سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
اهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمدصه) کي هڪ رات ۾ مسجد حرام کان مسجد اَقصٰي تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي سير ڪرايو هن لاءِ ته کيس پنهنجيون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ اسان موسٰي (عليه السلام) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت ڪيوسون (ان ۾ چيوسون ته) مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪارساز ڪري نه وٺو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اي انهن جا اولاد جن کي اسان نوح (عليه السلام) سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾ ) چاڙهيو. بيشڪ هو شڪر گذار ٻانهو هو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه کولي ٻڌائي ته ضرور اوهين زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ ضرور اوهين وڏي سرڪشي ڪندو. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن انهن ٻنهين (ڀيرن) مان پهرئين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا پنهنجا ٻانها اوهان تي موڪليا پوءِ اهي شهرن ۾ ڪاهي پيا. ۽ اهو وعدو پورو ٿيڻو هو. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
وري اوهان کي مٿن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد سان وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
(۽ چيوسون ته) جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو ۽ جيڪڏهن بُرائي ڪندو ته پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن پڇاڙيءَ جي وعدي جو وقت آيو (ته ٻيا ٻانها موڪلياسون ته) اوهانجن منهن کي غمگين ڪن ۽ مسجد ۾ داخل ٿين جيئن ان ۾ پهرئين ڀيري (اوهان جا دشمن) داخل ٿيا ۽ هن لاءِ ته جنهن شيءَ تي وس هلين تنهن کي چڱيءَ طرح برباد ڪن. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
هيءَ ڳالهه پري نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن (اسان کان) ڦري ويندو ته اسين به (عذاب سان) موٽنداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيلخانو ڪيو آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ هيءَ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بالڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ انسان بُرائي لاءِ به (ائين ئي) دعا گهري ٿو، جيئن ڀلائي لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان اٻهرو آهي. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪيو، پوءِ رات جي نشاني کي مٽايوسون ۽ ڏينهن جي نشانيءَ کي ڏسڻ لاءِ بنايوسون هن لاءِ ته پنهنجي پاليندڙ جي فضل (رزق) جي تلاش ڪريو ۽ ورهن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو. ۽ سڀڪنهن شيءَ کي اسان کولي بيان ڪيو آهي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ سڀڪنهن ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عملنامو لٽڪايو اٿئون ۽ قيامت جي ڏينهن ان لاءِ هڪ ڪتاب ڪڍنداسون جنهن کي هو کليل ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(کيس چيو ويندو ته) تون پنهنجو ڪتاب پڙهه. اڄ تنهنجو نفس ئي تنهنجو حساب وٺندڙ بس آهي. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جنهن واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو. ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي (جي گناهه) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آهيون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (نه) موڪليون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن به اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي حڪم ڪيون سون پوءِ انهن ان ۾ نافرماني ڪئي پوءِ ان (ڳوٺ) تي (عذاب جي) ڳالهه ثابت ٿي پوءِ اسان ان کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ ڪيتريون ئي جماعتون نوح (عليه السلام) کان پوءِ برباد ڪيون سون. ۽ تنهنجو پاليندڙ ئي پنهنجن ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ بس آهي. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گُهرون (۽) جنهن لاءِ گُهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيون ٿا، جنهن ۾ خوار تڙيل ٿي داخل ٿيندو. ۽ |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي مناسب ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
