الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀڪا ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن نازل ڪيو پنهنجي ٻانهي تي هي ڪتاب (قرآن) ۽ ان ۾ ڪوبه ڏِنگ ناهي رکيو |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
سڌي سنئين صحيح ڳالهه چوڻ وارو (ڪتاب)، جيئن ماڻهن کي خدا جي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ خوشخبري ڏئي ايمان آڻڻ وارن نيڪ عمل ڪندڙ ماڻهن کي ته بيشڪ انهن جي لاءِ سٺو اجر آهي |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
جتي اهي هميشه رهندا |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ ڊيڄاري انهن ماڻهن کي جيڪي چون ٿا ته ورتو آهي الله ڪنهن کي پٽيلو ڪري |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
نه انهن کي ان ڳالهه جو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي هو، وڏي ڳالهه اها جيڪا نڪري ٿي سندن واتان، اهي ته بڪن ٿا نسورو ڪوڙ |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
(چڱو اي نبي!) شايد تون انهن جي پويان غم ۾ جان وڃائڻ وارو آهين پنهنجي، جي هنن ايمان نه آندو هن تعليم تي افسوس ڪندي |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
(حقيقت هيءَ آهي ته) بيشڪ اسان هن زمين تي آندو آهي ساز وسامان زينت وارو ته جيئن انهن ماڻهن کي آزمايون ته ڪير آهن سٺا عمل ڪرڻ وارا |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ حقيقت ۾ اسين بنائڻ وارا آهيون سڀني کي صاف سٿرو ميدان |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي غار ۽ ڪتي وارا (ماڻهو) اسان جي ڪن وڏين نشانين مان عجيب هئا؟ |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏهن ڪن نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي ۽ انهن چيو ته، اي پالڻهار! اسان کي نواز پنهنجي خاص رحمت سان ۽ اسان جي معاملي کي سهڻو ڪرڻ فرماءِ |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
ته اسان انهن کي ٿپڪي ڏئي انهيءَ غار ۾ گَهري ننڊ ۾ سمهاريو ڪيترا ئي سال |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
پوءِ اسان کين اٿاريو جيئن ڏسون ته انهن جي ٻن ٽولن مان ڪير پنهنجي رهڻ جي مدت جو ٺيڪ اندازو ٿو لڳائي |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسان انهن جو اصلي قصو توکي ٻڌايون ٿا حقيقت سان، اهي ڪي نوجوان هئا جن ايمان آندو هو پنهنجي رب تي ۽ اسان کين ڏني هئي هدايت |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ اسان مضبوط ڪيو سندن دلين کي جڏهن اهي اٿيا، ۽ اعلان ڪيائون ته، اسان جو پالڻهار ته اهو ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، نه پڪارينداسين اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي خدا کي، جي اسان ائين ڪريون ته اجائي ڳالهه ڪنداسين |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
(انهن هڪٻئي کي چيو) هي اسان جي قوم ته ربِ ڪائنات کي ڇڏي ٻيا خدا بنائي ويٺي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي عقيدي تي ڪو پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ آخر ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تي به ڪوڙ ٺاهي؟ |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ هاڻي جڏهن ته توهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ ٻين خدائن کان بي تعلق ٿي ويا آهيو ته هاڻي هلو ته فلاڻي غار ۾ هلي پناهه وٺون، توهان جو پالڻهار توهان تي ٻاجهه ڪندو پنهنجي ۽ توهان جي ڪم لاءِ ڪو نه ڪو ساز و سامان حوالي ڪندو |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ تون ڏسين جي انهن کي ته سج جڏهن نڪرندو آهي ته سندن غار کي ڇڏي ساڄي پاسي چڙهندو آهي ۽ جڏهن لهندو آهي ته انهن کان پاسو ڪري کاٻي پاسي لهندو آهي ۽ اهي آهن جيڪي هڪ ڪشادي جاءِ (غار) ۾ پيل آهن، هي الله جي نشانين مان هڪ آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ تون ڪوبه نه ڏسندين دوست ۽ مرشد (رهبر) |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ تون انهن کي ڏسي ڀانئين ها ته اهي جاڳن پيا، جڏهن ته اهي ستل هئا، اسان انهن جا ساڄي کاٻي پاسا بدلائيندا رهياسين ۽ انهن جو ڪتو غار جي منهن تي هٿ ڊگهيريو ويٺو هو، جيڪڏهن تون جهاتي پائي کين ڏسين ها ته پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توتي انهن جي نظاري جي دهشت ويهي وڃي ها |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ انهيءَ عجيب ڪرشمي مان اسان کين اٿاري ويهاريو، جيئن پاڻ ۾ سوال جواب ڪن. انهن مان هڪ پڇيو، ٻڌايو ڪيتري دير هن حال ۾ هئاسين؟ ٻين چيو، شايد سارو ڏينهن يا ٿورو ان کان به گهٽ ڏينهن جو حصو. وري انهن چيو، توهان جو رب چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته اسان ڪيترو وقت ائين گذاريو، چڱو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هي سڪو ڏئي شهر موڪليون ۽ اهو ڏسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿي ٿو ملي، اتان هو ڪجهه کائڻ لاءِ آڻي ۽ کيس جڳائي ته هوشياري کان ڪم وٺي جيئن ڪنهن کي اسان بابت خبردار نه ڪري ويهي |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
جي اسان سندن ور چڙهي وياسين ته اسان کي سنگسار ڪندا يا وري زوري اسان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ائين ٿيو ته اسان ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻينداسين |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان شهر وارن کي سندن حال کان واقف ڪيو، جيئن ماڻهو ڄاڻي وٺن ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ هي ته قيامت جي گهڙي بيشڪ اچڻي ئي آهي. (ٿورو خيال ڪريو جڏهن ته اصل ڳالهه هيءَ هئي) ان وقت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو پيا ڪن ته ڪن چيو انهن (ڪهف وارن) سان ڇا ڪجي، انهن تي ڀت اوساري ڇڏيو، سندن رب ئي انهن جي باري ۾ ڄاڻي ٿو. پر جيڪي ماڻهو انهن جي معاملي تي غالب هئا تن چيو، اسان ته انهن تي هڪ عبادت گاهه جوڙينداسين |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
ڪي ماڻهو چوندا ته اهي ٽي ۽ چوٿون سندن ڪتو هو، ڪي ٻيا وري چوندا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو، اهي سڀ بي تڪيون ڳالهيون آهن ۽ ڪي ماڻهو چون ٿا ته اهي ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هو، (اي نبي!) تون چؤ، منهنجو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته اهي ڪيترا هئا، اهو صحيح تعداد ڄاڻن ٿا ٿورڙا ئي ماڻهو، سو تون سرسري ڳالهه کان وڌيڪ انهن جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر، ۽ نه سندن باري ۾ وري ڪنهن کان به پڇ |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ڏس! نه ڪنهن جي به باري ۾ ائين چوندو ڪر ته آئون سڀاڻي هي ڪم ڪندس |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
