سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
(هر عيب کان) پاڪ آهي اها ذات جنهن سير ڪرايو پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) کي رات جي ٿوري حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي هن لاءِ ته ان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت (جو ذريعو) بنايو (ان ۾ حڪم ڪيو ته) مون کان سواءِ ڪنهن کي ڪارساز نه بنايو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اي انهن جا اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو. بيشڪ اُهو (نوح) هڪ شڪر گذار ٻانهو هيو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان بني اسرائيل لاءِ (پنهنجي) ڪتاب ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هيو ته توهان زمين ۾ ضرور ٻه ڀيرا فساد ڪندؤ ۽ ضرور توهان وڏيون زيادتيون ڪندؤ. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن انهن ٻنهي مان پهرئين (ڀيري) جي وعدي جو وقت پهتو ته اسان اوهان تي سخت جنگ ڪرڻ وارا پنهنجا ٻانها موڪليا. پوءِ اُهي (اوهان جي) ڳولا ۾ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وعدو ضرور پورو ٿيڻو هيو. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
پوءِ اسان ٻيهر اوهان کي انهن تي غلبو عطا ڪيو ۽ اسان مال ۽ اولاد سان اوهان جي مدد ڪئي ۽ اوهان کي وڏي جٿي وارو بنايوسين. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ ئي ڀلائي ڪندؤ ۽ جيڪڏهن برائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ (ڪندؤ). ۽ جڏهن ٻئي وعدي جي گهڙي آئي (ته ٻيا ٻانها موڪلياسين) ته (ماري) توهان جا منهن بگاڙن ۽ مسجد (الاقصى) ۾ داخل ٿين جيئن ان ۾ (حمله آور ماڻهو) پهرئين ڀيري داخل ٿيا هئا تانجو جتي غالب ٿين ان کي تباهه و برباد ڪري ڇڏن. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
اميد آهي ته (هاڻي) اوهان جو پالڻهار اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن اوهان وري ائين (سرڪشي) ڪئي ۽ اسان به ائين (دوبارو عذاب) ڪنداسين. ۽ اسان دوزخ کي ڪافرن لاءِ قيد خانو بنايو آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ هي قرآن اُهو رستو ڏيکاري ٿو جيڪو صفا سڌو آهي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا هن ڳالهه جي خوشخبري ڏئي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ بلاشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب ٺاهي رکيو آهي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ انسان برائي لاءِ (به ائين ئي) دعا گهري ٿو جيئن ڀلائي لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان آهي ئي جلد باز. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بنايو آهي پوءِ اسان رات جي نشاني کي بي نور ڪيو ۽ اسان ڏينهن جي نشاني کي روشن ڪيو هن لاءِ ته توهان پنهنجي رب جو فضل (رزق) تلاش ڪيو ۽ جيئن سالن جي ڳڻپ ۽ حساب ڄاڻو. ۽ اسان هر شيءِ جو تفصيل کولي بيان ڪيو آهي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ اسان هر انسان جي ڳچيءَ ۾ ان جو اعمال نامو لڙڪايو آهي. ۽ اسان قيامت واري ڏينهن ان لاءِ (اُهو) اعمال نامو ڪڍنداسين جنهن کي هُو کليل ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(چيو ويندو) پنهنجو ڪتاب (يعني اعمال نامو) پڙهه. اڄ تون پنهنجو حساب جانچڻ لاءِ پاڻ ئي ڪافي آهين. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جيڪو هدايت جي واٽ تي هلي ٿو سو پنهنجي فائدي لاءِ ئي هدايت جي واٽ تي هلي ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو صرف پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسان تيستائين (ڪنهن کي به) عذاب ڪندڙ نه آهيون جيستائين ڪنهن رسول کي موڪليون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن اسان ڪنهن بستي کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪيون ٿا ته اتان جي خوشحال ماڻهن کي (ڪو) حڪم ڪيون ٿا پوءِ اُهي ان ۾ نافرماني ڪن ٿا. پوءِ اسان جو (عذاب جو) فرمان واجب ٿي وڃي ٿو پوءِ اسان ان (بستي) کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيون ٿا. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ نوح کان پوءِ اسان ڪيترين ئي قومن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو. ۽ تنهنجو پالڻهار ئي پنهنجي ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آهي. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو دنيا جي خوشحالي گهري ٿو ته اسان هِن دنيا ۾ ئي جنهن کي چاهيون جيترو چاهيون جلدي ڏئي ڇڏيون ٿا پوءِ اسان ان لاءِ دوزخ ٺاهيو آهي، جنهن ۾ اُهو بڇڙي حال سان رحمت کان تڙيل بنجي داخل ٿيندو. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ ڪوشش به ڪري ٿو جيئن ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ اُهو ايمان وارو به آهي ته پوءِ اُهي ماڻهو آهن جن جي ڪوشش جي قدرداني ڪئي ويندي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
اسان انهن (سڀني) جي مدد ڪيون ٿا هِنن جي به ۽ هُنن جي به. (اي نبي! اهو سڀ) تنهنجي رب جي عطا سان آهي ۽ تنهنجي رب جي عطا رُڪيل (محدود) نه آهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏس ! ته ڪيئن اسان (دنيا ۾) هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. ۽ يقيناً آخرت (دنيا جي ڀيٽ ۾) درجن جي لحاظ کان به وڏي آهي ۽ فضيلت ۾ به وڏي آهي. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
(اي مخاطب!) الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه بناءِ. (نه ته) پوءِ خوار بي مددگار ٿي ويهندين. |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنهنجي پالڻهار فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ان کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪيو ۽ ماءُ پيءَ سان سهڻو سلوڪ ڪيو. اگر تنهنجي سامهون ٻنهين مان هڪ يا ٻئي پِيري کي پهچن ته پوءِ انهن کي ”اف“ به نه چؤ ۽ انهن کي ڇڙٻ به نه ڏي ۽ انهن ٻنهين سان ڪرم واري ڳالهه ڳالهاءِ. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
انهن ٻنهين لاءِ رحم دلي سان عاجزي جون ٻانهون جهُڪاءِ ۽ (انهن لاءِ دعا گھرته) ”اي منهنجا پالڻهار! انهن ٻنهين تي رحم فرماءِ جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو هيو“. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
اوهان جو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان صالح ٿيندئو ته بيشڪ اُهو سندس طرف موٽڻ وارن کي بخشيندڙ آهي. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
رشتيدار کي سندن حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي به (ڏي) ۽ اجايو بيجا خرچ نه ڪر. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
بيشڪ اجايو خرچ ڪرڻ وارا شيطانن جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جو وڏو ناشڪر آهي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جي تون انهن (مستحقن) کان پاسائتو ٿيڻ چاهين ٿو پنهنجي پالڻهار جي رحمت (يعني خوشحالي) جي انتظار ۾ جنهن جو تون اميدوار آهين ته پوءِ انهن سان نرمي سان ڳالهاءِ. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌل نه رک (يعني بُخل نه ڪر) ۽ نه ئي ان کي بلڪل کولي ڇڏ (جو هڙئي ڏئي ڇڏين) پوءِ خود ملامت زده خالي هٿين (حسرت ۾) ويهي رهين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو پالڻهار جنهن لاءِ چاهي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ پنهنجي اولاد کي سُڃائي جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. اسان ئي انهن کي روزي ڏيون ٿا ۽ توهان کي به. بيشڪ انهن کي مارڻ وڏو گناهه آهي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زنا کي ويجهو نه وڃو بيشڪ اها بي حيائي آهي ۽ نهايت بُـــرو رستو آهي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ اهڙي شخص کي قتل نه ڪيو جنهن کي (قتل ڪرڻ) الله حرام ڪيو آهي سواءِ (شرعي) حق جي. ۽ جيڪو ظلم سان ماريو ويو ته ان جي وارث کي اسان (قصاص وٺڻ جو) حق ڏنو آهي. پوءِ اُهو قتل ڪرڻ ۾ زيادتي نه ڪري. يقينًا ان جي مدد ڪئي ويندي. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃو سواءِ اهڙي طريقي جي جو (يتيم لاءِ) بهتر هجي جيستائين اُهو پنهنجي جواني کي پهچي وڃي. ۽ (پنهنجا) انجام پاڙيو، بيشڪ معاهدن بابت (اوهان کان) پڇا ٿيندي. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ ماپ پوري ڪيو جڏهن (به) ماپيو ۽ سنئين تارازي سان وزن ڪيو. اُهو ئي بهتر آهي ۽ انجام جي لحاظ کان (به) زور سهڻو آهي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ جنهن (ڳالهه) جي تو کي خبر نه آهي ان جي پويان نه پؤ. بيشڪ ڪن ۽ اکيون ۽ دل انهن سڀني کان ان (ڳالهه)بابت پڇا ٿيندي. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ تون نه زمين کي چيري سگهندين ۽ نه ئي تون بلندي ۾ جبلن کي پهچي سگهندين. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
انهن سڀني ڪمن جو (جيڪي بيان ٿيا) بُـــرو پاسو تنهنجي پالڻهار وٽ ناپسند آهي. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
هي حڪمت ۽ دانائي جي انهن ڳالهين مان آهي جيڪا تنهنجي پالڻهار تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ (اي مخاطب!) الله سان گڏ ٻيو معبود نه بناءِ (نه ته) تون ملامت زده تڙيل دوزخ ۾ ڦِٽو ڪيو ويندين. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ڇا پُٽن لاءِ توهان جي پالڻهار توهان کي چونڊيو آهي؟ ۽ (پاڻ لاءِ) ان ملائڪن کي نياڻيون بنايو آهي. بيشڪ اوهان تمام وڏي ڳالهه ڪيو ٿا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ (نصيحتن کي) انداز مٽائي بار بار بيان ڪيو آهي ته (ماڻهو) نصيحت پِرائن. پر ان سان ته انهن (منڪرن) جي نفرت ئي وڌي ٿي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
چؤ جيڪڏهن اُن (الله) سان گڏ ٻيا به معبود هجن ها جيئن (مشرڪ) چون ٿا، ته ان ئي وقت اُهي عرش جي مالڪ تائين (جنگ ڪرڻ لاءِ)ڪو رستو ڳولن ها. |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
اُهو پاڪ آهي ۽ انهن ڳالهين کان جيڪي اُهي چون ٿا گهڻو ئي مٿاهون آهي، برتر (۽) وڏو آهي. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ان جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن ۾ آهي. ۽ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جا سندس تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان نه ٿي ڪري پر اوهان انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ (جي ڪيفيت) نه ٿا سمجهو. بيشڪ اُهو (الله) بردبار بخشڻهار آهي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسان تنهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن هڪ لڪل پردو وجهون ٿا. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ اسان انهن جي دلين تي پردو وجهون ٿا ته جيئن ان کي سمجهي (نه) سگهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پالڻهار جو ذڪر ڪرين ٿو ته اُهي نفرت ڪندي پٺي ورائي ڀڄن ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا اُهي جنهن مقصد لاءِ ڌيان سان ٻڌن ٿا ۽ جڏهن اُهي توڏانهن ڪن لائن ٿا ۽ جڏهن اُهي ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا جنهن مهل ظالم چون ٿا ته: ”توهان ته فقط اهڙي شخص جي پيروي ڪيو ٿا جنهن تي جادو ٿيل آهي“. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا مثال ڏين ٿا؟ سو اهي گمراهه ٿي ويا پوءِ راهه نه ٿا لهي سگھن. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ چيائون ته: ”ڇا جنهن وقت اسان (مرڻ بعد) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو“؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
