الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي، جنهن پنهنجي بندي تي ڪتاب لاٿو، ان ۾ ذرو به ڏنگ نه آهي. |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
۽ (اهو) بلڪل پختيءَ ڳالهه وارو آهي ته کانئس ايندڙ سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ انهن نيڪ ڪم ڪندڙ ايماندارن کي مبارڪ ڏئي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي. |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
جنهن ۾ هو هميشه رهندا. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ انهن کي به ڊيڄاري، جي چون ٿا ته الله اولاد رکي ٿو. |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
ان لاءِ نه وٽن علم آهي ۽ نه سندن اَبن ڏاڏن وٽ، اها ڳالهه تمام بري آهي، جا سندن واتان نڪري ٿي ۽ اهي بلڪل ڪوڙ ڳالهائين ٿا. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
تون شايد پاڻ کي انهن جي پٺيان هلاڪ ڪندين، جي اهي هن (قرآني) مضمون تي ايمان نه آڻيندا. |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
۽ جيڪي زمين تي آهي، ان کي اسان انهن لاءِ رونق ڏني آهي، ته سندن هن ڳالهه ۾ آزمائش ڪريون، ته ڪير انهن مان چڱا عمل ڪري ٿو. |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ اسين زمين جي سڀني شين کي صاف ميدان ڪنداسون. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڇا تون ڀانئين ٿو ته غار ۽ جبل وارا اسان جي عجيب نشانين مان هئا؟ |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن انهن غار ۾ وڃي پناهه ورتي_ پوءِ چيائون ”اي اسان جا رب! اسان کي پاڻ وٽان رحمت جو سامان بخش ۽ اسان جي ڪم کي اسان لاءِ ڀلائيءَ جو سبب بڻاءِ.“ |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ اسان ڪيترن ئي سالن تائين سندن ڪنن تي غار ۾ پردو وجهي ڇڏيو. |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ انهن کي اٿاريوسون، ته معلوم ڪريون ته ڪير انهن ٽولن مان رهڻ جي مدت کان واقف هو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسين سندن قصو توکي پورو پورو بيان ڪري ٻڌايون ٿا_ اهي ڪي جوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندوهو، اسان کين هدايت ۾ وڌايو هو. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ اسان سندن دلين کي مضبوط ڪيو هو، جڏهن اهي پختا ٿي چوڻ لڳا ته ”اسان جو رب آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسين ان کي ڇڏي هر گز ڪنهن جي عبادت نه ڪنداسون، ڇا لاءِ ته اهڙيءَ صورت ۾ اسين بيجا ڳالهه چونداسون. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
اسان جي هن قوم الله کي ڇڏي ٻين کي سائين ڪري ورتو آهي، اهي انهن لاءِ پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جو الله تي ڪوڙ ڳالهائي؟“ |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن اوهين انهن خواهه الله کانسواءِ جن جي بندگي ڪندا هئا، تن کان جدا ٿي وڃو ته (فلاڻي) غار ۾ هلي پناهه وٺو_ ته اوهان تي اوهان جو رب پنهنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي هن ڪم ۾ ڪاميابيءَ جو سامان پيدا ڪندو. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
جڏهن اس نڪري ٿي ته تون ان کي سندن غار جي ساڄي طرف کان پاسو ڪندي ڏسندين، جڏهن لڪي ٿي ته کٻي پاسي هٽندي رهي ٿي ۽ اهي غار جي هڪ ڪشادي ميدان ۾ هئا، اها الله جي نشانين مان آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي ٿو اهو ئي هدايت پائي ٿو ۽ جنهن جي واٽ گم ڪري ته تون ان جو ڪو به مددگار واٽ ڏيکاريندڙ نه لهندين. |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