(تون ڪجهه نٿو ڪري سگهين) پر جيئن الله گهري، جيڪڏهن ڀُل ۾ اها ڳالهه زبان مان نڪري وڃي ته هڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪري چؤ، اميد ته منهنجو رب ان معاملي ۾ منهنجي رهنمائي ڪندو هدايت جي |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ اهي رهيا پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ سال (۽ ڪي ماڻهو ڳاڻاٽي ۾) اڃا به سال مدت وڌائن ٿا |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
تون چؤ، الله انهن جي رهڻ جي مدت کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو، اهو ئي سڀ ڳجها احوال آسمانن ۽ زمين جا ڄاڻي ٿو، هو ڪيڏو نه بهترين آهي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ! (زمين ۽ آسمان جي مخلوق جي سار سنڀال لهندڙ) ان کان سواءِ ڪو به ناهي ۽ اهو شريڪ نٿو ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن کي ڀي |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
(اي نبي!) جيڪو ڪجهه توتي وحي ڪيو ويو آهي ڪتاب ۾ تنهنجي رب طرفان، ان کي ائين ئي ٻڌاءِ ڪو حقدار ناهي بدلائڻ جو (ڪنهن جي ڪري جي ان ۾ ڦير ڦار ڪندين) ته ان (الله) کان بچڻ جي ڪابه راهه نه ڏسندين |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ پنهنجي دل کي انهن ماڻهن جي ساٿ تي مطمئن ڪر، جيڪي پنهنجي رب جي رضا جا طالب رهي صبح ۽ شام کيس پڪاريندا رهن ٿا ۽ انهن کان (ڪڏهن ڀي) نظر نه ڦيريندو ڪر، ڇا تون دنيا جي سينگار کي پسند ڪرين ٿو؟ ۽ ڪنهن جي اطاعت نه ڪر جنهن جي به اسان غافل ڪئي دل پنهنجي ياد کان ۽ اطاعت ڪئي اٿس پنهنجي نفس جي ۽ جنهن جو طريقو ئي گمراهي وارو آهي |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ تون صاف صاف چئي ڏي ته هي ح تنهنجي رب جي طرفان آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته مڃي ۽ جنهن جي دل مطمئن نه ٿئي (انڪار ڪري) ته اسان تيار ڪئي آهي اهڙن ئي ظالمن جي لاءِ باهه، جنهن جون ڄڀيون انهن کي گهيرو ڪري چڪيون آهن ۽ اتي جيڪڏهن اهي پاڻي به گهرندا ته اهڙي پاڻيءَ سان سندن خدمت ڪئي ويندي (شاندار) جو اهو تيل جي گيرٺ جهڙو، وات ئي ساڙي ڇڏيندو، بدترين پيئڻ جي شيءِ ۽ بري آرامگاهه |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي مڃين ۽ عمل سٺا ڪن، ته بيشڪ اسان ڪڏهن به ضايع نه ڪندا آهيون نيڪ ماڻهن جو ڪوبه عمل |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
انهن جي لاءِ ته سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون، اتي اهي سينگاريا ويندا سونن ڪنگڻن سان، سنهڙي ريشم ۽ اطلس جي پوشاڪ زيب تن ڪندا ۽ اوچين مسندن تي وهاڻا رکي ٽيڪ لڳائي ويهندا، اهو ئي انهن جي لاءِ بهترين اجر هوندو، ۽ اها ئي رهڻ لاءِ اعليٰ درجي جي جاءِ |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ (اي نبي!) انهن جي آڏو هڪ مثال پيش ڪر، ٻه شخص هئا انهن مان هڪ کي اسان ٻه باغ ڏنا هئا انگورن جا ۽ انهن جي چوڌاري لوڙهو ڏنو کجي جي وڻن جو ۽ رکي سين ٻنهي جي وچ ۾ پوک لاءِ زمين |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻئي باغ سٺا وڌيا ويجهيا ۽ ڦر ڏيڻ ۾ انهن ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، ۽ وهائي ڇڏي انهن جي وچ ۾ هڪ نهر |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ ان (شخص) کي ڪيترو ئي نفعو ٿيو، پوءِ هن پنهنجي هڪ پاڙيسريءَ کي چيو (اهو سڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ) آئون وڌيڪ توکان (نه صرف) مالدار آهيان (بلڪه) عزت وارو طاقتور آهيان |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ داخل ٿيو هو پنهنجي باغ ۾ ۽ پنهنجي ظالم نفس جي حق ۾ چوڻ لڳو، آئون نٿو سمجهان ته هي دولت (باغ) ڪڏهن فنا ٿيندي (هميشه رهندي) |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ اها به اميد ناهي ته ڪڏهن قيامت به ايندي، ۽ پوءِ به جيڪر مون کي حاضر ٿيڻو پيو (موٽايو ويس) پنهنجي رب آڏو ته ضرور هن کان وڌيڪ سٺي جاءِ ملندي |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
