سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جِنهن ٻانَهسِ کي ٻِيهار، سير سَڳورِئَ رات ۾، ڪَرايسِ ڪَلتار، مَڪي جِي مَسجِد کان، مَسجِد مُقَدِّس پار، بيشڪ پَکيڙيون سون برڪتون، جِنهن کي چَمن چوڌار، تان پَسايونسِ پانهنجِيون، نِشانيون نِروار، سُڻندڙ، سوسَتّار، ۽ سوئـِي ڏِسندڙ ڏيھ کي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ ڏِنو سون مُوسٰى مِهتر کي، ڪرم ساڻ ڪِتاب، ۽ ڪيوسونسِ، بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون بَرصَواب، ته وَڪِيل، وَسِيلو مون سوا، نه بنايو ڪنهن باب، |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اُنهن جي، اولاد مان، جي سوڙِهي مَنجھ سَيلاب، چاڙِهياسُون چوڏول ۾، نُوح ساڻ، نَواب، پَڪ سوپاڪ جَناب، هو گولو، گُن مُوک گھڻو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
ڪِئي سون بَنِي اِسرائيل لئي، قَضا مَنجھ ڪِتاب، ته ٻه ڀيرا ڪَندا ڀُونءَ ۾، شَرارت شِتاب، ۽ خُودِي مَنجھ خراب، چَڙِهي، چَڙهندا چوٽئـِين. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ آيو اَول ٻِن مَنجھان، وَعدو جِھڙِيء وار، بِلڪُل اَسان جي، بَندن مان، جوڌا، جُنگ، جُونجھار، اٿارياسون اُنهن مَٿي، پوءِ وَرتئون وِچ وَلهار، ۽ قائـِم آهي قَرار، پُورو ٿِيڻو پَڪ سان. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
وَرِي اَوهان جو اُنهن مَٿي، وارو وارِيوسون، مال ۽ عَيال ۾، آن کي، آڌاريو سون، ۽ آن کي ڪَثر ڪارِيوسون، لاشڪ لَشڪر، فوج ۾. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جي چَڱائـِي ڪَيئان، ته چَڱِي ڪَيئان، هرگز پنهنجي هارِ، جي بَدِي ڪَيئان ته بار، آخر آهي اُن مَٿي. جڏهن آيو ٻِيو ٻول، ته مُنهن ڦٽائـِينِيان مُورِهِين، مَر ته ڍَرن مَسجِد ۾، اڳ ڍَريا، جِھڙي ڊول، ۽ هَٿ آينِ جيڪو ٽول، سو اُجاڙِينِ، جِيئن اُجاڙجيٖ. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
مولىٰ اَهنجو مانَ!، مَرهِينِيان مِهرسِين، ۽ موٽنداسون، جي موٽيا اَوهِين، خرابِين ڏي خان، ۽ باهِ بَنديخان، ڪَئـِي سون ڪارن ڪافِرِين. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
ڏَسٖي هي قرآن ٿو، جاسِڌِي، بَرصَواب، ۽ ڏي مبارڪ مُؤمِنِين، جي نيڪيون ڪَن نواب، ثابت آهي ثَواب، تَمام وَڏو، ڪوتَن لئي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ اُهي، جي آخرت تي، نَه آڻِين اِعتبار، سَزا سَخت تيار، توڙان ڪئـِي سون، تَن لَئي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ ماڻهون مَدائـِي ٿو گُھري، تِهڙو سَندسِ سُوال، ڀَلائـِي لئي بَحال، ۽ ماڻهون تَڪڙو مُورهِين. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
ڪيوسون ڏينهن ۽ رات کي، ٻه نِشانيون نِبار، پوءِ مَٽِي سُون رات جِي، نِشانِي نِروار، ۽ ڪَئـِي سون نِشانِي ڏِينهن جِي، ڏيھ جي ڏِسڻ هار، تان پَنهنجي ربَّ جي روز مان گُھرو روزگار، پڻ سَمجھو انگ سالن جو، پڻ سَمجھو صاف شُمار، ۽ ڪُل شيءِ کي بَرقرار، کوليو سون جِيئن کولٖجي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ اَسان هر اِنسان کي، عَملن جو دَفتر، ٻَڌوسون سَندسِ ڪَنڌ ۾، ۽ کولينداسون تِنهن خاطِر، ڏِسَندسِ ڏِينهن قِيام جي، پَٽيَل پورِيءَ پَر، |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