تون انهن کي جاڳندڙ پيو ڀائيندين، پر اهي ستل هئا ۽ اسان انهن کي ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي اٿلايو ٿي ۽ سندن ڪتو چانئٺ تي پير پکيڙي ويٺو هو، جيڪڏهن تون انهن کي ليو پائي ڏسين، ته هوند پٺ ڏئي ڀڄي نڪرين ۽ توتي هوند هشمت ڇانئجي وڃي. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان انهن کي جاڳايو، ته هو پاڻ ۾ پڇا ڳاڇا ڪن. انهن مان هڪ چيو ته ”توهين ڪيترو وقت ائين رهيا هوندا؟“ ڪن چيو ته ”هڪ ڏينهن يا ان کان به گهٽ“. چيائون ته ”اوهان جو رب اوهان جي رهڻ بابت پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو، هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي هي رپيو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو، ته هو جاچي ته ڪهڙو کاڌو حلال آهي ته ان مان اوهان وٽ ڪجهه کاڌو آڻي ۽ سڀ ڪم ٺيڪ ۽ نرمي ڪري ۽ ڪنهن کي به اوهان جي خبر نه پوي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
ڇو ته جيڪڏهن انهن کي اوهان جي خبر پوندي، ته اوهان کي پٿر هڻندا يا پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ اوهين ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندؤ.“ |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
ائين اسان انهن بابت خبردار ڪيو، ته اهي ڄاڻن ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ ته قيامت جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي جڏهن هو انهن بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا، چيائون ته ”انهن تي ڪا جاءِ ٺهرايو.“ سندن رب انهن کي خوب ڄاڻي ٿو، جيڪي شخص پنهنجي ڳالهه ۾ غالب ٿيا، تن چيو ته ”اسان انهن وٽ هڪ مسجد بڻائينداسون.“ |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
ڪي چوندا ”اهي ٽي هئا، چوٿون سندن ڪتو هو“ ۽ ڪي چوندا ته ”پنج هئا، ڇهون سندن ڪتو هو.“ هڪ بي حقيقت ڳالهه داڦي رهيا آهن ۽ ڪي چوندا ”ست آهن اٺون سندن ڪتو آهي، چئو ته، ”منهنجو رب سندن ڳاڻيٽو خوب ڄاڻي ٿو، انهن کي تمام ٿورا ڄاڻن ٿا،“ سو تون ان بابت سرسري ڳالهه ڌاران وڌيڪ بحث نه ڪر، نڪي انهن بابت انهن مان ڪنهن کان پڇ. (_) ۽ تون ڪنهن به ڪم بابت انشاءَ الله چوڻ ڌاران ائين نه چوندو ڪر، ته ”آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس“ ۽ جي اهو وسارين ته پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪر ۽ چئو ته سگهو ئي منهنجو ڌڻي مون کي هن کان به وڌيڪ ويجهي هدايت ڪندو. |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
تون ڪنهن به ڪم بابت (انشاءَ الله چوڻ ڌاران) ائين نه چوندو ڪر، ته ”آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس“ |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
۽ جي اهو وسارين ته پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪر ۽ چئو ته سگهو ئي منهنجو ڌڻي مون کي هن کان به وڌيڪ ويجهي هدايت ڪندو. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ (چون ٿا)، ته ”هو غار ۾ ٽي سؤ ورهيه رهيا ۽ نوَ ٻيا وڌايائون.“ |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
چئو ته الله انهن جي رهڻ جي مدت کي بهتر ڄاڻي ٿو. سڀني آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ان کي معلوم آهي. وڏو ڏسڻ وارو ۽ وڏو ئي ٻڌڻ وارو آهي. سندن خدا ڌاران ٻيو ڪو به مددگار نه آهي، نڪي هو ڪنهن کي پنهنجي حڪم ۾ شريڪ ڪر ي ٿو. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