چؤ: ”توهان پٿر ٿيو يا لوهه. |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ڪا اهڙي مخلوق جا اوهان جي دلين ۾ (اڃا وڌيڪ) سخت معلوم ٿئي“. (ته به دوبارو اٿاريا ويندئو) وري سگھوئي پڇندا ته (مرڻ بعد) ”اسان کي وري زنده ڪيرڪندو“؟ چؤ: ”اُها ذات جنهن اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو“. پوءِ اُهي جلد تنهنجي اڳيان (انڪار ۽ ٺٺول طور) ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته: ”ڀلا اُهو ڪڏهن ٿيندو“؟ چؤ: ”اميد آهي ته اُهو جلد ئي ٿي ويندو. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن اُهو اوهان کي سڏيندو ته اوهان ان جي سڏ کي قبول ڪري ان جي ساراهه ڪندي حاضر ٿيندئو ۽ اوهان خيال ڪندؤ ته (دنيا ۾) تمام ٿورڙو رهيا هئا“. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ (اي نبي) منهنجي ٻانهن کي چؤ ته اُهي اهڙيون ڳالهيون ڪن جي سڀ کان بهتر هجن. بيشڪ شيطان انهن جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ڪري ٿو. بلاشڪ شيطان انسان لاءِ کليل دشمن آهي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
توهان جو پالڻهار توهان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. جي چاهي ته توهان تي رحم ڪري يا جي چاهي ته توهان کي عذاب ڪري. ۽ اسان تو کي انهن جو ذميدار ڪري نه موڪليو آهي. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ تنهنجو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ بيشڪ اسان هڪڙن نبين کي ٻين تي فضيلت ڏني ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
چؤ اوهان انهن (سڀني)کي سڏيو جن کي الله کان سواءِ (معبود) سمجھو ٿا، پوءِ اهي نه ته توهان جي تڪليف لاهڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه بدلائڻ جو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اهي (مشرڪ) جن عبادت ڪن ٿا اُهي خود پنهنجي پروردگار ڏانهن وسيلو تلاش ڪن ٿا ته انهن مان الله وٽ زور ويجهو ڪير آهي؟ ۽ (اهي خود) الله جي رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. بيشڪ تنهنجي پالڻهارجو عذاب آهي ئي ڊڄڻ جي لائق. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ (بي فرمانن جو) ڪو اهڙو ڳوٺ نه آهي مگر اسان ان کي قيامت جي ڏينهن کان اڳي برباد ڪرڻ وارا آهيون يا ان کي نهايت ئي سخت عذاب ڏيڻ وارا آهيون. اُهو حڪم ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آهي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان کي ڪنهن ڪونه روڪيو آهي؟ نشانين (يعني معجزن) جي موڪلڻ کان سواءِ هن ڳالهه جي جو اڳين (قومن) ان کي ڪوڙو چيو هيو. ۽ اسان ثمود (جي قوم) کي ڏاچي جو ظاهر ظهور معجزو ڏنو پوءِ ان سان ظلم ڪيائون. ۽ اسان نشانيون رڳو (ڪافرن کي) ڊيڄارڻ لاءِ ئي موڪليندا آهيون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو ته بيشڪ تنهنجي پالڻهار (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) ماڻهن کي گهيري رکيو آهي. ۽ جيڪو نظارو (شبِ معراج ) اسان تو کي ڏيکاريو اُهو رڳو ماڻهن لاءِ آزمائش ئي بنايو آهي. ۽ ان وڻ کي به جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪئي وئي آهي. ۽ اسان انهن کي ڊيڄاريون ٿا مگر اُهو (ڊيڄارڻ) به انهن ۾ ڪو واڌارو نه ٿو ڪري سواءِ وڏي سرڪشي جي. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان فرشتن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪيو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. چيائين: ”ڇا ان کي سجدو ڪيان؟ جنهن کي تو (آلي) مِٽيءَ مان بنايو آهي“. |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
(ابليس) چيو: ”ڀلا تون ڏس ته هي شخص (ان لائق به) آهي جنهن کي تو مون تي فضيلت ڏني آهي جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏين ته آءٌ سندس اولاد جي پاڙ پٽيندس سواءِ ڪن ٿورن جي“. |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
