سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
پاڪ آهي (الله) جيڪو وٺي ويو پنهنجي ٻانهي کي هڪ رات مسجد حرام کان پري واري ان مسجد تائين جنهن جي ماحول کي هن برڪت ڏني، جيئن پنهنجي نشانين جو کيس مشاهدو ڪرائي، حقيقت ۾ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو آهي |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ (اسان هن کان پهرين) عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ۽ بڻايو هو ان کي هدايت جو ذريعو بني اسرائيل جي لاءِ، ان تاڪيد سان ته نه بڻايو ڪنهن کي ڀرجهلو مون کان سواءِ |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اولاد آهيو توهان انهن ماڻهن جو، جن کي اسان سوار ڪيو هو ٻيڙيءَ تي نوح سان، ۽ اهو (نوح) هڪ بندو هو شڪر ڪرڻ وارو |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ اسان خبردار ڪيو هو بني اسرائيل کي ان ڳالهه تي پنهنجي ڪتاب ۾، توهان وڏو فساد برپا ڪندؤ زمين ۾ ٻه ڀيرا، ۽ ڏيکاريندؤ وڏي ارهه زورائي |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن آيو وقت پهرين ارهه زورائي جو، ته اي (بني اسرائيل!) اسان توهان جي مقابلي ۾ پنهنجا اهڙا ٻانها اٿاريا جيڪي تمام طاقتور هئا ۽ اهي توهان جي ملڪ ۾ گِهڙي هر طرف پکڙجي ويا ۽ هي هڪ وعدو هو جنهن کي پورو ٿيڻو هو |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
ان کان پوءِ اسان غلبي جو موقعو ڏنو توهان کي، ۽ توهان کي مدد ڏني مال ۽ اولاد سان ۽ وڌايوسين اڳي کان توهان جي تعداد کي |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
ڏسو! توهان چڱائي ڪئي ته اها چڱائي هئي توهان جي پنهنجي لاءِ، ۽ جيڪڏهن برائي ڪئي ته اها به توهان جي ذات لاءِ هئي، پوءِ جڏهن آيو ٻئي وعدي جو وقت ته اسان دشمنن کي حاوي ڪيو ته اهي منهن بگاڙين توهان جا ۽ مسجد (بيت المقدس) ۾ گِهڙن اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح پهريان داخل ٿيا هئا ۽ جنهن به شيءِ تي سندن هٿ رسن، تنهن کي تباهه ڪري ڇڏين |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
ٿي سگهي ٿو ته هاڻي توهان جو رب توهان تي رحم ڪري، پر جي توهان اڳي وانگر پنهنجي هلت ورجائي ته اسان به پنهنجي سزا ورجائينداسين ۽ بڻايو آهي ڪفر ڪندڙن لاءِ دوزخ کي قيد خانو |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
حقيقت ۾ هي قرآن اها راهه ڏيکاري ٿو جيڪا بلڪل سڌي آهي ۽ خوشخبري ڏئي ٿو انهن ماڻهن (مؤمنن) کي جيڪي ان کي مڃي سٺا ڪم ڪرڻ لڳن ته بيشڪ انهن جي لاءِ وڏو اجر آهي |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو نه مڃين انڪار ڪن آخرت جو، تن کي (اي نبي!) خبر ڏي ته انهن جي لاءِ اسان درناڪ عذاب تيار ڪيو آهي |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ اهڙيءَ طرح انسان گُهري ٿو شر، جهڙيءَ طرح خير گُهرڻ گهرجي، ۽ انسان ڏاڍو جلد باز واقع ٿيو آهي |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ ڏسو اسان بڻايو آهي رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون، پوءِ بي نور بڻايوسين رات جي نشاني کي ۽ روشن ڪيوسين ڏينهن جي نشاني کي، جيئن توهين تلاش ڪري سگهو پنهنجي رب جي فضل کي، ۽ ڪري سگهو مهينن ۽ سالن جي شمار جو حساب، ۽ اهڙيءَ طرح هر شيءِ کي اسان پکيڙيو آهي ڌار ڌار |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ هر ڪنهن انسان جو سوڻ (اعمالنامو) اسان سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيو آهي، ۽ ڪڍنداسين ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن هڪ لکڻي، ان کي ڏسندو هڪ کليل ڪتاب وانگر |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