پاڙيسري گفتگو ڪندي سمجهائيندي چيس ته ڇا تون ڪفر پيو ڪرين ان ذات جو، جنهن توکي خلقيو مٽيءَ مان، پوءِ پيدا ڪيو ڦڙي مان، پوءِ پورو پنو (مڪمل) ماڻهو ڪري بيهاريو؟ |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
باقي رهيس آئون ته منهنجو رب الله ئي آهي ۽ آئون ساڻس ڪنهن کي شريڪ نٿو ڪريان |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ تون جڏهن پنهنجي باغ ۾ داخل ٿي رهيو هئين ته تو ائين ڇو نه چيو ته، ماشاءَ الله، لا قوة الا بالله (ڪابه طاقت ناهي سواءِ الله جي) جيڪڏهن تون مون کي گهٽ ٿو سمجهين پنهنجي مال ۽ اولاد کان |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
ته اهو به پري ناهي منهنجي رب کان ته اهو مون کي عطا ڪري تنهنجي باغ کان وڌيڪ سُٺو ۽ موڪلي تنهنجي باغ تي ڪا آفت آسمان مان، پوءِ اهو صاف پَٽ ۽ ميدان ٿي وڃي |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا وري لهي وڃي ان جو پاڻي زمين ۾ ۽ تون ان کي ڪنهن به طرح ڪڍي نه سگهين |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ ٿيو به ائين، جو سمورو ميوو چٽ ٿي ويو ۽ هو پنهنجي باغ کي ڇنن سميت ابتو ڪِريل ڏسي پنهنجي لڳايل لاڳت (ڪيل خرچ) تي هٿ مليندو رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو، افسوس جو ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها پنهنجي رب سان |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ هن وٽ ڪو ٽولو نه هو ڪا مدد ڪرڻ جي لاءِ الله کان سواءِ ۽ نه وري هو ان آفت جو ڪو مقابلو ڪري سگهيو |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
ان وقت اهو ئي معلوم ٿيو ته حاجت روائي الله کان سواءِ ڪنهن وٽ ناهي، انعام ته اهو ئي سٺو آهي جيڪو هو بخشي ۽ ڏيکاري |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ (اي نبي!) انهن کي هن مثال سان حقيقت ٻڌاءِ دنيا جي حياتيءَ جي ته اڄ اسان وسايو آسمان مان پاڻي ته ان سان گهاٽا ٿي ويا سلا زمين جا ۽ پوءِ سڀاڻي اهي ٻوٽا وري سڪي ڪک پن ٿيا ۽ اڏرن پيا هوائن تي، ۽ الله بلڪل ئي آهي هر شيءِ تي وس وارو |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
هي مال ۽ اولاد (عارضي) سينگار آهي دنيا جي حياتيءَ جو ۽ (اصل ۾) باقي رهندڙ نيڪيون ئي تنهنجي رب وٽ نتيجي ۾ سٺيون آهن جن تي چڱيون اميدون رکجن |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ ان ڏينهن جي ڳڻتي هجي جڏهن جبلن کي هلائينداسين ۽ تون زمين کي صاف پَٽ ڏسندين، ۽ سڀني ماڻهن کي ورائي گڏ ڪنداسين جو (اڳين پوين مان) ڪوبه پوئتي نه رهندو |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ سڀ جا سڀ تنهنجي رب آڏو قطارن ۾ پيش ڪيا ويندا، ڏسي وٺو اچي ويا نه اسان وٽ جهڙيءَ طرح اسان کين پهرين پئدا ڪيو هو، توهان هي سمجهيو هو ته اسان توهان لاءِ ڪو وقت مقرر نه ڪيو آهي وعدي جو |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ سامهون رکيو ويندو عمل نامو، ان وقت تون ڏسندين ڏوهاري پنهنجي زندگيءَ جي (ڪتاب کان) ڊڄي رهيا هوندا ۽ چئي رهيا هوندا ته هاءِ اسان جي بدنصيبي، هي ڪتاب ڪهڙو آهي جنهن ۾ اسان جي هرڪا ننڍي وڏي حرڪت اهڙي نه آهي جيڪا ان ۾ درج نه هجي، ۽ جيڪي ڪجهه انهن ڪيو هو سو ڏسندا سڀ پنهنجي آڏو حاضر ۽ تنهنجو رب ڪنهن تي به ذرو ظلم نه ڪندو |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته سجدو ڪريو آدم کي پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي (هن انڪار ڪيو)، هو جنن مان هو پوءِ هو نڪتو پنهنجي رب جي حڪم مان، ڇا هاڻي توهان بڻايو ٿا سرپرست ان کي ۽ سندس اولاد کي دوست مون کي ڇڏي، جڏهن ته اهي توهان جا دشمن آهن؟ بي حد برو بدلو آهي جنهن کي ظالم ماڻهو اختيار ڪن پيا |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