(الله) فرمايو: ”وڃ! پوءِ انهن مان جيڪو به تنهنجي پيروي ڪندو ته پوءِ بيشڪ جهنم اوهان سڀني جي پوري پوري سزا آهي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ انهن مان جنهن تي به تنهنجو وس هلِـي سگهي پنهنجي آواز سان ان جا پيرَ اُکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙي سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ انهن جي مالن ۽ اولاد ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان وعدا ڪر.۽ انهن سان شيطان فريب کان سواءِ (ڪوبه) وعدو نه ٿو ڪري. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ منهنجي (سچن) ٻانهن مٿان تنهنجو قابو نه هلندو. ۽ تنهنجو پالڻهار ڪارساز ڪافي آهي“. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
توهان جو پالڻهار اُهو آهي جيڪو سمنڊ ۾ اوهان لاءِ ٻيڙيون هلائي ٿو. هن لاءِ ته اوهان سندس فضل (يعني روزي) ڳوليو. بيشڪ اُهو اوهان مٿان وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن اوهان کي سمنڊ ۾ تڪليف پهچي ٿي ته اُهي (ڪوڙن معبودن جا خيال)گم ٿي وڃن ٿا جن جي پوڄا ڪيو ٿا سواءِ ان (هڪ الله) جي. پوءِ جڏهن توهان کي بچائي خشڪيءَ تي پهچائي ٿو ته اوهان مُنهن موڙي وڃو ٿا. ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ڇا توهان هن ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو اُهو اوهان کي خشڪيءَ جي ڪناري ئي (زمين ۾) غرق ڪري يا اوهان تي پٿر وسائڻ واري تيز هوا موڪلي پوءِ اوهان پنهنجي لاءِ ڪو ڪارساز نه لهو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا اوهان هن ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهيو جو توهان کي ٻيو ڀيرو ان (سمنڊ ۾) موٽائي پوءِ توهان تي (ٻيڙيون ڀڃڻ وارِي) تيز هوا موڪلي پوءِ توهان کي ان ڪفر سبب جيڪو ڪيو ٿا (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏي پوءِ توهان پاڻ لاءِ ان (ٻوڙڻ) تي اسان کان ڪوبه بدلي وٺڻ وارو نه لهندؤ. |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ اسان انهن کي خشڪي ۽ سمنڊ ۾ سوار ڪيو ۽ کين پاڪيزه شين مان روزي ڏني ۽ اسان انهن کي اڪثر مخلوقات تي جيڪا اسان پيدا ڪئي آهي فضيلت ڏئي برتر بنايو. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
جنهن ڏينهن اسان هر جماعت کي سندن اڳواڻ سميت سڏينداسين. پوءِ جن کي سندن اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهي پنهنجو اعمال نامو (خوشيءَ سان) پڙهندا ۽ انهن تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جيڪو ماڻهو هن (دنيا) ۾ (حق کان) انڌو بنجي رهيو پوءِ اُهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ رستي کان ڀٽڪيل رهندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ ڪافر توکي آزمائش ۾ وجھي ڦيرائڻ چاهن پيا ان کان جنهن جي اسان تو ڏانهن وحي ڪئي آهي هن لاءِ ته تون اسان تي ڪو ٺاهُه ٺاهين ۽ (جي تون ائين ڪرين ها) پوءِ ته تو کي دوست ڪري وٺن ها. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جي اسان توکي ثابت قدم نه رکون ها ته ممڪن هيو ته تون انهن ڏانهن ٿورڙو مائل ٿي وڃين ها. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
(اگر بالفرض تون ائين ڪرين ها ته) ان وقت اسان تو کي ٻيڻو مزو دنيا ۾ ۽ ٻيڻو موت ۾ چکايون ها ۽ پوءِ تو کي پنهنجي لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار نه ملي ها. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ بيشڪ لڳي ٿو ته اهي (ڪافر) تنهنجا قدم سرزمينِ (مڪه) مان اُکاڙڻ چاهن ٿا هن لاءِ ته توکي ان مان ڪڍن ۽ پوءِ ته پاڻ به ان ۾ توکان پوءِ ٿورو ئي رهندا. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
اهو ئي (الله جو) دستور رهيو آهي (سڀني) رسولن لاءِ جن کي اسان تو کان اڳ موڪليو هيو ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڪا تبديلي نه لهندين. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
