الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن، جنھن پنھنجي ٻانھي تي اھڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي جنھن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه رکيو ويو آھي. |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
صاف ۽ سڌي ڳالھ بيان ڪرڻ وارو ڪتاب آھي ته جيئن ماڻهن کي الله تعاليٰ جي پاران اچڻ واري سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي سھڻي اجر جي خوشخبري ٻڌائي. |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
اھي نيڪ ماڻهو ھن خوشخبري (جي نتيجي) ۾ ھميشه جنت ۾ رهندا. |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ انهن ماڻهن کي (به) ڊيڄاري جن چيو ته اللھ تعالى کي اولاد آھي. |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
انهن کي ان ڳالھ جو نه ته ڪو علم آھي ۽ نه ئي سندن ابن ڏاڏن کي ڪو علم ھو. اھا هڪ انتھا درجي جي (غير ذميدارانه) ڳالھ آھي جيڪا سندن واتن مان نڪري ٿي ۽ اھو سراسر ڪوڙ آھي جيڪو ھُو بَڪن ٿا. |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
تون شايد پنھنجو پاڻ کي افسوس وچان ڳاري ڇڏيندين جيڪڏھن ھو ھِن تعليم تي ايمان نه آڻيندا. |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
اسان زمين جي مٿان سينگار جون شيون ان ڪري رکيون آھن ته جيئن کين آزمائي ڏسون ته انهن مان ڪير سٺا عمل ڪن ٿا. |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
آخرڪار اسان زمين جي مٿان رهڻ واري ھر شيءِ کي فنا ڪري صاف ميدان ڪري ڇڏينداسين. |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڇا تون سمجهين ٿو ته غار وارا (يعني اصحاب ڪھف) ۽ رقيم وارا (يعني اصحاب رقيم) اسان جي وڏين عجيب نشانين مان ھئا؟ |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏھن ڪجهه نوجوانن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ته انهن اللھ تعالى کان دعا گهري ته: اي اسان جا پالڻھار! تون پنھنجي خاص مھربانيءَ سان اسان کي رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملي کي سھڻي طريقي سان حل فرماءِ. |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
اسان کين غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو. |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ کين ننڊ مان اٿاريو ته جيئن ڏسون ته انهن ٻنهي گروهن (يعني اصحاب ڪھف ۽ رقيم وارن) مان ڪنھن کي پنھنجي ھن حالت ۾ رھڻ جي عرصي جو صحيح اندازو آھي؟ |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن جو صحيح صحيح واقعو ٻڌايون ٿا، بيشڪ ھو چند نوجوان ھئا جن پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين ھدايت تي مضبوط رکيو ھو. |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
اسان انهن جي ان وقت دل وڌائي جڏھن ھو (پڪو ارادو ڪري) اٿيا ۽ وڏي واڪي چئي ڏنائون ته اسان جو پالڻھار اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي. اسان ان کي ڇڏي ڪنھن ٻئي کي معبود ڪري ھرگز نه پڪارينداسين، جي اسان ايئن ڪيو ته اھا اسان جي انتھائي غلط ڳالھ ٿيندي. |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
(اُنھن اھو به چيو ته) اسان جي قوم اصل معبود ڇڏي ٻين کي وڃي معبود ٺاھي ورتو آھي ۽ هُو انهن معبودن جي باري ۾ ڪو واضح دليل به نٿا ڏين، سو ھاڻي جيڪو اللھ تعالى تي ويھي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
(پوءِ هو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته) ڳالھ ھي آھي ته توھان ھنن ماڻهن ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ سندن ڪوڙن معبودن کان ته الڳ ٿي چڪا آھيو پوءِ ڇو نه ھلي ڪنھن غار ۾ پناهه وٺون ۽ توهان جو پالڻھار (ضرور) توهان تي پنھنجي رحمت جو ڇانورو ڪندو ۽ اوھان لاءِ اوھان جي ڪمن ۾ آساني فرمائيندو. |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