مون نه سڏيو هو انهن کي بنائڻ مهل آسمانن ۽ زمين جي، ۽ نه سندن پيدائش وقت کين شريڪ ڪيو، ۽ اهو ڪم منهنجو ناهي ته گمراهه ڪندڙن کي مددگار بڻايان |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ ڇا ڪندا ان ڏينهن اهي ماڻهو جڏهن کين چوندو سندن رب، هاڻي پڪاريو انهن هستين کي جن کي توهان منهنجو شريڪ سمجهيو هو، پوءِ هي انهن کي سڏيندا پر اهي ڪونه ايندا، پوءِ اسان هڪ کڏ سندن وچ ۾ تباهي جي ڪڍنداسين |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏسندا سڀ ڏوهي ان ڏينهن باهه ۽ اهو به سمجهي ويندا ته هاڻي کين ان ۾ ئي ڪِرڻو آهي ۽ اهي ان کان بچڻ جي ڪابه پناهه گاهه نه ڏسندا |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ اسان طرح طرح سان هن قرآن ۾ ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انسان ته گهڻو ڪري ثابت ٿيو آهي جهڳڙالو |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ انهن ماڻهن کي آخر ڪهڙي شيءِ منع ڪيو مڃڻ کان، جڏهن انهن وٽ هدايت آئي ۽ معافي گهرن پنهنجي رب کان؟ بس ان بنا ڪجهه ناهي ته اهي انتظار ۾ آهن جيئن اڳين قومن سان ٿيو ته انهن سان به اهو ئي ٿئي يا هي ته اهي عذاب کي سامهون ايندي ڏسن |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ نه موڪليندا آهيون اسان رسولن کي سواءِ خوشخبري ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ جو ڪم سرانجام ڏين پر حال هي آهي انهن ڪافرن جو، باطل جي هٿيارن سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن حق کي، پر انهن ورتو آهي منهنجي آيتن ۽ تنبيهن کي ٺٺولي ڪري |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ ٻيو ڪير آهي ظالم ان شخص کان وڌيڪ جنهن کي آيتون سندس رب جون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ۽ هو انهن کان منهن موڙي وڃي، اسان پردا وجهي ڇڏيا آهن انهن جي دلين تي، جيڪي کين سمجهڻ نٿا ڏين (قرآن جي ڳالهه)، ۽ انهن جي ڪنن ۾ اسان ڳوراڻ ڀري آهي، تون انهن کي هدايت ڏي ڪيڏو به سڏين انهيءَ حالت ۾، پر اهي هدايت نه لهندا |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ تنهنجو رب ته وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي، اهو جيڪر پڪڙڻ گهري انهن جي ڪيل ڪرتوتن تي ته موڪلي تڪڙو ئي انهن تي عذاب، پر انهن جي لاءِ هڪ وعدي جو وقت مقرر آهي ۽ اهي ان کان بچي نڪرڻ جي ڪا واهه نه ڏسندا |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اهي عذاب ۾ ورتل وستيون تنهنجي سامهون موجود آهن، انهن جڏهن ظلم ڪيو ته اسان به کين هلاڪ ڪيو، هرهڪ لاءِ وقت مقرر آهي |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
(کين موسيٰ وارو قصو ٻڌاءِ) جڏهن چيو موسيٰ خادم کي، ختم ڪندس آئون پنهنجو سفر جيتر ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ واري هنڌ نه پهچان، يا ته آئون ڊگهو عرصو هلندو ئي رهندس |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن پهتا ٻن دريائن جي ملڻ واري هنڌ ته وساري ويٺا پنهنجي مڇيءَ کي، اها نڪري اهڙيءَ طرح ته هلي وئي درياء ۾ جيئن ڪا سرنگهه هنئي هجي |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ چيو (موسيٰ) پنهنجي خادم کي ته، آڻ اسان جي نيرن، تحقيق اسان کي ٿيو آهي پنهنجي هن سفر ۾ ڏاڍو ٿَڪ |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