تو وٽ جيڪو ڪتاب تنهنجي رب وٽان وحي ٿيو آهي اهو پڙهندو رهه، ان جي ڳالهين کي ڪو بدلي نٿو سگهي ۽ تون ان ڌاران ٻي پناهه جي جاءِ نه لهندين. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
تون پاڻ کي انهن سان گڏ رک، جي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي راضي رکڻ لاءِ کيس پڪارين ٿا ۽ دنيا ئي زندگيءَ جي رونق جي خيال کان پنهنجي اکين کي انهن کان نه هٽاءِ ۽ اهڙي ماڻهوءَ جو چيو نه مڃ، جنهن جي دل کي اسان پنهنجي يادگيريءَ کان غافل رکيو آهي، هو سندس خواهشن تي هلي ٿو ۽ ان جو حال حد کان اڪريل آهي. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ چئه ته هي سچو دين توهان جي رب وٽان آيل آهي، سو جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي جنهن کي وڻي سو ڪافر رهي، بيشڪ اسان اهڙن ظالمن لاءِ باهه تيار ڪري رکي آهي جو ان جا پردا انهن کي ويڙهي وٺندا ۽ جيڪڏهن فرياد ڪندا، ته پگهريل ٽامي جهڙي پاڻيءَ سان سندن اڃ لاهبي، جو سندن منهن ڀڃندو، ڪهڙو نه بڇڙو پاڻي هوندو، ڪهڙ ي نه بڇڙي جاءِ! |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ته اسين اهڙن جو اجر چٽ نه ڪنداسون، جي عملن ۾ چڱا هوندا. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اهڙن لاءِ هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جن هيٺان نهرون هونديون، انهن کي ان ۾ سونا ڪنگڻ ڍڪايا ويندا ۽ سائي رنگ جا باريڪ ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا ڍڪيندا ۽ اتي تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. ڪهڙو نه چڱو بدلو آهي ۽ ڪهڙي نه چڱي جاءِ! |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
تون انهن کي ٻن ماڻهن جو حال ٻڌاءِ، جن مان هڪ کي انگورن جا ٻه باغ ڏنا هئاسون ۽ انهن جي وچڌاري کجيون هيون، سندن وچ ۾ کيتي به هئي. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
۽ ٻئي باغ پنهنجو پورو ڦر ڏيندا هئا، ڪنهن ۾ به گهٽتائي نه هئي ۽ سندن وچ ۾ نهر جاري ڪئي هئي سون. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ وٽس وڌيڪ ڌن به هو! هو هڪ دفعي پنهنجي دوست سان ڳالهائيندي چوڻ لڳو ”آءُ توکان مال ۾ به وڌيڪ آهيان ۽ افراد ۾ غالب آهيان.“ |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي پنهنجي باغ ۾ پهتو ۽ چوڻ لڳو ”سمجهان ٿو ته هي ڪڏهن به چٽ نه ٿيندو. |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نٿو ڀانيا ته ڪا قيامت قائم ٿيندي ۽ جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب وٽ پهچايو ويس، ته ضرور ان کان به مون کي بهتر جاءِ ملندي.“ |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندن دوست ڳالهائيندي چيو ته، ”ڇا، تون ان سان ڪفر ڪرين ٿو، جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ توکي چڱو ڀلو ماڻهو بڻايائين؟ |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
مگر اهو الله منهنجو سچو ڌڻي آهي ۽ آءُ ڪنهن کي به ان جو شريڪ نٿو بڻايان. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ تو پنهنجي باغ ۾ پهچڻ وقت ائين ڇو نه چيو ته ”جيڪي گهرندو الله، ۽ الله جي مدد کان سواءِ ڪنهن ۾ ڪا به قوت نه آهي؟“ تون مون کي ٿو ڏسين، ته آءُ توکان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان. |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
پر منهنجو رب شايد مون کي تنهنجي باغ کان وڌيڪ چڱو باغ ڏئي ۽ تنهنجي هن باغ تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي، جو اهو اوچتو هڪ صاف ميدان ٿي وڃي. |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ان جو پاڻي زمين منجهه سڪي وڃي، پوءِ ان کي حاصل به نه ڪري سگهندين. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