پَڙھ ڪِتاب پَنهنجو، سَچ پَچ پَنهنجي سِر، آهين اَڄ آخِر، بس تون بِلا ڀيٽ ۾. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جِنهن پاتو سَنئون پار، ته پاتو پار پاڻ لئي، ۽ جي ڀاڻي ڪَنان ڀُليو، ته ڀُل جِي مَٿسِ ڀُلڪار، کَڻندڙ کَڻٖي ڪونه ڪو، بارِي ٻِئي جو بار، ۽ اَسِين نه ڏِيندڙ آهيون، مُور ڪنهن کي مار، اِنهيان اَ ڳ ته اُنهِيءَ پار، ڪوئـِي مُرسل موڪليون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
جڏهين گُھريوسُون ڪِنهن گام کي، ڪريون ناس نِبار، ته اُن ۾ آسودن کي، ڪيوسون اَمر اِظهار، پوءِ عُدُول ڪيائون اُن کان، لنگھياليڪو پار،پوءِ سَزاسَخت اُنهن مَٿي، واجِب ٿِئي تِنهن وار، پوءِ مارڻ جِھڙِي مار، تڏهين وِڌِي سون، تِن مٿي. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
ناس ڪياسون نُوح پُٺيان، وارا، وارو وار، ۽ بَديان بَندن پانهنجٖي، تُنهنجو رَبُّ تڪرار، خُوب خَبردار، ۽ ڏِسندڙ پُورو ڏيھ کي. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو هِن جَھان ۾، حاضر گُھري هاڻ، تڪڙو ڏِيونسِ تِنهن ۾، جيڪِي گُهرون پاڻ، تن مان، تِنهِين ڪاڻ، جِنهن جو اِرادو اَسين ڪريون. اڳتي آڳ اُن لئي، ڀيري ڪيوسون ڀاڻ، پَوندو مَنجهسِ پاڻ، ڪُوارِيل ۽ ڪا ڍوڙ ٿِي. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ گُھريو جِنهن جَھان ٻِيو، ۽ ڪيائـِين اُنهِيء ڪاڻ، ڪوشش، ڪوشش اُن جِي، هجي ۽ پُورو مُؤمن پاڻ، ته قدر ڪرڻ ساڻ، قَبول ڪمائـِي اُن جِي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
هِن ۽ هُن مِڙن کي، مَدد ڏِيون مُدام، تُنهنجي پَرور پاڪ جي، اِنعام مَنجھان عام، ۽ تُنهنجي آگي جو اِنعام، بِلڪُل بَند نه ڪِنهن مٿي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏِس، ڪي اِنهن مان، اُنهن مَٿي، ڪياسون ڀَلا بِهتر، ۽ آهي آخرت وَڏِي، درجن پَٽاندر، پڻ وَڏِي سا ويتر، فضِيلت ۽ فضل ۾. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
ڌار نَه گَڏ ڌَڻِيء سان، ٻِي دَرگاه ۽ دَرٻار، پوءِ خراب ۽ خوار، ويڳانو ٿِي وِهندِين. |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تُنهنجي صاحِب صادر ڪيا، هِي فيصلا، فرمان، ته شيوا سَوَا اُنَ جي، ڪِنهنجِي ڪريو ڪانه، پڻ اَدب ۽ اِحسان، مائـِٽن سان مُورهِين. پر تو وَٽ، وَڏ پڻ کي رسي، تن مان، هِڪڙو يا ٻَئي، پوءِ ٻَر نه ٻول تن کي، پڻ تن کي، ڏي مَ تَئـِي، نِوڙت سان نَئـِي، چَئون چوڻ چَڱو تن کي. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ ٻانهون اَدب جون ٻاجھ سان، تن لئي نَميوناءِ، ۽ چئو مولىٰ مُنهنجا! تن مَٿي، ٻاجھ ٻَهون فرماءِ، جِيئن ٻِنهِي گھڻو ٻاجھائي، مون کي نِپايو نَنڍڙو. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
سَمجھندڙسائـين اهنجو، سا سموري ڳالھ، جيڪي اهنجي جي ۾، جي آهيو چڱي چال، ته بخشيندڙ بحال، موٽندڙن کي، مهرسان. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
اوڏن ڏِيو حَق اُن جو، پڻ مِسڪِين ۽ مِهمان، ۽ خرچ خراب ڪَمن ۾، ڪوڏِي ڪَريو ڪانه، |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
