سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
پاڪ آهي اهو،جنهن سندس ٻانهي (محمدﷺ) کي رات ۾ بيت الله کان بيت المقدس تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي_ ان لاءِ ته ان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريون_ بيشڪ هو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪندڙ ڪيوسون ته، مون ڌاران ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه بڻايو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اوهين انهن ماڻهن جو اولاد آهيو، جن کي اسان نوح سان (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو، هو هڪ شڪر گذار بندو هو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۾ هن فيصلي جي خبر ڏني هئي ته، اوهين ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابي پکيڙيندؤ ۽ حدد درجي جي سرڪشي ڪندؤ. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
جڏهن انهن ٻن مان پهريون وقت ايندو، ته اسين اوهان تي اهڙا خوفناڪ بندا موڪلينداسون، جي اوهان جي ملڪ اندر ڪاهي پوندا ۽ اهو وعدو پورو ٿيڻو آهي. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
وري به هڪ دفعو اوهان کي هنن تي غلبو ڏينداسون ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد سان وڌائينداسون ۽ اوهان کي لشڪر ۾ به وڌائينداسون. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جي اوهين چڱائي ڪندا ته اها پنهنجي پاڻ لاءِ ڪندا ۽ جي برائي ڪندا ته به پاڻ لاءِ، پوءِ جڏهن ٻيو وعدو ايندو، ٻي ڌر اوهان جي چهرن کي غمگين ڪندي ۽ هو جيئن پهرئين دفعي مسجد ۾ داخل ٿيا هئا تيئن ئي گهڙندا_ ۽ جنهن تي فتح پائيندا ان کي اجاڙي ڇڏيندا. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو ڌڻي اوهان تي رحم ڪري پر جي اوهان ڦرندا ته اسين به ڦرنداسون_ ۽ جهنم کي ته اسان ڪافرن لاءِ قيد خانو بنايو آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ هي قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو، جا سڀ کان سڌي آهي، ۽ چڱا ڪم ڪندڙ مومنن کي مبارڪ ٿو ڏئي ته هنن لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي آخرت تي ويساهه نٿا رکن تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
انسان جيئن پنهنجي ڀلائي لاءِ دعائون گهري ٿو، تيئن ڪڏهن بڇڙائي لاءِ به گهري ٿو ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بڻايو، رات جي نشانيءَ کي اونداهو ڪيوسون ۽ ڏينهن جي نشانيءَ کي روشن ڪيوسون ته پنهنجي رب جو فضل ڳوليو ۽ ورهن جو شمار ۽ حساب معلوم ڪريو ۽ اسان هر ڪنهن چيز کي کولي بيان ڪيو آهي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ هر ڪنهن انسان جو عمل سندس ڳچيءَ جو هار بڻائي ڇڏيو اٿئون ۽ (وري) قيامت جي ڏينهن سندس اعمالنامو ڪڍنداسون، جنهن کي هو کليل ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
”پڙهه پنهنجو اعمالنامو! اڄ تون پاڻ ئي پاڻ کان حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهين!“ |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جو شخص دنيا ۾ سنئين رستي هلي ٿو، سو پاڻ لاءِ ئي ٿو هلي ۽ جيڪو گمراهه ٿو ٿئي، ان جي گمراهي به مٿس ئي آهي_ ڪو به شخص ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ اسين تيستائين عذاب نه ڪندا آهيون جيستائين ڪو رسول موڪليون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
جڏهن اسين ڪنهن ڳوٺ کي ناس ڪرڻ گهرندا آهيون ته ان جي آسودن کي حڪم موڪليندا آهيون، پوءِ هو منجهس نافرمانيون ڪندا آهن، تڏهن مٿس عذاب لازمي ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اسين کيس تباهه ڪري ڇڏيندا آهيون. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ اسان نوح کانپوءِ گهڻين ئي امتن کي ناس ڪيو، تنهنجو رب پنهنجي بندن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو دنيا جو فائدو گهرندو ته اهڙن مان جنهن لاءِ چاهينداسون، ان کي دنيا ۾ ئي فائدو ڏينداسون، پوءِ ان لاءِ دوزخ مقرر ڪنداسون، جنهن ۾ هو بد حال تڙيل ٿي داخل ٿيندو. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ جيڪو آخرت جي نيت رکندو ۽ ان لاءِ گهربل ڪوشش ڪندو ۽ هو مومن به هوندو ته اهڙن ماڻهن جي اها ڪوشش قبول ٿيندي. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
تنهنجي رب جي انهيءَ عطا مان اسين انهن جي به مدد ڪريون ٿا ۽ هنن جي به ۽ تنهنجي رب جي عطا ڪنهن تي به بند نه آهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏس ته اسان ڪيئن هڪڙن کي ٻين کان ڀلو ڪيو آهي_ ۽ بيشڪ آخرت درجن خواهه ڀلائيءَ ۾ تمام وڏي آهي. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
تون الله سان گڏ ٻيو ڪو به سائين نه بڻاءَ، نه ته تون بڇڙي حال ۾ نڌڻڪو ٿي ويهي رهندين_ |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنهنجي رب حڪم ڪيو آهي ته، ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو ۽ پيءُ ماءُ سان چڱيءَ طرح هلو، جيڪڏهن انهن مان هڪ يا ٻئي تنهنجي اڳيان پوڙها ٿي پون، ته انهن کي ڪڏهن اُف به نه چئو ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ادب سان ڳالهاءِ. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ انهن جي آڏو مهربانيءَ سان نياز سان جهڪيل رهه ۽ چؤ ته ”اي ڌڻي! انهن تي ائين رحم ڪر، جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو!“ |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
اوهان جو رب اوهان جي اندر جا حال خوب ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن اوهين چڱا آهيو ته هو توبه ڪندڙن جي خطائن کي معاف ڪري ٿو. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
مٽن مائٽن ۽ محتاجن ۽ مسافرن کي سندن حق ڏيندو رهه ۽ اجايو خرچ نه ڪر. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
بيشڪ اجايا خرچ ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪر آهي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جيڪڏهن توکي پنهنجي رب جي طرف کان جنهن رزق جي اچڻ جي اميد هجي، ان جي انتظار ۾ (کين حق ڏيڻ کان) منهن موڙڻو پوي، ته به انهن کي نرم ڳالهه چئو. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ نه پنهنجي هٿ کي ڳچي ۾ ئي ٻڌي ڇڏ، نڪي بلڪل کولي ڇڏ، نه ته پاڻ کي ڇنڀيندڙ خالي هٿ ويهي رهندين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو رب جنهن کي گهري، تنهن کي وڌيڪ رزق ڏئي ٿو، ۽ تنگي ڏئي ٿو، هو پنهنجن ٻانهن کي خوب ڄاڻي ۽ ڏسي ٿو. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
پنهنجي اولاد کي غريبيءَ جي ڊپ کان قتل نه ڪريو ڇو ته اسين ئي انهن کي رزق ڏيون ٿا ۽ اوهان کي به ڏيون ٿا، بيشڪ انهن جو قتل ڪرڻ تمام وڏو گناهه آهي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زنا جي ويجهو به نه وڃو، بيشڪ اها وڏي بيحيائي آهي، ۽ بڇڙو رستو آهي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ جنهن ماڻهوءَ جي قتل کي الله حرام ڪيو آهي، ان کي ناحق قتل نه ڪريو ۽جيڪو ماڻهو ناحق قتل ٿئي، ته اسان سندس وارث کي به اختيار ڏنو آهي، تنهن ڪري ان جي قتل بابت حد کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي، اهو به طرفداري ڪرڻ وٽان آهي. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ يتيم جي مال کي ويجها نه وڃو مگر اهڙيءَ طرح، جو چڱو رستو هجي، ايتري تائين جو هو بالغ ٿئي، ۽ پنهنجي قول قرار کي پورو ڪريو، بيشڪ قول قرار جي پڇا به ٿيڻي آهي. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏهن ڀرپ ڪري ڏيو، ته پوري ڀرپ ڏيو ۽ صحيح تور سان توري ڏيو، اها چڱي آهي ۽ ان جي پڇاڙي به چڱي آهي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ جنهن ڳالهه جي توکي تحقيق نه هجي، ان جي پٺيان نه پئو، ڇو ته انهي بابت ڪنن، اکين ۽ دل انهن سڀني کان پڇاڻو وٺبو. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين ۾ آڪڙجي نه هل، جو نڪي تون زمين ڦاڙي سگهين ٿو ۽ نڪي جبلن جي اچائي کي پهچي سگهين ٿو. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
هي سڀ بڇڙا ڪم تنهنجي رب وٽ بلڪل نا پسند آهن. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
اهي ڳالهيون ان ڏاهپ مان آهن جي تنهنجي رب تو ڏانهن وحي جي رستي موڪليون آهن ۽ الله سان گڏ ٻيو ڪو به سائين نه بڻاءِ، نه ته تون ڏوهاري ۽ تڙيل ٿي دوزخ ۾ اڇلايو ويندين. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ڇا اوهان جي رب اوهان کي پٽن لاءِ خاص ڪيو آهي ۽ فرشتن کي پنهنجون ڌيئر بڻايو اٿس؟ بيشڪ اوهين سخت ڳالهه چئو ٿا. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
اسان هن قرآن ۾ طرح طرح سان بيان ڪيو آهي ته ان کي چڱي طرح سمجهن، پر انهن ۾ نفرت ئي وڌندي رهي ٿي. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
چئو ته جيڪڏهن ان سان ٻيا به سائين هجن، جيئن اهي چون ٿا ته، ان حالت ۾ عرش جي ڌڻيءَ تائين رستو ڳولي ڪڍن ها. |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
هو جيڪي چون ٿا، الله ان کان پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهن، ان (الله ) جي پاڪائي بيان ڪري رهيا آهن ۽ ڪا شيءِ اهڙي نه آهي جا تعريف سان پاڪائي بيان نه ڪندي هجي، مگر اوهين انهن جي تسبيح کي سمجهو نٿا_ اهو وڏو حليم (بردبار) ۽ بخشيندڙ آهي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو، ته اسين تنهنجي ۽ آخرت کي نه مڃيندڙن جي وچ ۾ هڪ پردو آڏو ڪريون ٿا. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ اسين سندن دلين تي پردو وجهون ٿا، ته هو ان کي (نه) سمجهن ۽ سندن ڪنن کي ڳرو ڪريون ٿا_ ۽ جڏهن تون قرآن ۾ رڳو پنهنجي هڪڙي ڌڻيءَ جو ذڪر ڪرين ٿو ته، هو نفرت ڪري پٺ ڏيئي هليا وڃن ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
اسين انهيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا جڏهن هو توڏانهن ڪَن ڏين ٿا ۽ جڏهن هو ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا_ جڏهن ظالم چون ٿا ته ”اوهين ته هڪ جادو ٿيل ماڻهوءَ پٺيان ٿا لڳو!“ |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏس، ته هو تولاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٿا ڏين! پوءِ هو گمراهه ٿي ويا، ان ڪري واٽ لهي نه سگهندا. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن اسين مري ۽ ذرا ٿي وينداسين، اسين نئين سر جيئرا ٿي اٿنداسين؟“ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
چئو ته ”کڻي پٿر ٿيو يا لوهه. |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ڪا ٻي مخلوق ٿيو، جا اوهان جي دل ۾ تمام وڏي هجي، ته هو پڇندا ته ”ڪير اسان کي وري جياريندو؟“ چئو ته ”اهو جنهن اوهان کي پهرين پيدا ڪيو هو!“ ته وري اهي توکان پنهنجو مٿو لوڏي پڇندا ”ائين ڪڏهن ٿيندو؟“ چئو ” عجب نه آهي جو اها ڳالهه ويجهو هجي. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
ان ڏينهن الله اوهان کي سڏيندو ۽ اوهين ان جي تعريف ڪندي سندس حڪم مڃيندؤ يا ڀائيندؤ ته اوهين تمام ٿورو وقت رهيا هيؤ.“ |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
تون منهنجي ٻانهن کي چئو، ته هو اهڙي ڳالهه چون جا بهتر هجي_ شيطان ته ماڻهن ۾ فساد وجهارائي ٿو_ بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
اوهان جو رب اوهان کي خوب ڄاڻي ٿو، جي هو گهري ته، اوهان تي رحمت ڪري يا گهري ته اوهان تي عذاب ڪري ۽ اسان توکي انهن جو ذميدار بڻائي نه موڪليو آهي. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان سڀ کي تنهنجو ڌڻي خوب ڄاڻي ٿو ۽ اسان نبين مان ڪن کي ڪن تي درجن ۾ وڌايو آهي ۽ اسان داؤد کي زبور ڏنو سون. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
تون چئو ته اوهين خدا کانسواءِ سائين ٺهرايو ٿا، تن کي پڪاريو ته سهي، اهي ته اوهان کان تڪليف دور ڪرڻ ۽ بدلڻ جو ڪو اختيار نٿا رکن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
جن کي اهي پڪارين ٿا، سي ته پاڻ به رب وٽ وسيلو ٿا ڳولين، ته انهن مان ڪير وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو ۽ اهي سندس رحمت جا اميدوار آهن ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا، بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب آهي به ڊڄڻ لائق. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
ڪو به اهڙو ڳوٺ نه آهي، جنهن کي اسين قيامت کان اڳ ناس نه ڪنداسون، يا ان کي سخت عذاب نه ڏينداسون_ اها ڳالهه ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان کي معجزن موڪلڻ کان فقط هن ڳالهه روڪيو آهي، جو اڳين به انهن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ اسان ثمود کي پڌري نشاني ڏاچي ڏني هئي، انهن ان سان به ظلم ڪيو ۽ اسين معجزا رڳو ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
(ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو هو، ته تنهنجي رب ماڻهن کي گهيري ۾ رکيو آهي ۽ اسان توکي جيڪو نظارو ڏيکاريو هو ۽ جنهن وڻ جي قرآن ۾ بڇڙائي ڪئي وئي آهي، اهي ماڻهن لاءِ هڪ آزمائش هئا_ اسين کين ڊيڄاريندا رهون ٿا، مگر سندن سرڪشي وڌندي رهي ٿي. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن اسان فرشتن کي آدم کي سجدي ڪرڻ لاءِ چيو ته، ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، چيائين ”آءُ اهڙي کي سجدو ڪريان، جنهن کي تو مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي؟“ |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
(پڻ) چيائين ”ڇا، اهو ئي تنهنجو فيصلو آهي، جو تو هن کي مون کان ڀلارو ڪيو؟ جي تون مون کي قيامت ڏينهن تائين مهلت ڏيندين، ته آءُ ضرور سندس نسل کي ٿورن کانسواءِ پاڙون پٽي ڇڏيندس_“ |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
الله چيو ”وڃ، جيڪو به انهن مان تنهنجي ڪڍ لڳندو ته پوءِ اوهان سڀني جي پوري سزا جهنم آهي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ انهن مان جنهن تي پڄي سگهي ئي پنهنجي آواز سان ڀلائج، پنهنجن پيادن خواهه سوارن کي چڙهائج، کين وعدا ڏيئي سندن مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃج، ”۽ شيطان ساڻن رڳو ڪوڙا وعدا ٿو ڪري. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
منهنجن خاص ٻانهن تي تنهنجو ذري جيترو به زور نه هلندو، ۽ تنهنجو رب ئي ڪارساز آهي. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
اوهان جو رب ئي اهو آهي، جو اوهان لاءِ ٻيڙين کي درياءَ ۾ هلائي ٿو، ته اوهين سندس فضل ڳوليو، بيشڪ هو اوهان تي وڏو مهربان آهي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن درياءَ ۾ اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، ته الله کانسواءِ جن کي پڪاريو ٿا، سي سڀ گم ٿي وڃن ٿا، پوءِ جڏهن اوهان کي زمين تي آڻي ته اوهين ڦري وڃو ٿا ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي! |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ڇا، اوهين انهي کان بي فڪر آهيو ته، اوهان کي خشڪيءَ تي آڻي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي يا اوهان تي پٿرن جو مينهن وسائي، پوءِ اوهان ڪنهن کي به پنهنجو مددگار نه لهو؟ |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا انهيءَ کان بي فڪر آهيو ته هو درياءَ ۾ ٻيو ڀيرو وٺي وڃيوَ پوءِ اوهان تي طوفان موڪلي ۽ اوهان کي اوهان جي ڪفر ڪري ٻوڙي ڇڏي؟ پوءِ اوهان پاڻ لاءِ ڪو به اسان جي پٺيان پوڻ وارو نه لهو؟ |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني، کيس خشڪي ۽ پاڻي ۾ سوار ڪيوسون، کين پاڪ شين جو رزق ڏنوسون ۽ کين پنهنجي گهڻي مخلوقات تي فضيلت ڏني. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
جنهن ڏينهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن اعمالن سميت سڏينداسون، پوءِ جنهن کي سندس اعمالناما سڄي هٿ ۾ ڏينداسون ته، اهي پنهنجا اعمالناما پڙهندا ۽ انهن جو ذرو به نقصان نه ٿيندو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جيڪو دنيا ۾ انڌو هوندو، سو آخرت ۾ به انڌو رهندو ۽ وڌيڪ گمراهه هوندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
ڪافر توکي توڏانهن اسان جي موڪليل ڪلام بابت فريب ڏيڻ لڳا هئا ته تون اسان تي ڪو ٻيو ٺاهه ٺاهين، ته پوءِ هو خوش ٿي توکي پنهنجو دوست بڻائين. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جيڪڏهن اسين توکي پختو نه رکون ها ته، تون ضرور انهن ڏانهن ڪجهه لاڙو ڪري ويهين ها. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ ان وقت اسين توکي حياتيءَ خواهه موت جو ٻيڻو عذاب چکايون ها، پوءِ تون اسان جي مقابلي ۾ ڪو مدد ڪندڙ نه لهين ها. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ هو توکي هن سرزمين مان ٿيڙي ڪڍڻ تي هئا ته، تو کي اتان ڪڍن ۽ ان وقت کانپوءِ ڪا ٿورڙي ئي مهلت ملين ها. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
اسان جو توکان اڳ موڪليل رسولن سان به اهو رستو رهيو آهي ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڦير گهير نه ڏسندين. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
سج لهڻ کان وٺي رات جي اوندهه تائين نماز پڙهندو رهه ۽ صبح جو قرآن پڙهه، بيشڪ صبح جو قرآن پڙهڻ مهل ملائڪ حاضر ٿين ٿا. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ ڪجهه قدر رات جي حصي ۾ به تهجد پڙهندو رهه، جا تو لاءِ وڌيڪ آهي، اميد آهي ته تنهنجو رب توکي واکاڻيل هنڌ تي جاءِ ڏيندو. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
چئو ته ”منهنجا رب! مون کي خوبيءَ سان پهچاءِ، خوبيءَ سان وٺي وڃ ۽ مون کي پاڻ وٽان اهڙو غلبو ڏي، جنهن سان مدد ٿئي.“ |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ چئو ته حق آيو ۽ باطل چٽ ٿيو ۽ بيشڪ باطل ته آهي ئي چٽ ٿيڻ لائق. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسين قرآن ۾ اهڙين ڳالهين کي موڪليون ٿا، جي مومنن لاءِ ته چڱڀلائي ۽ رحمت آهن، پر ظالمن کي وڌيڪ نقصان رسي ٿو. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ اسين جڏهن انسانن کي ڪا نعمت ڏيون ٿا، ته منهن موڙي ۽ پاسو ڦيرائي ٿو پرجڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ته نااميد ٿيو وڃي. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
چئو ته هر ڪو پنهنجي نموني تي ڪم ڪري رهيو آهي پوءِ تنهنجو رب وڌيڪ سنئين رستي هلندڙ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
اهي توکان روح بابت پڇن ٿا، چئو ته روح منهنجي ڌڻيءَ جي حڪم سان آهي ۽ اوهان کي تمام ٿورو علم مليو آهي. |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
جيڪڏهن اسين گهرون ته، جيڪي به، تو ڏانهن وحي ڪيو اٿئون، ان کي کسي وٺون، پوءِ توکي اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار نه ملندو. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
پر تنهنجي رب جي رحمت ڪري ائين نه ٿيو آهي، بيشڪ توتي پنهنجي رب جو وڏو فضل آهي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
چئو ته جيڪڏهن سڀئي انسان ۽ جن گڏجي ڪوشش ڪن، ته اهڙو قرآن بڻائي آڻين، تڏهن به ائين ڪري نه سگهندا، پوءِ کڻي هو هڪ ٻئي جا مددگار ٿين. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ اسان ماڻهن جي سمجهائڻ لاءِ هن قرآن ۾ هر قسم جا مضمون جدا جدا نموني بيان ڪيا آهن، ته به گهڻا ماڻهو انڪار ڪرڻ کانسواءِ نه رهيا. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ اهي چون ٿا اسين تيسين هر گز نه ايمان آڻينداسون جيسين زمين مان ڪو چشمو نه جاري ڪرين. |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو باغ نه هجي، پوءِ تون ان باغ جي وچ ۾ نهرون جاري ڪرين. |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا تنهنجي باور موجب آسمان جو ٽڪرو اسان تي ڪيراءِ، يا الله کي ۽ فرشتن کي اسان جي سامهون آڻ. |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا تو وٽ ڪو سون جو ٺهيل گهر هجي، يا آسمان تي چڙهي وڃين ۽ اسان تنهنجي چڙهڻ کي به نه وسهنداسين، جيسين تون اسان لاءِ اهڙي لکت نه آڻين جنهن کي پڙهون، چئو ته ”منهنجو ڌڻي پاڪ آهي، آءُ ته رڳو نياپو پهچائيندڙ ماڻهو آهيان.“ |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت پهتي، ته تڏهن کين ايمان آڻڻ کان فقط هن ڳالهه روڪيو، جو چيائون ته ”ڇا الله ماڻهوءَ کي رسول بڻائي موڪليو آهي؟“ |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