پڙهه پنهنجو اعمالنامو، ڪافي آهي تنهنجي لاءِ اڄ پنهنجو حساب ڪرڻ |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جنهن سڌي راهه اختيار ڪئي ته اها بيشڪ ان جي پنهنجي لاءِ مفيد آهي، ۽ جيڪو به گمراهي اختيار ڪندو ته بيشڪ سندس گمراهيءَ جو وبال مٿس ئي آهي، ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ اسان عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون جيستائين (حق ۽ باطل کي سمجهڻ واسطي) ڪو رسول نه موڪليون |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ جڏهن به ارادو ڪندا آهيون ڪنهن وستيءَ کي ناس ڪرڻ جو ته حڪم ڏيندا آهيون ان جي خوشحال ماڻهن کي ته اهي ان ۾ نافرمانيون ڪندا آهن، تڏهن عذاب جو فيصلو ان وستيءَ تي لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ان کي برباد ڪندا آهيون |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ (ڏسو) ڪيترا ئي نسل هلاڪ ٿيا اسان جي حڪم سان نوح کان پوءِ، ۽ ڪافي آهي تنهنجو رب پنهنجن ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ۽ ڏسندڙ |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو به گُهرندو آسودگي (دنيا جي) تنهن کي اتي ئي اسان ڏيندا آهيون جيڪي به جنهن کي ڏيڻ گهرون، پر پوءِ ان جي حصي ۾ لکي ڇڏيندا آهيون دوزخ (جو عذاب) جنهن ۾ اهو خوار ۽ تڙيل ٿي سڙندو |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ جيڪو هجي آخرت جو طالب ۽ ڪوشش به ڪري ان جي لاءِ، ۽ اهو مؤمن به هجي، ته اهڙي شخص جي ڪوشش اگهاميل هوندي آهي |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
هنن کي به انهن کي به، ٻنهي ٽولن کي (دنيا ۾) زندگيءَ جو سامان ڏئي رهيا آهيون، اها ڏات آهي تنهنجي رب جي ۽ ڪير به اها ڏات رب جي روڪڻ وارو ڪونه آهي |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏسو (اي نبي!) ڪهڙيءَ طرح اسان فضيلت ڏني آهي دنيا ۾ هڪ ٽولي کي ٻئي تي، ۽ آخرت ۾ ته ان جا اڃا به وڏا درجا هوندا، ۽ ان جي اڃا به وڌيل هوندي فضيلت |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
تون نه بناءِ الله سان ڪو ٻيو معبود (اي نبي!) نه ته رهجي ويندين ملامت ڪيل ۽ بي يار و مددگار |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تنهنجي رب ته توهان ماڻهو ان کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪريو، جيڪڏهن انهن مان تو وٽ پوڙها ٿين ڪو هڪڙو يا ٻئي ته ڪنهن کي به اُف نه چئو، نه کين جهڻڪيو ڇڙٻ ڏيو پر انهن سان عزت سان ڳالهايو |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ نرمي ۽ رحم سان انهن جي آڏو نمي بيهه ۽ دعا ڪر ته، منهنجا رب! انهن تي رحم ڪر جيئن انهن رحمت ۽ شفقت سان مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
تنهنجو رب ڄاڻي ٿو چڱيءَ طرح ته توهان جي دلين ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن توهان نيڪ ٿي رهو ته اهو (رب) اهڙن سڀني ماڻهن کي معاف ڪندو (جيڪي بندگيءَ جي رويي ڏي موٽن) |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ مائٽن کي سندن حق ڏي ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي به انهن جو حق ڏي ۽ فضول خرچي نه ڪر |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
بيشڪ فضول خرچ ڪندڙ ڀائر آهن شيطانن (تڙيلن) جا. ۽ شيطان پنهنجي رب جو ناشڪرو آهي |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
