن پيدائش وقت، ۽ آئون گمراه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار نٿو بنايان |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى (ڪافرن کي) فرمائيندو ته توهان پنهنجي معبودن کي پڪاريو جن جي توهان عبادت ڪندا هئا، پوءِ اهي کين پڪاريندا پوءِ معبود کين جواب نه ڏيندا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ جهنم جي هڪ وادي تيار ڪنداسين |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ گنهگار باه ڏسندا پوءِ کين يقين ٿيندو ته بيشڪ اهي انهي باه ۾ ڪرندا ۽ کين ڀڄڻ جي ڪا به جاءِ نه ملندي |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ بيشڪ اسان ماڻهن (جي هدايت) لاءِ قرآن ڪريم ۾ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن، ۽ انسان هر شيءِ کان وڌيڪ اختلاف ڪندڙ آهي |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان ڪنهن منع ڪئي جڏهن انهن وٽ رسولِ عربي قرآن ڪريم سميت اچي چڪو آهي ۽ اهي پنهنجي رب کان بخشش گھرن ها مگر اهو ته انهن تي اڳين (ماڻهن) جهڙو عذاب اچي يا انهن تي قسم قسم جو عذاب نازل ٿئي |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ نٿا موڪليون اسين رسولن کي مگر بشير ۽ نذير ڪري، ۽ ڪافر ناحق سان جھڳڙو ڪن ٿا ان لاءِ ته ناحق سان حق کي مِٽائي ڇڏين ۽ اهي اسان جي آيتن ۽ جن شين سان کين ڊيڄاريو ويو ان سان مذاق ڪن ٿا |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان ماڻهو کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير آهي جنهنکي الله جي آيتن سان سمجھايو ويو پوءِ ان کي نه مڃيائين ۽ پنهنجي ڪيل گناهن جن نتيجي کان بي خبر رهيو، بيشڪ اسان انهن جي دلين تي پردا رکيا آهن ته اهي قرآن ڪريم نه سمجھي سگھن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي، ۽ جيڪڏهن توهان هدايت ڏانهن انهن کي سڏيندا ته اهي قطعاً هدايت وارا نه ٿيندا |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ توهان جو رب بخشش ڪندڙ رحمت وارو آهي، جيڪڏهن انهن تي سندن بداعمالي سببان پڪڙ ڪري ته انهن تي فوراً عذاب پهچي وڃي ها، پر الله تعالى انهن لاءِ هلاڪت جو هڪ وقت مقرر ڪيو آهي جو ان کان پوءِ کين پناه جي ڪا جاءِ نه ملندي |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اسان اهي ڳوٺ برباد ڪيا جڏهن انهن ظلم ڪيا ۽ اسان انهن جي بربادي لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيو هو |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ جنهن وقت (حضرت) موسيٰ پنهنجي خادم کي چيو ته آئون مسلسل هلندو رهندس ايستائين جو ٻن دريائن جي ملڻ جي جاءِ تي پهچان يا گھڻو وقت هلندو رهندس |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
جڏهن اهي ٻن دريائن جي ملڻ جي جاءِ تي پهتا ته پنهنجي (کنيل) مڇي کين وسري وئي، پوءِ اها مڇي سمنڊ کي چيريندي هلي وئي |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ اهي جڏهن اتان روانا ٿيا ته موسيٰ پنهنجي خادم کي چيو ته ناشتو کڻي اچ، بيشڪ اسان کي هن پنهنجي سفر ۾ گھڻي تڪليف پهتي آهي |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
خادم عرض ڪيو ته عجب جهڙو واقعو پيش آيو جنهن وقت اسين پٿر جي پاسي ۾ ٽڪياسين پوءِ بيشڪ مون مڇيءَ کي وساري ڇڏيو، ۽ مون کي شيطان عجب جهڙي ڳالهه بيان ڪرڻ کان ڀُلائي ڇڏيو، ۽ مڇي ته درياء ۾ عجيب طريقي سان وڃڻ لڳي |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
موسيٰ چيو ته اسان اهائي ڳالهه طلبي ٿي، (حضرت) موسيٰ ۽ سندس خادم پنهنجي پيرن جي نشانن تي پوئتي موٽيا |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ ان جاءِ تي کين اسان جي ٻانهن مان هڪ ٻانهو (حضرت خضر عليه السلام) مليو جنهنکي اسان کي پاڻ وٽان رحمت ۽ وسيع لُدني علم عطا ڪيو هو |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
(حضرت) موسيٰ ان کي چيو ته ڇا آئون توهان سان انهي شرط تي گڏ رهي سگھان ٿو ته توهان مون کي اهو علم سيکاريو جيڪو توهان کي عنايت ٿيل آهي |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
(حضرت) خضر چيو ته بيشڪ توهان مون سان صبر سان رهي نه سگھندا |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ توهان ان ڳالهه تي ڪيئن صبر ڪري سگھو ٿا جنهن جي توهان کي ظاهري معلومات ناهي |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
موسيٰ چيو انشاءَ الله تعالى توهان مون کي صبر ڪندڙ لهندا ۽ آئون توهان جي حڪم جي نافرماني نه ڪندس |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
