سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
(اللھ تعالى جي ذات) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانهي کي مسجد حرام کان مسجد اقصى تائين سير ڪرايو ته جيئن اسان کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون ۽ اسان (مسجد حرام کان وٺي مسجد اقصى تائين) پوري علائقي کي برڪت وارو بنايو آھي. بيشڪ ھو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ھر شيءِ کي ڏسندڙ آھي. |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيل جي لاءِ ھدايت جو ذريعو بنايو. (ڪتاب ۾ کين تاڪيد ڪيو ويو ته) مون کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي معاملا سلجهائڻ وارو نه بڻائجو. |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اوھان انهن ماڻهن جو اولاد آھيو جن کي اسان نوح ($) سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار ڪيو ھو. بيشڪ ھو شڪرگذار ٻانھو ھو. |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي (اڳواٽ) خبردار ڪيوسين ته توھان ٻه ڀيرا زمين ۾ ضرور وڏو فساد ڦھلائيندا ۽ حد درجي جي سرڪشي ڏيکاريندا. |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏھن انهن ٻنهي واقعن مان ھڪ جو وقت آيو ۽ توھان ھڪ وڏي سرڪشي ڏيکاري. (اي بني اسرائيل!) پوءِ اسان به توھان جي مقابلي ۾ اھڙن ٻانھن کي توھان جي سامھون آندو جيڪي توھان کان وڌيڪ طاقتور ھئا ۽ ھو توھان جي علائقن ۾ ڪاھي پيا. اھو اڳ ۾ ڪيل وعدو ھو جنھن کي پورو ٿيڻو ئي ھو. |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
ان کان پوءِ وري اسان توھان کي انهن جي مٿان فتح حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ توھان کي مال ۽ جوانن جي ذريعي مدد ڏني ۽ توھان جي تعداد ۾ گهڻو واڌارو به ڪيوسين. |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
(کين چيو ويو ته) توھان جيڪا ڀلائي ڪئي آهي سا توهان جي لاءِ ئي آهي ۽ جيڪا برائي ڪئي ته اھا به توھان جي لاءِ برائي ثابت ٿي. پوءِ جڏھن ( ٻي وڏي سرڪشي جي نتيجي ۾) ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان توھان تي اھڙو دشمن مسلط ڪيو جو ھن توھان جي چھرن کي ئي بگاڙي ڇڏيو ۽ ھو مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙي پيا جيئن پھرين ڀيري دشمن گهڙيو ھو ۽ جيڪا شيءِ کين ھٿ اچي پئي تنھن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين پيا. |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
هاڻي به وقت آھي، ٿي سگهي ٿو ته توھان جو پالڻھار توھان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏھن اوھان ساڳي چال تي ھلندا ته پوءِ اسان به وري ساڳيو عمل دھرائينداسين ۽ اسان جھنم کي ڪافرن لاءِ قيدخانو بنايو آھي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
بيشڪ ھي قرآن ته صفا سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن جي لاءِ وڏو اجر آھي. |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن، اھڙن ماڻهن لاءِ اسان تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آھي. |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
انسان جو ھي حال آھي جو برائيءَ لاءِ به اھڙي دعا گهرندو آھي جھڙي دعا ڀلائي لاءِ گهرڻ کپي. بيشڪ انسان وڏو جلدباز آھي. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
اسان رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪري بنايو آهي، رات جي نشاني کي اونداھو بڻايو (ته جيئن ان ۾ آرام ڪريو) ۽ ڏينھن جي نشاني کي روشن بڻايو ته جيئن پنھنجي پالڻھار جي روزي تلاش ڪري سگهو ۽ ڏينھن ۽ رات جي ڪري سال ۽ مھينن جو حساب لڳائي سگهو. اھڙيءَ طرح اسان ھر شيءِ کي وڏي تفصيل سان بيان ڪيو آھي. |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ اسان ھر انسان جي قسمت کي ان جي ذات سان ڳنڍي ڇڏيو آھي ۽ قيامت جي ڏينھن ان جي عمل کي رجسٽر (۽ لکت) جي شڪل ۾ ڪڍنداسون، جنھن کي ھو پنھنجي اڳيان کليل ڏسندو. |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(پوءِ کيس چيو ويندو ته) پڙھ، پنھنجو اعمال نامو، اڄ تون پنھنجو پاڻ کان حساب وٺڻ لاءِ خود ڪافي آھين. |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