جي انهن (مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کان) توکي نٽائڻو هجي ان ڪري جو تون اڃا (الله جي) رحمت ۾ پنهنجي رب جو اميدوار آهين، ڳولا پيو ڪرين ته پوءِ انهن سان جواب ۾ نرم لهجو رک |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ نه وري ٻَڌي رک پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان نه وري ان کي بنهه کولي ڇڏين، جو (هر طرح سان) ويهي رهين ملامتي ۽ عاجز ٿي (هتي) |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
بيشڪ تنهنجو پالڻهار جنهن لاءِ به گُهرندو آهي روزي ڪشادي ڪندو آهي ۽ جنهن لاءِ گُهرندو آهي تنگ ڪندو آهي، بيشڪ اهو (حقيقت ۾) پنهنجي ٻانهن کان باخبر ۽ ڏسندڙ آهي |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ قتل نه ڪريو پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي خوف کان، اسان انهن کي رزق ڏينداسين ۽ توهان کي به، حقيقت ۾ انهن جو قتل خطا آهي وڏي ۾ وڏي |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ ويجها نه وڃو زنا کي، اهو تمام برو ڪم آهي ۽ تمام بري واٽ آهي |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ نه قتل ڪريو ڪنهن اهڙي کي جنهن کي الله حرام ڪيو آهي (ڪنهن به جيوَ کي) سواءِ حق جي، ۽ جيڪو شخص قتل ڪيو ويو هجي ظلم سان، ان جي وارث کي اسان قصاص جي مطالبي جو حق ڏنو آهي، ان کي جڳائي ته قتل ۾ حد نه ٽپي، بيشڪ سندس مدد ڪئي ويندي |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ ويجها نه وڃو يتيم جي مال کي، پر سُٺي طريقي سان، ايستائين جو اهو جوانيءَ کي پهچي وڃي، ۽ پاسداري ڪريو وعدي جي، بيشڪ وعدي جي باري ۾ توهان کي جواب ڏيڻو پوندو |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ ماپ سان ڏيو ته پورو ڏيو ۽ توريو ته سڌي ساهميءَ سان توريو، هي سٺو طريقو آهي ۽ پڄاڻي ۾ به اهو ڀلو آهي |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ ڪنهن به اهڙي شيءِ جي پويان نه لڳ جنهن جو توکي ڪوبه علم نه هجي، بيشڪ ڪَن ۽ اک ۽ دل سڀني کان (الڳ الڳ) پڇا ٿيڻي آهي |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ نه هل زمين تي آڪڙجي، بيشڪ تون چيري نٿو سگهين زمين کي ۽ نه پهچي ٿو سگهين جبلن جي اوچائيءَ کي |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
انهن سڀني ڪمن مان بُرو پهلو تنهنجي رب وٽ بلڪل ناپسند آهي |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي توتي وحي ڪيون آهن تنهنجي پالڻهار حڪمت واريون، ۽ ڏس ڪوبه مقرر نه ڪجانءِ معبود الله سان، نه ته تون ويندين دوزخ ۾ ملامتي ٿي ۽ هر ڀلائيءَ کان محروم ٿي |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
عجب ڳالهه آهي جو توهان کي نوازيو آهي توهان جي رب پُٽن سان ۽ پاڻ ورتائين ملائڪن کي وري ڌيئرون ڪري؟ بنهه ڪوڙي ڳالهه آهي جيڪا توهان چئو ٿا |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ اسان طرح طرح سان هن قرآن ۾ ماڻهن کي سمجهايو آهي ته جيئن هوش ۾ اچن اهي پر اهي پري ڀڄن پيا حق کان |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي نبي!) کين چؤ جيڪڏهن الله سان ٻيا به الله هجن ها جيئن اهي چون ٿا، ته اهي ضرور ڪوشش ڪن ها ته عرش جي مالڪ جي جاءِ تي پهچن |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
پاڪ آهي اهو (الله) ۽ تمام مٿانهون ۽ بلند آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي چئي رهيا آهن |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