چئو ته ”جيڪڏهن زمين تي فرشتا آرام سان هلن چلن ها ته ضرور اسين آسمان مان فرشتي کي رسول بڻائي موڪليون ها. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
چئو ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ گواهه بس آهي، بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کي خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
جنهن کي الله سنئين واٽ ڏيکاري اهو ئي سنئين رستي تي اچي ٿو ۽ جنهن کي هو بي راهه ڪري ته پوءِ ان ڌاران ڪو به سندس مددگار نه ڏسندين ۽ اسين قيامت ڏينهن انهن کي انڌو گونگو ٻوڙو ڪري منهن ڀر هلائينداسون، پوءِ سندن جاءِ دوزخ آهي، اهو جڏهن به ڍرو ٿيندو ته مٿن وڌيڪ ڀڙڪائينداسون. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اها سندن سزا آهي، جو انهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو هو ۽ چيائون ته ”جڏهن اسين هڏا ۽ ذرڙا ٿي وينداسون ته، ڇا اسين نئين سر خلقي اٿارباسون؟“ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا، هو نٿا ڏسن ته جنهن الله آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ان کي اها به طاقت آهي ته انهن جهڙا وري پيدا ڪري، ۽ انهن لاءِ ڪو وقت مقرر رکيو اٿس جنهن ۾ شڪ ناهي_ ته به بي انصاف ماڻهو انڪار ئي ڪندا رهيا. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
چئو ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي رب جي خزانن جو اختيار هجي ها ته جيڪر اوهين ان جي خرچ ٿيڻ جي ڊپ کان پاڻ روڪي ڇڏيو ها ۽ انسان ته آهي ئي تنگدل. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ تون يهودين کان پڇي ڏس ته، جڏهن موسيٰ وٽن آيو هو، تڏهن اسان کيس پڌرا نَوَ معجزا ڏنا هئا، پوءِ فرعون چيس ”موسيٰ! منهنجي خيال ۾ ته توتي ضرور جادو ٿيل آهي.“ |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
چيائين ”تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو، ته هي آسمانن ۽ زمين جي رب ئي عبرت لاءِ موڪليون آهن ۽ منهنجي خيال ۾ تون ضرور ناس ٿيندين. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ هن گهريو ته ان زمين مان سندن پير ڪڍي ڇڏي، تنهن ڪري اسان ان ۽ سندس سڀني همراهن کي ٻوڙيو. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ ان کانپوءِ يهودين کي چيو سون ته ”زمين ۾ رهو، پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته سڀني کي ڪٺو ڪري آڻينداسون.“ |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
اسان قرآن کي سچ سان لاٿو آهي ۽ سچ سان ئي لٿو آهي ۽ اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ئي موڪليو آهي. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ اسان قرآن کي ٽڪرا ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي ٿورو ٿورو ڪري ٻڌائين، ۽آهستي آهستي لاٿو اٿئون. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
چئو ته اوهين هن تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، پر جن کي هن کان اڳ ۾ علم مليل آهي، سي جڏهن مٿن پڙهجي ٿو ته منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چون ٿا ته اسان جو رب پاڪ آهي! اسان جي رب جو وعدو پورو ٿي رهندو. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
اهي روئندي منهن ڀر ڪري پون ٿا ۽ قرآن سندن عاجزيءَ کي وڌائي ٿو.(سجدو) |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
چئو ته الله کي الله جي نالي سان پڪاريو، يا رحمان چئي پڪاريو_ جنهن به نالي سان پڪاريو، ته هن جا گهڻائي چڱا نالا آهن ۽ پنهنجي نماز نڪي زور سان پڙهه ۽ نه بلڪل آهستي پڙهه، ٻنهي جو وچٿرو رستو اختيار ڪر. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چئو ته سڀ تعريف الله لاءِ آهي_ جو نه اولاد رکي ٿو، ۽ نه ڪو سندس حڪومت ۾ شريڪ آهي ۽ نه سندس ڪمزوريءَ ڪري ئي ڪو مددگار آهي ۽ سندس وڏائيءَ خوب بيان ڪر! |