سو جيڪو ماڻهو ھدايت وارو رستو اختيار ڪندو اھو سندس لاءِ ئي فائديمند ثابت ٿيندو ۽ جيڪو گمراھيءَ وارو رستو وٺندو ته ان گمراھيءَ جو وبال سندس ڳچيءَ ۾ پوندو ۽ ڪوبه بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو ۽ اسان ڪنھن به قوم جي مٿان رسول کي موڪلڻ کان پوءِ ئي عذاب موڪليندا آھيون. |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ اسان جڏھن به ڪنھن شھر کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪندا آھيون ته ان ۾ رھندڙ خوشحال ماڻهن کي (عمل ڪرڻ لاءِ) ڪجهه احڪام ڏيندا آھيون پوءِ جڏهن ھو (انھن حڪمن جي) نافرماني ڪندا آھن ته اهڙي صورت ۾ انهن جي لاءِ عذاب جو فيصلو ڪيو ويندو آھي. آخرڪار اسان کين مَليا ميٽ ڪري ڇڏيندا آھيون. |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
نوح ($) کان پوءِ اسان ڪيترين ئي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏيوسين، تنھنجو پالڻھار پنھنجي ٻانَھن جي گناھن کان خوب واقف آھي ۽ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو ماڻهو دنيا جي شين کي بي صبريءَ سان حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ته اسان به جنھن لاءِ جيترو مناسب سمجهندا آھيون اوترو ئي ان کي جلد ڏئي ڇڏيندا آھيون پوءِ ان جي لاءِ جھنم لکيو ويندو آھي جنھن ۾ ھو خوار ۽ تڙيل جي حيثيت ۾ داخل ٿيندو. |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ جيڪو ماڻهو آخرت جو چاھيندڙ ھوندو ۽ مؤمن جي حيثيت ۾ هو آخرت کي ڀرپور طريقي سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو ته اھڙي ماڻهوءَ جي ڪوشش کي قدر واري نگاهه سان ڏٺو ويندو. |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
اسان ته ايمان وارن ۽ دنيا جي چاھيندڙن ٻنهي کي زندگي جي گذاري لاءِ سامان ڏيندا آھيون. اھا ته تنھنجي پالڻھار جي طرفان عطا آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جي عطا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
(چڱيءَ طرح) ڏسو ته اسان دنيا ۾ ھڪڙن ماڻهن کي ٻين تي فضيلت ڏني آھي ۽ آخرت جا درجا ۽ فضيلت ته اڃا به وڌيڪ ھوندي. |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
اللھ تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به معبود نه ٺاھيو ورنه توھان خوار ۽ نڌڻڪا ٿي ويندا. |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنھنجي پالڻھار اھو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته توھان ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪريو ۽ والدين سان گهڻو نيڪ سلوڪ ڪريو. جيڪڏھن تنھنجي جيئري انهن مان ھڪڙو يا ٻئي پوڙھا ٿي وڃن ته کين اُف به نه چئجانءِ ۽ نه ئي ٻنهي کي ڇڙٻ ڏجانءِ ۽ ھميشه انهن ٻنهي سان ادب سان ڳالھائجانءِ. |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ انهن جي اڳيان پيار ۽ نوڙت سان جهڪيل رھجانءِ ۽ دعا گهرندو رهه ته اي منھنجا پالڻھار! انهن ٻنهي تي رحم فرماءِ جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان پاليو ھو. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
توھان جو پالڻھار توھان جي دلين جي حال کان چڱيءَ طرح واقف آھي جيڪڏھن توھان نيڪ ٿي رھندا ته بيشڪ ھو سڀني جي توبہ کي قبول ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آھي. |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن جا حق ادا ڪريو ۽ فضول خرچي نه ڪريو. |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
بيشڪ فضول خرچي ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آھن ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جو (وڏو) ناشڪرو آھي. |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