(پوءِ ھنن ويچارن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اللھ تعالى کين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو) جيڪڏهن توھان سج کي ڏسو ھا ته ھو جڏھن اڀري پيو ته ان جي اُس غار جي ساڄي پاسي کان لڙي وڃي پئي ۽ جڏھن سج لھي پيو ته (غار کي ڇڏي) کاٻي پاسي کان غروب ٿي وڃي پيو، ھو غار جي اندر ھڪ ڪشادي ميدان ۾ ستل ھئا. ھي اللھ تعالى جون نشانيون آھن (ھاڻي) جنھن کي به اللھ تعالى ھدايت نصيب ڪري اھوئي ھدايت وارو ٿيندو ۽ جنھن کي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪري ته اھڙي ماڻهوءَ کي ھدايت تي آڻڻ لاءِ تون به ڪو ھدايت ڏيڻ وارو نه لھي سگهندين. |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
انهن کي ڏسي توھان اھو سمجهو ھا ته ھو جاڳن پيا، حالانڪ ھو گهري ننڊ ۾ ستل ھئا ۽ اسان کين ساڄي ۽ کاٻي طرف پاسا ورائيندا ھئاسون ۽ انهن جو ڪُتو غار جي مُنھن وٽ اڳيون ٽنگون ٽيڙي ويٺو ھو. جيڪڏھن توھان کين لِيو پائي ڏسو ھا ته (خوف وچان) فوراً پويان پير ڪري ڀڄو ھا . اهو منظر ڏسي توھان جي مٿان دهشت ڇانئجي وڃي ھا. |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
اھڙيءَ طرح جڏھن اسان کين ننڊ مان جاڳايوسين ته جيئن ھو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان پڇا ڪن. انهن مان ھڪڙي چيو ته توھان کي غار ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آھي؟ جواب ۾ ٻين چيس ته ھڪ ڏينھن پورو يا کڻي ڏينھن جو ڪجهه حصو ــ پوءِ چيائون ته توھان جي پالڻھار کي ئي صحيح خبر آھي ته اسان ھن غار ۾ ڪيترو عرصو گذاريو آھي؟ ھاڻي پاڻ مان ڪنھن کي چانديءَ جو سڪو ڏئي شھر موڪليون ته جيئن ھو شھر وڃي ٿورو گهمي ڦري ڏسي ته سٺو کاڌو ڪٿي ملي ٿو پوءِ اتان کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچي ۽ ماڻهن سان تمام ھوشياري سان ڳالھائي ته جيئن توھان جي حال جي ڪنھن کي خبر به نه پئجي سگهي. |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
ڇوته جيڪڏھن انهن کي توھان جي باري ۾ خبر پئجي وئي ته ھو سڀني کي پٿرن سان ماري ڇڏيندا يا وري سڀني کي پنھنجي مشرڪانه دين ۾ داخل ٿيڻ تي زور ڀريندا. ان صورت ۾ ته توھان ڪڏھن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
اھڙي طريقي سان ئي اسان ماڻهن کي انهن جي باري ۾ خبر ڏني ته جيئن هُو سمجهن ته اللھ تعالى جو وعدو سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي، پر تنھن ھوندي به ھي ماڻهو پاڻ ۾ غار وارن جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رھيا ھئا ۽ چئي رھيا ھئا ته غار وارن جي مٿان ڪا (يادگار طور) عمارت ٺاھي وڃي. بهرحال انهن جو پالڻھار ئي انهن جي معاملي کي خوب ڄاڻي ٿو. پر انهن ۾ جيڪي با اثر ماڻهو ھئا تن چيو ته اسان انهن جي مٿان ھڪ عبادت گاهه جوڙائينداسين. |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
(انھن جي تعداد جي باري ۾) ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته غار وارا ٽي ھئا، چوٿون انهن جو ڪتو ھو، جڏهن ته ڪي ٻيا چون ٿا ته اُھي پنج ھئا ۽ ڇھون انهن جو ڪتو ھو، (بھرحال) انهن سڀني جون اهي ڳالهيون رڳو ڌُڪا آھن، ۽ وري ڪي (ٽيان) چون ٿا ته اُھي غار وارا ست ھئا ۽ اٺون انهن جو ڪتو ھو. (اي نبيﷺ!) کين چؤ ته انهن جو صحيح تعداد منھنجو پالڻھار ئي ڄاڻي ٿو باقي ماڻهن مان ڪي ٿورڙا ئي ماڻهو انهن جي تعداد ڄاڻن ٿا. (بھرحال) تون انهن جي تعداد جي باري ۾ تفصيلي بحث ۾ نه پؤ ۽ نه ئي غار وارن جي باري ۾ انهن ماڻهن کان پڇا ڪر. |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ توھان ڪڏھن به ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ هيئن نه چوندا ڪريو ته مان ھي ڪم سڀاڻي ڪندس. |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
بلڪ (هيئن چوندا ڪريو ته) جيڪڏھن اللھ تعالى چاھيو ته (مان اھو ڪم ڪندس يعني ان شاءَاللھ تعاليٰ چوندا ڪريو) پر جيڪڏھن ان باري ۾ ڪا ويسر ٿي وڃي ته فوراً پنھنجي پالڻھار کي ياد ڪريو ۽ چؤ ته مون کي پڪي اميد آھي ته منھنجو پالڻھار ان وسريل شيءِ ڏانھن جلد ئي منهنجي رھنمائي ڪندو. |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