ڪندڙ خرچ، خراب تي، آهن ڀاء شيطان، ۽ شيطان، بي فرمان، ڌَڻِيءَ سَندِس جو، ڌُرڪنان. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جي مُنهن موڙيئـِين، تن کان، ڳولڻ لاءِ ڳرِي، تُنهنجي ربَّ رحمت مان، اُن ۾ آس ڌرِي، پوءِ وراڻج وري، ساڻن سولو ٻول ڪو. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ تُنهنجو هَٿ پَنهنجي ڪَنڌ ۾، قابُو نَه ڪر ڪِنهن قول، ۽ سڀ کولڻ، نه تِنهن کي کول، پوءِ لونڀِيل ۽ لاچار ويهِين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
والِي تو وڻيس، تِنهن رِزق ڏي، ڪَثر يا ڪَسو، ڏاهو ڏِسندڙ سو، بيشڪ سَندسِ بَندن کي. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ ڪُهو نه ڪَلها پَنهنجا، ڪنان سُڃائـِيء جي سُور، اسين اوهان ۽ اُنهن کي، ڀَتو ڏِيون ڀَرپُور، هُنن جو قَتل بي قُصور، ڏاڍو وَڏو ڏوھ ٿيو. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ ويجھو زِناڪِين وَڃو، اِي نِپٽ نِرجائـِي، ۽ آهي اِهائـِي، واٽ برابر بُڇڙِي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ سو ماڻهو، نه ماريو مُور، جِنهن کان ربَّ روڪيو، مگر حق حساب سان؛ ۽ جو ڪُٺو بي قُصور، ڪيوسون سَندسِ قَرِيب لئي، مُقرر حق منظور، پوءِ ڪري ڪِين قَتل ۾، وڌاءُ ڪو وَهلور، ٿِيندو سو ضرور، ڪامياب قِصاص ۾. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ ويجھا وَڃو ڪِين ڪِي، يَتِيم سَندي مال، ڌُران تِنهن دَستور جي، جو چڱيرو مَنجھ چال، تان پُهچي پَنهنجي زورَ کي؛ ۽ پاريو پَنهنجِي ڳالھ، سَڀ ڪِنهن ساڻ سُوال، آهي، عَهد اَنجام جو. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏهن ڀَريو ته برابر ڀَريو، توريو، ته پورِي تور، تمام چڱو اِي طور، سودو سُهڻو، سُود ۾. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
اُڀ، نه اُنهِيء ڳالھ تي، جِنهن جِي توکي، جَن نه ڪَن، ڪَن، اکيون ۽ من، پُڇاپَڇاڙي، تن ڪنان. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ ڀَرجي هَل نه ڀون مَٿي، بِلڪُل نه چِيرِيندِين ڀُون، نه اَنَدر اُچائـِي تون، پَهارن کي پُهچندِين. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
مَٺاڪَم اِي مڙيئـِي، تُنهنجي صاحِب وٽ، ستار، |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
اِهي اُن ڳالهين مان، ته حِڪمت مان هيڪار، تُنهنجي والِيء وَحِي ڪيون، پيغمبر! تو پار، ۽ ڌار، مَ گڏ ڌڻيء سان، ٻي درگاه ۽ دربار، پوءِ لونڀيل ۽ لاچار، اُڇليو وڃِي، تو آگ ۾. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ڇا ڌُئا ڌڻيءَ اوهان جي، پُٽ اوهان لئي پاڻ؟ مُقرّر مَلڪن کي ڌِيون، ڪيائين پَنهنجي ڪاڻ، اَوس اَوهِين اَڄاڻ، ڳالھ ڳرِي ڳالهايو!. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
ڦيرياسون فُرقان ۾، ته پڙِهي پرائينِ مانَ! ري ڀَڃڻ ڪِنهن بيانَ، اوڄ نه ڏِني، اُنهن کي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
چئو ساڻسِ، سائين جي هُئا، جِيئن مُورک چون مُور، تڏهن ته تخت ڌڻِيء ڏي، وَرتئون واٽ ضرور، |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
۽ پَڪ تِنهن کان پاڪ ڌڻِي، جي ڪَهن ڪُوڙ فتور، هَمہ کان حُضور، ٿِيو مَٿاهون مُورهِين. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
