الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن نازل ڪيو ٻانهي پنهنجي تي ڪتاب ۽ نه ڪيائين ان ۾ ڪا ڦِڏائي . |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
سڌو ڪندڙ تانته ڊيڄاري مصيبت سخت کان ان وٽان ۽ بشارت ڏئي مؤمنن کي جيڪي ڪن ٿا نيڪ عمل ته بلاشڪ انهن لاءِ ثواب سهڻو آهي . |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ . |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ ڊيڄاري انهن کي جن چيو ته ٺاهيو الله اولاد . |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ۽ نه پيئرن انهن جي کي وڏو ڪلمو آهي جيڪو نڪري ٿو واتن انهن جي مان نٿا چون مگر ڪوڙ. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
پوءِ شايد تون هلاڪ ڪندڙ آهين سر پنهنجي کي انهن جي ڪرتوتن تي جيڪڏهن نه ايمان آندائون هن ڳالھ تي افسوس ۾ . |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
بيشڪ اسان ٺاهيو ان کي جيڪو زمين تي آهي سينگار ان جي لاءِ تانته آزمايون انهن کي ته ڪهڙو انهن مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل جي لحاظ سان . |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ بيشڪ اسان البته بنائيندڙ آهيون ان کي انهيءَ تي آهي ميدان سڪل. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڇا ڀانيو تو ته بيشڪ غار وارا ۽ رقيم وارا هئا اسان جي آيتن مان عجب . |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن جاءِ ورتي جوانن غار ۾ پوءِ عرض ڪيائون ته اي اسان جا پالڻهار! ڏي اسان کي پاڻ وٽان رحمت ۽ تيار ڪر اسان جي لاءِ امر اسان جي مان هدايت . |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ (بندش) لڳائي سون ڪنن انهن جي تي (ٻڌڻ کان) غار ۾ ڪيترائي سال ڳڻيل . |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
تنهن کان پوءِ اٿاريوسون انهن کي (ننڊ مان) تانته (ظاهري طرح) ڄاڻون اسين ته ڪير ٻنهي جماعتن مان وڌيڪ ڳڻيندڙ آهي ان جي لاءِ جو (آرام ۾) رهيا مدت. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسين بيان ٿا ڪريون تنهنجي اڳيان خبر انهن جي حق سان بلاشڪ اهي نوجوان هئا جن ايمان آندو رب پنهنجي تي ۽ وڌائي سون انهن کي هدايت . |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ مضبوطي پيدا ڪئي اسان دلين انهن جي تي جڏهن اٿي بيٺا پوءِ چيائون اسان جو پالڻهار رب آسمانن ۽ زمين جو آهي هرگز نه عبادت ڪنداسون ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي البته تحقيق چئي اسان ان وقت بيهودي ڳالھ . |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
هي قوم اسان جي آهي جن ٺاهيا ان کان سواءِ ٻيا معبود ڇو نه ٿا آڻين انهن تي دليل چٽو پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي، ان کان جنهن ٺاهي هنيو الله تي ڪوڙ. |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن پاسو ڪيو اوهان انهن کان ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ پوءِ پناھ وٺو غار ۾ ته پکيڙيندو اوهان جي لاءِ رب اوهان جو رحمت پنهنجي ۽ تيار فرمائيندو اوهان لاءِ امر اوهان جي مان نرمي . |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ ڏسندين تون سج کي جنهن وقت اڀري ٿو ته لڙي ٿو لنگھي غار انهن جي کان سڄي پاسي ۽ جڏهن لهي ٿو ته مڙي ٿو انهن کان کٻي پاسي ۽ اهي ويڪرائيءَ ۾ آهن ان کان اهي نشانيون الله جون آهن جنهن کي هدايت ڪري الله پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري پوءِ هرگز نه لهندين ان لاءِ ڪو مددگار رهنما. ع |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ گمان ڪندين تون انهن کي سجاڳ ۽ اهي ستل آهن ۽ ڦيرايون ٿا انهن کي سڄي ۽ کٻي ۽ ڪتو انهن جو ڊگھيون ڪندڙ آهي اڳيون ٽنگون پنهنجون چائنٺ تي جيڪڏهن ويجھي کان نظر وجھين انهن تي ته البته پوئين پير ڦرين انهن کان بچڻ لاءِ ۽ البته ڀرجي وڃين تون انهن کان رعب ۾. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اهڙي طرح اٿاريوسون انهن کي تانته پڇا ڳاڇا ڪن پاڻ ۾ چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته ڪيترو رهيا آهيو چيائون ته رهياسون ڏينهن يا بعض ڏينهن جو چيائون ته رب اوهان جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو رهيئو اوهان پوءِ موڪليو هڪڙو اوهان مان ڪرنسيءَ پنهنجيءَ هن سان شهر ڏانهن پوءِ جڳائي ته ڏسي ڪهڙو انهن مان وڌيڪ صاف طعام وارو آهي پوءِ ڀل ته آڻي اوهان وٽ کاڌو ان مان ۽ نرمي اختيار ڪري ۽ هرگز نه ڄاڻ ڏئي اوهان جي ڪنهن هڪ کي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
بيشڪ اهي جيڪڏهن غالب ٿيندا اوهان تي ته سنگسار ڪندا اوهان کي يا موٽائيندا اوهان کي دين پنهنجي تي ۽ هرگز ڪامياب نه ٿيندؤ ان وقت هميشہ . |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اهڙي طرح مشهوري ڪئي سون انهن جي تانته ڄاڻن ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ بيشڪ قيامت ناهي ڪو شڪ ان ۾جنهن وقت بحث پيا ڪن پاڻ ۾ امر انهن جي تي پوءِ چيائون ته تعمير ڪيو انهن تي جاءِ، رب انهن جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهن کي چيو انهن جيڪي غالب ٿيا امر انهن جي تي ته البته ضرور ٺاهينداسون انهن تي مسجد. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
عنقريب چوندا ته ٽي آهن چوٿون انهن مان ڪتو انهن جو آهي ۽ چوندا ته پنج آهن ڇهون انهن مان ڪتو انهن جو آهي پٿر هڻڻ اڻ ڏٺو ۽ چون ٿا ته ست آهن ۽ اٺون انهن مان ڪتو انهن جو آهي فرماءِ ته رب منهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي تعداد انهن جو نه ٿا ڄاڻن انهن کي مگر ٿورا پوءِ نه بحث ڪر انهن (جي باري) ۾ مگر بحث ظاهر ٿيندڙ ۽ نه پڇ انهن جي باري ۾ انهن مان ڪنهن هڪ کان . |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ هرگز نه چئو ڪنهن شيءِ جي لاءِ ته بلاشڪ مان ڪندڙ اهو آهيان صبحاڻي . |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
مگر هي جو گھري الله ۽ ياد ڪر رب پنهنجو جڏهن وساريو تو ۽ چئو ته ويجھو آهي جو هدايت ڪري مون کي رب منهنجو تانته ويجھو ٿيان مان هن کان وڌيڪ هدايت کي. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ رهيا غار پنهنجي ۾ ٽي سؤ سال ۽ وڌيا نو سال . |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
فرماءِ ته الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪو وقت رهيا ان جي لاءِ آهي ڳجھ آسمانن ۽ زمين وارو ڪهڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي ناهي انهن جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه ٿو شريڪ بنائي حڪم پنهنجي ۾ ڪنهن هڪ کي . |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ پڙھ اهو جيڪو وحي ڪيو ويو تو ڏانهن تنهنجي رب جي ڪتاب مان ناهي ڪو مٽائيندڙ فرمانن ان جي کي ۽ هرگز نه لهندين تون ان کان سواءِ ڪا بچڻ واري جاءِ. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ روڪي رک پنهنجي پاڻ کي گڏ انهن سان جيڪي دعائون گھرن ٿا رب پنهنجي کان صبح ۽ شام ارادو ٿا ڪن ان جي ذات جو ۽ نه هٽن اکيون تنهنجيون انهن کان ارادو ٿو ڪرين سينگار حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ نه چوڻ ڪر ان جو جيڪو غافل بنائي سون دل ان جي پنهنجي ذڪر کان ۽ تابع ٿيو پنهنجي خواهش جو ۽ آهي معاملو ان جو حد کان چڙهيل . |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ فرماءِ ته حق اوهان جي رب جي طرفان آهي پوءِ جيڪو گھري ته پوءِ ڀلي ايمان آڻي ۽ جيڪو گھري پوءِ ڀلي ڪفر ڪري بيشڪ اسان تيار ڪيو سون ظالمن جي لاءِ باھ کي جو گھيرو ڪيو انهن سان ڀتين ان جي ۽ جيڪڏهن اڃ جي دانهن ڪندا ته پياريا ويندا پاڻي پگھريل ٽامي جهڙو ڀُڃندو منهن کي برو آهي پيئڻ ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون بلاشڪ اسين نه ٿا ضايع ڪيون اجر ان جو جنهن سهڻا عمل ڪيا . |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اهي انهن جي لاءِ بهشت هميشہ رهڻ وارا آهن وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون پارايا ويندا انهن ۾ ڪنگڻ سون جا ۽ ڍڪيندا ڪپڙا ساوا سنهي ريشم مان ۽ ٿلهي ريشم مان ٽيڪ ڏيندڙ انهن ۾ جڙيلن پلنگن تي ڀلو ٿيو ثواب ۽ سهڻي آرام گاھ آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ هڻ تون انهن لاءِ مثال ڪري ٻن مڙسن جو ڪيا اسان انهن مان هڪڙي لاءِ ٻه باغ انگورن مان ۽ ڍڪيوسون انهن ٻنهي کي کجين سان ۽ پيدا ڪئي سون انهن جي وچ ۾ پوک . |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻنهي باغن ڏنو ميوو پنهنجو ۽ نه گھٽايائين ان مان ڪا شيءِ ۽ وهائي اسان ٻنهي جي وچ ۾ نهر . |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ هو ان جي لاءِ گھڻو ميوو پوءِ چيائين ساٿيءَ پنهنجي کي ۽ اهو پيو بحث ڪري ان سان ته مان گھڻو آهيان توکان مال ۾ ۽ گھڻو عزت وارو ماڻهن جي لحاظ سان . |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ داخل ٿيو پنهنجي باغ ۾ حالانڪه اهو ظلم ڪندڙ آهي پنهنجي پاڻ تي چيائين ته نه ٿو سمجھان مان ته هلاڪ ٿيندو هيءُ . |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نه ٿو سمجھان مان قيامت کي قائم ٿيندڙ ۽ البته جيڪڏهن موٽايو ويس مان رب پنهنجي ڏانهن ته البته ضرور لهندس مان ڀلي ان کان موٽڻ جي جاءِ . |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
چيائين ان کي ساٿيءَ ان جي اهو گفتگو پيو ڪري ان سان ته ڇا ڪفر ڪيو تو ان ذات جو جنهن پيدا ڪيو توکي مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ (منيءَ جي) ڦڙي مان تنهن کان پوءِ برابر ٺاهيائين توکي (سهڻو) مڙس . |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر اسين ڇا آهيون اهو الله ئي ته منهنجو رب آهي نه ٿو شريڪ ڪيان مان رب پنهنجي سان ڪو هڪڙو . |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ ڇونه هيئن ڪيئي جڏهن داخل ٿئين باغ پنهنجي ۾ ته چوين ها تون جيڪي گھريو الله ناهي طاقت مگر الله جي جيڪڏهن ڏسين ٿو مون کي ته مان گھٽ آهيان توکان مال ۾ ۽ اولاد جي لحاظ سان . |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
پوءِ ويجھو آهي رب منهنجو جو ڏئي مونکي ڀلو باغ تنهنجي باغ کان ۽ موڪلي ان تي ٿورو عذاب آسمان کان پوءِ صبح جو ڏسين ان کي ميدان ويران . |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا ٿي پوي پاڻي ان جو چوسيل ۽ هرگز نه سگھين تون ان جي لاءِ ڪا طلب ڪرڻ . |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ گھيراءُ ڪيو ويو ميوو ان جو پوءِ صبح ڪيائين مهٽي پيو تريون پنهنجون ان تي جيڪو خرچ ڪيائين ان ۾ حالانڪ اهو ڊٿل آهي ڇتين پنهنجن تي ۽ چوي پيو اي ڪاش مان نه شريڪ ڪيان ها رب پنهنجي سان ڪنهن کي . |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ نه هو ان جي لاءِ ڪو قبيلو جيڪي مدد ڪن ها ان جي الله کان سواءِ ۽ نه هو بدلو وٺي سگھندڙ . |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