پوءِ سندس سامان کي آفت اچي گهيريو، باغ تي ڪيل خرچ لاءِ هٿ مهٽيندو رهجي ويو ۽ اهو پنهنجن ڇتن تي ڪريو پيو هو، چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو آءُ پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها!“ |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
ان وٽ ڪو اهڙو ٽولو نه هو، جو الله ڌاران مدد ڪريس ها ۽ نه هو پاڻ اسان کان بدلو وٺي سگهيو. |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
اهڙي موقعي تي مدد ڪرڻ سچي الله جو ئي ڪم آهي، ان جو ثواب خواهه نتيجو سڀ کان سٺو آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ تون انهن کي دنيا جي حياتيءَ جو مثال ٻڌاءِ، جيئن اسان آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان سان پوک چڱي طرح گهاٽي ٿي، پوءِ اها ذرا ذرا ٿي، جنهن کي هوا اڏائيندي رهي، ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي. |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتي جي سونهن آهن ۽ جيڪي چڱا عمل باقي رهڻ وارا آهن، اهي تنهنجي رب وٽ ثواب ۽ اميد جي لاءِ گهڻا چڱا آهن. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هٽائينداسون ۽ تون زمين کي صاف ميدان ڏسندين ۽ اسين کين ڪٺو ڪنداسون ۽ انهن مان ڪنهن کي به نه ڇڏينداسون. |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ تنهنجي رب اڳيان صفون ڪبا، ”ڏسو، نيٺ اوهين اسان وٽ آيؤ، جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو هو، بلڪ اوهان ڀانيو ٿي ته اسين اوهان لاءِ ڪو مقرر وقت نه آڻينداسون. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ اعمالنامو رکبو، ته تون ڏوهارين کي ڏسندين، ته هو ان سڀ کان ڊڄندا هوندا، جيڪي انهن ۾ هوندو ۽ چوندا ”هاءِ افسوس! هي ڪهڙو اعمالنامو آهي، جو ڪو به ننڍو يا وڏو گناهه لکڻ کانسواءِ نه ڇڏيو اٿس! هو سندن ڪم ان ۾ ڏسندا، تنهنجو رب ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو، ته آدم لاءِ سجدو ڪريو، ته سواءِ ابليس جي ٻين سجدو ڪيو، هو جنن مان هو، تنهن ڪري پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائين، ڇا پوءِ اوهين به ان کي ۽ سندس پوئلڳن کي مون کان سواءِ دوست بنايو ٿا_ جي اوهان جا دشمن آهن؟ ۽ اهو ظالمن لاءِ تمام بڇڙو بدلو آهي. |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون نڪي انهن کي آسمان ۽ زمين پيدا ڪرڻ وقت سڏيو هو، نڪي سندن پيدائش وقت ۽ آءُ اهڙو عاجز نه هوس جو گمراهه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار بڻايان ها. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ جنهن ڏينهن الله فرمائيندو ته جن کي اوهين منهنجو شريڪ سمجهندا هئا، انهن کي سڏيو، پوءِ هو کين سڏيندا ته هو کين جواب ئي نه ڏيندا ۽ اسين انهن وچ ۾ هڪ اوٽ ڪنداسون. |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ان وقت ڏوهاري دوزخ کي ڏسندا، پوءِ يقين ڪندا ته اهي ان ۾ ڪرڻ وارا آهن ۽ ان کان بچڻ جو ڪو رستو نه لهندا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا عمدا مضمون بيان ڪيا آهن، ته به ماڻهو جهڳڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي، ته کين ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي رب کان بخشش گهرڻ کان فقط انهي ڳالهه روڪيو، جو کين به اڳين واري حالت پيش اچي يا وٽن خدائي عذاب اڳيان اچي کڙو ٿئي. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ اسين رسولن کي رڳو مبارڪ ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليندا آهيون ۽ ڪافر ته ڪوڙ تي هن لاءِ جهڳڙو ڪندا آهن، ته ان سان حق کي ٿيڙين ۽ انهن آيتن تي ٺٺوليون ڪن، جن ۾ انهن کي ڊيڄاري ٿو. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جنهن کي سندس رب جي آيتن سان نصيحت ڪجي ته ان کان منهن موڙي ۽ سندن هٿن جي موڪليل ڪيتن کي وساري؟ اسان سندن دلين تي حق کي سمجهڻ کان پردا ۽ سندن ڪنن ۾ ڳرائي وڌا آهن ۽ جيڪڏهن تون سڌي واٽ ڏانهن سڏيندين ته اهڙي حال ۾ هو هر گز واٽ نه لهندا. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ تنهنجو رب بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي، جيڪڏهن انهن کي سندن عملن تي پڪڙ ڪري ته جيڪر مٿن جلد عذاب موڪلي، مگر انهن لاءِ مقرر وقت آهي ۽ ان ڌاران ڪا به پناهه جي جاءِ نه لهي سگهندا. |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اهي ڳوٺ آهن جن جي ظلم ڪرڻ تي اسان کين ناس ڪيو ۽ سندن ناس ڪرڻ لاءِ ڪو وقت مقرر ڪيو هوسون. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن موسيٰ سندس همراهه کي چيو ته آءُ هلندو رهندس، جيستائين ٻه درياءَ گڏجڻ جي هنڌ پهچان يا ڊگهو عرصو هلندو رهان! |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن هو دريائن جي ملڻ واري هنڌ پهتا، ته سندن مڇي وساريائون، جا درياءَ ۾ پنهنجو رستو ٺاهي هلي ويئي! |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏهن اڳتي وڌيا، ته سندس همراهه کي چيائين ”اسان جي نيرن آڻ، اسان کي ته هن سفر ۾ ڏاڍي تڪليف پهتي آهي.“ |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
چيائين ”ڏٺئه نه، ته جڏهن اسين پٿر وٽ ترسياسين ته مون مڇي وساري، شيطان ئي مون کان ان جو ٻڌائڻ وسارايو ۽ ان مڇيءَ عجيب طرح درياءَ ۾ پنهنجو رستو ورتو.“ |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
چيائين ”اهائي آهي، جنهن کي اسين ڳوليون پيا“ پوءِ ٻئي پنهنجي پيرن جا نشان ڏسندا پٺتي موٽيا. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ اسان جي بندن مان هڪ ٻانهي کي ڏٺائون، جنهن کي اسان پنهنجي خاص رحمت سان نوازيو هو ۽ ان کي پاڻ وٽان خاص علم ڏنوسون. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسيٰ کيس چيو ”ڇا آءُ توسان انهي لاءِ هلي سگهان ٿو، جيڪا هدايت توکي سيکاريل آهي ان مان مون کي سيکارين؟“ |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
چيائين ”تون مون سان هرگز صبر ڪري نه سگهندين! |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ ڀلا تون انهن ڳالهين تي ڪيئن صبر ڪندين، جيڪي تنهنجي علم کان ٻاهر آهن؟ |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
چيائين، ”جيڪڏهن الله گهريو ته مون کي صبر ڪندو ڏسندين ۽ آءُ تنهنجي حڪم جي خلاف نه ڪندس.“ |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
چيائين ”جيڪڏهن مون سان رهڻ گهرين ٿو ته پوءِ مون کان ڪنهن به ڳالهه بابت نه پڇجانءِ جيسين توکي ان بابت ٻڌايان. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ هو هليا، جو اچي ٻيڙيءَ تي چڙهيا ته هن منجهس ٽنگ ڪيو، چيائين ”هن ۾ انهي لاءِ ٽنگ ڪيئي، ته سندس ماڻهو ٻوڙين؟ تو بلڪل اڍنگو ڪم ڪيو آهي. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
چيائين ”توکي چيو نه هئم ته تون مون سان هر گز صبر ڪري نه سگهندين؟“ |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