هي نوجوان غار ۾ ٽي سؤ سال رھيا ۽ ڪن وري انهن جي رھڻ ۾ نَوَ سال اڃا به وڌائي ڇڏيا. |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته انهن جي غار ۾ رھڻ واري عرصي کي اللھ تعالى ئي خوب ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جا لڪيل راز ان کي ئي معلوم آھن. ھو انتھائي باريڪبينيءَ سان ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آھي. اُن کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جو مددگار ناھي ۽ ھو پنھنجي اختيارن ۾ ڪنھن ھڪ کي به شريڪ نه ڪندو آھي. |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
(اي نبيﷺ!) جيڪا شيءِ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان توهان ڏانھن وحي ڪئي وڃي ٿي سا ماڻهن کي تلاوت ڪري ٻڌاءِ ۽ ڪير به ان جي ڳالهين کي ڦيرائي نٿو سگهي (ڦيرائڻ جي صورت ۾) توهان کي ان کان سواءِ ٻي ڪابه پناھ جي جاءِ نه ملي سگهندي. |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
(اي نبيﷺ! مڪي جي سردارن کي ڇڏي) پنھنجو پاڻ کي انهن ماڻهن ڏي مائل رک جيڪي صبح ۽ شام پنھنجي پالڻھار جي رضا کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آھن، انهن کان تنھنجون نگاھون هرگز نه ڦرن. ڇا تون دنيا جو سينگار ۽ ٺٺ ٺانگر چاھين ٿو ۽ تون ڪنھن به اھڙي ماڻهوءَ جي پويان نه لڳ، جنھن جي دل کي اسان پنھنجي ياد کان پري ڪري ڇڏيو آھي. ھي ماڻهو رڳو پنھنجي ذاتي خواھشن جي پويان لڳل آھن ۽ انهن جا سمورا ڪم به حد کان لنگهيل آھن. |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
چؤ ته ھي سچي ڳالھ توھان جي پالڻھار جي طرف کان آھي. ھاڻي جنھن کي وڻي ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي ڪفر ڪري، بيشڪ اسان ظالمن لاءِ اھڙي باهه تيار ڪئي آھي جنھن جا اُلا (ڀَڀَڙ) کين گهيري ۾ آڻي چڪا آھن ۽ جيڪڏھن اُھي پاڻي گهرندا ته کين پگهريل ٽامي جھڙو ٽچڪيل پاڻي ڏنو ويندو جيڪو سندن چھرن کي ئي ساڙي ڇڏيندو، پيئڻ لاءِ انتھائي خراب شيءِ ۽ وري رھڻ لاءِ به انتھائي بري جڳھ ھوندي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، يقينًا اسان نيڪوڪارن جي اجر کي ضايع نه ڪندا آھيون. |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
انهن جي رھڻ لاءِ باغ آھن، جن جي ھيٺان ( مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون، انهن ۾ کين سونا ڪنگڻ، سنھڙا ۽ ٿلھا سائي رنگ جا ريشمي وڳا پارايا ويندا ۽ هو تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا ھوندا، ڪيڏو نه بھترين بدلو آھي ۽ ڪيڏي نه عاليشان جڳھه آھي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
تون ھنن کي ٻن ماڻهن وارو واقعو ٻڌاءِ. اسان انهن ٻنهي مان ھڪ کي انگورن جا ٻه باغ ڏنا ھئا جنهن جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪيا ۽ وڻن جي وچ ۾ ڪجهه فصل به پيدا ڪيو. |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻنهي باغن خوب ميوا ڏنا، ڪنھن به وڻ گهٽ ميوو نه ڏنو ۽ وري اسان ٻنهي باغن جي وچ ۾ ھڪ نھر جاري ڪئي. |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
(ھاڻي) ان ماڻهوءَ وٽ تمام گهڻو مال اچي ويو، ھڪ ڏينھن ويٺي ويٺي پنھنجي دوست کي چوڻ لڳو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آھيان ۽ افرادي قوت ۾ به توکان وڌيڪ آھيان. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
پوءِ پنھنجي باغ ۾ (انتھائي تڪبر سان) داخل ٿيو . درحقيقت ان جو اهو رويو سندس پاڻ تي ظلم ڪري رھيو ھو ۽ چيائين ته مان نٿو سمجهان ته اھو باغ ڪڏھن به ختم ٿي سگهي ٿو. |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
بلڪه مان سمجهان ٿو ته قيامت وارو ڏينھن قائم نه ٿيندو پر جيڪڏھن مون کي پنھنجي پالڻھار ڏي موٽايو به ويندو ته اتي به مون کي ھن باغ کان (اڃا وڌيڪ) بھتر جاءِ ملندي. |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندس دوست ڳالھائيندي چيو ته ڇا تون ان ھستي جو انڪار ڪرين ٿو جنھن توکي پھرين مٽيءَ مان، پوءِ نطفي مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ توکي سھڻو سيبتو ڪري مڪمل ماڻهو ٺاھيو. |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