اتاهين (ثابت ٿيو ته) سڀ اختيار الله سچي جي لاءِ (ثابت) آهي اهو ڀلو آهي ثواب (ڏيڻ) ۾ ۽ ڀلو آهي انجام ٺاهڻ ۾. ع |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ بيان ڪر انهن جي لاءِ مثال حياتيءَ دنيا واريءَ جو پاڻيءَ وانگر جو نازل ڪيوسون ان کي آسمان کان پوءِ گھاٽا ٿي ڄاوا ان سان سلا زمين جا پوءِ صبح جو ڦري ٿيا سڪل اڏائين پيون ان کي هوائون ۽ آهي الله هر شيءِ تي قدرت رکندڙ . |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال ۽ پٽ سينگار آهن حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ بقا وارا صالح عمل ڀلا آهن تنهنجي رب وٽ ثواب جي لحاظ سان ۽ ڀلا آهن اميد جي لحاظ سان . |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ جنهن ڏينهن هلائينداسون جبل ۽ ڏسندين تون زمين کي کليل ۽ اٿارينداسون انهن کي پوءِ نه ڇڏينداسون انهن مان ڪو هڪ . |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ پيش ڪيا ويندا اڳيان رب تنهنجي صف ٻڌل البته تحقيق آيئو اوهان اسان وٽ جيئن پيدا ڪيو اسان اوهان کي پهرئين ڀيري بلڪه گمان ڪيو اوهان ته هرگز نه ڪنداسون اوهان جي لاءِ ڪو واعدو . |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ رکيو ويندو ڪتاب پوءِ ڏسندين مجرمن کي ڊڄندڙ ان کان جيڪو ان ۾ (لکيل) آهي ۽ چوندا اي هلاڪت اسان جي ڇا آهي واسطي هن ڪتاب جي نه ٿو ڇڏي ننڍي ڳالھ ۽ نه وڏي ڳالھ مگر گھيري ۾ رکيائين ان کي ۽ لهندا ان کي جيڪو ڪيائون حاضر ۽ نه ظلم ڪندو تنهنجو رب ڪنهن هڪ سان. ع |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون مگر شيطان (سجدو نه ڪيو) هو جنن مان پوءِ نڪري ويو پنهنجي رب جي امر کان ڇا پوءِ بنايو ٿا ان کي ۽ ان جي اولاد کي دوست مون کان سواءِ حالانڪ اهي اوهان جا دشمن آهن برو آهي ظالمن جي لاءِ بدلو . |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
نه سامهون وهاريو هو مون انهن کي وقت پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۽ نه وقت پيدا ڪرڻ سرن انهن جي ۽ نه آهيان مان بنائيندڙ گمراهن کي مددگار . |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ جنهن ڏينهن فرمائيندو ته سڏيو شريڪن منهنجن کي جيڪي گمان ڪيا هئا اوهان پوءِ سڏيندا انهن کي پوءِ نه جواب ڏيندا انهن کي ۽ ڪنداسون انهن جي وچ ۾ هلاڪت جو هنڌ . |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏسندا مجرم باھ کي پوءِ گمان ڪندا ته بيشڪ اهي ڪرندڙ آهن ان ۾ ۽ نه لهندا ان کان ڦرڻ جي جاءِ. ع |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ البته تحقيق ورائي ورائي بيان ڪيو اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي لاءِ هر مثال ۽ آهي انسان هر شيءِ کان گھڻو جھيڙاڪار . |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ نه روڪيو ماڻهن کي هن کان جو ايمان آڻين جڏهن آئي انهن وٽ هدايت ۽ مغفرت، گھرن رب پنهنجي کان مگر هن ڳالھ جو اچي انهن وٽ طريقو پھرين جو يا اچي انهن وٽ عذاب سامهون ٿي . |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ نٿا موڪليون اسين رسول مگر بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ جھيڙو ڪن ٿا اهي جو ڪفر ڪيائون باطل طريقي سان تانته غلط ثابت ڪن ان سان حق کي ۽ ورتائون آيتن منهنجين کي ۽ انهن کي جو ڊيڄاريا ويا ۽ ان سان چٿر . |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جيڪو نصيحت ڪيو ويو پنهنجي رب جي آيتن سان پوءِ منهن موڙيائين انهن کان ۽ وساريائين ان کي جو اڳي ڪري موڪليو هٿن ان جي بيشڪ اسان ڪيا دلين انهن جي تي سخت پردا ان کان جو سمجھن ان کي ۽ ڪنن انهن جي ۾ گھٻرائي ۽ جيڪڏهن سڏيندين انهن کي هدايت ڏانهن هرگز نه هدايت وارا ٿيندا انهيءَ وقت هميشہ . |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ رب تنهنجو بخشڻهار رحمت جو صاحب آهي جيڪڏهن پڪڙي ها انهن کي ان سببان جو ڪيائون ته البته تڪڙو ڪري ها انهن لاءِ عذاب بلڪه انهن جي لاءِ وقت وعدي جو آهي هرگز نه لهندا ان کان سواءِ بچڻ جي جاءِ . |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اهي ڳوٺ آهن جو هلاڪ ڪيو اسان انهن کي جڏهن ظلم ڪيائون ۽ ڪيو اسان انهن جي لاءِ هلاڪ ڪرڻ جو وقت مقرر. ع |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو موسى واسطي جوان ساٿيءَ پنهنجي ته نه رڪجندس مان تانجو پهچان مان جاءِ گڏ ٿيڻ ٻن سمنڊن جي کي يا منزلون ڪٽيندو رهندس مان ڪئين زمانا . |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن پهتا جاءِ گڏ ٿيڻ جي کي انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته وساريائون مڇيءَ پنهنجيءَ کي پوءِ ورتائين واٽ پنهنجي سمنڊ ۾ سرنگ هڻندي. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏهن لنگھيا ته چيائون واسطي جوان ساٿيءَ پنهنجي تي آڻي ڏي اسان کي کاڌو اسان جو البته تحقيق پهتاسون اسان پنهنجي هن سفر ۾ تڪليف کي . |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
چيائين ته خبر ڪر جنهن وقت آرام ڪيو اسان پٿر ڏانهن پوءِ بيشڪ مون وساري مڇي ۽ نه وسارايائين مون کان اها مگر شيطان ته ياد ڪيان ها مان ان کي ۽ ٺاهيائين رستو پنهنجو سمنڊ ۾ عجب آهي، . |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
فرمايائين ته اهوئي ته اهو آهي جيڪو اسان طلب ڪيو ٿي پوءِ پوئتي موٽيا پنهنجن پيرن جي نشانن تي ڳالهيون ڪندا . |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ لڌائون هڪ ٻانهو اسان جي ٻانهن مان جو ڏني سون ان کي رحمت پاڻ وٽان ۽ سيکاريوسون انکي پاڻ وٽان علم. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
چيو ان کي موسى ڇا مان گڏ هلان توسان ان بناءَ تي ته سيکارين مونکي ان مان جو سيکاريو وئين تون هدايت مان . |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
چيو (خضر ته) بلاشڪ هرگز نه ڪري سگھندين تون مون سان گڏ صبر . |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ ڪيئن صبر ڪندين ان تي جو نه گھيراءُ ڪيو تو ان کي خبر جي اعتبار سان . |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
فرمايائين ته عنقريب لهندين تون مون کي جيڪڏهن گھريو الله صبر ڪندڙ ۽ نه مخالفت ڪندس تنهنجي ڪنهن به حڪم ۾ . |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
چيو (خضر) پوءِ جيڪڏهن گڏ هلين مون سان ته پوءِ نه پڇجانءِ مون کان ڪنهن شيءِ جو تانجو مان پاڻ بيان ڪيان تولاءِ ان جو ذڪر. ع |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ گڏجي هليا تانجو جڏهن سوار ٿيا ٻيڙيءَ ۾ ته سوراخ ڪيائين ان ۾ فرمايائين ته ڇا سوراخ ڪيو تو ان ۾ تانته ٻوڙين تون ان ۾ ويٺلن کي البته تحقيق آندي تو شيءِ نا پسنديده . |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
فرمايائين ته ڇا نه چيو هو مون توکي ته يقينًا تون هرگز ڪري نه سگھندين مون سان گڏ صبر، . |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
فرمايائين ته نه وٺ پڪڙ ڪر مونکي ان سببان جو وساريو مون ۽ نه سختي ڪر مون تي منهنجي ڪم ۾ گھڻي سختي . |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ ٻئي گڏجي هليا تانجو جڏهن مليا هڪ ڇوڪري کي پوءِ قتل ڪيائين ان کي چيائين ته ڇا قتل ڪيو تو وجود صاف کي ڪنهن وجود جي بدلي کان سواءِ البته تحقيق آندو تو ڪم ناپسند ڪيل. |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