اسين هِننِ ۽ هُنَنِ سڀني جي تنهنجي پاليندڙ جي ڏات مان مدد ڪريون ٿا. ۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڏات روڪيل نه آهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏِسُ ته ڪيئن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. ۽ آخرت ۾ ته اڃا به وڏا درجا ۽ وڏي فضيلت آهي. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
الله سان گڏ ٻيو ڪو به حاڪم نه ٺهراءُ! نه ته خوار بي مددگار ٿي وهندين. (صص) ۽ |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ ماءُ پيءَ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن تو وٽ انهن ٻنهين مان هڪ يا اُهي ٻئي ٻُڍاپڻ کي پهچن ته تون کين اُف به نه چؤ ۽ نه اُنهن کي ڇڙٻ ڏي ۽ انهن سان اَدَب جي ڳالهه ڪر. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نِماءِ. ۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! انهن ٻنهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهين مونکي ننڍي هوندي پاليو. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهنکي اوهان جو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. جيڪڏهن چڱا ٿيندو ته بيشڪ اهو رجوع ٿيندڙن کي معاف ڪرڻ وارو آهي. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ پنهنجي مائٽ کي سندس حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به). ۽ اجايو خرچ نه ڪر. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
ڇو ته اجايو خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پاليندڙ جو ناشڪر آهي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جيڪڏهن تون پنهنجي پاليندڙ جي مهرباني (رزق) جي انتظار ۾ جنهن جي اميد ڪرين ٿو، انهن کان منهن موڙين ته انهن کي نرم ڳالهه چؤ. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري) پنهنجي ڳچيءَ سان نه ٻَڌ (يعني هٿ خرچ کان نه روڪ) ۽ نه ان کي بالڪل کولي ڇڏ نه ته ملامت ڪيل خالي هٿن سان ويهي رهندين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (ڪنهن جي) تنگ ڪري ٿو بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناهه آهي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زنا کي ويجها نه وڃو، بيشڪ اها بي حيائي آهي. ۽ بڇڙو رستو ؛ |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
هي. ۽ اهڙي شخص کي قتل نه ڪريو جنهن جو (قتل ڪرڻ) الله حرام ڪيو آهي مگر انصاف سان (ڀلي ڪريو). ۽ جيڪو ظلم سان قتل ڪيو ويندو تنهن جي وارث کي اسان (بدلي وٺڻ جو) اختيار ڏنو آهي. پوءِ اهو قتل ڪرڻ ۾ زيادتي نه ڪري. بيشڪ کيس مدد ڏني وڃي ٿي. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ يتيم جي مال کي اهڙي طريقي کان سواءِ جو چڱو آهي ويجها نه وڃو ايتري تائين جو هو پنهنجي طاقت کي پهچي. ۽ انجام پاڙيو. بيشڪ (ڪيل) انجام بابت پڇا ٿيندي. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو. ۽ سئينءَ ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي گهڻي چٽي آهي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ جنهن (ڳالهه) جي توکي خبر نه آهي تنهن جي پٺيان نه پؤ، ڇو ته ڪن ۽ اکيون ۽ دل سڀني کان ان ڳالهه بابت پڇا ٿيندي. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ تون نه زمين کي ڦاڙي سگهندين ۽ نه ڊگهائي ۾ جبلن کي پهچي سگهندين. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
هي سڀ بڇڙا (ڪم) تنهنجي پاليندڙ وٽ ناپسندآهن. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