پر منھنجو پالڻھار ته اھو ئي اللھ تعاليٰ آھي ۽ مان پنھنجي پالڻھار سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نٿو ڪريان. |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
(دوست وڌيڪ چيو ته) جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ داخل ٿئين ھئين ته تون (شڪراني طور تي) ھي (لفظ) ڇونه چيا ھئا ته ما شاء اللھ لا قوة الا باللھ (يعني جيڪو اللھ تعالى چاھيو اھو ئي ٿيندو اللھ تعالى کان سواءِ ڪنھن کي ڪابه طاقت نه آھي) جيڪڏھن تون مون کي مال ۽ اولاد ۾ پاڻ کان گهٽ ٿو سمجهين، |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
ته اميد آھي ته منھنجو پالڻھار مون کي تو واري باغ کان بھتر باغ ڏئي ۽ تنھنجي باغ جي مٿان آسمان مان ڪا آفت موڪلي پوءِ تو وارو باغ صفا ميدان ٿي پوي. |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا تنھنجي باغ واري زمين جو پاڻي جَـرَ ۾ ئي سڪي وڃي پوءِ تون ان پاڻي کي مٿي نه آڻي سگهندين. |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
(آخرڪار ٿيو به ايئن ته) سندس باغ تي اوچتو آفت اچي وئي ۽ باغ جون وليون آفت جي ڪري پنھنجي ڇتين ۽ مَنَھن سميت ھيٺ ڪري پيون ۽ ھُن تي جيترو به خرچ ڪيو هو سو سڀ چٽ ٿي ويس ۽ افسوس وچان پنھنجا ٻئي ھٿ مليندو رھيو ۽ چئي رھيو ھو ته ڪاش! مان پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريان ھا. |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ ھُن وٽ اھڙو ڪوبه لشڪر ڪونه ھو جيڪو اللھ تعالى جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري ھا ۽ نه ئي آيل آفت جو بچاء پنھنجي سِر ڪري سگهيو پئي. |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
هاڻي کيس سمجهه ۾ اچي ويو ته واقعي حقيقي اختيار ته اللھ تعالى وٽ آھن ان جو ثواب به بھتر آھي ۽ ان کي مڃڻ جو انجام به بھتر آھي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
(اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي دنيا جي زندگيءَ جو مثال پيش ڪر، جيڪا حقيقت ۾ پاڻي وانگر آھي جنھن کي اسان آسمان مان نازل ڪريون ٿا پوءِ ان جي ذريعي زمين جا گهاٽا سَلا نڪرن ٿا وري ڪجهه وقت کان پوءِ اھي سُڪي ڪک ٿي وڃن ٿا ۽ کيس ھوائون کڻي اڏارين ٿيون. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ تي طاقت رکندڙ آھي. |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
(ھي) مال ۽ اولاد ته رڳو دنيا جي زندگيءَ جو سينگار آھن تنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ ته باقي رھڻ واري بھتر شيءِ نيڪيون آھن ۽ انهن جي اميد ڪرڻ ئي بھتر آھي. |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
(ان ڏينھن کي ذھن ۾ رکو) جڏهن اسان جبلن کي اڏارينداسين ۽ تون زمين کي صفا ميدان جي شڪل ۾ ڏسندين ۽ اسان انهن سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪنداسين ۽ ڪنھن ھڪ کي به نه ڇڏينداسين. |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ سڀني کي تنھنجي پالڻھار جي آڏو قطار ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته جيئن توھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو ھو سو (اڄ) توهان ساڳي طرح اسان جي سامھون حاضر ٿيا آھيو. بلڪ توھان ته اھو سمجهي ويٺا ھئا ته اسان توھان جي (حساب) لاءِ قيامت جي گهڙي مقرر ئي نه ڪئي هئي. |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
پوءِ اعمال ناما رکيا ويندا ان ۾ جيڪو ڪجهه ھوندو تنھن کان تون ڏوھارين کي ڊڄندي ڏسندين ۽ ھو چوندا ته افسوس! ھي ڪھڙي قسم جو اعمال نامو آھي؟ جنھن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ۽ وڏي ۾ وڏو گناهه به لکيل آھي. پوءِ دنيا ۾ جنھن به جيڪو ڪجهه ڪيو ھوندو سو سڀ ان جي اڳيان موجود ھوندو ۽ تنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪنھن سان به ذَري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
جڏھن اسان ملائڪن کي آدم ($) کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو ته ابليس کان سواءِ ٻين سڀني سجدو ڪيو، ابليس جنن (جي نسل) مان ھو. ھن پنھنجي پالڻھار جي حڪم جي نافرماني ڪئي، پوءِ به توھان ان کي ۽ سندس اولاد کي مون کان سواءِ سرپرست ٺاھيو ٿا، حالانڪ ھو توھان جو کليل دشمن آھي. ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ اھو رستو ڏاڍو برو آھي. |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت انهن کي (يعني ابليس ۽ سندس اولاد کي) ڪونه سڏيو ھو ۽ نه ئي کين پيدا ڪرڻ وقت مون ڪو انهن کي (پاڻ سان گڏ) شريڪ ڪيو ھو، گمراھن کي ته پاڻ سان گڏ رکڻ منھنجو ڪم ئي نه آھي. |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
قيامت جي ڏينھن اللھ تعالى فرمائيندو ته توھان پنھنجي انهن ھستين کي سڏيو جن کي توھان منھنجو شريڪ ٺاھيو ھو. پوءِ ھي (واقعي) انهن کي سڏيندا پر ھو کين ڪوبه جواب نه ڏيندا پوءِ اسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ جھنم جي باهه جي ھڪ کَڏ رکنداسين (ته جيئن ھو ھڪ ٻئي کي سامھون نه ڏسي سگهن) |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
ان وقت اهي سڀ ڏوھاري باهه کي (پنھنجي سامھون) ڏسندا ۽ اھو سمجهندا ته پَڪ سان ھو ان ۾ ڪرڻ وارا آهن ۽ اُھي باهه کان بچڻ جو ڪوبه رستو نه ڏسندا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
اسان ھن قرآن جي ذريعي ماڻهن کي ھر طرح جا مثال ڏيئي سمجهايو آهي پر انسان وڏو ڦڏائي (۽ جهڳڙو ڪندڙ) ثابت ٿيو آهي. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
ماڻهن جي سامھون جڏھن ھدايت جو پيغام آيو ته ان کي مڃڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان معافي گهرڻ کان کين ھن ڳالھ پوئتي رکيو ھو ته هو چاھين پيا ته انهن سان به گذريل قومن جھڙو سلوڪ ٿئي يا ھو پنھنجي اکين سان عذاب کي سامهون ايندي ڏسن. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
اسان ته رسول سڳورن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ عذاب کان ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو . ھي ڪافر ھروڀرو ڪوڙين ڳالهين جي ذريعي حق کي مٽائڻ جي پويان پيل آھن ۽ منھنجي آيتن ۽ نصيحت جو مذاق اڏائين ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي وڃي پوءِ به ھو منھن موڙي ڇڏي ۽ پنھنجي ڪيل برن عملن کي وساري ڇڏي؟ بيشڪ اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آھن ۽ انهن جي ڪنن کي حق ڳالھ ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ھدايت ڏي ڪيترو به سڏيندين، ھو ڪڏھن به ھدايت ڏانھن نه ايندا. |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
توهان جو پالڻھار ته وڏي رحمت وارو ۽ وڏو درگذر ڪندڙ آھي جيڪڏھن ھو سندن برن عملن جي ڪري پڪڙ ڪري ته کين جلد عذاب ڏي ھا پر انهن لاءِ وعدي جو ھڪ وقت مقرر آھي، جنھن کان ھو هرگز جان نٿا ڇڏائي سگهن. |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
انهن شھرن کي اسان ان وقت تباهه ڪيو هو جڏھن انهن جي رھڻ وارن ظلم ڪيو هو ۽ اسان سڀني تباهه ٿيندڙن جو ھڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو ھو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
(مڪي وارن کي ھي واقعو به بيان ڪري ٻڌاءِ) جڏھن موسى ($) پنھنجي نوجوان خادم کي چيو ته مان رستي تي ايستائين ھلندو رھندس جيستائين ٻن دريائن جي ملڻ واري جاءِ تي نه پھچان، ورنه مان برابر ھلندو ئي رھندس. |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻن دريائن جي ملڻ واري جاءِ تي پھتا ته پاڻ سان کنيل مڇيءَ کي وساري ويٺا، اھا مڇي (زنده ٿي) پنھنجي لاءِ سرنگ وانگر رستو ٺاھي (اڳ ۾ ئي) درياءَ ۾ ھلي ويئي ھئي. |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
جڏھن ھو اڳتي وڌيا ته موسى ($) پنھنجي نوجوان خادم کي چيو ته سفر ڪري ٿڪجي پيا آھيون، چڱو ڀلا منجهند جي ماني آڻ ته کائون. |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