چيائين ڇا نه چيو هو مون توکي ته بيشڪ تون هرگز نه ڪري سگھندين مون سان گڏ صبر . پ |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
چيائين جيڪڏهن پڇان مان توکان ڪنهن شيءِ جو ان کان پوءِ ته پوءِ نه گڏ رک مون کي تون تحقيق پهتين تون مون وٽان معزرت کي . |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ گڏجي هليا تانجو جڏهن آيا ڳوٺ وارن وٽ ته کاڌو گھريائون رهاڪن ان جي کان پوءِ انڪار ڪيائون ته مهماني ڪن انهن ٻنهي جي پوءِ لڌائون ان ۾ ڀت جيڪا ارادو پئي ڪري ته ڊهي پوءِ درست ڪيائين ان کي چيو (حضرت موسى) جيڪڏهن گھرين ها ته البته وٺين ها ان تي اجورو . |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
چيائين ته هيءَ جدائي آهي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جلد خبر ڏيندس مان توکي حقيقت ان جي کان جو نه ڪري سگھئين تون ان تي صبر. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
پر ٻيڙي پوءِ هئي مسڪينن جي جيڪي ڪم پيا ڪن سمنڊ ۾ پوءِ ارادو ڪيم هي ته عيب دار بنايان ان کي ۽ هو پويان انهن جي بادشاھ پڪڙي پيو هر ڪا ٻيڙي زبردستيءَ سان، . |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ پر ڇوڪرو پوءِ هئا پيءُ ماءُ ان جا مؤمن پوءِ ڊناسون هن کان ته مجبور ڪري انهن ٻنهي کي سرڪشيءَ ۽ ڪفر تي . |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
پوءِ ارادو ڪيوسون هي ته عوض ۾ ڏي انهن ٻنهي کي رب انهن جو ڀلو ان کان ۽ وڌيڪ ويجھو رحم ۾ . |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ پر ڀت پوءِ هئي ٻن ڇوڪرن يتيمن جي شهر ۾ ۽ هو هيٺان ان جي خزانو انهن ٻنهي جو ۽ هو پيءُ انهن ٻنهي جو صالح پوءِ ارادو ڪيو رب تنهنجي هي ته پهچن جوانيءَ پنهنجي کي ۽ ڪڍن خزانو پنهنجو مهربانيءَ سان طرفان رب تنهنجي ۽ نه ڪيو مون اهو پنهنجي حڪم سان اها آهي حقيقت انهن (واقعن) جي جو نه ڪري سگھئين تون ان تي صبر. ع |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ پڇن ٿا توکان ذي القرنين جي باري ۾ فرماءِ ته جلد پڙهندس اوهان تي ان جو احوال . |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان اقتدار ڏنوسون ان کي زمين تي ۽ ڏنو اسان ان کي هر شيءِ مان سامان، . |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ پويان لڳو سامان جي . |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
تانجو جڏهن پهتو سج جي لهڻ واري جاءِ کي ته لڌائين ان کي لهي پيو تلاءَ گپ واري ۾ ۽ لڌائين ان وٽ هڪ قوم چيو اسان ته اي ذوالقرنين! يا عذاب ڪر تون ۽ يا ته ڪر تون انهن ۾ چڱائي. |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
فرمايائين پرجنهن ظلم ڪيو پوءِ جلد عذاب ڪنداسون ان کي ان کان پوءِ موٽايو ويندو رب پنهنجي ڏانهن پوءِ عذاب ڪندو ان کي عذاب برو . |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ پر جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين صالح عمل پوءِ ان جي لاءِ بدلو سٺو آهي ۽ عنقريب چونداسون ان لاءِ امر پنهنجي مان سولائي (جھڙو ڪم). |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
ان کان پوءِ پويان لڳو هڪ سامان جي . |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
تانجو جڏهن پهتو جاءِ سج اڀرڻ جي کي ته ڏٺائين ان کي ته اڀري پيو هڪ قوم تي جو نه ٺاهيو اسان انهن لاءِ ان کان سواءِ ڪو پردو . |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
اهڙي طرح ۽ تحقيق قابو رکيو اسان ان کي جيڪا ان وٽ آهي خبر. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