(خادم چيو) توهان نه ڏٺو ته هي ڇا ٿيو جڏهن اسان ترسيل هئاسين ان ٽَڪر وٽ، ان وقت ته مون کي خيال ئي نه رهيو مڇيءَ جو، ۽ اهڙو ته مون کي غافل ڪيو شيطان جو ان جي ڳالهه توهان سان ڪرڻ وساري ويٺس، ۽ مڇي ته ڪنهن طرح سان هلي وئي درياء ۾ عجيب نموني سان |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
(موسيٰ) چيو، انهيءَ جي ته اسان کي ڳولا هئي. پوءِ اهي ٻئي ڄڻا پنهنجي نشانن تي پوئين پيرين واپس وريا |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ ڏٺو اتي انهن هڪ بندي کي اسان جي ٻانهن مان، جنهن کي اسان نوازيو هو پنهنجي رحمت سان ۽ اسان پنهنجي طرفان کيس نوازيو هو هڪ خاص علم سان |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسيٰ هن کي چيو، ڇا آئون تو سان گڏ رهي سگهان ٿو، جيئن توهان مون کي علم ڏيو ان ڏاهپ جو، جيڪو توهان کي سيکاريل آهي |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
هن جواب ڏنو، توهان مون سان گڏ رهي ڪڏهن به صبر نه ڪري سگهندؤ |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ ڪيئن صبر ڪري سگهندؤ جڏهن ته توهان کي ڪنهن شيءِ جي خبر ئي نه هجي؟ |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
(موسيٰ) چيو، مون کي تون ڏسندين انشاء الله صبر ڪندڙن مان ۽ آئون توهان جي نافرماني نه ڪندس ڪنهن به معاملي ۾ |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
هن چيو، چڱو جيڪڏهن توهان مون سان گڏ هلو ٿا ته پوءِ مون کان سوال نه پڇجؤ ڪنهن به شيءِ جو جيستائين آئون پاڻ توهان سان ڪو ذڪر نه ڪريان |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ هي ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو جڏهن اهي سوار ٿيا هڪ ٻيڙيءَ ۾ ته هن ان ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو، توهان هن ۾ سوراخ ان لاءِ ڪيو ته ان جا سوار ٻوڙي ڇڏيو؟ هي ته توهان بلڪل اَڍنگو ڪم ڪيو |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
چيو، (درويش) ڇا مون نہ چيو ھو تہ تون ڪري نہ سگھندين مون سان گڏ صبر |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
چيو (موسيٰ) پڪڙ نہ ڪر مون تي منھنجي ويسر تي ۽ نہ ڪر مون کي منھنجي ڪم ۾ سختي |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ ٻئي ھليا، ايستائين جڏھن مليا ھڪ ڇوڪري سان تہ ماري وڌائين ان کي، چيو (موسيٰ) ڇا تو ماريو ھڪ ماڻھون بي ڏوھي کي بنا سبب جي، بيشڪ تو تہ ڪيو آھي ڪم خراب |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
هن چيو، ”مون توکي چيو نه هو ته تون ڪري نه سگهندين مون سان گڏ صبر“ |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
موسيٰؑ چيو، ”هن کان پوءِ توکان سوال ڪريان ڪنهن به شيءِ لاءِ، ته توهان مون کي ساڻ نه رکجؤ، بيشڪ ملي ويو توهان کي منهنجي طرفان عذر“ |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ هو وري هليا (اڳتي) تان جو هو پهتا وڃي هڪڙي وستيءَ ۾ ۽ گُهريائون کاڌو اتان جي ماڻهن کان، پر انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ انهن ڏٺي اتي هڪ ڀت جيڪا ڊهڻ واري هئي، (هن شخص) اها وري ٺاهي ڇڏي، موسيٰؑ چيو، ”جي توهان چاهيو ها ته ان لاءِ معاوضو به وٺو ها“ |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