سندس پاڪائي ته ست آسمان بيان ڪن پيا ۽ زمين ۽ اهي شيون، ۽ جيڪي انهن ۾ آهن، ۽ ان ۾ ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا سندس ساراهه سان گڏ ان جي پاڪائي بيان نه ڪندي هجي، پر توهان نٿا سمجهو انهن جي تسبيح کي، حقيقت اها آهي ته اهو وڏو بُردبار بخشڻهار آهي |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏهن تون پڙهندو آهين قرآن ته اسان ڪري ڇڏيندا آهيون تنهنجي ۽ آخرت تي ايمان نه آڻڻ وارن جي وچ ۾ هڪ اوٽ |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ وجهندا آهيون انهن جي دلين تي هڪ پردو، جو اهي ڪجهه به نه سمجهندا آهن ۽ ڪريون ٿا پئدا سندن ڪنن ۾ هڪ ڳوراڻ، ۽ جڏهن تون ذڪر ڪرين ٿو پنهنجي رب جو قرآن ۾ هڪ رب جي طور، ته اهي ڦيرائي ڇڏين ٿا نفرت سان پنهنجا منهن ٻئي طرف |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
اسان کي معلوم آهي جڏهن اهي ڪن لائي تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا ته اهي اصل ۾ ڇا ٻڌندا آهن جڏهن اهي گڏجي ويهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪن ٿا ته چوندا آهن، اهي ظالم پاڻ ۾ ته جنهن جي پويان توهان لڳا آهيو اهو ماڻهو جادو ڪيل آهي |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏس! (اي نبي!) ڪهڙيون آهن ڳالهيون جيڪي اهي توتي مڙهي رهيا آهن، اهي ته گمراهه ٿي ويا آهن، کين رستو ئي نٿو ملي |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ اهي چوندا آهن ته، جڏهن اسان هڏا ۽ مٽي ٿي وينداسين ته (ڇا) اسان نئين سر وري پئدا ڪري اٿاريا وينداسين؟ |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
کين چؤ (اي نبي!) توهان ڀلي پٿر ٿي وڃو يا ڪه لوهه |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا ان کان به وڌيڪ سخت شيءِ جيڪا توهان جي ذهن ۾ حياتي قبولڻ کان پري هجي (پوءِ به ضرور اٿندؤ)، اهي ضرور پڇندا اهو ڪير آهي جيڪو وري حياتي ڏيندو؟ تون جواب ۾ چؤ، اهو ئي پهرين به جنهن توهان کي پئدا ڪيو. اهي وري مٿا لوڏيندي پڇندا ته، چڱو اهو ٿيندو ڪڏهن؟ تون چؤ ته، ڪهڙو عجب ته اهو وقت ويجهو ئي هجي |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن اهو توهان کي پڪاريندو ته توهان سندس ساراهه ڪندي (سڏ جي جواب ۾ نڪري ايندؤ) ۽ گمان ڪندؤ ته اسين ائين رهياسين ٿوري دير لاءِ |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ (اي نبي!) منهنجي مؤمن بندن کي چئي ڇڏ ته واتان سُٺي ڳالهه ڪڍن، بيشڪ شيطان ئي انسانن ۾ وڳوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، حقيقت ۾ شيطان انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي سڌو سنئون |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
توهان جو رب ڄاڻي ٿو توهان جو حال چڱيءَ طرح، وڻيس ته توهان تي رحم ڪري، وڻيس ته توهان کي عذاب ڏئي، ۽ (اي نبي!) ناهي اسان توکي موڪليو ماڻهن تي هڪ راکو ڪري |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ساري مخلوق آسمانن جي ۽ زمين جي کي، ۽ اسان ئي ڏناسين مرتبا ڪن نبين کي ٻين کان وڌيڪ، ۽ ڏنو هو دائود کي زبور |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
انهن کي چؤ (اي نبي!) ته سڏي ڏسو انهن خدائن کي جن کي توهان ان کان سواءِ پنهنجو ڪارساز ٿا سمجهو، اهي توهان جي ڪنهن به تڪليف کي توهان تان هٽائي نٿا سگهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