اهي ڳالهيون ان حڪمت مان آهن جيڪا تنهنجي پاليندڙ تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ الله سان گڏ ٻيو ڪوبه حاڪم نه ٺهراءِ. نه ته ملامت ڪري تڙي توکي دوزخ ۾ وڌو ويندو. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ڇا پوءِ اوهان جي پاليندڙ اوهان کي پٽن لاءِ چونڊيو آهي ۽ ملائڪن مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون ورتيون اٿس. بيشڪ اوهين وڏي ڳالهه ڪريو ٿا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح سمجهايو آهي ته جيئن اهي ڌيان ڪن. هوڏانهن اها ڳالهه (هيڪاري) انهن جي نفرت وڌائي ٿي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي پيغمبر) چؤ ته سندن چوڻ موجب جيڪڏهن ان سان گڏ ٻيا حاڪم هجن ها ته ان ئي وقت اهي (جنگ ڪرڻ لاءِ) عرش جي مالڪ تائين ڪو رستو ڳولين ها. |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
اهو پاڪ آهي ۽ جيڪي چون ٿا تنهن کان گهڻو بلند آهي. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو به انهن ۾ آهي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ ڪابه شيءَ (اهڙي) نه آهي جا سندس تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان نه ٿي ڪري پر اوهين انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نه ٿا سمجهو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ لڪل پردو وجهون ٿا. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته متان ان کي سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا). ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پاليندڙ جو بيان ڪرين ٿو ته ٽهي پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
(اي پيغمبر) جنهن وقت اهي تنهنجي ڳالهه ڪن لائي ٻڌن ٿا جنهن (ارادي) سان ٻڌن ٿا تنهن کي اسين چٽي طرح ڄاڻندڙ آهيون. ۽ جڏهن اهي ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا جنهن مهل ظالم چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙي شخص جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيل آهي (تن ڳالهين کي به وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون) |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏس ته تو لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪيا اٿن پوءِ گمراهه ٿيا آهن جو رستو نه ٿا لهي سگهن. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ چيائون ته ڇا (ان وقت) جڏهن اسين هڏا ۽ ڳريل عضوا ٿينداسون اسان کي نئون پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
(کين) چو ته اوهين پٿر ٿيو يا لوهه |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ٻي ڪا مخلوق جيڪا اوهان جي دلين ۾ وڏي ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ چوندا ته ڪير اسان کي (مرڻ کانپوءِ) موٽائي آڻيندو؟چو ته (اُهو) جنهن اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو. پوءِ تنهنجي اڳيان ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اهو ڪڏهن ٿيندو؟ چو ته اُميد آهي ته جلد ئي ٿئي. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن اوهان کي سڏيندو پوءِ اوهين سندس تعريف ڪندا هليا ايندو ۽ خيال ڪندو ته اوهين ٿورو ئي وقت رهيا هئا. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ تون منهنجن ٻانهن کي چو ته (ڪافرن کي) اها ڳالهه چون جا چٽي آهي. بيشڪ شيطان سندن وچ ۾ جهڳڙو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
اوهان جوپاليندڙ اوهان کي چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪڏهن گهري ته اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن گهري ته اوهان کي عذاب ڪري ۽ اسان توکي انهن جو ذمي دار ڪري نه موڪليو آهي. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن تن کي تنهنجو پاليندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. ۽ اسان هڪڙن نبين کي ٻين تي فضيلت ڏني. ۽ داود کي زبور ڏنوسون. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