پڙهن پاڪائـِي اُن جِي، ساراهِينِ سَتّار، سَت اُڀ، ۽ زمين پڻ، ۽ جيڪي مَنجھن جِنسار، ۽ ٿَر، بَر ۾، ناهي ٿوڪ ڪو، وَڻ، ٽِڻ مَنجھ وڻڪار، مگر سَندسِ ساراھ سان، ڳائـِين ڳُڻ نِبار، پَرَ نه پَرُوڙِين اُنهن جِي، تَسبِيح، تَند تار، بارِي کڻندڙ بار، مَرهِيندڙ سو مُورهِين. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏهين پڙهِين قُرآن، ته ڪيوسون تو ۽ تِن وِچان، نه آڻِين، جي اِيمان، پَردو مخفِي مُورهِين. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
ڪيوسونِ ڍَڪ قلبن تي، ته پروڙينسِ پاڻ، ۽ ٻِي جاپڻ ٻوڙان، ڪيئ سونِ ڪَنن ۾. ۽ جڏهن ڪئـِي تو قرآن ۾، اُن هِڪڙي جِي پَچار، ته ڀڳاٿِي بيزار، پُٺيَنِ مَٿي پانهنجي |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
اَسِين سَمجھون، سُڻن جا، جڏهن ڪَن ڏيئـِي، توڏي ڳالھ، ۽ جڏهن ڳُجھو ڳَرِهين پاڻ ۾، هِڪ ٻئي ساڻ حال، ظالِم جڏهن زبان سان، پِيا چون اِهڙيء چال، ته لَڙھ نه لڳا لالَ! ڪِنهن ڪامڻ هورٖي ڪانڌرٖي. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏِس، ته ڏِنائون ڪِهڙا، تولئي مِير! مِثال، ڀليا، پوءِ بي حال، نه لَهنِ مارڳ ماڳ جو. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
چي، ڪِ مُئاسُون جنهن مَهل ۾ ۽ هُونداسون هَڏ چُور، ته نَئـِين جوڙ ۾ ضرور، اَسين ڪِ اُٿنا آهيون؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
چئو، پَٿر، يا لوه بَنو، |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
ياتِنهن مان، بنوبَحال، سَمجھن سِينا اوهان جا، جنهن کي ڪَٺڻ ڪُلال! ڪير موٽائـِينِئون مُورِهين، سِگھو ڪن سوال؟ چئو، جنهن پَهرِين پُور ۾، جوڙيا جَلَّ جَلال، پوءِ سِگھو سَندنِ سِينون، توڏي لوڏِيندا لال!، چي، ڪَڏهن اِهو احوال؟ چئو اُميد، ته آهي اوڏڙو! |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن جَلَّ جَلالہٗ، ڪندو اوهان کي سَڏ، پوءِ قبول ڪري اُٿندا، سَندسِ ساراه گڏ، ۽ ڀائـِيندا نه هُئاسون هَڏ، مَنجھ دُنيا ٿورِي دير ري. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
ٻول، سَندمِ ٻانهن کي، مُرسل مِهربان! ته ٻولِين ٻول سو، جو بِهتر بي گمان، تن وِچ ڪَٽر ٿو وِجھي، شامتِي شيطان، شيطان لئي اِنسان، دُشمن ڌُرانئـِي پَڌرو. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
آهي، اوهان کان آهنجو، سائـِين سَمجھدار، گُھري، ته مَرهِينِيان مِهرسان، يا ڏي اَوهان کي آزار، تن سِر سَنڀاليندار، توکي نه مُڪو سُون مُورهين. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ اُڀ، ڀُون ۾ جيڪِي، اُن جِي، تُنهنجي پَرور کي پرُوڙ، ۽ ڪن نبين کي، ڪن مَٿي، مانَ ڏِنو سون مُور، ۽ ڏِنو سُون زَبُور، دادگر دائود کي. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