جيڪڏھن توھان کي ضرورتمندن کي ڏيڻ لاءِ في الحال ڪا شيءِ موجود نه ھجي ۽ اوھان خود ڪنھن شيءِ جي اچڻ جي انتظار ۾ ھجو ته اھڙي حالت ۾ کين نرميءَ سان جواب ڏئي روانو ڪريو. |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
تون پنھنجي ھٿن کي خرچ ڪرڻ کان نه ته ڀيڙي رک ۽ نه بيجا خرچ ڪري ھٿ ڇنڊي اُٿ، جو توکي خود ملامت کڻڻي پوي ۽ تون منھن ڀيلو ڪري ويھي رھين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي آھي جنھن لاءِ به گهري تنھن جي روزي ڪشادي ڪري ۽ جنھن لاءِ چاھي ان جي روزي تنگ ڪندو آھي، بيشڪ ھو پنھنجي ٻانَھَن جي حال کان خوب واقف آھي ۽ کين چڱي طرح ڏسي ٿو. |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
پنھنجيءَ اولاد کي سڃائيءَ جي ڀؤ کان قتل نه ڪريو اسان انهن کي به رزق ڏينداسين ۽ توھان کي به ڏئي رھيا آھيون. بيشڪ انهن کي قتل ڪرڻ ھڪ وڏو گناهه آھي. |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زنا جي ويجهو به نه وڃو، بيشڪ اھو وڏي بي حيائيءَ وارو ڪم آھي ۽ انتھائي برو رستو آھي. |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
اللھ تعالى جي حرام ڪيل ڪنھن به جان کي ناحق قتل نه ڪريو ۽ جنھن کي ظلم سان قتل ڪيو وڃي ته اسان سندس وارث کي (قصاص وٺڻ جو) حق ڏنو آھي تنھن ڪري هُو قتل جي باري ۾ شرعي حدن کان ٻاھر نه وڃي، کيس (قصاص وٺڻ ۾) مدد ڏني ويندي. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
جائز طريقي کان سواءِ يتيم جي مال جي ويجها به نه وڃو. جيستائين يتيم جوان ٿي وڃي. وعدن کي پاڙيو، بيشڪ (قيامت جي ڏينھن) وعدن جو پڇاڻو ٿيندو. |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
جڏھن توھان ماپ ڪريو ته پوري ماپ ڪندا ڪريو ۽ جڏھن ڪا شيءِ توري ڏيو ته بلڪل سڌي تور رکندا ڪريو. اھو ئي سھڻو طريقو ۽ انجام جي لحاظ کان به اھو سٺو عمل آھي. |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ جنھن شيءِ جي باري ۾ توهان کي ڪوبه علم نه آھي ته ھروڀرو ان جي پويان نه لڳو (اھو سمجهي ڇڏيو ته) بيشڪ اک، ڪن ۽ دل کان به (قيامت جي ڏينھن) پڇاڻو ٿيندو. |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
(اي انسان) تون زمين تي آڪڙجي نه ھل. بيشڪ تون پنھنجي آڪڙ سان نه ته زمين کي ڦاڙي سگهين ٿو ۽ نه ئي ڊگهائيءَ ۾ جبلن کي پھچي سگهين ٿو. |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
هي سڀ خراب عمل تنھنجي پالڻھار جي نزديڪ ناپسنديده آھن. |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
(اي نبيﷺ!) ھي سڀ حڪمت جون ڳالهيون آھن جيڪي اسان توڏانھن وحي ڪيون آھن. سو توھان اللھ تعالى سان گڏ ٻيو ڪوبه معبود نه ٺاھجو ورنه توھان کي ملامت کڻڻي پوندي ۽ توھان کي ڀلائي کان محروم ڪري جھنم ۾ وڌو ويندو. |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
(اي مشرڪو! توھان ٿورو سوچيو) ڇا توھان کي توھان جي پالڻھار پٽن سان نوازيو آھي ۽ پنھنجي لاءِ ملائڪن کي ڌيئرون ڪري چونڊيو آهي؟ بيشڪ اها توھان تمام وڏي (ڪوڙي) ڳالھ ڪري رھيا آھيو. |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
بيشڪ اسان ھن قرآن ۾ حق ڳالھ کي مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ھي ماڻهو سمجهه ڌارين پر (افسوس!) ان طريقي سان ته ھو ويتر حق کان پري ٿيندا وڃن ٿا. |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي ﷴ ﷺ!) چؤ ته جيڪڏھن اللھ تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود ھجي ھا جيئن انهن جو چوڻ آھي ته پوءِ ھو عرش واري وٽ پھچڻ جو ڪو رستو ضرور ڳولي ڪڍن ھا. |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