(کين) چو ته الله کان سواءِ جن جو اوهان خيال ڪيو آهي تن کي سڏيو پوءِ اهي اوهان تان نه تڪليف لاهڻ جو ۽ نه ٽارڻ جو اختيار رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اُهي جن کي (ڪافر) پوڄين ٿا. سي خود پنهنجي پاليندڙ تائين ويجهي ٿيڻ جا سبب ڳولين ٿا ته ڪير انهن مان زياده ويجهو ٿئي ٿو ۽ سندس مهربانيءَ جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو عذاب ڊڄڻ جهڙي شيءَ آهي. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ اهڙو ڪو ڳوٺ نه آهي جنهن کي قيامت جي ڏينهن کان اڳي اسين برباد نه ڪنداسون يا ان کي اسين سخت عذاب نه ڪنداسون. اهو (حڪم) ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان کي نشانين موڪلڻ کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو اڳوڻن انهن (نشانين) کي ڪوڙ سڏيو. ۽ ثمود جي قوم کي ڏاچي جي ظاهر ظهور (معجزو) ڏنوسون پوءِ انهن ان تي ظلم ڪيو هوڏانهن اسين نشانيون رڳو ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو ته تنهنجي پاليندڙ (سڀني) ماڻهن کي گهيرو ڪيو آهي. ۽ جيڪو نظارو اسان توکي ڏيکاريو تنهن کي ۽ جنهن وڻ تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي تنهن کي اسان ماڻهن لاءِ هڪ آزمائش ڪيو آهي ۽ اسين انهن کي ڊيڄاريون ٿا. پوءِ (ڊيڄارڻ) اڃان به انهن کان وڏي سرڪشي ڪرائي ٿيو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو. ان چيو ته ڇا آءُ ان کي سجدو ڪريان جنهن کي تو مٽيءَ مان پيدا ڪيو. چوڻ لڳو ته ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته هيءَ جنهن کي تو مونتي فضيلت ڏني آهي جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏيندين ته آءُ سندس اولاد جي ڪن ٿورن کان سواءِ پاڙ پٽيندس. |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
الله فرمايو ته وڃ، پوءِ انهن مان جو به تنهنجي پٺيان هليو ته جهنم اوهان (سڀني) جي پوري جزا آهي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ پنهنجي آواز سان انهن مان جنهنکي به ٿي سگهي تنهن جا پير اکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙي سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ مالن ۾ ۽ اولادن ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان انجامَ ڪر.۽ شيطان ڌوڪي کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نه ٿو ڪري. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ منهنجن ٻانهن تي تنهنجي ڪا حڪومت نه آهي. ۽ تنهنجو پاليندڙ ڪارساز ڪافي آهي. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
اوهان جو پاليندڙ اهو آهي جو سمنڊ ۾ اوهان لاءِ ٻيڙيون هلائي ٿو هن لاءِ ته اوهين سندس فضل مان (روزي) ڳوليو. بيشڪ اهو اوهان تي وڏو مهربان آهي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن اوهان کي درياءَ ۾ تڪليف پهچي ٿي تڏهن جن کي (هينئر) سڏيو ٿا سي سڀ الله کان سواءِ وسري وڃن ٿا. پوءِ جڏهن اوهان کي خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو ته منهن موڙيو ٿا ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ڇا پوءِ اوهان کي هن ڳالهه کان ڊپ ڪونهي ته اوهان کي خشڪيءَ جي ڪنهن پاسي ۾ ڳهائي ڇڏي يا اوهان تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪلي پوءِ پاڻ لاءِ ڪو نگهبان نه لهو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا ته اوهان کي هن ڳالهه جو ڊپ ڪونهي ته اوهان کي ٻئي ڀيري درياءَ ۾ وٺي وڃي پوءِ اوهان تي هوا جو سخت طوفان موڪلي پوءِ اوهان جي (ان) ناشڪريءَ جي ڪري اوهان کي ٻوڙي پوءِ اوهان پاڻ لاءِ اسان کان ان (ٻوڙڻ) جو ڪوبه بدلي وٺڻ وارو نه لهو. |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ کين خشڪيءَ ۽ درياءَ ۾ سوار ڪيوسون. ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون ۽ جن کي اسان پيدا ڪيو تن مان گهڻن تي انهن کي فضيلت ڏني سون. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
(ان ڏينهن کي ياد رک) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن فرقي کي سندن پيشوا سان سڏينداسون. پوءِ جن کي سندن اعمالنامون ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، سي پنهنجو اعمالنامون پڙهندا ۽ مٿن ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جو هن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ به انڌو ۽ رستي کان ٿڙيل هوندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ جيڪي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي تنهن کان انهن توکي ذري گهٽ ڦيريو ٿي هن لاءِ ته ان (وحي) کان سواءِ تون اسان تي ڪو ٺاهه ٺاهين. ۽ ان وقت ته توکي دوست بنائين ها. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جيڪڏهن اسين توکي سنڀالي نه رکون ها ته تون انهن ڏي ذري گهٽ ڪجهه جهڪين ها. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
(جيڪڏهن ائين ڪرين ها ته) ان ئي وقت توکي حياتيءَ ۾ ٻيڻو ۽ موت کان پوءِ ٻيڻو (عذاب) چکايون ها پوءِ توکي پاڻ لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار نه ملي ها. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ اهي (مڪي جي) زمين مان تنهنجا پير اکيڙڻ لڳا ٿي هن لاءِ ته ان مان توکي ڪڍن ۽ ان وقت پاڻ به تنهنجي پٺيان ٿورو وقت رهن ها. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
انهن رسولن جي دستور موافق جن کي اسان توکان اڳ موڪليو ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
سج لڙڻ کان وٺي رات جي سخت اونداهيءَ ٿيڻ تائين نماز قائم ڪر. ۽ صبح (جي نماز ۾) قرآن پڙهه. بيشڪ صبح جي (نماز ۾ ) قرآن پڙهڻ وقت (ملائڪ) حاضر ٿين ٿا. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ ڪجهه رات قرآن سان جاڳ (يعني تهجد جي نماز ۾ قرآن پڙهه) جا تولاءِ زياده (عبادت) آهي. اميد آهي ته تنهنجو پاليندڙ توکي مقام محمود ۾ بيهاريندو. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ مون کي سچائيءَ سان ٻاهر ڪڍ! ۽ مون کي پاڻ وٽان مدد ڪندڙ طاقت (حڪومت) ڏي. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ چؤ ته حق آيو ۽ ناحق مٽجي ويو.بيشڪ ناحق مٽجڻ وارو آهي |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسين اهو قرآن نازل ڪريون ٿا جو ايمان وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي. ۽ ظالمن لاءِ رڳو نقصان وڌائي ٿو. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن ماڻهوءَ کي نعمت ڏيون ٿا ته منهن موڙي ٿو ۽ پنهنجو پاسو ڦيري ٿو. ۽ جڏهن کيس برائي پهچي ٿي ته نااميد ٿئي ٿو. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
چؤ ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي نموني تي ڪم ڪري ٿو پوءِ جنهنجو رستو زياده سڌو آهي تنهن کي تنهنجو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ توکان روح بابت پڇن ٿا. چو ته روح منهنجي پاليندڙ جي حڪم مان آهي. ۽ اوهان کي بالڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جيڪو (قرآن) اسان توڏي وحي ڪيو آهي سو (موٽائي به) کڻي وڃون. پوءِ ان جي ڪري توکي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪوبه ڀر جهلو نه ملندو. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
پر اسان تنهنجي پاليندڙ جي رحم ڪري ئي (قرآن کي موٽائي کڻي وڃڻ کان روڪيو آهي) بيشڪ توتي سندس وڏو فضل آهي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
چؤ ته جيڪڏهن انسان ۽ جن هن جهڙي قرآن آڻڻ (ٺاهڻ) لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ انهن مان هڪڙا ٻين جا مددگار ٿين. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻهن لاءِ نموني نموني بيان ڪيو آهي. پوءِ به گهڻا ماڻهو، انڪار ڪرڻ کان نه رهيا. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ چيائون ته اسين تنهنجو چوڻ نه مڃينداسون جيستائين تون اسان لاءِ زمين مان هڪ چشمو نه وهائين، |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا تولاءِ کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي، پوءِ تون ان جي وچ ۾ واههَ وهائين، يا جيئن چوين ٿو |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
تيئن اسان تي آسمان جا ٽڪر ڪيرائين، يا الله کي ۽ ملائڪن کي سامهون آڻين، |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا توکي سون جو گهر هجي، يا آسمانن ۾ چڙهي وڃين، ۽ اسين تنهنجي چڙهڻ کي (تيسين) ڪڏهن به نه مڃينداسون جيسين اسان تي اهڙو ڪتاب (نه) لاهين جنهن کي اسين پڙهون. چؤ ته منهنجو پاليندڙ پاڪ آهي. آءُ ته رڳو پيغام پهچائيندڙ هڪ ماڻهو آهيان. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو چيائون ته ڇا الله پيغام پهچائيندڙ هڪ انسان موڪليو آهي. |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