چئو، جن کي سڏيو اُن جا، نائـِب، وڪِيل، وزير، آن تان ڏُ ک، نه ڏڪارڪو، لاهي سَگھن لِير، ۽ نه پُهچ رکن ڪِي پِير، ٽارڻ جِي، ٽئي پار ڏي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اُهي آهن پاڻ، سي، جن کي، ساريو ڪن سُوال، گُھرن سَندنِ سائـِينءَ ڪَنان، حاجتون هَرحال، جيڪو به آهي، اُنهن مَنجھان، ويجھو زوروِصال، ۽ رکن اُميدون، آسرا، سَندسِ بخشش ۾ بَحال، ۽ اُنهِيء جي عذاب جو، رکنِ خوف، خِيال، سَزا تُنهنجي سائـِينءَ جِي، جَبرو آهي جَنجال جِنهن جَنجال ڪنان جال، ڪَنبڻ گُھرجي ڪُل کي. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ ڪونهي ڪوئـِي گام، مگر اَسين آهيون، يا اُجاڙيندڙ اَ ڳي، ڪَنان ڏِينهن قِيام، يا سزا ڏِيندڙ اُن کي، سزا سَخت تمام، آهن اِهي اَحڪام، قلمبند ڪِتاب ۾. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ مَنع نه ڪئـِي سون، موڪلڻ کان، مُعجزا مذڪور، مگر مَهندين اُن کي، ڪوٺيو ڪُوڙ فتور، ۽ سَمجھاڻِي لئي ثمود کي، اُٺ مُڪِي سون مُور، پوءِ ڏاڍو اُن ڏاچِيء سان، ڪيائون ڪَلُور، ۽ ري ڌَمِڪيء جي دَستور، مُعجزانه موڪليون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن ٻوليو سُونئـِي ٻاجھ سان، ته تُنهنجو ربُّ، رحمان، مِڙن ماڻهن کي گھيريو، ۽ خواب ڏيکاريو سونئـِي خان! نه ڪيوسون، مگر ماڻهن لئي، اُن کي اِمتحان، پڻ لاشڪ وَڻ لعنتِي، ڪُواريل مَنجھ قُران، ۽ ڀيري ڀيري ڀَو ڏيون، اُنهن کي عيان، پوءِ ڪَثر ڏٖين ڪانه، ڌارا آڪڙ آڪرِي. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
جڏهن چيو سون مَلڪن کي، ته نَمو آدم هارِ، نميا مِڙوئـِي، مگر اِبليس، ڌِڪاريل ڌار، چي، ڪِيئن جُھڪان تِنهن پار، جنهن کي خلقيئـِي خاڪ مان. |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
چي، ڏِس ته هِي جِنهن کي، مُون تي ڏِنئـِي مانَ، جي ڏِيندِينمِ، ڏينهن قيام سِين، مُهلت مهربان، ته اُنهي جي اولاد جون، بِيخون بي گمان، ڪَڍندسِ نيٺ نِڌان، ٿيڙٖي، ڪن ٿورن سوا. |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
چي، وَڃ، پوءِ جيڪو اِنهن مان،رَمندو تُنهنجِي راه، پوءِ بَدلو اُنهِيء جو باهِ، پُورو پُورو پورِهيو. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
تِنين مان، تُنهنجي راڳ سان، مُنجھائـٖي کون ماڳ، مُنجھيل! مُنجھائـٖي جن سَگھِين، پڻ وارتنِين تي واڳ، پيادن ۽ سُوارن سان تُنهنجي، پڻ ڀيڙو رک تون ڀاڳ، اُنهن جي مال ۽ اولاد ۾، ۽ ٻوليينِ ٻِيڻا لاڳ، ۽ خالِي ري کِٽراڳ، اِبليس نه ڏٖي اَنجام ڪو. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ، بَندا مُنهنجا، تن تي نه، تُنهنجو وَس، ۽ بِلڪُل آهي بَس، رَبُّ تُنهنجو، راکُو هيڪڙو. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
آهي اوهان سَڀن جو، سو سائـِين سُنهارو، جو ٻيڙا هلائي ٻار ۾، سُهکو سَفر سارو، تان تِنهن ڀلي جي ڀال مان، گُھرو گُذارو، ٻَهون ٻاجھارو، هردم اوهان جي هال تي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جَڏهن پَهتو سِير سُمُونڊ۾، توهان کي طُوفان، ته وِيا سڀ، سَڏيو جن کي، سوا اُن سُبحان، پوءِ جڏهن آندئـِي نيان بَرڏي، ته ڦريا بي فرمان، ۽ آهي، هِيء اِنسان، بِلڪُل بي شُڪران ڪو. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ڇا لَٿا ڊَپ ڊاءُ؟، ته بَر ۾ ڳَهائـِينان ڳِهلڙا!يا آنڌِي اَنڌُوڪارسان، ڪو واري اوهان تي واءُ، پوءِ لهو نه پَنهنجي لاءِ، موٽِي مَددگار ڪو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