نوجوان خادم چيس ته (سائين!) ڇا ٻڌايان ته جڏھن اسان ٽڪريءَ جي ڀرسان ويٺا ھئاسون ان وقت مون کي مڇيءَ جو خيال ئي نه رھيو ۽ مون کي اوھان سان ذڪر ڪرڻ کان شيطان به وساري ڇڏيو. اِھا مڇي ته اتي ئي ان وقت عجيب طريقي سان درياءَ ۾ ھلي وئي ھئي. |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
موسى ($) چيس ته اُھا ئي ته جاءِ ھئي جنھن جي تلاش ۾ پاڻ نڪتل آھيون. پوءِ هو ٻئي ساڳي جاءِ تي واپس موٽڻ لاءِ روانا ٿيا. |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
اتي هو ٻئي اسان جي ٻانھن مان ھڪ ٻانھي سان مليا جنھن کي اسان پنھنجي رحمت سان نوازيو ھو ۽ کيس پنھنجي طرفان خاص علم به عطا ڪيو ھو. |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسى ($) کيس چيو ته ڇا مان توھان سان گڏ ھلي سگهان ٿو ته جيئن مان به اھا تعليم سکي سگهان جيڪا توھان کي (خصوصي طور تي) سيکاري وئي آھي؟ |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
اُن (بزرگ) چيس ته توھان مون سان گڏ ھلندي صبر نه ڪري سگهندا. |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ (واقعي) جنھن ڳالھ جي توھان کي خبر ئي نه ھجي ته توھان ان تي صبر ڪري به ڪيئن سگهندا؟ |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
موسى ($) چيس ته ان شاءَ الله تعالى توھان مون کي صبر ڪندڙ ڏسندا ۽ مان توھان جي ڪنھن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس. |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
(بزرگ) چيس ته جيڪڏھن تون مون سان گڏ ھلين ته (مھرباني ڪري) ڪنھن به قسم جو سوال نه ڪجانءِ جيستائين مان خود توھان کي ڪا ڳالھ نه ٻڌايان. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ ٻئي پيرين پنڌ روانا ٿيا ايستائين جو جڏھن ٻئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ته اُن (بزرگ) ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو. ان تي موسى ($) چيس ته ڇا تون ان لاءِ سوراخ ڪيو ته جيئن ٻيڙيءَ وارا سڀ ٻُڏن (بھرحال) توھان اھو سٺو ڪم نه ڪيو آھي. |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
(بزرگ) چيس ته ڇا مون توھان کي نه چيو ھو ته توھان مون سان گڏ رھندي ڪڏھن به صبر نه ڪري سگهندا. |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
موسى ($) چيس ته واقعي مون کان اھا ڳالھ وسري وئي هئي، ھاڻي تون منھنجي معاملي ۾ مون تي سختي نه ڪر. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ ٻئي ڄڻا (اڳتي) روانا ٿيا، رستي ۾ کين ھڪڙو ڇوڪرو مليو، (بزرگ) فوراً ان ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو. موسى ($) چيس ته (سائين!) توھان ھڪ معصوم جان کي بي قصور ڇو قتل ڪيو؟ بيشڪ توھان ته اهو غلط ڪم ڪري وڌو آھي. |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
(بزرگ) چيس ته ڇا مون توھان کي نه چيو ھو ته توھان مون سان گڏ رھندي ڪڏھن به صبر نه ڪري سگهندا. |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
موسى ($) /چيس ته ھاڻي جيڪڏھن مان ڪو سوال ڪريان ته مون کي پاڻ سان گڏ سفر ۾ نه رکجانءِ ۽ پوءِ توھان جي مٿان منھنجي طرفان ڪا ميار به نه رھندي. |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ ٻئي اڳتي روانا ٿيا ايستائين جو ھڪ شھر ۾ پھتا ۽ شھر وارن کان مسافر جي حيثيت ۾ کاڌو گهريائون. پر شھر وارن سندن مھمان نوازي کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ انهن ٻنهي شھر ۾ ھڪ جُهوني ڀت ڏٺي جيڪا بلڪل ڪِرڻ تي ھئي. (بزرگ) ان ڀت کي (ڊاھي) نئين سِر ٺاھي سڌو ڪري ڇڏيو. تنھن تي موسى ($) چيس (سائين!) جيڪڏھن تون چاھين ھا ته انهن ماڻهن کان ان ڀت ٺاھڻ جي مزدوري وٺين ھا. |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
(بزرگ) چيس ته (بس ھاڻي) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ سفر ۾ گڏ هلڻ جو معاملو ختم ٿي ويو ، ھاڻي اچ ته مان توکي انهن سڀني ڳالهين جي لڪيل حقيقت ٻڌايان جن تي تون صبر نه ڪري سگهين. |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