(اللھ تعالى جي ذات) پاڪ ۽ گهڻو بلند آھي انهن ڳالهين کان جيڪي ھو چون ٿا. |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ستن آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي ۾ جيڪي شيون موجود آھن سي سڀ اللھ تعالى جي پاڪيزگي بيان ڪن ٿيون ۽ ڪابه اھڙي شيءِ نه آھي جيڪا ھُن جي حمد سان گڏ تسبيح بيان نه ڪندي ھجي پر توھان انهن جي تسبيح کي نٿا سمجهي سگهو. بيشڪ ھو وڏو بُردبار ۽ وڏو معاف ڪندڙ آھي. |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
(اي نبيﷺ!) جڏھن توهان قرآن شريف جي تلاوت ڪريو ٿا ته اسان تنھنجي ۽ آخرت جي انڪارين جي وچ ۾ هڪ پردو وجهي ڇڏيون ٿا. |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
اسان سندن دلين تي اھڙا ته پردا وجهي ڇڏيا آهن ته جيئن ھو ڪجهه به نه سمجهي سگهن ۽ (انھن جي) ڪنن کي حق ڳالھ ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ڇڏيندا آھيون ۽ جڏھن به توهان قرآن شريف ۾ پنھنجي پالڻھار جي وحدانيت جو ذڪر ڪريو ٿا ته ھي ماڻهو نفرت وِچان منھن ڦيرائي ڇڏين ٿا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
(اي نبيﷺ!) اسان کي انهن جي سڀ خبر آھي ته ھو توڏي ڪن لڳائي ڇا پيا ٻڌن ۽ وري اڪيلائي ۾ ويھي ڳجهين صلاحن ۾ ھي ظالم چون ٿا ته توھان اھڙي ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيو ٿا جنھن جي مٿان جادو ٿيل آھي. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
(اي نبيﷺ!) ڏسو ته! ھي تنھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جا مثال بيان ڪن ٿا. حقيقت ھي آھي ته ھي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا آھن سو انهن کي سڌي واٽ ملي ئي نٿي سگهي. |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
هي ماڻهو اھو به چون ٿا ته اسان مرڻ کان پوءِ جڏھن ھڏيون ۽ مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي ٻيھر نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
تون چوينِ ته (ھائو!) توھان پٿر به ٿي وڃو يا لوه به ٿي وڃو (ته به توھان نئين سر پيدا ڪيا ويندا) |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا توھان جي نظر ۾ ان کان به وڌيڪ ڪا سخت شيءِ ھجي (جيئن هيرو يا الماس وغيره ته به ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو) پوءِ ھي ماڻهو توکان ضرور پڇندا ته اسان کي ڪير ٻيھر موٽائيندو؟ کين ٻڌايو ته اُھا ھستي توھان کي ٻيھر موٽائيندي جنھن توھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھو. پوءِ ھو پنھنجو ڪنڌ ڌوڻي چوندا ته ڀلا اھو معاملو ڪڏھن ٿيندو؟ کين ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته اھو وقت جلد اچي وڃي. |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
اھا ڳالھ ان ڏينھن ٿيندي جڏھن (توھان جو پالڻھار) توھان کي سڏيندو ته جواب ۾ توھان ان جي تعريف ڪندي نڪري ايندا ۽ ان وقت اھو گمان ڪندا ته توھان تمام ٿورو وقت ئي دنيا ۾ رھيا ھئا. |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
(اي نبيﷺ!) منھنجي ٻانھن کي ٻڌايو ته توھان ڳالھائڻ ۾ سھڻا لفظ استعمال ڪندا ڪريو. بيشڪ شيطان ته ماڻهن جي وچ ۾ (زبان جي ذريعي) فساد وجهرائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آھي. |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
اوھان جو پالڻھار اوھان جي حال کان خوب واقف آھي ھو چاھي ته توھان تي رحم ڪري ۽ چاھي ته توھان کي عذاب ڏي ۽ (اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن ماڻهن جي مٿان ڪو ذِميدار ٺاھي ڪري ته نه موڪليو آھي. |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آھي، تنھنجو پالڻھار ان کي خوب ڄاڻي ٿو ۽ اسان ڪن نبين سڳورن کي ٻين نبين سڳورن تي وڌيڪ فضيلت بخشي آهي ۽ اسان دائود ($) کي زبور ڏنوهو . |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
انهن کي چؤ ته توھان اللھ تعالى کان سواءِ جن کي به معبود سمجهو ٿا تن کي پڪاري ته ڏسو، ھو توھان کان ڪابه تڪليف دور ڪرڻ ۽ نه ئي ڪنھن حالت کي ڦيرائي سگهڻ جي طاقت رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