ڪِ بي ڊَپاٿِيا اِن کان؟ ته اُن ۾ آڻِينان ٻِيهار؟ پوءِ اُماڻي اوهان مَٿي، ڪو تِکو واءُ تڪرار، پوءِ ڪَيئان ڪُفر، تنهن ڪري، ٻوڙِينِئان مَنجھ ٻار، پوءِ پايو نه پَنهنجي هارِ، وَرِي اَسان تي واهرُو. |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ آدم جي اولاد کي، ڪيوسون ڀَلو بحال، کَنيوسونِ بَر، بَحر ۾، ۽ ڏِنوسُونِ قُوت ڪمال، موچاري مال حَلال مان، ۽ بَخشياسُون وَڏا ڀال، جيڪي جوڙون، جوڙيون سون جال، اَڪثر مٿي، اُنهن منجھان. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
جِنهن ڏِينهن سَڏيندِاسون، هَر ماڻُهوءَ کي، ساڻ سَندسِ سَردار، پوءِ، جنهن کي، سَندسِ ڪِتاب مِليو، سَندسِ ساڄي پار، پوءِ پڙهن پَنهنجي شوق مان، وَهِي اُهي وِينجھار، ۽ تن جو حَق تڪرار، گَھٽ نه ڪبو وَٿ جيترو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جو هِن ۾ اَنڌو اُونڌو، پوءِ اُهو آخرت ۾. اَنڌوئـِي هُوندو، پڻ گُٿل گھڻو گَس ڪنان. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ قابُو پِيا ڪُفار، ته توکي ڦيرِينِ، تِنهن ڪنان، توڏي مُڪو سون مُورِهين، وِحيءَ، جو وِينجھار! تان ٺاھ اَسان تي ٺاهِين، تِنهن ري، ٻيو ٻِيهار، ۽ وَٺندا تنهِين وار، توکي دِلئون دوست ڪري. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
هُوند، نه توکي حَق مٿي، بيهاريو سون بَحال، ته ڪِي ڪُجھ، تون پڻ تن ڏي، لَڙِي وَڃِين ها لال! |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
تڏهن ته توکي ڪَر اسان، چَکايون چَڱِي چال، ٻِيڻو ٻارڻ موت جو، پڻ ٻِيڻو جِيئڻ جَنجال، پائـِين نَه پَنهنجي نال، ڪو وَرِي اسان تي واهرُو. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ ڀُونءَ ۾ ڏِينئي ڀَو، ته توکي، ڪَڍن تِنهن مَنجھان، تڏهن ته توکان پوءِ، هِي به هُوندا ٿورڙو. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
پَرِ پراڻِي اُنهن جِي، جي توکان اَ ڳي اَنور! موڪلياسون مُورِهين، پَنهنجا پَيغمبر، ۽ وار نه لهندِين وِرِ، اَسان جي اُصول ۾. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
لَڙيا سِج نماز پَڙھ، تان اُونداهِي رات، ۽ پَڙھ قرآن پِڙھ جو؛ قرآن پڙهڻ پِر ڀات، آهي لاکِيڻِي لات حَقَّا حَقَّ حُضور جِي. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ ڪر ڪوشش اُن جي، رات مَنجھان رهبر، آهي رڳو تو مَٿي، واجب اِي ويتر، سِگھو سائـِين تُنهنجو، ميلي مَنجھ مَحشر، اُٿاريندئـِي آخر، مِڙنِيئان موچارٖي ماڳ ۾. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ چئو، سائينمِ! راهِينمِ سَچ ۾، پڻ ڪَڍِينمِ سچ جي پار، پڻ ڏَاڍو ڏَڍ ڏاتار!، پَرور ڏِينمِ پاڻ وَٽان. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ چَئـِي ڏي چِٽو، ته آيو سَچ صَحِي، ۽ وِيو ڪُوڙ ڪهِي؛ ڪوڙ وَڃڻو، ڌُوڙ ٿِي. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسين قرآن ڪريم مان، اُتاريون، سي اُهڃاڻ، جي ٻُڪِي ۽ ٻاجھ ٻَئـِي، وِسهن وارن ڪاڻ، ۽ هاڃيڪارن هاڻ، نَفعو نه ڏي، نُقصان ري. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ اَسِين هِن اِنسان کي، جڏهن ڏِيون سُک،ته ڦيرِينِ پاسو پَنهنجو، مُوڙهل موڙيو مُک، ۽ جڏهن ڏِيونسِ ڏک، ته آهي بِنہ بي آسري. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