نماز قائم ڪر سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهي ٿيڻ تائين (يعني ٻپهري، ٽپهري، سج لٿو ۽ سومهڻي) ۽ صبح (جي نماز) ۾ قرآن پڙهه. بيشڪ صبح جو قرآن پڙهڻ حاضر ڪيل آهي. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ تهجد جي نماز ۾ تلاوت ڪر جا تو لاءِ اضافي (عبادت) آهي. پڪ سان تنهنجو رب تو کي مقامِ محمود ۾ بيهاريندو. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي جيڏانهن به وٺي وڃين سچائي سان داخل ڪر ۽ جتان به مون کي ٻاهر ڪڍين سچائي سان ٻاهر ڪڍ ۽ مون کي پاڻ وٽان مضبوط قوت مددگار عطا ڪر“. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ چؤ ته: ”حق آيو ۽ ناحق نابود ٿي ويو ۽ بيشڪ ناحق ته نابود ٿيڻ وارو ئي آهي“. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
هي اسان قرآن ۾ اهو ڪجھه نازل ڪري رهيا آهيون جيڪو شفا آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رحمت آهي ۽ ظالمن لاءِ ته رڳو نقصان ۾ ئي واڌارو ڪري ٿو. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن اسان انسان تي نعمت ڪيون ٿا ته اهو مُنهن موڙي ٿو ۽ پاسو مٽائي وڃي ٿو ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته مايوس ٿي وڃي ٿو. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
چؤ ته: ”هر ماڻهو پنهنجي نموني (۽ مزاج) تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ توهان جو پرودگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته سڀ کان زياده سڌي رستي تي ڪير آهي“. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ تو کان روح جي باري ۾ پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”روح منهنجي پالڻهار جي حڪم مان آهي ۽ اوهان کي ٿورڙو ئي علم ڏنو ويو آهي“. |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته هن (ڪتاب) کي جيڪو اسان تنهنجي طرف وحي ڪيو آهي سو (واپس) کڻائي وٺون پوءِ ان جي لاءِ تو کي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪو حمايتي به نه ملندو. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
مگر تنهنجي پالڻهار جي رحمت سبب. (اسان ان کي باقي رکيو) بيشڪ تو تي ان جو وڏو فضل آهي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
چؤ جيڪڏهن سڀ انسان ۽ سڀ جِنَ گڏجن هن لاءِ ته هن قرآن جهڙو ٺاهي آڻن ته ان جهڙو آڻي نه سگهندا. توڙي اُهي هڪ ٻئي جا مددگار بنجي پون. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي (سمجهڻ) لاءِ بار بار سڀ مثال بيان ڪيا آهن. پوءِ به اڪثر ماڻهو انڪار ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ چيائون ته: ”اسان تو تي تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين اسان لاءِ زمين مان پاڻي جو چشمو نه وهائيندين“. |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا تنهنجي لاءِ کجورن ۽ انگورن جو ڪو باغ هجي ته ان جي وچ ۾ وهندڙ نهرون جاري ڪرين. |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا جيئن تنهنجو خيال آهي تيئن اسان تي آسمان جا ٽڪر ڪيرائين يا تون الله کي ۽ ملائڪن کي اسان جي سامهون آڻين. |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا تو کي ڪو سون جو گهر هجي يا تون آسمانن ۾ چڙهي وڃين. ۽ اسان تنهنجي چڙهڻ کي (تيستائين) ڪڏهن به نه مڃينداسين جيستائين تون اسان تي ڪو اهڙو ڪتاب لاهين جنهن کي اسان پڙهون“. چؤ: ”منهنجو پرودگار پاڪ آهي. آءٌ ته رڳو پيغام پهچائيندڙ انسان آهيان“. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان ٻي ڪنهن شيءِ ڪونه روڪيو جڏهن انهن وٽ هدايت به پهچي وئي سواءِ هن ڳالهه جي جو چيائون ته: ”ڇا الله بشر کي رسول بنائي موڪليو آهي“! |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
چؤ: ”جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هلندڙ گهمندڙ سڪونت پذير هجن ها ته ضرور اسان انهن تي آسمان کان ڪنهن ملائڪ کي رسول بنائي موڪليون ها“. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