چؤ ته جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هجن ها، جي (ان تي) رهندڙ ٿي گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان پيغام پهچائيندڙ هڪ ملڪ موڪليون ها. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
چؤ ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله ، شاهد بس آهي. بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ جنهن کي الله هدايت ڪري سوئي هدايت وارو آهي. ۽ جن کي گمراهه ڪري ته توکي انهن لاءِ الله کان سواءِ ڪي به مددگار نه مِلندا. ۽ کين قيامت جي ڏينهن پنهنجي مُنهن ڀر (هلندڙ ڪري) اٿارينداسون، انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. سندن رهڻ جي جاءِ جهنم آهي. جڏهن به وسامڻ لڳندو ته مٿن زياده باهه ڀڙڪائينداسون. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اها سندن جزا هن ڪري آهي جو انهن اسان جي نشانين جو انڪار ڪيو ۽ چيائون ته ڇا جڏهن اسين هڏا ۽ ڳريل عضوا ٿينداسون ڇا (تڏهن) اسان کي نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا نه ڏٺو اٿن ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو اهڙن جي بنائڻ جي قدرت رکندڙ آهي ۽ انهن لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيو اٿس جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. پوءِ به ظالم انڪار ڪرڻ کان سواءِ نه رهيا. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
چؤ ته جيڪڏهن اوهين منهنجي پاليندڙ جي رحمت جي خزانن جا مالڪ ٿيو ها ته ان وقت کپائي ڇڏڻ جي ڊپ کان بند ڪري رکو ها. ۽ انسان تنگ دِل آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيون، پوءِ بني اسرائيلن کان پڇ جنهن وقت هو وٽن آيو پوءِ فرعون کيس چيو ته اي موسيٰ! آءُ ڀايان ٿو ته توتي جادو ٿيل آهي. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
موسيٰ چيو ته بيشڪ توکي معلوم آهي ته اهي (نشانيون) جيڪي ظاهر دليل آهن سي آسمانن ۽ زمين جي پاليندڙ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به نازل نه ڪيون آهن. ۽ اي فرعون! آءُ ڀايان ٿو ته تون برباد ٿيندين. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ ان ارادو ڪيو ته (ان) زمين مان بني اسرائيلن جا پير اکيڙي، پوءِ اسان فرعون کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا، تن سڀني کي ٻوڙيو. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ ان کان پوءِ بني اسرائيلن کي چيو سون ته زمين ۾ رهو، پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته اوهان سڀني کي گڏي حاضر ڪنداسون. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ (هن) قرآن کي اسان سچ سان نازل ڪيو ۽ اهو سچ سان لٿو ۽ اسان توکي رڳو خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ اسان (هن) قرآن کي جدا جدا ٽڪرن (سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن اهو ماڻهن کي تون آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
چؤته ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو. بيشڪ جن کي ان کان اڳ علم ڏنو ويو آهي تن کي اهو جڏهن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي کاڏين (منهن) ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چون ٿا ته اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي. بيشڪ اسان جي پاليندڙ جو وعدو پورو ٿيڻو آهي. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ روئيندي کاڏين (منهن) ڀر ڪرن ٿا (۽ قرآن) سندن عاجزي وڌائي ٿو. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
چؤ ته (ان کي) الله چئو يا رحمٰن چئو، جو ڪجهه به چوندو ته ان جائي (سڀ) نالا چڱا آهن. ۽ پنهنجي نماز ۾ نه زور سان پڙهه ۽ نه آهستي پڙهه ۽ ان جي وچ ۾ واٽ اختيار ڪر. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن نه ته (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد ورتو آهي ۽ نه ان جو بادشاهيءَ ۾ ڪو شريڪ آهي ۽ نه ڪمزوري جي ڪري سندس ڪو مددگار آهي. ۽ اُن جي چڱيءَ طرح وڏائي بيان ڪر. |