هي ماڻهو جن کي پڪارين ٿا ھو ته خود حقيقي پالڻھار وٽ پنھنجي ويجهڙائپ جي ڳولا ۾ آھن ته انهن مان ڪير وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو؟ ھو ان جي رحمت جا اميدوار ۽ ان جي عذاب کان ڊڄندڙ آھن. بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب آھي ئي ڊڄڻ وٽان. |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
ڪيترائي شھر اھڙا آھن جن کي اسان قيامت جي اچڻ کان اڳ ئي برباد ڪنداسين يا سخت عذاب ڏينداسين. اھا ڳالھ اسان جي ڪتاب ۾ پڪي درج ٿيل آھي. |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
هن وقت اسان کي جنھن ڳالھ ظاھري معجزا موڪلڻ کان روڪيو آھي اُھا ھي آھي ته گذري ويل ماڻهن اھڙن معجزن کي ڪوڙو ڪيو ھو. جيئن اسان ثمود قوم کي ان جي سامھون معجزي طور ڏاچي آڻي ڏني سين پوءِ انهن ڏاچيءَ سان ظلم ڪيو. اسان ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ئي ته معجزا موڪليندا آھيون. |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
(اي نبيﷺ!) جڏھن اسان توکي چيو ھو ته تنھنجي پالڻھار انهن ماڻهن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ اسان جيڪو توکي نظارو (يعني معراج) ڪرايو آهي ۽ جنھن (ٿوهر جي) وڻ تي قرآن شريف ۾ لعنت ڪئي وئي آھي انهن ٻنهي ۾ ماڻهن لاءِ ھڪ آزمائش آھي. اسان کين ڊيڄاريندا رھون ٿا پر ان جي باوجود انهن جي سرڪشيءَ ۾ واڌارو ئي ٿيندو رھي ٿو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ جڏھن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم ($) کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُن چيو ته ڇا مان اُن کي سجدو ڪريان جنھن کي تو مٽيءَ مان ٺاھيو آھي؟ |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
هن وڌيڪ چيو ته ڀلا ڏسو ته ھي انسان ان قابل ھو جو توھان کيس مون تي فضيلت ڏني آھي؟ جيڪڏھن توھان مون کي قيامت تائين مھلت ڏيو ته مان ٿورن کان سواءِ ھن جي پوري نسل کي (سڌي رستي تان ھٽائي) پاڙون پٽي ڇڏيندس. |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
اللھ تعالى کيس فرمايو ته هليو وڃ هتان . (توکي موڪل آھي) . ھاڻي انهن مان جيڪو به تنھنجي پيروي ڪندو ته بيشڪ توھان سڀني جو صحيح بدلو جھنم ئي آھي. |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
انهن مان جنھن جنھن تي تنھنجو وس ھلي تون پنھنجي (مؤثر) آواز جي ذريعي انهن کي ورغلاءِ ۽ مٿن سوار ۽ پيادل لشڪرن جي ذريعي انهن تي دٻاءُ وجهجانءِ، انهن جي مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃجانءِ ۽ کين (ڪوڙا) دلاسا ڏيندو رھجانءِ، بيشڪ شيطان جا دِلاسا ھوندا ئي ڪوڙا آھن. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ منھنجي (نيڪ) ٻانھن تي تنھنجو ڪوبه وس نه ھلندو، باقي ڀروسي جي لائق صرف تنھنجو پالڻھار ئي ڪافي آھي. |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
توھان جو پالڻھار ته اھو آھي جيڪو توھان جي لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙا ھلائي ٿو ته جيئن توھان ان جو فضل (يعني روزي) تلاش ڪريو. بيشڪ ھو توھان جي مٿان وڏو مھربان آھي. |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏھن سمنڊ ۾ توھان تي ڪا تڪليف اچي ٿي ته توھان جن کي پڪاريندا آھيو سي ته گم ٿي ويندا آھن. پوءِ اهو (الله ئي) توھان کي بچائي خشڪيءَ تي پھچائيندو آھي ته وري توھان فوراً منھن موڙيندا آھيو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آھي. |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