هن چيو، ”بس! تنهنجو منهنجو ساٿ ختم ٿيو، هاڻي آئون توکي حقيقت ٻڌايان ٿو جن تي تون صبر ڪري نه سگهيين“ |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
ان ٻيڙيءَ جو معاملو هي آهي ته اها ڪجهه غريب ماڻهن جي هئي جيڪي پورهيو ڪندا هئا درياءَ ۾، مون گُهريو ته ان کي عيبدار ڪريان، ڇو ته اڳيان هڪ اهڙي بادشاهه جو علائقو هو جيڪو هر ٻيڙيءَ تي زبردستي قبضو ڪندو هو |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ رهيو اهو ڇوڪرو، ته ان جا والدين مؤمن هئا پر اسان کي انديشو ٿيو ته هي ڇوڪرو کين تنگ ڪندو نافرماني ۽ ڪفر سان |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
تنهنڪري اسان گُهريو ته کين سندن پالڻهار بدلي ۾ اهڙو اولاد ڏئي جيڪو اخلاق ۾ به چڱو هجي، ۽ قربائتو هجي (مائٽاڻو حق) ادا ڪري |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ هن ڀت جو معاملو هي آهي ته اها ٻن يتيم ٻارن جي آهي جيڪي هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ هن ڀت جي هيٺان انهن جي لاءِ خزانو پوريل آهي ۽ سندن پيءُ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري تنهنجي رب گُهريو ته اهي ٻئي ٻار بالغ ٿين ۽ ڪڍي وٺن پنهنجو خزانو، هي رحمت آهي تنهنجي رب جي، ۽ هي مون پنهنجي اختيار سان نه ڪيو آهي، اها ئي آهي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي تون صبر ڪري نه سگهين |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ (اي نبيؐ !) اهي ماڻهو پڇن ٿا تو کان ذوالقرنين جي باري ۾، انهن کي چؤ، آئون توهان کي ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان ان کي اقتدار عطا ڪيو هو زمين ۾، ۽ کيس بخشيا هئا هر قسم جا سڀ اسباب ۽ وسيلا |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ هو ڪنهن ساز وسامان جي پٺيان پيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
پوءِ جڏهن هو سج لهڻ جي حد تي پهتو ۽ هن ڏٺو ان کي لهندي هڪ ڪاري پاڻيءَ ۾، ۽ اتي کيس ملي هڪ قوم، اسان چيو، اي ذوالقرنين! توکي اها قدرت به حاصل آهي ته انهن کي تڪليف ڏئين ۽ هي به ته ساڻن چڱو ورتاءُ ڪرين |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
هن چيو، ”جيڪو انهن مان ظلم ڪندو، تنهن کي اسان ضرور سزا ڏينداسين، پوءِ اهو موٽايو ويندو پنهنجي رب ڏي ۽ اهو کيس اڃا به وڌيڪ عذاب ڏيندو |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
پر جيڪو انهن مان ايمان آڻيندو ۽ سٺا عمل ڪندو، ان لاءِ سٺي جزا آهي، ۽ اسان ان کي حڪم ڏينداسين بلڪل نرم |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
پوءِ هن ٻي مهم جي تياري ڪئي |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
ايترو هليو جو پهتو سج اڀرڻ جي هنڌ، اتي هن ڏٺو ته سج اهڙي قوم تي اڀري رهيو آهي، جنهن لاءِ اُس کان بچڻ جو اسان ڪوبه سامان نه ڪيو آهي |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
هي حال هو انهن جو، ۽ جيڪي ڪجهه ذوالقرنين وٽ هو ان کان اسين واقف هئاسين |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
پوءِ هن (هڪ ٻي مهم) جو سامان تيار ڪيو |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
تانجو جڏهن پهتو ٻن جبلن جي وچ ۾، ته اتي کيس ملي هئي هڪ قوم، جيڪا مشڪل سان ڪا ڳالهه سمجهندي هئي |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
انهن چيو، ”اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾، ڇا اسان هن ڪم جي لاءِ توکي ڪو ٽيڪس ڏيون ته تون اسان ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو بند ٻڌي ڏين؟“ |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
هن چيو، ”جيڪي منهنجي رب مون کي ڏنو آهي سو گهڻو آهي، توهان محنت سان منهنجي مدد ڪريو، آئون توهان ۽ انهن جي وچ ۾ بند ٻڌايان ٿو |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
مون کي ڏيو لوهه جون چادرون، پوءِ جڏهن هن خال ڀري ڇڏيو وچ ۾ ٻنهي جبلن جي، ته ماڻهن کي چيائين، هاڻي ان کي ڏيو (زبردست) باهه، (جڏهن اها ڀت ڳاڙهي ٿي) چيائين، هاڻي ان تي آئون پگهاريل ٽامو وجهندس“ |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
(هي اهڙو بند هو جو) ياجوج ماجوج ان تي چڙهي به نه سگهندا هئا ۽ نه هئي کين طاقت به کاٽ هڻڻ جي |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
چيو (ذوالقرنين) ”هي رحمت آهي منهنجي پالڻهار جي، پر جڏهن منهنجي رب جي وعدي جو وقت ايندو ته اهو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ ڇڏي ڏينداسين ماڻهن کي ان ڏينهن، ته سمنڊ جي لهرن وانگر هڪ ٻئي سان جنبيل رهن ۽ صور ڦوڪي ويندي ۽ گڏ ڪنداسين انهن سمورن (ماڻهن) کي |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ آڻينداسين جهنم کي ان ڏينهن ڪافرن جي اڳيان |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
انهن ڪافرن جي اڳيان جيڪي منهنجي نصيحت کان انڌا ٿيل هوندا ۽ (ڪڏهن به) تيار ئي نه هوندا ڪجهه به ٻڌڻ جي لاءِ |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ته پوءِ ڇا اهي ماڻهو، جن ڪفر اختيار ڪيو آهي، مون کي ڇڏي ڪارساز بنائن منهنجي ٻانهن کي؟ بيشڪ اسان اهڙن ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ کي تيار ڪري ڇڏيو آهي |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
(اي نبيؐ ! کين) چؤ ڇا اسان ٻڌايون توهان کي ته سڀ کان وڌيڪ ناڪام پنهنجن عملن ۾ ڪير آهن؟ |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
اهي جن جي ڀٽڪيل آهي ڊڪ ڊوڙ دنيا جي سموري زندگيءَ ۾، ۽ اهي سمجهندا رهيا ته انهن جو ڪجهه ڪيو آهي سڀ ٺيڪ ڪندا رهيا آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جن انڪار ڪيو پنهنجي رب جي آيتن جو ۽ سندس حضور ۾ پيش ٿيڻ جو يقين نه ڪيو ان ڪري سندن سڀ عمل چٽ ٿي ويا، انهن کي ڏينهن قيامت جي ڪوبه وزن نه ملندو |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
انهن جي لاءِ جزا طور دوزخ آهي سندن ڪيل ڪفر جي ڪري ۽ ان ٺٺوليءَ جي سزا جيڪا اهي منهنجي آيتن ۽ رسولن سان ڪندا رهيا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا انهن جي لاءِ فردوس جا باغ بستان هوندا مهمانيءَ طور |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
جن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اتان نڪري ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ سندن دل نه چوندي |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
(اي نبي!) چؤ ته منهنجي رب جون ڳالهيون لکڻ لاءِ سمنڊ مس ٿي پون ته اهي ختم ٿي وڃن پر منهنجي پالڻهار جون ڳالهيون ختم نه ٿينديون، پر ايتري ئي مس ٻي آڻيو منهنجي رب جي ڳالهين لاءِ ته اها به پوري ڪانه ٿيندي |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
(اي نبي!) چؤ ته بيشڪ آئون به هڪ بشر (انسان) آهيان توهان جهڙو، (پر) مون ڏي وحي موڪليو وڃي ٿو ته توهان جو خدا هڪڙو ئي آهي، پوءِ جيڪو به پنهنجي خدا جي ملاقات جو اميدوار هجي سو نيڪ عمل ڪري ۽ عبادت ۾ ڪنهن کي ان اڪيلي سان شريڪ نه ڪري |