ان کانپوءِ پويان هليو سامان جي . |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تانجو جڏهن پهتو ٻن بندن جي وچ ۾ ته ڏٺائين پويان انهن ٻنهي جي هڪ قوم جيڪي نٿا ويجھا ٿين جو سمجھن ڳالھ . |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
چيائون ته اي ذوالقرنين! بلاشڪ ياجوج ۽ ماجوج فساد ڪندڙ آهن زمين ۾ پوءِ ڇا مقرر ڪيون تو لاءِ محصول؟ هن بناء تي ته ٺاهين تون اسانجي ۽ انهن جي وچ ۾ بند . |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
چيائين ته جيڪا طاقت ڏني مون کي ان ۾ منهنجي رب اها ڀلي آهي پوءِ مدد ڪيو منهنجي جسماني قوت سان ٺاهيان مان اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ٿلهي ڀت . |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
آڻي ڏيو مونکي ٽڪرا لوھ جا تانجو جڏهن برابر بنايائين (اها ڀت) ٻنهي جبلن وچ ۾چيائين ته ڌَوَڻ سان ڦوڪيو تانجو جڏهن ان کي باھ بنايائين چيائين آڻي ڏيو مونکي ته پلٽايان ان تي پگھاريل ٽامون . |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ نه سگھيا جو چڙهن ان تي ۽ نه ڪري سگھيا ان ۾ ڪا سرنگھ . |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
فرمايائين ته هيءَ رحمت آهي منهنجي رب جي طرفان پوءِ جڏهن ايندو وعدو منهنجي رب جو ته ڪندو ان کي سنئون سڌو ۽ آهي وعدو منهنجي رب جو سچو. |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ ڇڏيندا هڪڙن کي انهن مان ان ڏينهن ڳاٽ ڏيندا ٻين تي ۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ گڏ ڪري آڻينداسون انهن کي يقينًا . |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ آڻينداسون جھنم ان ڏينهن ڪافرن جي لاءِ جيئن سامهون آڻجي . |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
انهن کي اهي جو هيون اکيون انهن جون پردي ۾ منهنجي ذڪر کان ۽ نٿي سگھيا ٻڌي . |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا پوءِ سمجھيو انهن جن ڪفر ڪيو ته بنائين ٻانهن منهنجن کي مون کان سواءِ دوست بيشڪ اسان تيار ڪيو جھنم ڪافرن جي لاءِ مهماني بنائي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
فرماءِ ته: ڇا خبر ڏيون اسين اوهان کي ته وڌيڪ نقصان وارا عملن جي لحاظ سان ڪير آهن؟ . |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اهي جو گم ٿي ڪوشش انهن جي حياتيءَ دنيا جيءَ ۾ ۽ اهي سمجھن ٿا ته بيشڪ اهي سهڻو ڪم ڪن ٿا . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اهي ئي آهن جن انڪار ڪيو آيتن رب پنهنجي جو ۽ ان سان ملڻ جو پوءِ چٽ ٿيا اعمال انهن جا پوءِ نه قائم ڪنداسون انهن جي لاءِ قيامت جي ڏينهن ڪا تور . |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اهو بدلو انهن جو جھنم آهي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ۽ بنايائون آيتن منهنجين ۽ رسولن منهنجن کي چٿر. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيائون انهن جي لاءِ بهشت فردوس جا، مهماني آهن . |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ نه طلب ڪندا انهن کان جاءِ ڦرڻ جي . |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
فرماءِ ته جيڪڏهن هجي سمنڊ مس منهنجي رب جي فرمانن جي لاءِ ته البته کٽي پوندو سمنڊ اڳي هن کان جو کٽن فرمان منهنجي رب جا جيتوڻيڪ آڻيون اسين ان جھڙا (ٻيا) مدد جي لاءِ- . |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
فرماءِ ته: بيشڪ مان بشر مثل اوهان جي آهيان وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن ته بيشڪ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ جيڪو اميد رکي ٿو پنهنجي رب سان ملڻ جي پوءِ جڳائي ته ڪري عمل صالح ۽ نه شريڪ بنائي پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن هڪ کي. |