خضر چيو ته جيڪڏهن توهان منهنجي تابعداري ڪريو ٿا پوءِ توهان مون کان ڪنهن ڳالهه جو نه پڇو ايستائين جو آئون پاڻ توهان کي کولي نه ٻڌايان |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) خضر ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، خضر ٻيڙيءَ کي چيرڻ لڳو، موسيٰ چيو تون ٻيڙي کي چيرين ٿو ان لاءِ ته مسافرن کي ٻوڙين، بيشڪ تون اهو خراب ڪم ڪرين ٿو |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
(حضرت) خضر چيو ڇا مون توکي نه چيو هو ته تون مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگھندين |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
موسيٰ چيو تون مون کي منهنجي ويسر سببان پڪڙ نه ڪر ۽ تون مون لاءِ منهنجي ڪم ۾ مشڪلات پيدا نه ڪر |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ وري ٻئي روانا ٿيا ايستائين جو ٻنهي کي هڪ ڇوڪرو مليو پوءِ خضر اُن ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو ڇا تو بيگناه انسان کي بغير قصاص جي قتل ڪيو، بيشڪ تو تمام خراب ڪم ڪيو |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
(حضرت) خضر چيو ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته بيشڪ توهان هرگز مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگھندا |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
(حضرت) موسيٰ چيو جيڪڏهن مون هن کان پوءِ توهان کان ڪنهن شيءِ بابت سوال ڪيو ته پوءِ توهان مون سان گڏ نه رهجو، بيشڪ توهان کي مون کان تڪليف پهتي |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو اهي هڪ ڳوٺ وارن وٽ پهتا، ٻنهي ڳوٺاڻن کان ماني طلب ڪئي پر ڳوٺاڻن ٻنهي کي ماني کان انڪار ڪيو، پوءِ موسيٰ ۽ خضر کي اتي هڪ ديوار ملي جيڪا ڪرڻ جي ويجھو هئي پوءِ ان کي خضر سڌو ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو جيڪڏهن تون چاهين ها ته ان ڪم جي مزدوري وٺين ها |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
خضر چيو هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي آئون جلد توکي انهن ڳالهين جي وضاحت ڪري ٻڌائيندس جن تي توکي صبر نٿي آيو |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
پر ٻيڙي پوءِ اها (ڪِن) مسڪينن جي هئي جيڪي درياءَ ۾ ڪم ڪندا هئا پوءِ مون ان ۾ عيب ڪيو ۽ انهن جي پرئين پاسي هڪ بادشاه هو جنهن هر سٺي ٻيڙيءَ کي غصب ٿي ڪيو |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ پر ڇوڪرو پوءِ ان جا والدين مؤمن هئا پوءِ اسان کي خوف ٿيو ته متان اهو والدين کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وجھي |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
پوءِ اسان ارادو ڪيو ته سندن رب انهن لاءِ ان جي عيوض بهترين پٽ عطا ڪري جيڪو ان کان وڌيڪ پاڪيزه ۽ والدين لاءِ وڌيڪ قربائتو هجي |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ پر ديوار پوءِ اها ڳوٺ جي ٻِن يتيم ڇوڪرن جي هئي ۽ ديوار جي هيٺان انهن ٻنهي جو خزانو (مدفون) هو ۽ انهن ڇوڪرن جو پيءُ صالح شخص هو. پوءِ رب چاهيو ته انهن ٻنهي ڇوڪرن کي جواني تائين پهچائي ۽ اهي پنهنجو خزانو پاڻ ڪڍن. اها الله تعالى جي انهن لاءِ رحمت آهي. ۽ مون پنهنجي راءِ سان ڪوبه ڪم نه ڪيو، اها وضاحت آهي ان ڳالهه جي جنهن تي تون صبر نٿي ڪري سگھئين |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ رسولِ عربي کان (اهي يهودي) ذوالقرنين (اسڪندر رومي) بابت پڇن ٿا، توهان فرمايو آئون جلد توهان کي ان جو ذڪر پڙهي ٻڌايان ٿو |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار عطا ڪيو ۽ اسان ان کي هر شيءِ (حاصل ڪرڻ) جا اسباب مهيا ڪيا |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
ايستائين جو جڏهن سج لهڻ واري جاءِ تي پهتو ۽ پاڻ محسوس ڪيائين ته سج هڪ ڪاري چڪڙ واري چشمي ۾ لهي ٿو ۽ ان جاءِ تي هڪ قوم لڌائين، اسان فرمايو اي ذوالقرنين يا تون انهن تي عذاب ڪر، يا تون انهن سان نيڪيءَ جو سلوڪ اختيار ڪر |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
ذوالقرنين عرض ڪيو جنهن ماڻهو ظلم ڪيو پوءِ اسين جلد ان تي عذاب ڪنداسين ان کان پوءِ اهو پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو پوءِ اهو ان کي سخت عذاب ڪندو |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ پر جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ سهڻو عمل ڪيو پوءِ ان لاءِ سهڻي جزا (جنت) آهي. ۽ جلد اسان ان کي آسان ڪم ٻڌائينداسين |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
) پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
ايستائين جو جڏهن سج اڀرڻ واري جاءِ تي پهتو ۽ پاڻ محسوس ڪيائين ته سج ان قوم تي اڀري ٿو جنهن لاءِ اسان سج کانسواءِ ڪابه آڙ نه رکي |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
انهن جي حقيقت هن ريت آهي، ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي اسباب هئا انهن جي اسان کي خبر آهي |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
ان کان پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
ايستائين جو جڏهن پاڻ ٻن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته ٻن جبلن جي سامهون اها قوم ڏٺائين جيڪي ڪنهن جي ڳالهه نه ٿي سمجھا |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهن چيو اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن، پوءِ ڇا اسين تنهنجي لاءِ ڪجھه مال گڏ ڪريون ان لاءِ ته تون اسان ۽ انهن جي وچ ۾ ڪا ديوار تيار ڪر |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
ذوالقرنين چيو جيڪو مون کي منهنجي رب عطا ڪيو آهي، اهو توهان جي مال کان بهتر آهي، پوءِ توهان منهنجي مدد قوت سان ڪريو، آئون توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مضبوط سنڌو قائم ڪندس |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
مون کي لوهه جا ڳرا ٽڪرا آڻي ڏيو، ايستائين جو جڏهن ديوار ٻنهي جبلن جي برابر ٿي، چيائين ته باه کي هوا ڏيو، ايستائين جو جڏهن ان کي باه ڪيائين، چيائين توهان مون کي پگھريل ٽامو ڏيو ته ان جي مٿان پلٽيان |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ (ياجوج ۽ ماجوج) انهي ديوار تي چڙهي نه سگھندا ۽ نه ئي ان ۾ سوراخ ڪڍي سگھندا |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
ذوالقرنين چيو هي (ديوار) منهنجي رب جي رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي رب جو وعدو قريب ايندو ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ ان ڏينهن اسين انهن جي اها حالت ڪنداسين جو اهي هڪ ٻئي سان ملي ويندا ۽ صُور ڦوڪي ويندي پوءِ اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ ان ڏينهن اسين جهنم کي ڪافرن جي اڳيان آڻينداسين |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
جن ماڻهن جي اکين تي منهنجي نشانين ڏسڻ کان پردا آهن ۽ اهي (حق جي ڳالهه) ٻڌڻ کان عاجز آهن |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا پوءِ ڪافر اهو گمان ڪن ٿا ته اهي منهنجي ٻانهن لاءِ مون کانسواءِ مددگار بنائيندا (جيڪي کين نفعو ڏيندا) بيشڪ اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ جهنم کي تيار ڪري ڇڏيو آهي |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا اسين توهان کي ان کان وڌيڪ نقصان وارا عمل ٻڌايون؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اهي ماڻهو جن جي زندگيءَ جا نيڪ عمل (الله تعالى جي دربار ۾) باطل ٿيا ۽ اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ انهن نيڪ عمل ڪيا آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب جي آيتن ۽ رب جي ملاقات جو انڪار ڪيو پوءِ سندن اعمال برباد ٿي ويا پوءِ اسين قيامت جي ڏينهن سندن عملن جي تور نه ڪنداسين |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اها جهنم سندن جزا آهي انهي ڪري جو انهن ڪفر ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن کي مذاق بنايو |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن جي مهماني لاءِ جنت الفردوس (تيار) آهي |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
اهي ان ۾ هميشه رهندا اهي ان مان نڪرڻ نه چاهيندا |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن منهنجي رب جي علم و حڪمت لکڻ لاءِ سمنڊ مَسُ ٿي پَوَنِ ته سمنڊ منهنجي رب جي علم و حڪمت لکڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي ويندا. جيتوڻيڪ اسين ان لاءِ ايتري ٻي به مس آڻيون |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
رسولِ عربي توهان (تواضعاً) فرمايو ته آئون بظاهر توهان جهڙو انسان آهيان (پر) مون ڏانهن وحي رباني موڪلي وڃي ٿي ته توهان جو الله هڪ آهي، پوءِ جيڪو ماڻهو الله جي ملاقات تي يقين رکي ٿو ان کي گھرجي ته اهو عمل صالح ڪري ۽ پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪري |