سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو، جنهن کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت (جو سبب)ڪيوسون (۽ حڪم ڏنوسون) ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪارساز نه بڻايو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اي انهن جي اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙهيو. بيشڪ نوح شڪر گذار عبد هو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي انهيءَ ڪتاب (توريت) ۾ کولي بيان ڪيو هو ته اوهين ماڻهو ضرور روءِ زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ وڏي سرڪشيءَ ڪندو. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن انهن ٻنهي (ڀيرن) مان پهرين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا بندا (بخت النصر ۽ سندس فوج) توهان تي مسلط ڪيا پوءِ اهي اوهان جي گهرن ۾ گهڙي ۽ چڱيءَ طرح قتل ۽ غارت ڪيائون ۽ خدا (جي عذاب) جو وعدو پورو ٿيو. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
وري اوهان کي انهن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد ۾ وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو پر جيڪڏهن برائي ڪندو ته (به) پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو (ته اسان طيطوس روميءَ کي اوهان تي مسلط ڪيو) ته جيئن اهي ماڻهو اوهان کي (ماري ماري) شڪل ڦيرائي ڇڏين (جو سڃاڻڻ ۾ به نه اچو) ۽ جيئن پهرين ڀيري مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙيا هئا وري گهڙن. جا شيءَ هٿ لڳين سا چڱيءَ طرح برباد ڪن. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
(هاڻي به جيڪڏهن آرام سان رهو ته) اميد آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان تي ترس ڪري ۽ جيڪڏهن (وري) اها ئي (شرارت) ڪندو ته اسين به (عذاب سان) موٽينداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيل خانو بنائي رکيو آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ هيءُ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بلڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر (موجود) آهي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ ڪڏهن انسان (لاچار ٿي پاڻ لاءِ) برائي (عذاب وغيره) لاءِ به ائين دعا گهري ٿو جيئن ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت جون) ٻه نشانيون ڪريون، وري رات جي نشاني (چنڊ) کي ڌنڌلو بڻايو ۽ ڏينهن جي نشاني (سج) کي روشن بڻايوسون ته (سڀ شيون ڏسڻ ۾ اچن) جيئن اوهين ماڻهو پنهنجي پروردگار جو فضل (روزگار) ڳوليو ڦرو ۽ جيئن اوهين ورهين جو ڳاڻاٽو ۽ حساب سمجهو (سوچيو). سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان کولي بيان ڪيو آهي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ اسان سڀ ڪنهن ماڻهو جي ڳچي ۾ سندن عمل نامو لٽڪايو اٿئون (ته سندس قسمت ساڻ هجيس) ۽ قيامت جي ڏينهن ان کي سندس سامهون رکنداسون جو هو تنهن کي هڪ کليل ڪتاب ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(۽ اسين کيس چونداسون) ته پنهنجو اعمال نامو پڙھ اڄ پنهنجو حساب وٺڻ لاءِ تون پاڻ ئي بس آهين. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جنهن سڌي واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ ڪو به بار کڻندڙ ٻئي (جي گناھ) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب نٿا ڪريون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (حجت تمام ڪرڻ لاءِ) نه موڪليون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي اطاعت ڪرڻ جو حڪم ڪيو سون ٿي، ته اهي نافرماني ڪرڻ لڳا. جڏهن اهو (ڳوٺ) عذاب جو مستحق ٿيو ته اسان ان کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ نوح کان پوءِ (هن وقت تائين) اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪيون ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بس آهي. (۽ شاهد جي ضرورت نه آهي) |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو شخص دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گهرون (۽) جنهن لاءِ گهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ جهنم مقرر ڪريون ٿا، جنهن ۾ خوار ٿي داخل ٿيندو. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ سڀ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
(اي رسول) اسين هنن ۽ هنن سڀني جي پنهنجي پالڻهار جي ڏات سان مدد ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پالڻهار جي بخشش ته عام آهي ڪنهن تي بند نه آهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
(اي رسول) ڏس ته ڪئين اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ آخرت ۾ ته اڃا به وڏا درجا ۽ وڏي فضيلت آهي. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
۽ ڏسو خدا سان گڏ ٻئي کي (سندس) شريڪ نه بنائجو! نه ته اوهين خوار، ذليل ويٺي جا ويٺا رهجي ويندو. |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن انهن مان هڪ يا اهي ٻئي تنهنجي سامهون ٻڍاپڻ کي پهچن (ڪنهن ڳالھ تي خفا ٿين) ته (خبردار انهن جي جواب ۾) اف به نه چئو ۽ نه انهن کي ڇڙٻ ڏيو ۽ (جيڪي چوڻو ٻڌڻو هجي ته) تمام ادب سان ڳالهايو. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نمائي ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! انهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهي مون کي ننڍي هوندي رحم ڪيو. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
۽ اوهان جي دل جي ڳالھ اوهان جو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن اوهين (واقعي) نيڪ ٿيندو (ڀل سان انهن جي خطا ڪئي) ته بيشڪ اهو اوهان کي معاف ڪندو (ڇو ته) اهو ته توبه ڪرڻ وارن جو وڏو بخشڻ وارو آهي. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ قرابتدارن ۽ محتاج ۽ پرديسيءَ کي سندس حق ڏيو ۽ (خبردار) فضول خرچي نه ڪريو. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
ڇو ته فضول خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پالڻهار جو ناشڪري ڪندڙ آهي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جيڪڏهن تو کي پنهنجي پروردگار جي فضل (۽ ڪرم) جي انتظار ۾ جنهن جي تو کي اميد هجي (لاچار) انهن غريبن کان منهن موڙين ته نرميءَ سان کين سمجهائي. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري) پنهنجيءَ ڳچيءَ سان نه ٻڌ (يعني خرچ ڪرڻ کان هٿ نه روڪ) ۽ نه ان کي بلڪل کول جو سڀ ڪجھ ڏئي ڇڏين! نه ته ملامت ڪيل پشيمان ٿيو ويهي رهين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ گهري ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ جنهن جي چاهي ٿو تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناھ آهي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ ياد رکو زنا جي ويجهو به نه وڃجو ڇو ته اهو بي حيائي جو ڪم آهي ۽ تمام بري عادت آهي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ اهڙي ماڻهوءَ کي قتل نه ڪريو جنهن جو (قتل ڪرڻ) خدا حرام ڪيو آهي. مگر جائز طو تي (شريعت جي فتوى سان) ۽ جو شخص ناحق ماريو وڃي تنهنجي وارث کي اسان (بدلي وٺڻ جو) اختيار ڏنو آهي. ان کي گهرجي ته (مقتول جي بدلي وٺڻ) ۾ زيادتي نه ڪري. بيشڪ کيس مدد ڏني ويندي (ته قتل ڪري معاف نه ڪري) |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ يتيم جيستائين جوانيءَ کي پهچي سندس مال جي ويجهو به نه وڃو. پر هاءُ! هن ريت جو (يتيم جي حق ۾) چڱو هجي. ۽ انجام (اقرار) کي پورو ڪريو ڇو ته (قيامت ۾) انجام بابت ضرور پڇا ٿيندي. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو ۽ سنئين ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي (به) گهڻي چڱي آهي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ جنهن (ڳالھ) جي توهان کي خبر نه آهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (ڇو ته) ڪن ۽ اکين ۽ دل انهن سڀني بابت (قيامت ۾) ضرور پڇا ٿيندي. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هلو، ڇو ته اوهين (پنهنجي اهڙي چال سان) زمين کي هرگز ڦاڙي نه سگهندو ۽ نه (وري سيٽجي هلڻ ڪري) ڊگهائيءَ ۾ جبلن کي پهچي سگهندو. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
(اي رسول) انهن سڀني ڳالهين مان جا ڳالھ بڇڙي آهي سا تنهنجي پروردگار وٽ ناپسند آهي. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
اهي ڳالهيون حڪمت جي انهن ڳالهين مان آهن جيڪا تنهنجي پالڻهار تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه ٺهرائي. نه ته ملامت ڪري تڙي تو کي دوزخ ۾ وڌو ويندو. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
(اي مڪي جا مشرڪو!) ڇا پوءِ اوهان جي پالڻهار اوهان کي (ته) پٽن لاءِ چونڊيو آهي ۽ ملائڪن مان (پاڻ لاءِ وري) ڌيئرون ورتيون اٿس؟ بيشڪ اوهين تمام (سخت) ڳالھ ڪريو ٿا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح سمجهايو آهي ته جيئن اهي ڌيان ڪن. هوڏانهن انهيءَ ڳالھ کان سندن نفرت وڌي ٿي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي پيغمبر) چئو ته سندن چوڻ موجب ان سان گڏ ٻيا معبود به هجن ها ته ان ئي وقت اهي عرش جي مالڪ تائين پهچڻ جو رستو ڳولين ها. |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
جيڪي بيهوده ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا جي نسبت) چوندا آهن، اهو انهن کان گهڻو بلند ۽ پاڪ آهي. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجھ به انهن ۾ آهي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ (سموري جهان ۾) ڪا به شيءَ اهڙي نه آهي جيڪا سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان نٿي ڪري پر اوهين انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نٿا سمجهو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهن جي وچ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ هڪ پردو وجهي ڇڏيون ٿا. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ (ڄڻ ته) اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته ان کي نه سمجهن ۽ ڄڻ ته سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا) ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي پروردگار جو اڪيلو ذڪر ڪرين ٿو ته نفرت سان پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
جڏهن اهي تنهنجي ڳالھ ڪن لائي ٻڌن ٿا ته جنهن (ارادي) سان ٻڌن ٿا تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ۽ جڏهن اهي پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا ته ان وقت اهي ظالم (ايماندارن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙي شخص جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيل آهي. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
(اي رسول) ڏس ته انهن (ڪمبختن) تو لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪيا اٿن پوءِ اهڙا گمراھ ٿيا آهن جو رستو لهي نه ٿا سگهندا. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان جون مرڻ کان پوءِ (ڳري سڙي) هڏيون بچنديون ۽ ذرا ذرا ٿي وينديون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسون؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
(اي رسول) چوين ته اوهين (مرڻ کان پوءِ) چاهي پٿر ڇو نه بڻجو يا لوھ. |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ٻي ڪا شيءِ جيڪا اوهان جي خيال ۾ (سخت ۾) سخت هجي (۽ ان جو جيئرو هجڻ ڏکيو هجي اها به ضرور جيئري ٿيندي) ته پوءِ اهي ماڻهو تو کان پڇندا ته (ڀلا) اسان کي ٻيو ڀيرو ڪير جيئرو ڪندو. تون کين چئو ته اهو خدا جنهن اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو (جڏهن اوهين ڪجھ به نه هئا) پوءِ تنهنجي اڳيان ڪنڌ لوڏيندا! ۽ چوندا ته اهو ڪڏهن ٿيندو؟ تون چوين ته اميد آهي ته جلد ئي ٿيندو. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن اوهان کي خدا (اسرافيل جي ذريعي) سڏيندو ته سندس حمد ۽ ثنا ڪندي ان جي تعميل ڪندو (۽ قبرن مان نڪرندو) ۽ اوهين خيال ڪندو ته (مرڻ کان پوءِ قبرن ۾) تمام ٿورو ترسياسون. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ (اي رسول) منهنجي (سچن) ٻانهن (مومنن) کي چئو ته اهي (ڪافرن سان) ڳالهائين ته چڱي نموني ۾ (سخت ڪلامي نه ڪن) ڇو ته شيطان ته (اهڙين ئي) ڳالهين سان فساد وجهائيندو آهي. ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
اوهان جو پروردگار اوهان جي حال کان چڱيءَ طرح واقف آهي. جي گهرندو ته اوهان تي عذاب ڪندو. ۽ (اي رسول) اسان تو کي ڪو انهن ماڻهن جو ذمه دار (ته) بنائي ڪو نه موڪليو آهي. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين تي آهن (سڀ ڪنهن کي) تنهنجو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اسان پڪ هڪڙن نبين کي ٻين (نبين) تي فضيلت ڏني ۽ اسان ئي دائود کي زبور عطا ڪيو. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
(اي رسول) تون کين چئو ته خدا کان سواءِ ٻين جن کي به اوهين معبود سمجهو ٿا تن کي (وقت پوڻ تي) سڏي ته ڏسو جي نه ته اوهان کان اوهان جي تڪليف ئي پري ڪري سگهن ٿا ۽ نه ان کي بدلائي سگهن ٿا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اهي ماڻهو مشرڪ جنهن جي (پنهنجو خدا سمجهي) پوڄا ڪن ٿا اهي خود پنهنجي پروردگار جي قرب جا ذريعا ڳوليندا وتن ٿا (ڏسون) هنن مان ڪير وڌيل قرب رکي ٿو پڻ سندس رحمت جي اميد ڪري ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجي پروردگار جو عذاب ڊڄڻ جي شيءِ آهي. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ ڪا به بستي اهڙي نه آهي پر ڏينهن قيامت کان اڳ اسين ان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏينداسون (يا نافرمانيءَ جي سزا ۾) ان تي وڏي کان وڏو عذاب ڪنداسون، ۽ اها ڳالھ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکجي چڪي آهي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان فقط ان ڪري معجزا نه ٿا موڪليون جو اڳين (امتن) انهن کي ڪوڙو ڪيو (نه مڃائون) ۽ اسان ثمود کي (معجزي سان) ڏاچي عطا ڪئي (جيڪا اسان جي قدرت) ڏيکارڻ واري هئي ته انهن ماڻهن ان تي ظلم ڪيو (تان جو کيس ماري ڇڏيائون) ۽ اسين ته معجزا رڳو ڊيڄارڻ لاءِ (ئي) موڪليندا آهيون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ (اي رسول) اهو وقت به ياد ڪر جڏهن تو کي اسان چيو هو ته تنهنجي پروردگار ماڻهن کي (هر طرف کان) روڪي ڇڏيو هو (جو تنهنجو ڪجھ به نقصان ڪري نه سگهندا) ۽ اسان جيڪو خواب تو کي ڏيکاريو هو ته رڳو ان کي ماڻهن (جي ايمان) جي امتحان (جو ذريعو ڪيو) هو ۽ (اهڙي طرح) اهو وڻ جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي ۽ جيتوڻيڪ انهن ماڻهن کي اسين (هر طرح سان) ڊيڄاريون ٿا پر اسان جو ڊيڄاريو سندن سخت سرڪشيءَ کي اڃا به وڌائي ٿو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي هو (غرور سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙي شخص کي سجدو ڪريان جنهن کي تو مٽي مان پيدا ڪيو. |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
۽ (وڏائيءَ مان) چيائين، ڀلا ڏس ته سهي! هي اهو شخص آهي جنهن کي تو مون تي فضيلت ڏني آهي، جيڪڏهن تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏين ته آءُ (وڏي واڪي چوان ٿو ته) ٿورڙن کان سواءِ هن جي نسل جي پاڙ پٽيندو رهندس. |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
خدا فرمايو ته وڃ! (نڪر) انهن مان جو شخص تنهنجي تابعداري ڪندو ته (ياد رهي ته) اوهان سڀني جي سزا دوزخ آهي ۽ اها به پوري پوري سزا آهي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ انهن مان جنهن تي پنهنجي (چاپلوسيءَ) سان قابض ٿئين تنهنجا پير اکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙن سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ (سندن) مالن ۽ اولادن ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان (ڪوڙا) انجام ڪر ۽ شيطان ڌوڪي کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نه ٿو ڪري. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ جي منهنجا (خاص) عبد آهن تن تي تنهنجو زور (هلي) نه ٿو (سگهي) ۽ ڪارسازيءَ ۾ تنهنجو پروردگار ڪافي آهي. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
(انسانو) اوهان جو پروردگار (اهو قادر مطلق آهي) جيڪو سمنڊ ۾ اوهان جي لاءِ جهازن کي هلائي ٿو ته جيئن اوهين سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪريو. ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو توهان تي وڏو مهربان آهي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن سمنڊ ۾ ڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ته جن جي اوهين پوڄا ڪندا هئا غائب ٿي ويا رڳو اهو ئي (هڪ خدا ياد رهي ٿو) ۽ جڏهن خدا توهان کي چوٽڪارو ڏئي خشڪيءَ تائين پهچايو ته وري اوهان ان کان منهن موڙ ڪئي. ۽ انسان وڏو ناشڪرو آهي. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ته ڇا اوهان کي اهو به يقين ٿي ويو ته اهو، اوهان کي خشڪيءَ ڏي آڻي (قارون وانگر) زمين ۾ ڌسي ڇڏي يا اوهان تي (لوط جي قوم وانگر) پٿرن جو مينهن وسائي پوءِ ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه لهندو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا اوهان کي هن (ڳالھ) جي خاطري ٿي وئي آهي ته خدا وري اوهان کي ٻيو ڀيرو ان سمنڊ ڏي وٺي وڃي جنهن کان پوءِ هوا جو سخت طوفان موڪلي جيڪو (جهاز کي) ٽڪرا ٽڪرا ڇڏي پوءِ اوهان جي ڪفر جي سزا ۾ ٻوڙي ڇڏي پوءِ اوهين ڪنهين کي (اهڙو حمايتي) نه لهندو جيڪو اسان کان بدلو وٺڻ وارو هجي. (۽ اوهان کي ڇڏائي) |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ اسان پڪ آدم جي اولاد کي عزت ڏني جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ انهن کي (جانورن ۽ ٻيڙين جي ذريعي) کڻي ڦرن ۽ کين سٺيو سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ۽ پنهنجي گهڻي مخلوقات کي انهن کي چڱي خاصي فضيلت ڏني. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
ان ڏينهن (کي ياد ڪريو) جڏهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن پيشوائن سان گڏ سڏاينداسون. ته جنهن جو نامه اعمال سندن سڄي هٿن ۾ ڏنو ويندو ته اهي ماڻهو (خوشيءَ سان) پنهنجو اعمال نامو پڙهڻ لڳندا ۽ مٿن تر جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جو شخص هن دنيا ۾ (ڄاڻي واڻي) انڌو بڻيو رهيو ته اهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ (ڇوٽڪاري جي) رسي کان پري ڀٽڪيل هوندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ پڪ اهي ماڻهو گهرن پيا ته تو کي هن ڪلام کان هٽائين جيڪو اسان تو تي وحيءَ جي ذريعي نازل ڪيو هو ته جيئن (قرآني حڪم) کان سواءِ ٻي ڳالھ ڪڍين جيڪا حق نه هجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تو کي پنهنجو دوست بنائين ها. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو مون تو کي ثابت قدم رکيو آهي ته تون انهن ڏي ڪجھ نه ڪجھ مائل ٿي پوين ها. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
ان وقت اسان تو کي زندگي ۽ موت ٻنهي جي عذاب جو مزو چکايون ها پوءِ تون پنهنجي لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو به مددگار نه لهين ها. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ اهي (مڪي جي) زمين مان تنهنجا پير اکيڙڻ لڳا ٿي هن لاءِ ته تو کي (شام ڏي) ڪڍن ۽ ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تنهنجي پٺيان ٿورن ڏينهن کان سواءِ ترسن به نه ها. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
تو کان اڳ جيترا (به) اسان رسول موڪليا آهن تن جو اهو ئي دستور رهيو آهي ۽ جيڪي دستور اسان جا (مقرر ڪيل) آهن تن ۾ تون ڪا ڦير گهير نه پائيندين. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
(اي رسول) سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ ٿيڻ تائين (ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا) نماز پڙهندو رھ! ۽ صبح جي نماز (به) ڇو ته صبح جي نماز تي (ڏينهن ۽ رات ٻنهي جي فرشتن جي) شاهدي ٿيندي آهي. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ رات جي خاص حصي ۾ نماز تهجد پڙهندا ڪريو اها سنت اوهان جي (خاص) فضيلت آهي. اميد آهي ته (قيامت جي ڏينهن) خدا تو کي مقام محود تائين پهچائي. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ هيءَ دعا گهرندا ڪريو: اي پروردگار مون کي (جتي به) پهچائين چڱيءَ طرح پهچائي! ۽ مون کي (جتان به) ڪڍين ته چڱيءَ طرح ڪڍ! ۽ مون کي خاص پنهنجي بارگاھ مان هڪ طاقتور مددگار ڏي. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ (اي رسول) چوين ته (دين) حق اچي ويو ۽ باطل (دين) نيست ۽ نابود ٿيو. ان ۾ شڪ نه آهي ته باطل ميٽجڻ وارو ئي آهي. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسين قرآن ۾ اها ئي ڳالھ نازل ڪندا آهيون جا مومنن جي لاءِ سراسر شفا ۽ رحمت آهي، پر نافرمانن کي ته نقصان کان سواءِ ڪجھ وڌائي ئي نٿو. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن اسان انسان کي نعمت عطا ڪئي ته (الٽو) هن (اسان کان) منهن ڦيريو ۽ پاسيرو ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن کيس ڪا تڪليف به پهتي ته مايوس ٿي ويٺو. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
(اي رسول) چوين ته هر هڪ پنهنجي (پنهنجي) نموني تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ اوهان مان جنهن شخص جو به بلڪل سڌو رستو آهي، تنهنجو پروردگار (تنهن کان) چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
اي رسول! تو کان ماڻهو ”روح“ بابت پڇن ٿا. تون (کين) چئو ته ”روح“ منهنجي رب جي حڪم مان آهي. ۽ اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (جنهن جي حقيقت سمجهي نه سگهندو). |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ته جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي سو (دنيا مان) کڻي وٺون. پوءِ ان جي ڪري تو کي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪو به ڀر جهلو نه ملندو. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
پر اها رڳو تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو هن ائين نه ڪيو) بيشڪ سندس تو تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
(اي رسول! کين) چئو جيڪڏهن سموري دنيا جا) آدمي ۽ جن، هن ڳالھ لاءِ گڏ ٿين ته هن قرآن جهڙو مثال آڻيون ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ (ان ڪوشش ۾) انهن مان هڪڙا ٻين جا مددگار به ٿين. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ اسان ته ماڻهن جي (سمجهائڻ لاءِ) هن قرآن ۾ هر طرح جا مٿال ڦيرائي گهيرائي بيان ڪيا آهن. پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ (اي رسول) مڪي جي ڪافرن تو کي چيو ته اسين تنهنجو چوڻ نه مڃينداسون جيستائين تون اسان لاءِ زمين مان هڪ چشمو نه وهائين! |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا (اهو ته) تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو ڪو باغ هجي، جنهن وچ ۾ واھ وهائي. |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا جيئن گمان رکو ٿا اسان تي آسمان کي ٽڪر (ٽڪر) ڪري ڪيرائي (ڏيکار) يا خدا ۽ فرشتن کي (پنهنجي ڳالھ جي سچائيءَ ۾ اسان جي اڳيان) شاهديءَ ۾ اچي بيهار، |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا (وري) تنهنجي (رهڻ جي) لاءِ ڪو سونو محل هجي يا تون آسمان ۾ چڙهي وڃين، ۽ اسين تنهنجي چڙهڻ کي (تيسين) ڪڏهن به نه مڃينداسون جيسين اسان تي اهڙو ڪتاب (نه) لاهين جنهن کي اسين پاڻ پڙهيون. (اي رسول! کين) چئو ته سبحان الله! آءُ هڪ آدمي (خدا جي) رسول کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان (جو اهي بيهوديون ڳالهيون ڪريو ٿا). |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ کان رڳو هن ڳالھ روڪيو جو چيائون ته ڇا پيغام پهچائيندڙ هڪ ماڻهو (کي) موڪليو آهي. |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
(اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن زمين تي ملائڪ (رهيل هجن) ها ته جو اطمينان سان گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان فرشتي کي رسول بنائي موڪليون ها. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