چؤ : ”منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد ڪافي آهي. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي“. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ جنهن کي الله هدايت ڪري سو ئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تون ان کان سواءِ سندن واسطي ڪي مددگار ڪونه لهندين. ۽ قيامت واري ڏينهن اسان انهن کي ٻوٿ ڀر اٿارينداسين انڌا گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. انهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي. جڏهن اجهامڻ لڳندو ته مٿن وڌيڪ باهه ڀڙڪائينداسين. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اها انهن جي سزا آهي هن ڪري جو اسان جي آيتن سان ڪفر ڪيائون ۽ چيائون ته: ”جڏهن اسان (مري) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين ته ڇا اسان نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسين“؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو ان ڳالهه تي قادر آهي ته انهن جي مثل (نئين سر) پيدا فرمائي ۽ انهن لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيائين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. پوءِ به ظالمن انڪار ڪيو (هر هدايت کان) سواءِ ڪفر جي. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
چؤ جيڪڏهن اوهان منهنجي پالڻهار جي رحمت جي خزانن جا مالڪ ٿيو ها! ته ان وقت خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان اوهان (هٿ) روڪي رکو ها. ۽ انسان وڏو ئي تنگ دل آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي نَوَ روشن نشانيون ڏنيون پوءِ تون يعقوب جي اولاد کان پڇ ته جنهن وقت اهو وٽن آيو ته فرعون کيس چيو: ”اي موسى بلاشڪ آءٌ ڀايان ٿو ته تو تي جادو ٿيل آهي“. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
(موسى) چيو: ”بيشڪ تون ڄاڻين ٿو اهي بصيرت افروز نشانيون ٻئي ڪنهن نه لاٿيون آهن سواءِ آسمانن ۽ زمين جي مالڪ جي ۽ اي فرعون! آءٌ ڀايان ٿو تون شامتَ ماريو ماڻهو آهين“. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ ان (فرعون) ارادو ڪيو ته ان سرزمين مان انهن جا پير اکيڙي. پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي به ساڻس گڏ هئا سڀني کي ٻوڙيوسين. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ ان کان پوءِ يعقوب جي اولاد کي چيوسين ته توهان هن زمين ۾ آباد ٿي وڃو پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته اسان اوهان سڀني کي گڏي حاضر ڪنداسين. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ اسان هن (قرآن) کي حق سان لاٿو آهي ۽ حق سان ئي لٿو آهي. ۽ (اي رسول) اسان تو کي رُڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي ئي موڪليو آهي. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ قرآن کي اسان جدا جدا ٽڪرن (سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن تون اهو ماڻهن کي آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
چؤ اوهان ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو. بيشڪ اُهي ماڻهو جن کي هن کان اڳ علم ڏنو ويو آهي تن کي جڏهن اِهو پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اُهي کاڏين ڀر سجدي ۾ ڪِري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چون ٿا ته: ”اسان جو پالڻهار پاڪ آهي بيشڪ اسان جي پالڻهار جو وعدو پورو ٿيڻو آهي“. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ اهي روئندي کاڏين ڀر ڪِرن ٿا ۽ (قرآن) انهن جي عاجزي وڌائي ٿو. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
چؤ ته: ”الله چئي سڏيو يا رحمان (وڏو مهربان) چئي سڏيو. جنهن نالي سان به سڏيندؤ ته سندس (سڀ) نالا سهڻا آهن“. ۽ پنهنجي نماز (۾ قرائت) نه بلڪل ڏاڍيان ڪر نه بلڪل آهستي ڪر ۽ انهن ٻنهين جي وچ واري واٽ اختيار ڪر. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چؤ ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن نه ته ڪو (پنهنجي لاءِ) اولاد بنايو نه ئي (سندس) بادشاهي ۾ ڪو ساڻس شريڪ آهي ۽ نه ئي ڪمزوري جي سبب سندس ڪو مددگار آهي ۽ ان کي برتر سمجهي سندس وڏائي بيان ڪندو رهه“. |