ڇا توھان ان ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھيو ته متان اللھ تعالى توھان کي (سمنڊ مان بچائي) خشڪي تي آڻي زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا توھان جي مٿان پٿرن جو مينھن وسائي سو اھڙي حالت ۾ توھان کي ڪوبه مددگار نه ملي سگهندو. |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا توھان ھن ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھيو ته متان اللھ تعالى توھان کي وري ٻيهر سمنڊ ڏانھن وٺي وڃي ۽ توھان تي سخت طوفاني ھوا موڪلي ۽ ناشڪري جي بدلي ۾ توهان کي ٻوڙي ڇڏي. پوءِ توھان کي، توھان لاءِ اسان کان ڪير به بدلي وٺڻ وارو نه ملندو. |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ اسان آدم ($) جي اولاد کي عزت ڏني ۽ کيس خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ سواريون ڏنيون، پاڪ رزق عطا ڪيو ۽ کيس گهڻي مخلوقات تي وڏي فضيلت بخشي. |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
(ان ڏينھن کي ياد ڪريو) جڏھن اسان سڀني ماڻهن کي سندن رھبر (۽ اڳواڻ) سميت گهرائينداسين پوءِ ان ڏينھن جنھن کي ساڄي ھٿ ۾ اعمال نامو ڏنو ويندو ته اهي سڀ ماڻهو پنهنجا پنھنجا اعمال ناما پڙھندا ۽ مٿن ذَري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
پوءِ جيڪو ماڻهو ھن دنيا ۾ (اللھ تعالى جي آيتن کان) انڌو ٿي رھندو ته ھو آخرت ۾ به انڌو ئي اٿندو ۽ رستي کان به ڀٽڪيل ھوندو. |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
(اي نبيﷺ!) ھي ڪافر توکي اسان جي وحي کان ڦيرڻ جي ويجهو پهچي ويا ھئا ته جيئن تون ھن وحي جي ابتڙ اسان جي مٿان ڪا ڳالھ گهڙي وٺين ۽ جيڪڏھن تون ايئن ڪرين ھا ته ھو توکي پنهنجو گهاٽو دوست ٺاھي وٺن ھا. |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
اسان جيڪڏھن توکي ثابت قدم نه رکون ھا ته اهو امڪان ھو ته تون انهن ڏانھن ڪجهه نه ڪجهه لاڙو رکين ھا. |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
پوءِ اسان ھن دنيا ۾ ئي توکي ٻيڻي عذاب جو مزو چکايون ھا ۽ آخرت ۾ به (وري الڳ) ٻيڻو عذاب ڏيون ھا ۽ تون اسان جي مقابلي ۾ ڪنھن کي به مددگار نه ڏسين ھا. |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
هي (مڪي جا) ماڻهو ھن سرزمين تان تنھنجا قدم اکاڙڻ جي پويان لڳل آھن ته جيئن ھو توکي شهر نيڪالي ڏين ۽ جيڪڏھن ھو ايئن ڪن ھا ته تنھنجي نڪرڻ کان پوءِ ھو به گهڻو وقت (مڪي ۾) نه رھي سگهن ھا. |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
اسين توکان اڳ جيڪي به رسول موڪليا ھئا، انهن سان به اھوئي قاعدو لاڳو ھو (ته جنھن به قوم نبي سڳوري کي قتل يا شھر نيڪالي ڏني ته ھو به ڪجهه ڏينھن اندر پنھنجو وجود وڃائي ويٺا) ۽ تون اسان جي قاعدي ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين. |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
(اي نبيﷺ!) ڏينھن جو سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهه تائين (باقاعده ترتيب سان ظھر ــ عصر ــ مغرب ــ عشاء ۽ فجر جي) نماز قائم ڪر ۽ خاص ڪري فجر جي (نماز ۾ ضرور) قرآن جي تلاوت ڪر، ڇاڪاڻ جو فجر جي تلاوت وقت فرشتا حاضر ٿي گواهه رھندا آھن. |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ تھجد جي نماز (به) پڙھندو ڪر، اھا تنھنجي لاءِ ھڪ وڌيڪ نماز آھي، اميد رک ته ان جي ذريعي تنھنجو پالڻھار توکي انتھائي ساراھيل درجي تائين پھچائيندو. |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
_ ۽ تنھنجي ھي دعا ھئڻ گهرجي ته اي منھنجا پالڻھار! مان جتي به وڃان اتي مون کي سچائيءَ سان داخل ڪجانءِ ۽ جڏھن به اتان نڪران ته اتان به مون کي سچائيءَ سان ڪڍجانءِ ۽ (ھر جڳھه) منھنجي لاءِ تون پنھنجي طرفان مضبوط مددگار مقرر فرمائجانءِ. |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
سو تون (ھاڻي) وڏي واڪي چئي ڇڏ ته حق آيو ۽ ناحق مِٽجي ويو ۽ ناحق ته آھي ئي مٽجڻ وارو. |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
اسان قرآن شريف ۾ اُھي شيون نازل ڪريون ٿا جيڪي مؤمنن لاءِ شفا ۽ رحمت آھن ۽ وري اھي ظالمن جي لاءِ وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجنديون آھن. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ اسان جڏھن به ڪنھن انسان کي نعمت ڏيندا آھيون ته ھو منھن موڙي پاسيرو ٿي ويندو آھي ۽ جڏھن کيس مصيبت پھچندي اٿس ته مايوس ٿي ويندو آھي. |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته ھرھڪ ماڻهو پنھنجي پنھنجي انداز ۾ ڪم ڪري رھيو آھي بس! تنھنجو پالڻھار ئي خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير صفا سڌي رستي تي آھي. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