(اي رسول) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ رڳو خدا ئي بس آهي. بيشڪ اهو پنهنجن بندن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ جنهن کي خدا هدايت ڪري سو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ته (ياد رکو!) پوءِ ان کانسواءِ ڪنهن کي سندس سرپرست نه لهندو! ۽ قيامت جي ڏينهن اسين انهن ماڻهن کي منهن ڀر اونڌا، انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا قبرن مان اٿارينداسون، انهن جي جاءِ جهنم آهي. جا جڏهن اجهائڻ لڳندي ته اسين انهن ماڻهن تي (کيس) وري ڀڙڪائي ڇڏينداسون. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اها سزا سندن هن ڪري آهي جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته جڏهن اسين (مرڻ کان پوءِ ڳري سڙي) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسون ته ڇا اسين وري نئين سر بڻائي اٿاريا وينداسون. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا انهن ماڻهن هن تي به غور نه ڪيو ته اهو خدا جنهن سڀ آسمان ۽ زمين بنايا، ان تي بيشڪ قادر آهي ته انهن جهڙا وري ماڻهو ٻيهر پيدا ڪري ۽ هن سندن موت جو وقت مقرر ڪيو آهي. جنهن ۾ ذرو به شڪ (شبهو) نه آهي تڏهين به اهي ظالم انڪار ڪرڻ کان نه رهيا. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
(اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي رحمت جا خزانا به اوهان جي اختيار ۾ هجن ها تڏهن به اوهين خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان (کين) بند رکو ها. ۽ آدمي وڏو تنگدل آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ اسان يقينا موسى کي ظاهر نو معجزا عطا ڪيا ته (اي رسول) بني اسرائيلن کان (اهو ئي) پڇي ڏس ته جڏهن موسى انهن وٽ آيو ته فرعون کيس چيو ته اي موسى! آءُ ته سمجهان ٿو ته تو تي ڪنهن جادو ڪري چريو ڪري ڇڏيو آهي. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
موسى چين! اوهين ايترو ته ضرور ڄاڻو ٿا ته هي معجزا آسمانن ۽ زمين جي پروردگار نازل ڪيا آهن (جيڪي ماڻهن جي) سمجهڻ جهڙا آهن.۽ اي ... |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ فرعون هي پڪو ارادو ڪيو ته بني اسرئيلن کي سرزمين (مصر) مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته اسان فرعون ۽ جيڪي ماڻهو ان سان گڏ هئا، سڀني کي ٻوڙي ماريو. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ تنهن کان پوءِ اسان بني اسرائيلن کي چيو ته (هاڻي اوهان ئي) هن ملڪ ۾ (چڱيءَ طرح مزيءَ سان) رهو ڪريو. پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو اچي پهچندو ته اسين اوهان سڀني کي گڏ ڪري آڻينداسون. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ (اي رسول) اسان هن قرآن کي برحق نازل ڪيو ۽ بلڪل حق سچ سان نازل ٿيو. ۽ تو کي اسان (جنت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو رسول بنائي موڪليو آهي. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ اسان قرآن کي هن لاءِ ٿورو ٿرور ڪري نازل ڪيو جو تون ماڻهن جي اڳيان (ضرورت آهر) مهلت ڏئي ان کي پڙهندو ڪر ۽ (ان ڪري ئي) اسان هن کي آهستي آهستي ڪري نازل ڪيو. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
تون چوين ته ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، بيشڪ جن کي ان کان اڳ (آسماني ڪتابن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کي اهو جڏهين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي کاڏين (منهن) ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چون ٿا ته اسان جو پالڻهار (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي. بيشڪ اسان جي پروردگار جو وعدو پورو ٿيڻو ئي هو. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ اهي ماڻهو (سجدي ڪرڻ لاءِ) رئندي کاڏين (منهن) ڀر ڪرن ٿا (۽ قرآن) سندن عاجزي وڌائي ٿو. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
(اي رسول! کين) چئو ته (اوهان جي مرضي) چاهي کيس الله (چئي) سڏيو يا رحمان (چئي) سڏيو هن جا ته سڀ نالا سٺي (کان سٺا) آهن. ۽ (اي رسول) پنهنجي نماز نه زور سان پڙھ ۽ نه بلڪل آهستي پڙھ، پر وچولي درجي جو طريقو اختيار ڪر. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چئو ته سڀ ساراھ ان خدا جي لائق آهي جو پنهنجي لاءِ نه ته ڪا اولاد رکي ٿو ۽ نه ان جو (ساري جهان جي) بادشاهيءَ ۾ ڪو شريڪ ئي آهي ۽ نه ڪمزوريءَ جي ڪري سندس ڪو سرپرست آهي. ۽ ان جي چڱيءَ طرح وڏائي بيان ڪندا رهو. |