(ٻُڌ) ٻيڙيءَ وارو معاملو ھي آھي ته اُھا مسڪين ماڻهن جي ھئي جيڪي ويچارا درياء ۾ ڪِرائي تي ھلائي پيٽ گذر ڪندا ھئا، ٻيڙي ان علائقي ڏانھن وڃي رھي ھئي جنھن جو بادشاهه صحيح سالم سھڻيون ٻيڙيون زوريءَ ڦري وٺندو ھو. مون چاھيو ته ان ۾ سوراخ ڪري کيس عيبدار ڪري ڇڏيان ته جيئن بادشاهه جي ھٿ نه چڙھي. |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
ڇوڪري وارو مسئلو ھي آهي ته ان جا ماءُ پيءُ ويچارا ايماندار ھئا اسان کي انديشو ٿيو ته ھي ڇوڪرو وڏو ٿي پنھنجي سرڪشي ۽ نافرمانيءَ سبب کين نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندو. |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
تنھنڪري اسان ارادو ڪيو ته کين سندن پالڻھار ان ڇوڪري جي بدلي ۾ انتھائي رحم دل ۽ پاڪيزهه ڪردار واري اولاد عطا ڪندو. |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
باقي رھيو ڀت وارو مسئلو ته، اھا ڀت شھر ۾ رھندڙ ٻن يتيم ڇوڪرن جي ھئي ۽ انهن جي لاءِ ان ڀت جي ھيٺان ھڪ خزانو پوريل ھو ۽ انهن جو پيءُ نيڪ ماڻهو ھو. تنهنڪري تنھنجي پالڻھار (ڀت کي نئين سر ٺاھڻ جو) ارادو ڪيو ته جيئن ھو ٻئي يتيم ڇوڪرا جوان ٿي (پنھنجي پيءُ جي طرفان پوريل) خزانو ھٿ ڪري سگهن. اھو سراسر تنھنجي پالڻھار جي مھرباني سان ئي ڪيو ويو. مان پنھنجي طرفان ڪجهه به نه ڪيو آھي. اھي ھيون انهن ڳالهين جون حقيقتون جن تي توھان صبر نه ڪري سگهيا. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
(اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو توهان کان ذوالقرنين جي باري ۾ پڇن ٿا سو انهن کي چؤ ته مان توھان کي ان جو مختصر واقعو ٻڌايان ٿو. |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان کيس اقتدار عطا ڪيو ھو ۽ اقتدار کي مضبوط ڪرڻ خاطر ھر قسم جا وسيلا به مھيا ڪيا ھئا. |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ ھو (سامان سميت) ڪنھن مھم تي روانو ٿيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
جڏھن سج غروب ٿيڻ واري جاءِ تي پھتو ته ھن سج کي گَپ جھڙي ڪاري پاڻي جي چشمي ۾ لھندي ڏٺو ۽ اُتي موجود ماڻهن سان مليو. اسان کيس چيو ته اي ذوالقرنين! تنھنجي اختيار ۾ آھي ته تون انهن ماڻهن کي سزا ڏين يا انهن سان ڀلائي وارو رويو اختيار ڪرين. |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
ذوالقرنين چيو ته ھِنن ماڻهن مان جيڪو به ظلم ڪندو تنھن کي اسان ضرور سزا ڏينداسين وري ھو پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايو ويندو. پوءِ ھو اُن کي ان کان به وڌيڪ سخت سزا ڏيندو. |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته ان لاءِ اللھ تعالى وٽ بھترين بدلو آھي ۽ اسان کيس سولا حڪم ڏينداسين. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
ان کانپوءِ ذوالقرنين هڪ ٻي مھم تي روانو ٿيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
پوءِ جڏھن ھو سج اڀرڻ واري جاءِ تي پھتو ته اُتي ھڪ اھڙي قوم کي ڏٺو جنھن لاءِ اسان اُس کان بچڻ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ھو. |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
ذوالقرنين جو اصل واقعو اھڙي طرح ئي آھي ۽ ھُن وٽ جيڪو ڪجهه ھو اسان کي سڀ معلوم آهي. |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
وري ذوالقرنين (ٽين) مھم تي روانو ٿيو. |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
جڏھن ھو ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته ان علائقي ۾ ھڪ اھڙي قوم سان مليو جيڪا ڪابه ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي نه پئي سگهي. |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهن چيو ته اي ذوالقرنين! اسان جي علائقي ۾ ياجوج ۽ ماجوج وڏو فساد ڦھلائي ڇڏيو آھي. ڇا ان مقصد لاءِ اسان توکي ڪجهه رقم ڏيون ته جيئن تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ھڪ بند ٺاھين؟ |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