(اي نبيﷺ!) هي ماڻهو توکان روح جي باري ۾ سوال ڪن ٿا، کين چؤ ته روح جو تعلق منھنجي پالڻھار جي حڪم سان آھي. توھان کي ته ھونئن به تمام ٿورو علم ڏنو ويو آھي. |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
جيڪڏھن اسان چاھيون ته توکان اھا شيءِ واپس وٺي سگهون ٿا جيڪا اسان توھان ڏي وحي جي ذريعي نازل ڪئي آھي. پوءِ اسان جي مقابلي ۾ توکي ڪوبه حمايتي نه ملي سگهندو. |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
(بس!) تنھنجي پالڻھار جي رحمت جي ڪري ئي ايئن ٿي سگهيو آھي، بيشڪ تنھنجي مٿان ھُن جي وڏي مھرباني آھي. |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
(ھي ماڻهو قرآن مجيد کي توھان جو گهڙيل ڪتاب سمجهن ٿا) کين چؤ ته جيڪڏھن سڀ انسان ۽ جنَ ملي ڪري به ھن قرآن جھڙو ڪوبه ڪلام آڻي ڏيکارين ته ھو ڪڏھن به ھن جھڙو قرآن نه آڻي سگهندا، کڻي ڇو نه ھو سڀ ھڪ ٻئي جا مدد گار بڻجي وڃن. |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
اسان ھن قرآن جي ذريعي ماڻهن کي ھر طرح جا مثال ڏيئي سمجهايو آهي پر پوءِ به گهڻا ماڻهو انڪار تي اَڙيل آھن. |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ چون ٿا ته اسان ڪڏھن به ايمان نه آڻينداسين جيستائين تون اسان جي لاءِ زمين مان ڪو چشمو جاري نه ڪندين. |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا تنھنجي لاءِ ھڪ کجين ۽ انگورن جو باغ پيدا ٿي وڃي، پوءِ ان جي وچان توھان نھرون وھايو. |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا تنھنجي دعوى مطابق تون اسان جي مٿان آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪيرائي ڇڏ، يا تون اللھ تعالى ۽ فرشتن کي اسان جي سامهون آڻي ڏيکار. |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا تنھنجي لاءِ سون جو ھڪ گهر ٺھي وڃي يا تون آسمان تي (آسانيءَ سان) چڙھي سگهين ۽ وري اسان آسمان تي چڙھي وڃڻ جو به ايستائين يقين نه ڪنداسين جيستائين تون اتان ڪا لکت نه آڻيندين ۽ لکت به اھڙي جنھن کي اسان آسانيءَ سان سمجهي سگهون (اي نبيﷺ! انهن جي نخرن جي جواب ۾ رڳو هي) چؤ ته منھنجو پالڻھار انتهائي پاڪ آھي مان ته رڳو ھڪ پيغام پھچائيندڙ انسان آھيان. |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
ماڻهن وٽ جڏھن به ڪا ھدايت پھتي ته ان وقت کين ايمان آڻڻ کان فقط ھن ڳالھ روڪيو هو جو ھنن چيو ته ڇا اللھ تعالى هڪ انسان کي رسول بڻائي موڪليو آھي؟ |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
کين چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ زمين تي آسانيءَ سان گهمي ڦري سگهن ھا ته اسان انهن ڏي ضرور ملائڪن کي ئي رسول ڪري موڪليون ھا. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
کين چؤ ته منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ اللھ تعالى جي شاھدي ڪافي آھي ھو پنھنجي ٻانھن جي ھر حال کان واقف آھي ۽ ھو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
جنھن کي اللھ تعالى ھدايت ڏئي اھوئي ھدايت وارو آھي ۽ جنھن کي گمراهه ڪري پوءِ توهان اھڙن ماڻهن جو ان (اللھ) کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه ڏسندا ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کين انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ڪري اونڌي منھن حاضر ڪنداسين. انهن جي رھڻ جي جاءِ جھنم ھوندي ۽ جڏھن به جھنم جي باهه ھلڪي ٿيندي ته ويتر ھن کي وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو. |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
