سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
پاڪائي آهي انهيءَ (الله) جي لاءِ جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) کي راتو واه مسجد الحرام (يعني ڪعبت الله) کان مسجد الاقصيٰ (يعني بيت المقدس واري مسجد جا فلسطين جي شهر يروشلم ۾ آهي) تائين، جنهن مسجد جي جي پسگردائي کي اسان برڪت ڏني آهي، سير ڪرايو ۽ هن لاءِ (سير ڪرايو) ته اسان کيس پنهنجون نشانيون ڏيکاري ڇڏيون. بيشڪ اهوئي (الله) آهي جي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ (اهڙيءَ طرح) اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ هدايت جو ذريعو بنايو (۽ حڪم ڏنو) ته مون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو ڪارساز نه بنائجو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
توهان (بني اسرائيل) انهن ماڻهن جو نسل آهيو جن کي اسان (طوفان جي تباهيءَ کان بچايو هو ۽) حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪرايو هو ۽ هو (حضرت نوح خدا جو) هڪ شڪرگذار ٻانهو هو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان ڪتاب (تورات) ۾ بني اسرائيلن کي هن فيصلي جي خبر ڏئي ڇڏي هئي ته توهان ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابيون پکيڙيندؤ ۽ تمام وڏي آڪڙ ۽ سرڪشي ڪندؤ. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن انهن ٻن وقتن مان پهريون وقت اچي ويو، تڏهن (اي بني اسرائيلؤ) اسان توهان جي مٿان اهڙا بندا (حملي ڪرڻ لاءِ) موڪليا جيڪي ڏاڍا خوفناڪ هئا. پوءِ اهي اوهان جي آبادين (رڳو ڳوٺن ۽ شهرن) جي اندر پکڙجي ويا ۽ الله جو واعدو ته انهيءَ ئي لاءِ هو ته پوريءَ طرح تعميل هيٺ اچي ۽ پورو ٿي وڃي. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
پوءِ (ڏسو) اسان زماني جي گردش توهان (بني اسرائيلن) جي دشمنن جي خلاف ۽ توهان جي موافق ڪري ڇڏي ۽ مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائي سان اوهان جي مدد ڪئي سين ۽ اوهان کي (وري) وڏي تعداد ۽ جمعيت وارا ڪري ڇڏيوسين. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جيڪڏهن توهان نيڪيءَ جا ڪم ڪيا ته پنهنجي لاءِ ئي ڪيا ۽ جيڪڏهن برائيون ڪيون ته به پنهنجي لاءِ ڪيون. پوءِ جڏهن ٻئي واعدي جو وقت آيو (تڏهن اسان پنهنجي ٻين بندن رومين کي اوهان جي مٿان حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو) انهيءَ لاءِ ته توهان جي چهرن تي ذلت ۽ خواري ڦيرائي ڇڏين، ۽ اهڙيءَ ئي طرح ديول ۾ داخل ٿي وڃن، جهڙيءَ طرح پهرئين ڀيري (بابل وارا) حملو ڪندڙ داخل ٿيا هئا ۽ جيڪي به ڏسن ۽ هٿ ڪن تنهن کي ٽوڙي ڀڃي ناس ڪري ڇڏين. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
عجب ناهي ته (اي بني اسرائيلو) توهان جو پروردگار توهان تي رحم ڪري (جيڪڏهن هاڻي به باز اچو) پر جيڪڏهن توهان وري سرڪشي ۽ فساد ڏانهن موٽندؤ ته (الله تعاليٰ فرمائي ٿو) ته اسان جي طرفان به اوهان جي عملن جو (سخت) بدلو موٽي ايندو. ۽ (ياد رکو ته) اسان حق جي منڪرن لاءِ جهنم جو قيد خانو تيار رکيو آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ هيءُ قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو جا سڀني کان وڌيڪ سڌي آهي ۽ ايمان وارن کي جيڪي صالح عمل ڪن ٿا خوشخبري ٿو ڏئي ته کين تمام وڏو اجر ملندو. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ (قرآن هن ڳالهه جو به اعلان ڪري ٿو ته) جيڪي ماڻهو آخرت بابت يقين نٿا رکن تن جي لاءِ اسان وڏو دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ (ڏسو) جهڙيءَ طرح انسان پنهنجي لاءِ چڱائيءَ جي دعا گهري ٿو اهڙي ئي طرح برائي (يعني نقصان واري ڳالهه) به گهري ٿو (ڇو ته هن کي خبر ناهي ته اها برائي آهي، ان مان نقصان يا ايذاءُ رسندو) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انسان تڪڙو آهي. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ (ڏسو) اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) ٻه نشانيون بنايو آهي. سو رات واري نشاني اسان ڪجهه قدر اونداهي ڪئي آهي. (انهيءَ لاءِ تي آرام جو وقت بنجي پوي) ۽ ڏينهن جي نشاني روشن ڪئي اٿئون انهيءَ لاءِ ته (ان جي روشنيءَ ۾) پنهنجي پروردگار جي فضل جي تلاش ڪيو (يعني گذران جو سامان هٿ ڪيو). پڻ (رات ڏينهن جي اختلاف سان) سالن جو شمار ڪيو ۽ (سالن جي شمار سان هر طرح جو) حساب به معلوم ڪري وٺو. اسان (قرآن ۾) هر شيء جو بيان کولي کولي، (جدا جدا ڪري) چٽو ڪري ڇڏيو آهي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ اسان هر انسان جي شامت سندس ئي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي آهي. (ڪٿان ٻاهران ڪونه ٿي اچي مٿس ڪِري يعني سندس ئي عملن جي نتيجو آهي) قيامت جي ڏينهن اسان هن جي لاءِ (سندس اعمال نامي جو) هڪ ڪتاب ڪڍي سندس اڳيان رکنداسين، هو ان کي پنهنجي اڳيان کليل ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(پوءِ اسان کيس چونداسين ته) پنهنجو اعمال نامون پڙهي وٺ. اڄوڪي ڏينهن خود تنهنجو وجود ئي تنهنجي حساب لاءِ (يعني توکي تنهنجو حساب ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ) بلڪل ڪافي آهي. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جنهن سڌي واٽ ورتي تنهن پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ ورتي، ۽ جيڪو سڌي واٽ ڇڏي گمراهه ٿيو سو ئي پنهنجي گمراهيءَ جو نتيجو ڀوڳيندو. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي. (هر ڪنهن کي پنهنجي ئي عملن جو بار کڻڻو آهي.) ۽ اسان ڪڏهن به هيئن نٿا ڪيون جو (ڪنهن قوم کي) عذاب ڏيون، پر ان وقت (عذاب ڏيون ٿا) جڏهن پهريائين ان ۾ هڪ رسول پيدا ڪيون ٿا (۽ پوءِ به اهي ماڻهو سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ کان نٿا هٽن ۽ مڙن). |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن اسان ڪنهن بستيءَ کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا تڏهن پهريائين ان جي آسودن ۽ شاهوڪار ماڻهن کي حڪم ٿا ڏيون. (يعني وحي جي رستي حق جا حڪم ٿا پهچايون.). پوءِ هو انهن جي تعميل ڪرڻ بدران نافرماني ڪن ٿا. پوءِ هو عذاب جا لائق ۽ حقدار ثابت ٿين ٿا ۽ اسان (سندن بدعملن جي عيوض ۾) هنن کي برباد ۽ تباهه ڪري ٿا ڇڏيون. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ (ڏسو) حضرت نوح کان پوءِ قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار پنهنجي بندن جي گناهن متعلق ڪافي خبر رکندڙ ۽ ڪافي ڏسندڙ آهي. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙو فائدو (هن دنيا ۾) چاهي ٿو ته پوءِ جنهن کي اسان اهو فائدو ڏيڻ چاهيون ۽ جيترو ڏيڻ چاهيون هن دنيا ۾ ڏيئي ڇڏيون ٿا. پر پوءِ آخر هن جي لاءِ اسان جهنم بنائي رکيو آهي. ان ۾ هو داخل ٿيندو بڇڙن حالتن ۾ ۽ ڌڪاريل حالت ۾. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
پر جيڪڏهن ڪو آخرت جو طالب هوندو ۽ ان جي لاءِ جهڙي ڪوشش ڪرڻ گهرجي تهڙي ڪوشش ڪندو ۽ پڻ ايمان وارو به هوندو ته پوءِ (هن جي لاءِ دائمي ڪاميابيون هونديون ۽) اهڙن ماڻهن جي ڪوشش قبول پوندي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
اسان هر ڪنهن کي (يعني مٿي ڄاڻايل ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي) پنهنجي پروردگاريءَ جي بخشش سان (هن دنيا ۾) مدد ڪيون ٿا، انهن کي به (جي فقط دنيا جي پوئتان لڳي ٿا پون) ۽ انهن کي به (جيڪي آخرت جا طالب ٿين ٿا ۽ حق جي راهه تي ٿا هلن) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جي بخشش عام آهي ۽ ڪنهن جي به لاءِ بند ناهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏس! اسان ڪهڙيءَ طرح (هن دنيا ۾) ڪن ماڻهن کي ڪن ماڻهن کان وڌيڪ فضيلت ڏني آهي. (جو ڪي ڪهڙي حال ۾ آهن ته ڪي ڪهڙي حال ۾) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته آخرت جا درجا سڀني کان وڌيڪ وڏا آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ سٺا آهن. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي کي معبود نه بنايو، نه ته اهڙا هوندؤ جو هر طرح نفرت جا لائق ۽ هر طرح پريشان ۽ تنگ حال هوندؤ. |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنهنجي پروردگار حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سا ڀلايون ڪيو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ مان ڪو هڪ يا ٻئي تنهنجي حياتيءَ ۾ ٻڍاپڻ جي عمر کي پهچي وڃن (۽ انهن جي خدمت جو بار تنهنجي ذمي ٿئي) ته انهن جي ڪنهن به ڳالهه تي رڳو اف به نه چئه (يعني ڪوبه خفي ٿيڻ جو لفظ نه چئه) نڪي (غصي ۾ اچي) کين جهڻڪڻ شروع ڪري ڏي. هنن سان ڳالهه ٻولهه ادب ۽ عزت سان ڪر. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
هنن جي اڳيان محبت ۽ مهربانيءَ سان نماڻائيءَ جو سر جهڪائي رک، سندن حق ۾ (هميشه) دعا گهرندو رهه ته اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي. جيڪڏهن توهان نيڪ عمل ڪندڙ آهيو (پر ڀل چڪ کان ڪا خطا ٿي وڃي) ته پوءِ (پريشان نه ٿيو) هو (الله) بيشڪ توبهه ڪرڻ وارن لاءِ وڏو بخشڻهار آهي. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي توهان جا مائٽ آهن، جيڪي به مسڪين آهن ۽ جيڪي (بي سمر ۽ بي يار) مسافر آهن، انهن سڀني جو اوهان تي حق آهي ۽ انهن جو حق ادا ڪندا رهو. ۽ (مال ۽ دولت کي) ائين اجايو (عياشين ۽ نمائشن تي) خرچ نه ڪيو جيئن بيجا لٽڻ ٿيندو آهي. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
اجايو خرچ ڪندڙ (جيڪي بيجا طور عياشين ۽ نمائشن تي مال لٽيندا آهن) شيطانن جا ڀائي بند آهن ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جي نعمتن جو بي شڪر آهي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جيڪڏهن هيئن هجي جو توهان پنهنجي پروردگار ۾ اميدون رکي سندس فضل جي تلاش ۾ هجو (يعني تنگيءَ جي حالت ۾ هجو ۽ ڪمائڻ لاءِ نڪري پئو) ۽ ان ڪري توهان کي انهن (حقدارن) کان منهن ڦيرائڻو پوي ته پوءِ اوهان کي گهرجي ته نرميءَ سان انهن کي سمجهايو (۽ سخت لفظ نه ڳالهايو). |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ نڪي پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو (يعني نڪي ڪنجوسائي ڪيو) نڪي بلڪل هٿ ڦاڙ ٿيو. (ٻنهي حالتن جو نتيجو هي ٿيندو ته) توهان تي هر طرف کان ملامت پوندي ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ رهندؤ. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ روزي ڪشادي ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تو تنهن لاءِ ماپيل توريل (عيني توري) ڏئي ٿو. هو پنهنجي ٻانهن (جي حالت) جي خبر رکندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڏسندڙ آهي. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ سڃائي جي خوف کان پنهنجي اولاد کي ماري نه ڇڏيو. اسان ئي کين ۽ اوهان کي به روزي ٿا رسايون. هنن کي ماري ڇڏڻ تمام وڏو گناهه آهي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زناڪاريءَ جي ويجهي به نه وڃو. يقين ڪيو ته اهو ڪم وڏي بي شرميءَ جو ڪم آهي ۽ وڏي خرابيءَ جي چال آهي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ ڪنهن به اهڙي شخص کي ناحق قتل نه ڪيو جنهن کي قتل ڪرڻ الله تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي ۽ جيڪو به ظلم سان قتل ڪيو وڃي تنهن جي وارثن کي اسان (قصاص جي گهر ڪرڻ جو) اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي، پر کيس گهرجي ته خونريزيءَ ۾ زيادتي نه ڪري (يعني حق کان وڌيڪ بدلو وٺڻ جو خيال نه ڪري) هو (حد جي اندر رهڻ ۾) مدد جو حقدار ٺهرايل آهي. (يعني کيس ٻين ماڻهن خواهه سرڪاري قانون جي مدد ٿي ملي.) |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ يتيمن جي مال جي ويجهو به نه وڃو (يعني ان کي خرچ ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) پر اهڙي طريقي سان (ڀلي ويجهو وڃو) جو بهترين هجي (يعني يتيم جو مال سنڀالڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڀلي بندوبست رکو) جيستائين يتيم جوان ٿئي. (۽ توهان سندس امانت سندس حوالي ڪيو) ۽ (ياد رکو) پنهنجو عهد پاڙيندا ڪيو. عهد جي باري ۾ توهان کان ضرور پڇاڻو ڪيو ويندو. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏهن ڪا شيءِ ماپيو ته بلڪل پوري ماپ ڪيو، (ان ۾ گهٽتائي نه ڪيو) ۽ جڏهن توريو تڏهن سچي ۽ سڌي تارازي سان توريو (يعني نڪي تارازي غلط هجي نڪي تورڻ ۾ ڪا هٿ جي چالاڪي ڪجي) اهوئي بهتر طريقو آهي ۽ چڱو نتيجو ڏيڻ وارو آهي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ (ڏسو) جنهن ڳالهه جو اوهان کي علم ڪونهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (پنهنجي حد جي اندر رهو) ياد رکو ته، ڪنن، اکين، دل ۽ دماغ (يعني جذبن ۽ خيالن) جي باري ۾ پڇاڻو ٿيڻو آهي. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهمو. يقيناً توهان زمين کي ڏاري ڪونه سگهندؤ، نڪي جبلن جيڏا ڊگها ٿي سگهندؤ. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
انهن سڀني ڳالهين جو حال هي آهي ته انهن جي بڇڙائي توهان جي پروردگار کي سخت ناپسند آهي. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
(اي پيغمبر!) هي انهن حڪمت جي ڳالهين مان آهن جي تنهنجي پروردگار توکي وحي ڪري ٻڌايون آهن ۽ (انهن سڀني ڳالهين جو بنياد هي آهي ته) الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه ٺهرايو جو آخر دوزخ ۾ اڇلايا وڃو (اهڙيءَ حالت ۾ جو) ملامت ڪيل ۽ ڌڪاريل هجو. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ائين ٿي سگهي ٿو ڇا ته، توهان جو پروردگار اوهان کي ته هن بزرگيءَ لاءِ چونڊي کڻي جو پٽن وارا ٿيو ۽ پنهنجي لاءِ هي پسند ڪري ته فرشتن کي پنهنجون ڌيئر بنائي. ڪهڙي نه وڏي (بڇڙي) ڳالهه آهي جا توهان چئي رهيا آهيو. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ اسان قرآن ۾ هر طريقي سان ڳالهيون سمجهايون آهن، انهيءَ لاءِ ته هي ماڻهو نصيحت وٺن پر (هنن تي ڪوبه اثر ڪونه پيو آهي، اٽلندو) هنن جي نفرت اڳين کان به وڌيڪ ٿي ويئي آهي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته جيڪڏهن الله سان گڏ ٻيا به معبود هجن ها جيئن هي ماڻهو چون ٿا ته پوءِ ضرور هيئن ٿئي ها جو اهي هڪدم عرش جي مالڪ خدا تائين (مقابلي ڪرڻ جي) راهه ڳولي ڪڍن ها (۽ ڪائنات ۾ فساد ۽ بگاڙو پئجي وڃي ها). |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
انهن سڀني ڳالهين کان، جيڪي اهي ماڻهو چون ٿا خدا جي ذات پاڪ ۽ بلند آهي. بيحد بلند آهي. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو به انهن ۾ آهي سڀ سندس پاڪائي ۽ شان ڳائي رهيا آهن. ڪابه شيءِ ڪانهي جا سندس حمد ۽ ثنا نه ڪري رهي هجي. پر توهان هنن جون ثنا گويون سمجهي نٿا سگهو. بيشڪ هو وڏو بردبار ۽ وڏو بخشيندڙ آهي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
(اي پيغمبر!) جڏهن تون قرآن ٿو پڙهين تڏهن تنهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي آخرت ۾ يقين نٿا رکن اسان هڪ لڪل پردو وجهي ٿا ڇڏيون (يعني خدا جو اهو قانون آهي ته اهڙن ماڻهن ۽ حق جي صدا جي وچ ۾ هڪ اهڙو پردو اچي وڃي). |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ اسان هنن جي دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هو ان کي (يعني قرآن کي يا حق کي) سمجهڻ جي قابليت وڃائي ويٺا آهن، ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي، (جنهن ڪري ڪجهه به ٻڌي نٿا سگهن) ۽ جڏهن توهان قرآن ۾ اڪيلي هڪ خدا جو ذڪر (۽ بيان) ٿو ڪرين (۽ هي ماڻهو پنهنجي ٺهرايل شريڪن جو بيان ان ۾ ڪونه ٿا ڏسن) تڏهن هو پٺي ڏيئي نفرت ۾ ڀرجي ڀڄڻ لڳن ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته ڪيئن ۽ ڇو اهي ماڻهو ٻڌن ٿا، جڏهن تنهنجي طرف ڪن لڳائين ٿا ۽ پڻ (چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا) جيڪي هو هڪ ٻئي کي ڪنن ۾ مخفيءَ طرح چون ٿا. هو ظالم چون ٿا ته جنهن ماڻهو (يعني پيغمبرﷺ) جي پٺيان لڳا آهيو، سو سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته مٿس ڪو جادو ڪيل آهي. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
(اي پيغمبر!) ڏس ته هنن ماڻهن تنهنجي باري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٺاهيون آهن، جن جي ڪري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن، تنهن ڪري هو هاڻي سنئين واٽ لهي نٿا سگهن. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ (ڏس) هو چون ٿا ته جڏهن اسان (مرڻ بعد) فقط هڏيون وڃي رهنداسين ۽ ڳري سڙي وينداسين تڏهن وري ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو نئين سر (جيئرا ڪري) اٿاريا وينداسين. |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
تون کين چئه ته، هائو! توهان (مرڻ بعد ڪجهه به ٿي وڃو) پٿر ٿي وڃو، لوهه ٿي وڃو. |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ڪا ٻي شيءِ ٿي وڃو جا توهان جي خيال ۾ (ٻيهر زنده ٿيڻ لاءِ) تمام سخت هجي، (ته به الله جي قدرت اوهان کي ٻيهر زنده ڪندي) هي ٻڌي هو چوندا ته ڪير آهي جو اهڙيءَ طرح اسان کي ٻيهر جيئاري ڇڏيندو. تون کين چئو ته اهو ئي (الله) جنهن اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو (سوئي اوهان کي ٻيهر جيئاري اٿاريندو) تنهن تي اهي ماڻهو تنهنجي اڳيان ڪنڌ ڌوڻيندا ۽ چوندا ته، ائين ڪڏهن ٿيندو؟ تون چئو ته، عجب ناهي ته ان جو وقت ويجهو هجي. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ اوهان کي سڏيندو ۽ اوهان سندس حمد ڪندي سندس سڏ جو جواب ڏيندؤ، ۽ اوهان ڀانئيندؤ ته، (ٻنهي زندگين جي وچ ۾) توهان جيڪو وقت گذاريو (سو گهڻو ڪين هو) ٿورڙو هو. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ (يعني انهن کي جن ايمان آندو آهي ته مخالفن سان گفتگو ڪندي) جيڪا ڳالهه چئو سا اهڙي چئو جا سهڻي ۽ وڻندڙ هجي (نه نفرت يا دشمني پيدا ڪندڙ). شيطان ماڻهن جي وچ ۾ فساد وجهي ٿو (جيڪڏهن هو گاريون يا اڻ وڻندڙ لفظ ڪم آڻين ٿا) يقيناً شيطان انسان جو چٽوپٽو دشمن آهي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
توهان جو پروردگار ئي توهان جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. هو چاهي ته اوهان تي رحم ڪري ۽ چاهي ته عذاب ۾ وجهي ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي هنن ماڻهن جو نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي. (تون سندن هدايت نه وٺڻ لاءِ جوابدار ڪونه آهي.). |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي تنهن جو حال تنهنجو پروردگار بهتر ڄاڻي ٿو. اسان ڪن نبين کي ڪن ٻين کان برتر ڪيو ۽ اسان حضرت دائود کي (ڪتاب) زبور عطا ڪيو. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
(اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي چئي ڏي ته توهان پنهنجي خيال موجب الله کان سواءِ جن هستين کي معبود سمجهيو آهي، تن کي (پنهنجي حاجتن لاءِ ۽ مشڪلن لاهڻ لاءِ) پڪاري ڏسو، هو ان جي طاقت نٿا رکن جو توهان جو ڪوبه درد دور ڪن يا توهان جي حالت بدلائي سگهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اهي ماڻهو جن هستين کي پڪارين ٿا (۽ الله کي ويجهو ٿيڻ جو وسيلو سمجهن ٿا) سي ته پاڻ ئي پنهنجي پروردگار ڏانهن (ويجهو ٿيڻ لاءِ بندگي ۽ فرمانبرداريءَ جي ذريعي) وسيلو ڳوليندا رهن ٿا ته ڪير اُنهيءَ راهه ۾ وڌيڪ ويجهو ٿو ٿئي، پڻ سندن رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا رهن ٿا. بيشڪ تنهنجي پروردگار جو عذاب اهڙو ته سخت آهي جو ان کان ڊڄڻ ئي گهرجي. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ قيامت جي ڏينهن کان اڳي ضرور هيئن ٿيندو جو (نافرمانن جي) بستين کي اسان تباهه ڪري ڇڏينداسين. يا کين سخت عذاب ۾ وجهنداسين. اها ڳالهه (الله جي قانوني) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ (جيڪي نشانيون هي مڪي جا منڪر گهرن ٿا تن) نشانين جي موڪلڻ کان اسان کي ڪير ٿو روڪي سگهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته اسان ڄاڻون ٿا ته اڳين زمانن جا ماڻهو اهڙيون نشانيون ڪوڙيون ٺهرائي رد ڪري چڪا آهن. اسان ثمود جي قوم کي هڪ ڏاچي ڏني، جا هڪ چٽي نشاني هئي. پر هنن ان ڏاچيءَ تي ظلم ڪيو (۽ انهيءَ نشانيءَ مان عبرت نه ورتائون) ۽ اسان نشانيون ته فقط هن لاءِ موڪيندا آهيون ته ماڻهو (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) ڊڄن (۽ سنئين واٽ وٺن). |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پروردگار توکي چيو هو ته، يقين ڪر ته تنهنجي پروردگار ماڻهن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، (يعني هاڻي اهي منڪر عذاب کان بچي ڪونه سگهندا) ۽ اهو رؤيا (يعني خواب يا روحاني ديدار) جو اسان توکي ڏيکاريو سو هن لاءِ ته ماڻهن جي لاءِ هڪ آزمائش ٿئي. ساڳيءَ طرح انهيءَ وڻ (زقوم يا ٿوهر) جو بيان جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪئي ويئي آهي. (سو به آزمائش آهي) اسان انهن ماڻهن کي (طرحين طرحين نمونن سان) ڊيڄاريون ۽ خبردار ڪيون ٿا. پر هنن تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي. اثر پوي ٿو ته فقط هي جو هو پنهنجي سرڪشين ۾ اڃا به وڌيڪ وڌندا ٿا وڃن. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ ياد رکو ته اسان فرشتن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪي پئو. تنهن تي سڀ جهڪي پيا، پر هڪ ابليس نه جهڪيو. هن چيو ته، ڇا مان اهڙيءَ هستيءَ جي اڳيان جهڪي پوان جنهن کي تو مٽيءَ مان ٺاهيو آهي؟ |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
(ابليس هيئن به) چيو ته، ڇا تنهنجو اهوئي فيصلو آهي ته، تو هن (حقير) هستي (يعني آدم ۽ بني آدم) کي مون کان وڌيڪ شان ڏنو آهي. جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏئين ته مان ضرور سندس نسل (يعني بني آدم) جي پاڙ ۽ بنياد به پٽي ڇڏيندس، سواءِ ڪن ٿورڙن ماڻهن جي (ٻيو ڪوبه انهيءَ تباهيءَ کان ڪونه بچندو). |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
الله تعاليٰ (ابليس کي انهيءَ تي) حڪم ڏنو ته وڃ، وٺ پنهنجي راهه. انهن ماڻهن مان جيڪو به تنهنجي پٺيان لڳندو (يعني تابعداري ڪندو) تَنهن جي لاءِ ۽ تُنهنجي لاءِ جهنم جي سزا هوندي جا بلڪل ڪافي سخت سزا آهي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
انهن ماڻهن مان جنهن کي به تون پنهنجا ٺڳيندڙ آواز (۽ الفاظ) ٻڌائي گمراهه ڪري سگهين (ٿو) تنهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري وٺ، پنهنجي لشڪر جي سوارن ۽ پيادن سان حملو ڪر، سندن مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃ، هنن سان (هر قسم جي ڳالهين جا) واعدا ڪر، پر شيطان جا واعدا ته رڳو ٺڳيون ۽ فريب آهن. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
جيڪي منهنجا (سچا) ٻانها آهن، تن تي تنهنجو حڪم يا اختيار ڪونه هلندو. تنهنجو پروردگار ڪارسازيءَ لاءِ بلڪل ڪافي آهي. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
(اي انسانو) توهان جو پروردگار اهوئي آهي، جو توهان جي ڪمن ڪارين لاءِ سمنڊ ۾ جهاز هلائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته توهان (سير ۽ سفر ڪري) سندس فضل (گذران جو سامان ۽ طرح طرح جون نعمتون) تلاش ڪيو. بيشڪ هو اوهان تي وڏيون رحمتون ڪندڙ آهي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن توهان سمنڊ ۾ هوندا آهيو ۽ (ڪنهن) مصيبت ۾ ڦاسندا آهيو تڏهن اهي سڀ هستيون جن کي توهان (خدا کانسواءِ) سڏيندا آهيو سي توهان کي ڇڏي ڀڄي وينديون آهن، (يعني ان وقت توهان انهن کي وساري ڇڏيندا آهيو) فقط هڪ الله ياد ايندو اٿوَ. پوءِ جڏهن هو اوهان کي مصيبت مان ڇڏائي ٿو ۽ خشڪيءَ تي پهچائي ٿو تڏهن وري توهان کانئس منهن موڙي ٿا ڇڏيو. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي شڪر آهي. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
پوءِ ڇا توهان کي هن ڳالهه کان امن امان ملي ويو آهي، ڇا ته هو اوهان کي خشڪي ئي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پوري لٽي ڇڏي (جيئن صحرا ۾ ٿيندو آهي يا ڌرتيءَ جي ڌٻڻ وقت ٿيندو آهي) يا توهان تي پٿرن وسائڻ واريون آنڌيون آڻي ۽ توهان ان حال ۾ ڪوبه پنهنجو مددگار ڪونه ڏسو يا لهو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا توهان هن ڳالهه جو به خوف نٿا رکو ڇا؟ ته الله اوهان کي ٻيهر اهڙي ئي مصيبت ۾ وجهي ۽ (اوهان جي ٻي سامونڊي مسافريءَ ۾) هوا جو هڪ سخت طوفان موڪلي ۽ اوهان جي ناشڪري جي بدلي ۾ اوهان کي غرق ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڪوبه (مددگار) نه لهو، جيڪو ان متعلق اسان تي دعويٰ ڪري. |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ هي حقيقت آهي ته اسان بني آدم کي بزرگي ڏني. ۽ بر ۽ بحر ٻنهي جون قوتون کيس تابع ڪري ڏنيون ته هن کي کڻي هيڏي هوڏي وڃن، ۽ اسان چڱيون ۽ پاڪ شيون سندس روزيءَ لاءِ مهيا ڪيون، ۽ پڻ مخلوقات مان گهڻن تي کيس برتري ڏني. پوري ۽ وڏي برتري ڏني جهڙي هئڻ گهرجي. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جڏهن اسان سڀني انسانن کي سندس پيشوائن سميت سڏينداسين (۽ پاڻ وٽ گڏ ڪنداسين) تڏهن جنهن کي پنهنجو ڪتاب (اعمال نامون) پنهنجي (سڄي هٿ ۾ ملندو سو انهن ماڻهن مان هوندو جيڪي پنهنجو اعمال نامون (خوش ٿي) پڙهندا ۽ انهن سان سرنهن جي داڻي جيتري به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جيڪو هن دنيا ۾ انڌو ٿي رهيو (۽ الله جي ڏنل هوش ۽ حواسن کان ڪم نه ورتائين) تنهن بابت يقين ڪيو ته هو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ (سنئين) رستي کان پري گمراهه هوندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ته توکي فريب (لالچون ۽ ڌمڪيون) ڏيئي انهيءَ ڪلام (جي پهچائڻ) کان باز رکن جيڪو اسان وحي طور توتي نازل ڪيو آهي. ۽ سندن مقصد هي هو ته انهيءَ ڪلام جي بدران ٻيون ڳالهيون ٻڌائي اسان تي ڪوڙا ٺاهه ٺاهين، ۽ پوءِ هو خوش ٿي توکي پنهنجو دوست بنائين. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جيڪڏهن (حق جي راهه تي) اسان توکي مستقيم ۽ محڪم نه رکون ها ته تون ضرور انهن جي طرف ڪجهه نه ڪجهه لاڙو ڪري ويهين ها. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
پوءِ ان صورت ۾ ضرور توکي زندگيءَ جو به ٻيڻو عذاب چکايون ها ۽ موت جو به ٻيڻو عذاب چکايون ها. ۽ وري توکي اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار به ڪونه ملي ها. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ هنن هن ڳالهه ۾ به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو هو ته، توکي هن ملڪ مان عاجز ڪري ڪڍي ڇڏين، ۽ جيڪڏهن ائين ڪري ويهن ها ته (ياد رک ته تنهنجي نڪري وڃڻ کان) پوءِ مهلت ڪانه ملين ها پر تمام ٿوري. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
اسان توکان اڳي جيڪي به پيغمبر موڪليا آهن، تن سڀني جي معاملي ۾ اسان جو قانون اهڙوئي رهيو آهي، ۽ اسان جي ٺهرايل قانونن ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين (يعني خدائي قانون ضرور عمل ۾ ايندو ۽ عملن جو نتيجو ضرور ظاهر ٿيندو.) |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
(اي پيغمبر!) نماز قائم ڪر. سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ تائين (يعني ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا جي وقتن ۾) پڻ صبح جو قرآن پڙهڻ (خاص طرح) ڏٺو وڃي ٿو. (يعني الله تعاليٰ خاص طرح صبح جي نماز ڏسي ٿو ۽ ان جو فائدو وڌيڪ ملي ٿو.) |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ (اي پيغمبر!) رات جو ڪجهه حصو (يعني پويون پهر) سجاڳيءَ ۾ گذار. اهو تنهنجي لاءِ زياده عمل آهي. ممڪن آهي ته جلد الله توکي اهڙي درجي تي پهچائي ڇڏيندو جو نهايت ساراهيل ۽ پسند پيل درجو هوندو. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ تنهنجي دعا هيءَ هئڻ گهرجي ته، اي پروردگار مون کي جتي پهچائين اتي سچائيءَ سان پهچاءِ. ۽ جتان ڪڍين اتان سچائيءَ سان ڪڍ، ۽ مون کي پنهنجي حضور مان قوت عطا ڪر، اهڙي قوت (عطا ڪر) جا (هر حال ۾) مددگاري ڪرڻ واري هجي. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ تنهنجو اعلان هي هجي ته ڏسو حق ظاهر ٿي پيو ۽ باطل (ڪوڙ) نابود ٿي ويو ۽ باطل ضرور نابود ٿيڻو ئي آهي. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسان جيڪي قرآن ۾ نازل ڪيو آهي سو ايمان وارن لاءِ (روح جي سڀني بيمارين جي) شفا ۽ رحمت آهي. ۽ جيڪي نافرمان آهن تن کي ان مان ڪجهه به فائدو ملڻو ناهي، سواءِ هن جي ته (انڪار ۽ سرڪشيءَ سببان) اڃان به وڌيڪ تباهه ٿين. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن اسان انسان تي نعمتون ڪيون ٿا، تڏهن اسان کان (نعمتن جي نشي ۾) منهن موڙي ڇڏين ٿا ۽ (شيطان جي طرف) هٽي وڃن ٿا ۽ جڏهن کين ڪو ڏک يا مصيبت پهچي ٿي ته، ڏسو ته بلڪل مايوس ٿي ويهي رهن ٿا (ڪاميابيءَ جي حالت ۾ غفلت ۽ غرور، ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ مايوسي تباهه ڪندڙ ڳالهه آهي.) |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
(اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته هر انسان پنهنجي پنهنجي طريقي تي (پنهنجي پنهنجي خيالن ۽ خواهشن موجب) عمل ٿو ڪري. پوءِ تنهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سڀني کان وڌيڪ سڌي راهه تي آهي. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توکان روح بابت پڇن ٿا، تون کين چئه ته روح منهنجي پروردگار جي حڪم سان آهي (اصل ان جو حڪم ڪم ڪري رهيو آهي.) ۽ اوهان کي (ڪائنات جي اسرارن جو) جيڪو علم ڏنو ويو آهي، سو تمام ٿورڙو آهي. (ان کان وڌيڪ توهان حاصل ڪري نٿا سگهو.) |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪو وحي توڏي موڪليو ويو آهي، سو جيڪڏهن اسان چاهيون ته اهو به توکان کسي وٺون. پوءِ توکي ڪوبه ڪونه ملندو، جو ان لاءِ اسان جي خلاف وڪالت ڪري. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
پر هيءَ فقط تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو هو ائين نٿو ڪري جو وحي وري کسي وٺي) بيشڪ هن جو توتي وڏو ئي فضل آهي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
(اي پيغمبر!) هن ڳالهه جو اعلان ڪري ڇڏ ته جيڪڏهن سڀ انسان ۽ جن گڏ ٿي چاهين ته هن قرآن جهڙو ڪو ڪلام پيش ڪن ته ڪڏهن به هو پيش ڪري نه سگهندا، اگرچه هنن مان هرهڪ ٻين جو مددگار ٿئي. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ اسان قرآن ۾ هر طرح جا مثال بار بار موٽائي بيان ڪيا آهن ته ماڻهو سمجهن، پر انهن مان گهڻن ڪابه ڳالهه قبول نه ڪئي. اٽلندو بي شڪري ڪيائون. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ هنن چيو ته، اسان ته انهيءَ وقت تائين توکي نه مڃينداسين، جيستائين تون اسان جي لاءِ زمين مان هڪڙو چشمو ڦاڙي ڪڍين. |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا توکي کجور ۽ انگورن جو باغ (معجزي سان پيدا ٿيل) ملي وڃي، ۽ تون انهن جي وچ ۾ گهڻيون ئي نهرون وهائي ڏيکارين. |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا جيئن تو خيال ڪيو آهي آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسان تي ڪيرائين يا الله ۽ سندس فرشتا اسان جي سامهون آڻي ڏيکارين. |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا سونو محلات تنهنجي لاءِ مهيا ٿي وڃي يا تون مٿي چڙهي آسمان ۾ هليو وڃين، ۽ جيڪڏهن تون آسمان ۾ به هليو وڃين ته به اسان اها ڳالهه نه مڃينداسين، جيستائين تون هڪ (لکيل) ڪتاب اسان ڏي نه آڻيندين جو اسان پاڻ پڙهي معلوم ڪيون. (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئه ته سبحان الله (مون ڪو خدائيءَ جي دعويٰ ته ڪانه ڪئي آهي) مان هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان ته هڪ انسان آهيان ۽ حق جو پيغام پهچائڻ وارو آهيان. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن به الله جي هدايت (دنيا ۾) ظاهر ٿي تڏهن فقط هن ڳالهه ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان روڪيو جو (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳا ته ڇا الله (اسان جهڙو) هڪڙو ماڻهو پيغمبر ڪري موڪليو آهي؟ |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته جيڪڏهن زمين تي (انسانن جي بدران) فرشتا رهن ها ۽ آرام ۽ امن امان سان گهمندا ڦرندا وتن ها ته پوءِ ضرور اسان آسمان مان هڪڙي فرشتي کي پيغمبر بنائي موڪليون ها. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
(پڻ) چئي ڏي ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (هاڻي) الله جي شاهدي بلڪل ڪافي آهي. يقيناً هو پنهنجي ٻانهن جي حال کان واقف ۽ سڀ ڪجهه ڏسندڙ آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
جنهن کي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي سو ئي في الحقيقت (سچي) راهه تي آهي ۽ جنهن جي لاءِ هن (پنهنجي قانون مطابق ڪاميابيءَ جي) راهه گم ڪري ڇڏي تنهن جي لاءِ اوهان، سواءِ الله جي ڪوبه مددگار نه لهندؤ، قيامت جي ڏينهن اسان اهڙن ماڻهن کي منهن ڀر (ڪريل اونڌو ٿيل حالت ۾) اٿارينداسين ۽ اهي انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. انهن جو آخري مڪان دوزخ هوندو. جڏهن به ان جي باهه جهڪي ٿيندي تڏهن ان کي اڳي کان به وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏينداسين. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اها انهن جي لاءِ سزا ٿيندي، هن ڪري جو هنن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته، ڀلا جڏهن (مرڻ بعد ڳري سڙي) فقط هڏيون ٿي وينداسين ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين تڏهن (ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو) نئين سر اسان کي پيدا ڪري اٿاريو ويندو. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا انهن ماڻهن هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته اهو الله جنهن آسمانن ۽ زمين جي هيءَ سڄي ڪائنات پيدا ڪري ڇڏي آهي، ضرور هن ڳالهه جي به قدرت ۽ طاقت رکي ٿو ته هنن جي هاڻوڪي زندگيءَ وانگر هڪ ٻي زندگي به پيدا ڪري ڇڏي. پڻ هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو اٿن ڇا ته ضرور هنن جي لاءِ الله تعاليٰ (آخري فيصلي جو) هڪ ميعاد مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ آڻي نٿو سگهجي. تنهن هوندي به ڏسو ته هنن ظالمن (سنئين راهه وٺڻ کان) انڪار ڪيو، اٽلندو حقيقت کي ئي نه مڃيائون ۽ بي شڪر رهيا. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن منهنجي پروردگار جي رحمت جا خزانا اوهان جي اختيار ۾ هجن ها ته توهان ضرور انهن جي کپي وڃڻ جي خوف کان انهن کي روڪي رکو ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جو فيض روڪي رکڻ وارو ناهي. سندس بخششون اهڙيون تنگ ناهن جو دنيا جي ٿورڙن ڏينهن جي زندگيءَ لاءِ محدود هجن ۽ کپي وڃن) حقيقت هيءَ آهي ته انسان ڏاڍو تنگدل ۽ بخيل يعني ڪنجوس آهي، (اهو الاهي رحمت جي ڪشادگيءَ جو اندازو لڳائي نٿو سگهي.) |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ (اي پيغمبر!) اسان حضرت موسيٰ کي نَوَ چٽيون نشانيون ڏنيون هيون، جڏهن هو بني اسرائيلن ۾ ظاهر ٿيو هو. تون بني اسرائيلن کان پڇي ڏس (ته ڇا ڇا ٿي گذريو هو) فرعون کيس چيو هو ته، اي موسيٰ مان ته ڀائيان ٿو ته توتي ضرور ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو آهي. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
(تنهن تي حضرت موسيٰ) فرمايو ته، توکي يقيناً معلوم ٿو چڪو آهي ته هي نشانيون مون ڏي ٻئي ڪنهن نه موڪليون آهن پر ان موڪليون آهن جو آسمان ۽ زمين جو پروردگار آهي ۽ انهن ۾ (عبرت ۽ نصيحت وٺڻ لاءِ) سمجهڻ جي روشني آهي ۽ اي فرعون! مان سمجهان ٿو ته تو پاڻ کي پاڻ تباهي ۾ وڌو آهي. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
سو (ڏسو) فرعون چاهيو ته، بني اسرائيلن جو ملڪ ۾ رهڻ مصيبتن سان ڀريل ڪري ڇڏي (۽ کين تباهه ڪري ڇڏي) پر اسان کيس ۽ انهن سڀني کي جيڪي ان سان گڏ هئا (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ اسان هن واقعي کان پوءِ بني اسرائيلن کي چيو هو ته، هاڻي هن (فلسطين يا ڪنعان جي) ملڪ ۾ رهو (توهان جي لاءِ هاڻي ڪوبه خوف خطرو ڪونه رهيو) پوءِ جڏهن آخرت جو واعدو ظهور ۾ ايندو تڏهن اسان توهان سڀني کي پنهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪنداسين. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ اسان قرآن کي سچائيءَ سان نازل ڪيو آهي ۽ اهو بيشڪ سچائي سان ئي نازل ٿيو آهي ۽ اسان جو توکي (پيغمبر ڪري) موڪليو آهي سو فقط هن حيثيت ۾ ته تون (ايمان ۽ نيڪ عملن جي نتيجن جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهين. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ اسان قرآن کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايو آهي، انهيءَ لاءِ ته تون جهلي جهلي ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ (اهوئي سبب آهي جو ان کي) هڪ ئي وقت نازل نه ڪيوسين، بلڪ درجي بدرجي (ٿورو ٿورو ڪري) نازل ڪيوسين. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
(اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي چئي ڏي ته توهان قرآن کي (الله جو ڪلام ڪري) مڃيو يا نه مڃيو، پر جن ماڻهن کي اڳوڻن ڪتابن جو علم ڏنو ويو آهي (يعني اهل ڪتاب) تن کي جڏهن هي ڪلام ٻڌايو وڃي ٿو تڏهن هو بي اختيا سجدي ۾ ڪري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چئي ڏين ٿا ته پاڪائي هجي اسان جي پروردگار لاءِ! بيشڪ اسان جي پروردگار جو واعدو انهيءَ لاءِ ٿيل هو ته پورو ٿئي ۽ عمل ۾ اچي. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
اهي کاڏين ڀر (الله جي اڳيان) ڪري پون ٿا سندن اکيون لڙڪن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ (حق جو ڪلام ٻڌڻ) هنن جي نماڻائي ۽ زاريءَ کي وڌائي ٿو ڇڏي. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته، توهان (مڪي جا مشرڪ) الله چئي (کيس) پڪاريو يا رحمان جي نالي سان کيس پڪاريو جيئن به پڪاريو (ساڳي ڳالهه آهي) سندس سڀ نالا سهڻا ۽ چڱا آهن ۽ (اي پيغمبر!) تون نماز ۾ نڪي وڏي واڪي (قرآن) پڙهه، نه وري بلڪل آهستي. توکي گهرجي ته درميانو طريقو اختيار ڪرين. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چئو ته سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جو نڪي اولاد ٿو رکي، نڪي سندس حڪومت ۾ ڪوئي هن سان شريڪ آهي، ۽ نه ڪوئي اهڙو آهي جو سندس ٿڪ يا عاجزيءَ ۾ سندس مددگار ٿئي (هو انهن ڳالهين کان ۽ ٿڪ يا عاجزيءَ کان بلڪل پاڪ آهي) سندس وڏائي بيان ڪيو، جيتري وڏائي بيان ڪرڻ گهرجي. (هن جي وڏائي بي انت ۽ بي انتها آهي.) |