اهي جن ماڻهن کي سڏيندا آهن سي ته پاڻ ئي پنهنجي رب جي حضور ۾ رسائي لاءِ ڪو وسيلو ڳولين پيا ته ڪير سندن ويجهو ٿئي، اهي سندس رحمت جا اميدوار ۽ ڊڄندڙ آهن سندس عذاب کان، حقيقت ۾ تنهنجي رب جو عذاب آهي به تمام ڊپ جوڳو |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ ڪابه اهڙي وستي ڪانه آهي جنهن کي اسان هلاڪ نه ڪريون قيامت کان اڳي، يا سخت عذاب سان دوچار نه ڪريون، اهو ته (خدائي) ڪتاب ۾ ئي لکيل آهي |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان کي ناهي روڪيو (ڪنهن به) نشانيون موڪلڻ کان، پر هن ڳالهه ته انهن ڪوڙو چيو انهن کان اڳي، (تنهن ڪري ڏسو) اسان ظاهر ظهور ثمود کي ڏاچي آڻي ڏني ۽ انهن (ثمود جي قوم) ان تي ظلم ڪيو، ۽ اسان موڪليون ٿا نشانيون ماڻهو ان کي ڏسي ڊڄن |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
ياد ڪر (اي نبي!) اسان توکي چيو هو ته، بيشڪ تنهنجي رب گهيري ورتو آهي انهن ماڻهن کي، ۽ جيڪو اسان توکي هاڻي ڏيکاريو آهي، اسان انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ فتنو (پرک) بڻايو ان وڻ کي جنهن تي لعنت ڪئي وئي آهي قرآن ۾، ۽ اسان انهن کي تنبيهه تي تنبيهه ڪري رهيا آهيون پر اها سندن سرڪشي ۾ واڌارو ئي ڪندي رهي ٿي |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ ياد ڪر جڏهن اسان چيو ملائڪن کي ته سجدو ڪريو آدم کي ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، هن چيو ڇا آئون سجدو ڪريان ان کي جنهن کي تو مٽيءَ مان ٺاهيو آهي؟ |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
پوءِ هن چيو، ڏس ته سهي ڇا هي لائق هو جو تو ان کي مون تي فضيلت ڏني؟ جيڪڏهن مهلت مون کي ڏين قيامت جي ڏينهن تائين، ته آئون سندس سموري نسل جي پاڙ پٽي ڇڏيندس سواءِ ڪن ٿورن جي |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
الله تعاليٰ فرمايو، چڱو تون وڃ، جيڪي به پيروي ڪندا تنهنجي انهن مان، پوءِ بيشڪ دوزخ ئي ڀرپور جزا آهي تو سميت انهن سڀني لاءِ |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ تون جنهن کي ڀُلائي سگهين انهن مان پنهنجي دعوت سان ڀُلائي وٺ، انهن تي پنهنجا سوار ۽ پيادا چاڙهي آڻ، مال ۽ انهن جي اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ پنهنجي وعدن جي ڄار ۾ کين ڦاساءِ، پر هڪ دوکي کان سواءِ شيطان جا وعدا ڪجهه نه آهن |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ منهنجن ٻانهن تي توکي ڪوبه وس (اقتدار) حاصل نه هوندو ۽ توڪل ڪرڻ جي لاءِ تنهنجو رب ڪافي آهي |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
توهان جو (حقيقي) رب ته اهو آهي جيڪو هلائي ٿو توهان جي لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کي، جيئن ڳولا ڪريو سندس فضل جي، بيشڪ اهو رب توهان تي بي حد مهربان آهي |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن توهان تي مصيبت اچي ٿي سمنڊ ۾، ته هڪ (الله) کان سواءِ سڀ گم ٿي ويندا آهن جن جن کي توهان سڏيندا آهيو، پر جڏهن اهو (الله) توهان کي بچائي خشڪيءَ تي پهچائي ٿو ته توهان منهن موڙي ويندا آهيو، انسان واقعي ناشڪرو آهي |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
پوءِ ڇا توهان بلڪل بي ڊپا آهيو ته خدا توهان کي خشڪيءَ تي زمين ۾ پيهي ڇڏي، يا موڪلي توهان تي پٿر وسائڻ واري جهڪ پوءِ توهان کي ان کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو نه ملي |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
ڇا توهان کي ان جو ڪوبه ڊپ ناهي ته خدا توهان کي وري ڪنهن وقت سمنڊ ۾ وٺي وڃي ۽ توهان جي ناشڪري سبب توهان تي سخت طوفاني هوا موڪلي توهان کي ٻوڙي ڇڏي ۽ توهان کي ڪوبه واهرو نه ملي، جيڪو ان کان توهان جي انهيءَ انجام جي ڪا پڇا به ڪري سگهي؟ |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ هي ته اسان جي مهرباني آهي جو اسان آدم جي اولاد کي شرف ڏنو، ان کي خشڪي ۽ تريءَ (پاڻي) ۾ سواريون ڏنيون ۽ رزق ڏنوسين پاڪ شين مان، ۽ پنهنجي ڪيتري ئي خلقيل مخلوق تي فضيلت ڏني |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
وري خيال ڪريو ان ڏينهن جو، جڏهن اسان سڏينداسين هر انساني ٽولي کي سندس اڳواڻ سان گڏ، پوءِ جن ماڻهن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ته اهي ان اعمالنامي کي پڙهندا ۽ انهن تي ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو ذري برابر به |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جيڪو وري هن دنيا ۾ نابين (انڌو) ٿي رهيو، سو ته آخرت ۾ به انڌو ٿي رهندو، پر انڌي کان به وڌيڪ ناڪام رهندو (سڌي) رستي لهڻ ۾ |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
(اي نبي!) انهن ماڻهن ان ڪوشش ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي ته ان وحي کان توکي هٽائي فتني ۾ وجهن، جيڪو اسان تو ڏانهن موڪليو آهي، جيئن تون اسان جي نالي ڪو ٺاهه ٺاهين، ائين ڪرين ها ته اهو توکي دوست ٺاهي ها |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ (اها ڳالهه) پري نه هئي جي اسان توکي پختو نه رکون ها ته تون انهن ڏي ڪجهه نه ڪجهه لڙي پوين ها |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها ته چکايون ها توکي دنيا ۾ ٻيڻي عذاب جو مزو ۽ آخرت ۾ به ٻيڻي عذاب جو مزو چکايون ها، پوءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو واهرو مددگار نه لهين ها |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ اهي ماڻهو ان ڳالهه تي به سنڀريل هئا ته هن سرزمين تان تنهنجا پير ڪڍن ۽ ڪڍن هتان کان توکي ۽ جي هي ائين ڪندا ته پوءِ پاڻ به هتي ترسي نه سگهندا ڪجهه دير لاءِ |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
هي مستقل طريقو آهي انهن سڀني رسولن جي معاملي ۾ ورتو جن کي تو کان اڳي اسان موڪليو هو، ۽ نه ڏسندين اسان جي طريقي ۾ ڪابه ڦيرڦار |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
قائم ڪر نماز لڙندڙ سج کان وٺي اونداهي رات تائين ۽ قرآن جو فجر جي وقت اهتمام ڪر، بيشڪ قرآن فجر جي وقت حاضريءَ جو شاهد آهي |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ رات جو پڙهه تهجد (قرآن سان) اها تنهنجي لاءِ نفل آهي، جلد ئي توکي اٿاريندو تنهنجو پالڻهار ساراهيل (مقدس) جاءِ تي |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ دعا ڪر ته اي پالڻهار! مون کي جتي به تون وٺي وڃين، سچائيءَ سان وٺي وڃ ۽ جتان به ڪڍين مون کي سچائيءَ سان گڏ ڪڍ ۽ پنهنجي طرفان هڪ سگهه (اقتدار) ڏي مون کي مددگار طور |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ اعلان ڪري ڇڏ ته حق آيو ۽ مٽجي ويو باطل، بيشڪ باطل ته آهي ئي مٽجڻ وارو |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسان اهو ڪجهه نازل ڪري رهيا آهيون هن قرآن ۾ جيڪو شفا ۽ رحمت آهي مڃڻ وارن لاءِ پر ڪنهن شيءِ جو واڌارو به نٿو ڪري ظالمن جي لاءِ ٽوٽي ۽ خساري کان سواءِ |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن اسان نعمت عطا ڪندا آهيون ته انسان جو حال هيءُ آهي ته اهو سيٽبو ۽ پٺي ڏيندو آهي، پر جڏهن واسطو مصيبت سان پويس ٿو ته مايوس ٿي ويندو آهي |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
(اي نبي!) چئي ڏي انهن ماڻهن کي ته، هرهڪ پنهنجي طريقي تي ڪم ڪري پيو ۽ پنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته سڌي راهه تي ڪير آهي؟ |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ اهي ماڻهو توکان پڇن ٿا روح جي باري ۾، چوين ته روح حڪم آهي منهنجي رب جو، پر ڏنو ويو آهي توهان ماڻهن کي علم مان ڪو ٿورڙو حصو |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ (اي نبي!) جي چاهيون اسين ته توکان کسي وٺون جيڪي ڏنو آهي وحي جي ذريعي پوءِ تون نه لهندين اسان جي مقابلي ۾ ڪو ڀرجهلو جو اهو موٽائي ڏياري سگهي |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
هي توکي جو ڪجهه مليو آهي اهو تنهنجي رب جي رحمت سان مليو آهي، حقيقت ۾ اهو فضل توتي تمام وڏو آهي |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
چئي ڇڏ (اي نبي!) ته جيڪڏهن سڀ جا سڀ گڏجي انسان ۽ جن آڻڻ جي ڪوشش ڪن هن قرآن جهڙي (ڪا شيءِ) ته به آڻي نه سگهندا ان جهڙي، پوءِ ڀلي اهي هڪ ٻئي جا مددگار ئي ڇو نه هجن |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ اسان ته طرح طرح سان ماڻهن کي سمجهايو هن قرآن ۾ (وري وري) پر گهڻا ماڻهو ڄميل رهيا هر طرح سان انڪار تي |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ انهن چيو، اسان نه مڃينداسين تنهنجي ڳالهه جيستائين تون اسان لاءِ زمين ڦاڙي هڪ چشمو جاري نه ڪرين |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا ته تنهنجي لاءِ هڪ باغ کجورن ۽ انگورن جو پئدا ڪيو وڃي ۽ تون ان ۾ نهرون وهائين |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا تون ٽڪرا ٽڪرا ڪري آسمان کي اسان تي ڪيرائين جيئن تنهنجي دعويٰ آهي يا تون وٺي اچين خدا ۽ ملائڪن کي روبرو اسان جي |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا ته ٺهي پوي تهنجي لاءِ هڪ سونو گهر، يا ته تون چڙهي وڃين آسمان تي ۽ تنهنجي چڙهڻ جو به اسان يقين نه ڪنداسين جيستائين تون اهڙي تحرير لاهي نه آڻين جنهن کي اسان پڙهون، (اي نبي!) انهن کي چؤ، پاڪ آهي منهنجو رب! ڇا آئون هڪ پيغام آڻيندڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهيان؟ |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ جڏهن ماڻهن جي سامهون آئي هدايت، ته ان تي ايمان آڻڻ کان انهن کي ڪنهن شيءِ نه روڪيو پر انهن جي انهيءَ ڳالهه ته، ڇا موڪليو آهي الله انسان کي پيغمبر ڪري؟ |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
انهن کي چؤ، (اي نبي!) جيڪڏهن زمين تي ملائڪ اطمينان سان هلي گهمي رهيا هجن ها، ته اسان ضرور انهن جي لاءِ ڪنهن فرشتي کي ئي موڪليون ها پيغمبر ڪري |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
(اي نبي!) انهن کي چئي ڇڏ ته ڪافي آهي هڪ الله جي شاهدي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کان باخبر آهي ۽ سڀڪجهه ڏسي پيو |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ جنهن کي به هدايت ڏئي الله، بس اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ته بس تون اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪوبه حمايتي ۽ مددگار نه ڏسندين، ۽ گِهلي آڻينداسين ڏينهن قيامت جي انهن کي اونڌي منهن، اهي انڌا ۽ ٻوڙا ۽ گونگا آهن، انهن جو ته ٺڪاڻو جهنم ئي آهي، جنهن جي جڏهن باهه جَهڪي ٿيندي ته اسان ڀڙڪائينداسين |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اهو بدلو آهي سندن ان حرڪت جو اسان جي آيتن جي انڪار ڪرڻ جو، ۽ چيائون ته جڏهن ٿينداسين هڏا ۽ مٽي ته ڇا وري اسان کي پيدا ڪري اٿاريو ويندو نئين سر؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
ڇا اهي ڏسندا نه آهن ته بيشڪ جنهن الله پئدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، سو پئدا ڪرڻ تي قادر آهي وري به اهڙين ئي شين کي؟ ۽ مقرر ڪيو آهي انهن جي لاءِ وقت، جنهن جو اچڻ يقيني آهي، پر ضد آهي انهن ظالمن جو اهي انڪار ئي ڪندا |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
(اي نبي!) چؤ انهن کي ته جيڪڏهن توهان جي قبضي ۾ خزانا منهنجي رب جي رحمت جا هجن ها ته توهان خرچ ٿيڻ جي خوف کان ضرور انهن کي روڪي رکو ها، ۽ واقعي انسان وڏو تنگدل واقع ٿيو آهي |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ عطا ڪيوسين موسيٰ کي نئون (9) نشانيون چٽيون ظاهر ظهور، پڇي ڏسو توهان پاڻ بني اسرائيل کان ته جڏهن اهي سامهون آيون ته خود چيو فرعون اهو ئي ته، بيشڪ آئون سمجهان ٿو اي موسيٰ، تون ضرور هڪ جادو ڪيل شخص آهين |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
(موسيٰ) چيو، تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو ته اهي ڪنهن جون نازل ڪيل آهن آسمانن جي رب ۽ زمين جي بصيرت وڌائيندڙ جون، ۽ منهنجو خيال هي آهي ته ماريل آهين اي فرعون! تون پڪ شامت جو |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
آخر ارادو ڪيو (فرعون) ته موسيٰ ۽ بني اسرائيل کي زمين مان لوڌي ڪڍي، پر اسان کيس ٻوڙي ڇڏيو سڀني ساٿين سميت |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ چيوسين ان کان پوءِ بني اسرائيل کي ته هاڻي آباد ٿيو زمين ۾. پوءِ جڏهن آخرت جي وعدي جو وقت اچي پورو ٿيندو ته اسان سڀني کي گڏ آڻي حاضر ڪنداسين |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ حق سان نازل ڪيو آهي هي قرآن ۽ حق سان نازل ٿيو، ۽ (اي نبي!) اسان توکي موڪليو (ڪو مڃي نه مڃي) تون خوشخبري ڏي ۽ خبردار ڪر |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ هن قرآن کي اسان ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي جيئن تون جهلي جهلي ماڻهن کي ٻڌائين ۽ ان کي اسان نازل ڪيو آهي تدريج (موقعي جي لحاظ) سان |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
(اي نبي!) کين چؤ، توهان ان کي مڃو نه مڃو بيشڪ جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي ان کان اڳي، تن کي جڏهن هي ٻڌايو ويندو آهي ته اهي منهن ڀر ڪِري پوندا آهن سجدي ۾ |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ پڪاريندا آهن، پاڪ آهي اسان جو رب، ان جو وعدو ته (ضرور) پورو ٿيڻو ئي آهي |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ اهي روئندي منهن ڀر ڪِري پوندا آهن ۽ اهو ٻڌي سندن عاجزي به وڌي ويندي آهي |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، الله چئي پڪاريو يا رحمٰن چئي پڪاريو، جنهن به نالي سان پڪاريو، ان لاءِ ته اهي سڀئي نالا سٺا آهن ۽ نه پڙهه ڏاڍيان پنهنجي نماز ۽ نه وري گهڻي هلڪي آواز سان، ۽ انهن ٻنهي جي وچ جي واٽ اختيار ڪر |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چؤ، سڀ ساراهه خدا لاءِ آهي، جنهن نه ڪنهن کي پٽ بڻايو ۽ نه وري ڪو ان جي بادشاهي ۾ شريڪ ئي آهي، نه ته هو هيڻو آهي جو ڪو سندس مددگار هجي، ۽ سندس وڏائي بيان ڪر اوچي درجي جي وڏائي |