چئو، هرڪو پَنهنجي ڀيٽ تي، ڪري ٿو ڪَم ڪار، تُنهنجو سائـِين تِنهن ڪنان، ويتر واقِفڪار، ته ويتر پوري پير تي، آهي ڪهڙو پار؟، |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ توکان پُڇن رُوح جو، ته آهي ڪِهڙو اسرار؟ چئو رُوح سَندمِ ربَّ جي، اَمر مَنجھان اِظهار، ۽ ٿورِي سُڌ ٻُڌ ڌار، آن کي نه مِليو عِلم مان. |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ جي گُھرون، ته اَسِين نِپٽ نِيون، جو وَحِي ڪيوسونئي وير! پوءِ ڀانئـِين نَه، اسان وٽ پاڻ لئي، ڪو لَهندڙ سُڌ سُڌِير، |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
مگر تُنهنجي مالِڪ کان، مِهربانِي مِير، توتي ڀَال بَشِير! آهِن وَڏا اُن جا. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
چئو ماڻهو، جِن جَھان جا، هُوند مِڙن هِن هارِ، ته مِثل هِن قرآن جي، آڻينِ ڪو اِظهار، ته جِھڙس جوڙي ڪِين سَگھن، هرگز کِيندا هار، وَڻي نه ٿِين وَهَارَ، هِڪ ٻِئـٖي جِي حرف، حرف ۾. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ ڏناسون هِن قرآن ۾، ڪَئـِين مِثال ماڻهن هارِ، پوءِ اَڪثر ڪيئون اِنڪار، ڪُفر سَوا، ڪُل ڳالھ کان. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
چي، اسين نه اصل تو مٿي، آڻيو اِعتبار، تان ڪڍين اَسان لئي، ڀُون مَنجھان، ڪو چيري چشمو نار، |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا ڊاک، کجين جو باغ ڪو، هَڪيو هُجي توهارِ، پوءِ وَهائـِين واهِيون، وِچان تن وِينجھار!، |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا ڪرِين اَسان تي اُڀ مَنجھان، ٽُڪرا، ٽَڪرا ڌار، جِيئن ڀانِئي، ڪِ اسان تي آڻيئـِين، خُود صاحب ربَّ ستار، يا مَلائـِڪ ميدان ۾، سامهان صف قطار، |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
ياتو هُجي گَھر سونَ جو، يا اُسرِين تون اُڀ پار، ۽ اُڀ تي، تُنهنجي چَڙهڻ کي، تاسِين نه وِسهون وار، تان اَسان تي اُتار، آڻيين ته پَڙهون اُن کي. چئو، پاڪ ٻِين کان، پَڪ سان، مُنهنجو پالڻهار، ماڻهو مُرسل ڌار، آءٌ نَه ٻِيو ڪُجھ آهِيان. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ مَنع نه ماڻهن کي ڪئـِي، ته مَڃِينِ سو مَذڪور، جڏهن آينِ هدايت حق جِي، مگر چيائون مُور، ته ڌڻِي ڪِنهن دَستور، ماڻهو مُرسل موڪليو. |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
چئو، هُوند مَلڪ مُقِيم هئا، ڀُون ۾ برقرار، آرامِي آسڻ تي، هَلن چَلن چوڌار، ته مُرسل مَلڪ موچار، اُتن اُتاريوسون اُڀ ڪنان. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
چئو، مُون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي بَس سَتار، بيشڪ سَندسِ بندن کان، سو خُوب خبردار، پڻ واحِد ويرو تار، ڏِسندڙ ساري ڏيھ کي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ سائـِين سَئـِين سُهائـِي جنهن کي، پوءِ سَنئون، سو سُڄاڻ، ۽ جنهن ڀُلائي ڀاڻي ڪنان، ته ڌاران ڌڻي پاڻ، ڪونهي ڪو اُن ڪاڻ، جو اَولياء اولاڻِيء رَسي. اُٿارينداسُون اُنهن کي، ڏِينهن محشر مُنهن ڀر، اَنڌو اکين کان، ۽ گُنگو، ٻوڙو، ڪَنِين ڪَر، مَڱَرِ ماڳ اُنهن جو، جي گَھٽيسَ ڄِڀِيء ڄَر، ته ٻارِينداسون ٻِيهر، آڳ اَ ڳوڻِيان اڳرِي. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اِيءَ باھ بَدلو اُنهن جو، برابر ڀَر پُور، اسان جي اُهڃاڻن کان، جِيئن مُنڪر ٿيا مَغرور، چي، ڪِ، مُئاسُون جنهن مَهل ۾، ۽ هُونداسون هڏ چور، نئـِين جوڙ ۾ ضرور، اَسين ڪِ اُٿڻاآهيون؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا وَرتئون نه وِيچار؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، جنهن ڀُون ۽ اُڀ بنايا، سو قادِر برقرار، اُن جِھڙن جوڙڻ تي، پڻ ڪيائين تنِي هار، مُدت مُقرر، جِنهن ۾، ويڇو ناهي وار، پوءِ ڪُل کان، ڪُفر ڌار، اَنڌاريلن اِنڪار ڪيو. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
چئو، هُجن اوهان جي هٿن ۾، جي ڀانڊار ڀَرپُور، مُنهنجي ربَّ جي رحمت جا، ته پُوريان پِهرين پُور، ڪنان سُڃائـِي جو سُور، ۽ ماڻهون مَرچُوت مُورهِين. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ ڏِناسُون مُوسٰى مِير کي، نَوَ معجزا مشهور، پوءِ پُڇ بَنِي اِسرائيل کان، مِريوئـِي مَذڪور، آينِ جڏهن؛ پوءِ فِرعون چيو، اُن کي اِن دستور، ته مُوسٰى! ڀانيان مُور، توکي ڪامِل ڪامَڻ هورڪو. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
چي، اَٿيئـِي عِلم، نه اُتاريا، هِي مُعجزا مشهور، مگر مالِڪ اُڀ، زمين جي، نِپٽ نِشانيون نُور، ۽ توکي ڀانيان بي شعور، ته فرِعون! اَٿيئـِي ڦِٽڻِي. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ قَصد چَڙهيو، ته ڪڍي تن کي، مُلڪ منجھان مُور، پوءِ ڪيوسون غرقُور، سو ۽ سَندسِ سَڀ ساٿ کي. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، پوءِ چيوسون تِنهن پُڄاڻ، ته ورِي وطن وَسائيو، پوءِ جڏهن آيو ٻِيو اُهڃاڻ، پَڪ توهان کي پاڻ، ويرهي وَٺنداسون وٖير ۾. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ سچ سان اُتاريو سون اُن کي، ۽ اُتريو سَچ سان جو، ۽ مُرسل نه مُڪو سون تو، مگر کِيانتو خابرُو. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ ڪيو سون قُرآن کي، سُورتون، سِيپارا ڌار، تان جَھلي جَھلي پَڙهِينس تون، ماڻهن تي مَهندار، ۽ درجي، درجي وار، اُتاريو سُون اُن کي. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
چئو، اوهين کيس مَڃو، يانه مَڃو، جن کي مَهند تِنهن کان مُور، عِلم اِلاهي عطا ٿيو، پڙهجن مَٿنِ جنهن پُور، ته کاڏِينَ ڀَر ضرور، ڪِريا سِر سُجود ۾. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
چي، اَسان جي الله جِي، آهي وڏِي وڏائـِي؛ جائـِز پُڄڻاجائـِي، اَسان جي الله جا. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ ڪِرن کاڏِين ڀِر، روئن ربَّ جي خوف ۾، ۽ عاجزِي اَپر، وَڌائـِين وُجود ۾. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
چئو، سَڏيو ياالله!، يا سَڏيو يا رَحمٰن!، جِھڙي نالي سان سَڏيو، پوءِ سَندا اُن سُبحان، نالا نِرمل سُهڻا، ظاهِر هَر زمان، ۽ نه ڏاڍي پَڙھ نماز سَندِئي، ۽ نه جِھيڻِي اَندر جان، ٻِنهِي درميان، وَٺ تون واٽ وِچٿرِي. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ تنهن صاحب کي ساراه، جنهن پَٽئـِي پُٽ نه ڌارِيو، مُور نه اُن سان مُلڪ ۾، ڪو ڀيڙو باشاھ، ۽ نه اُن جو ڪِنهن ڪم ڪار ۾، هيڻايان هَمراھ، ۽ وَڏائـِي وه واھ!، ڳايو ڳاءِ اُن جِي. |