هي انهن جي لاءِ اسان جي آيتن کان انڪار جو بدلو آھي ۽ هو چوندا ھئا ته مرڻ کان پوءِ جڏھن اسان ھڏيون ۽ مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي وري ٻيھر نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا انهن اھو نه سوچيو ته بيشڪ جنھن اللھ سائين آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي؟ سو ھو ان ڳالھ جي به طاقت رکي ٿو ته انهن جھڙا انسان ٻيھر پيدا ڪري. ھنن لاءِ ته ھڪ مقرر وقت رکيو ويو آھي جنھن جي اچڻ ۾ ڪابه شڪ جي ڳالھ ئي نه آھي، پوءِ به ھي ظالم ماڻهو انڪار ڪرڻ کان نٿا مُڙن. |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
(اي نبيﷺ!) توهان کين چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي رحمت جي خزانن جا توھان مالڪ ھجو ھا ته توھان انهن خزانن جي ختم ٿيڻ جي ڊپ کان انهن کي ضرور روڪي رکو ھا (ڇاڪاڻ جو) انسان وڏو ڪنجوس (طبيعت جو) آھي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
اسان موسى ($) کي نَوَ پڌرا معجزا ڏنا ھئا. توھان انهن معجزن جي باري ۾ خود بني اسرائيل کان پُڇي وٺو. جڏھن انهن وٽ موسى ($) آيو ته فرعون کيس چيو ته اي موسى! منھنجي خيال ۾ ته توتي ڪنھن جادو ڪيو آھي. |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
موسى ($) کيس جواب ۾ چيو ته (اي فرعون) توکي چڱي طرح خبر آھي ته اھڙا پڌرا معجزا آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کان سواءِ ٻيو ڪير به نازل نٿو ڪري سگهي. مون کي لڳي ٿو ته اي فرعون! تون تباھي واري رستي ڏانھن وڃي رھيو آھين. |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ فرعون ھن سرزمين (مصر) تان بني اسرائيل جا پير اکيڙي ڇڏڻ جو پختو ارادو ڪيو پر اسان کيس سڀني ساٿين سميت غرق ڪري ڇڏيوسين. |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
ان کان پوءِ اسان بني اسرائيل کي چيو ته هاڻي توھان ئي ھن سرزمين ۾ وڃي رھو جڏھن آخرت واري وعدي جو وقت پورو ٿيندو ته توھان سڀني کي ڪٺو ڪري حاضر ڪنداسين. |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
قرآن شريف کي اسان حق سان نازل ڪيو آھي ۽ حق سان ئي اهو لٿو آھي. (اي نبيﷺ!) اسان توکي (مؤمنن جي لاءِ) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ڪرڻ وارن لاءِ) ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي. |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ اسان قرآن شريف کي ننڍن ۽ گڏيل جملن ۾ ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آھي ته جيئن تون ماڻهن کي سولائي سان پڙهي ٻڌائي سگهين ۽ اسان ان کي مختلف موقعن جي حساب سان ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آھي. |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
کين چؤ ته توھان ان تي ايمان آڻيو يا نه، بيشڪ جن ماڻهن (يعني اھل ڪتاب) کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو ھو تن کي هي قرآن پڙھي ٻڌايو وڃي ٿو ته ھو بي اختيار سجدي ۾ ڪري پون ٿا. |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چون ٿا ته اسان جي پالڻھار جي ذات پاڪ آھي ۽ ان ھستيءَ جو ڪيل وعدو ته پورو ٿيڻو ئي ھو. |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ ھُو روئندي روئندي بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندا آھن ۽ قرآن انهن جي عجز ۽ انڪساري ۾ اڃا به واڌارو آڻيندو آھي. |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
کين چؤ ته (ان پاڪ ھستيءَ کي) توھان اللھ چئي پڪاريو يا رحمان جي نالي سان پڪاريو . جنھن به نالي سان کيس پڪاريو، ھن جا سڀ نالا سھڻا آھن. پنھنجي نماز ۾ (قرآن) گهڻو ڏاڍيان به نه پڙھو ۽ نه ئي (بلڪل) ھلڪي آواز ۾، بلڪ وچٿري آواز ۾ پڙھندا ڪريو. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چؤ ته سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن جنھن ڪنھن کي به پنھنجي لاءِ نه اولاد بڻايو آھي، نه ئي ڪير سندس بادشاھيءَ ۾ شريڪ آھي ۽ نه ئي ڪير ڪمزوري سبب سندس دوست آھي . بس! تون ھن جي خوب وڏائي بيان ڪندو رهه. |