ذوالقرنين چيو ته رقم جي ڳالھ نه آھي، منھنجي پالڻھار مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آھي. بس! توھان رڳو ڪم جي سلسلي ۾ مون سان تعاون ڪريو مان توھان ۽ انهن جي وچ ۾ ھڪ مضبوط بند ٺاھيان ٿو. |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
مون کي لوهه جا ٽڪر آڻي ڏيو. پوءِ هن ٻن جبلن جي وچ واري جڳھه کي لوهه جي ٽڪرن سان ڀري صفا بند ڪري ڇڏيو. پوءِ چيو ته ھاڻي باهه ٻاريو. جڏھن باهه جي ٻرڻ سان لوهه تپي ڳاڙھو ٿي ويو ته چيائين ته ھاڻي پگهريل ٽامون آڻي ڏيو ته مان ان کي تپيل لوهه جي مٿان ھاريان. |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
ھاڻي ياجوج ماجوج نه ته ان تي چڙھي توھان وٽ اچي سگهندا ۽ نه ان ۾ ڪو کاٽ ھڻي رستو ٺاھي سگهندا. |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
ذوالقرنين (کين) وڌيڪ چيو ته ھي سڀ منھنجي پالڻھار جي مھرباني آھي، باقي جڏھن منھنجي پالڻھار جو مقرر وعدو (قيامت جي صورت ۾) ايندو ته ھو ھن بند کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو ھي سچو وعدو آھي. |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
قيامت واري ڏينھن اسان ماڻهن کي آزاد ڇڏي ڏينداسون ته جيئن هو سمنڊ جي ڇولين وانگر ڀلي ھڪ ٻئي جي مٿان وڃي ڪرن ۽ اسان صور ۾ ڦوڪ ڏينداسين پوءِ سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪنداسين. |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ اسان ان ڏينھن جھنم کي ڪافرن جي سامهون آڻينداسين. |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
(دنيا ۾) منھنجي ذڪر کان سندن اکين تي پردو چڙھيل ھو ۽ هو منھنجي نصيحت کي ٻڌڻ جي ڪوشش به نه ڪندا ھئا. |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڇا پوءِ به انهن ڪافرن جو خيال آھي ته ھو منھنجي ٻانهن کي مون کان سواءِ ڪارساز ٺاهيندا. بيشڪ اسان انهن ڪافرن جي مھمان نوازي لاءِ جھنم تيار ڪري ڇڏيو آھي. |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته ڇا اسان توھان کي برن ڪمن جي ڪري نقصان ۾ پوندڙ ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايون؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
جن جي دنيا جي زندگيءَ ۾ سڄي ڊڪ ڊوڙ ضايع ٿي وئي ۽ وري پنھنجي پاران ھن خيال ۾ آھن ته ھو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪري رھيا آھن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
ھي اُھي ئي ماڻهو آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندس سامهون پيش پوڻ کان انڪار ڪيو ھو. تنھن ڪري انهن جا سڀ عمل چَٽ ٿي ويا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن جي عملن جو ڪو به وزن نه ھوندو. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
انهن منھنجي آيتن ۽ منھنجي رسول سڳورن جو مذاق اڏايو ھو، تنھنڪري انهن جو بدلو جھنم ئي آھي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا تن جي مھمان نوازي لاءِ فردوس جا باغ آھن. |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
ھو انهن باغَن ۾ ھميشه رھندا ۽ ان مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪڏھن به خواھش نه ڪندا. |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
(اي نبيﷺ! انھن کي) چؤ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جون ڳالهيون لکڻ لاءِ سڀ سمنڊ ڦِري مَس ٿي وڃن ته سمنڊ ختم ٿي ويندا پر منھنجي پالڻھار جون ڳالهيون ختم نه ٿي سگهنديون، چاهي اسان ان جيتري ٻي مَس به آڻي ڏيون ته به اھا پوري نه ٿيندي. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته مان توھان جھڙو ئي انسان آھيان (فرق رڳو ھي آھي ته) مون ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ توھان سڀني جو معبود صرف ھڪ ئي آھي پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار سان ملڻ جي اميد رکي، ان کي گهرجي ته ھو نيڪ عمل ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي بندگي ۾ ٻئي ڪنھن کي به شريڪ نه ڪري. |