چيائين، ”منهنجي ويسر تي مون کي نه پڪڙ ۽ منهنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه ڪر.“ |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ هليا تان جو هڪ ڇوڪر سان مليا جنهن کي ماري وڌائين، چيائين ”ڇا، تو هڪ بيگناهه شخص کي بدلي بنا ماري وڌو؟ تو بيشڪ خراب ڪم ڪيو آهي.“ |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
چيائين ”توکي نه چيو هئم، ته تون مون سان صبر سان رهي نه سگهندين؟“ |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
چيائين، ”بس هن کان پوءِ جي توکان ڪنهن ڳالهه بابت پڇان، ته مون کي سنگت ۾ نه رکج_ هاڻي منهنجي نظر ۾ تو عذر پورو ڪيو.“ |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ هلڻ لڳا_ جڏهن ڪن ڳوٺاڻن وٽ پهتا ۽ کانئن ماني گهريائون، ته هنن سندن مهمانيءَ کان انڪار ڪيو. اتي هڪ ڀِت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي، ته هن (ويهي) ان کي ٺاهيو، موسيٰ چيو ”تون چاهين ها، ته انهي جي مزوري ضرور وٺين ها.“ |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
چيائين ”اها ٿي مون ۽ تو منجهه جدائي! هاڻي آءُ توکي انهن ڳالهين جي حقيقت ٿو ٻڌايان، جن تي توکي صبر ٿي نه سگهيو. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
جيڪا ٻيڙي هئي، سا درياءَ ۾ پورهيو ڪندڙ ڪن مسڪينن جي هئي، مون منجهس عيب پيدا ڪرڻ چاهيو، جو سندن پريان اهڙو بادشاهه هو جنهن هرڪا (بي عيب) ٻيڙي ٿي بيگر ۾ کسي. |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ (ماريل) ڇوڪرو، سو ان جا مائٽ مومن هئا، اسان کي ڊپ هو ته هو نافرمانيءَ ۽ ڪفر سان کين عاجز ڪندو. |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
ان ڪري ارادو ڪيوسون ته سندن رب انهي بدران کين سٺو پاڪباز ۽ نهايت ٻاجهارو اولاد ڏئي. |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
باقي رهي ڀت، سا شهر جي ٻن يتيمن جي هئي، انهي هيٺ سندن خزانو هو ۽ سندن پيءُ نيڪ هو، سو تنهنجي رب گهريو ته، هو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي سندن خزانو ڪڍن. اها تنهنجي رب جي رحمت هئي. مون اهو پنهنجي راءِ سان نه ڪيو هو_ اها آهي انهي جي سمجهاڻي، جنهن تي تون صبر نه ڪري سگهين.“ |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
( اي نبي) تون کان ”ذوالقرنين“ بابت ٿا پڇن، چئو ته آءُ اوهان کي ان جو بيان ٿو ٻڌايان. |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
(خدا فرمائي ٿو ته) اسان هن کي زمين تي حڪومت ڏني هئي ۽ کيس هر قسم جو اسباب ڏنو هو. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ هو هڪ طرف هليو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
تان جو، جڏهن سج لهڻ جي هنڌ پهتو ۽ ان کي گپ واري تلاءَ ۾ لهندو ڏٺائين ۽ ان وٽ هڪ قوم ڏٺائين_ چيوسون ته ”اي ذوالقرنين توکي اختيار آهي، ته کين عذاب ڪرين يا ساڻن مهربانيون ڪرين.“ |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
چيائين ”جيڪو ظالم هوندو ان کي اسين جلد ئي عذاب ڪنداسون، پوءِ هو سندن ڌڻيءَ ڏي موٽائبو ته اهو به سخت عذاب ڏيندس. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
باقي جيڪو مؤمن ٿيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تن لاءِ سٺو بدلو آهي ۽ اسين به پنهنجي ڪم لاءِ نرم ڳالهه چونداسون.“ |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
پوءِ ٻيو رستو ورتائين. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
تان جو جڏهن سج اڀرڻ وار ي هنڌ اچي پهتو، ته ان کي اهڙيءَ قوم وٽ اُڀرندو ڏٺائين، جنهن کي سج کان ڪو به اولو ڪو نه هو. |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
ڳالهه ائين آهي ۽ اسان کي ان جي پوري خبر آهي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
پوءِ وري ٻي واٽ ورتائين. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تان جو جڏهن اچي ٻن جبلن وچ ۾ پهتو، ته سندن پٺيان اهڙي قوم ڏٺائين، جا سندن ٻولي سمجهي نٿي سگهي. |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
چيائون ”اي ذي القرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج هن زمين ۾ فساد مچائين ٿا، پوءِ اسين تولاءِ ڪا ڍل ڪٺي ڪريون، ته تون اسان ۽ هنن وچ ۾ ڪا ٻنڌ ٻڌين؟“ |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
چيائين ”مون کي جيڪا منهنجي رب انهي بابت طاقت ڏني آهي سا سٺي آهي، هاڻي اوهين مون کي ڪم جي مدد ڏيو، ته آءُ اوهان ۽ هنن وچ ۾ مضبوط ٻنڌ ٻڌان. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
مون کي لوهه جا ٽڪر آڻي ڏيو، جڏهن خالي هنڌ کي انهن سان ڀريائين، تڏهن چيائين، ”هاڻي ڌنيون،“ جڏهن (ڌنئي ڌنئي) کين باهه بنايائون، چيائين ”هاڻي مون کي پگهريل ٽامو آڻي ڏيو ته مٿس وجهان. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
ته نڪي هو مٿس چڙهي سگهندا، نڪي منجهس ٽنگ ڪري سگهندا.“ |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
چيائين ”هيءَ منهنجي رب جي هڪ رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي رب جو وعدو ايندو تڏهن کيس زمين برابر ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي. |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ اسين ان ڏينهن کين هڪڙن کي ٻين ۾ ڳاهٽ ڪري ڇڏينداسون، پوءِ صور ۾ ڦوڪبو، ته کين هڪ هنڌ گڏ ڪنداسون. |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ انهي ڏينهن جهنم کي ڪافرن اڳيان آڻينداسون. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
جن جون اکيون اسان جي يادگيريءَ کان ڍڪيل هيون ۽ هو ٻڌي ئي نه سگهندا هئا. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا، ڪافر اڃا به سمجهن ٿا ته هو مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن مان ڪارساز بڻائيندا؟ اسان به ڪافرن لاءِ جهنم جي مهماني تيار رکي آهي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
چئو ته اسين اوهان کي اهڙن جي خبر ڏيون جن جا عمل نقصان وارا آهن؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اُهي، جن جون ڪوششون دنيا جي حياتيءَ ۾ نڪارت ويون پر هو ٿا ڀانئين ته اسين ڪو ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
هي اُهي ئي آهن جن سندن رب جي آيتن ۽ ساڻس ملاقات جو انڪار ڪيو، پوءِ سندن سڀ عمل چٽ ٿيا ۽ قيامت ڏينهن انهن جو ڪو وزن نه هوندو. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
سندن سزا اهو ئي جهنم هوندو، ڇو ته هنن ڪفر ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ رسولن تان مسخريون ڪيون. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن جي مهماني بهشت جا باغ آهن. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
جن ۾ هميشه رهندا ۽ هو اتان ڪٿي به وڃڻ نه چاهيندا. |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
چئو ته جيڪڏهن منهنجي رب جي ڳالهين لاءِ سمنڊ مس ٿئي، ته به منهنجي رب جي ڳالهين ختم ٿيڻ کان اڳ سمنڊ ختم ٿي ويندو، کڻي ان جهڙو ٻيو به مدد طور آڻيون! |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
چئو ته آءُ ته فقط اوهان وانگر ماڻهو آهيان مون ڏي خدا جو حڪم ٿو اچي، ته اوهان جو ڌڻي فقط اهو اڪيلو ڌڻي آهي، پوءِ جيڪو پنهنجي رب سان ملاقات جي اميد رکندو هجي، ان کي گهرجي ته چڱا ڪم ڪري ۽ سندس رب جي عبادت ۾ ڪو به ڀائيوار نه بنائي. |