أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
(اي مڪي جا ڪافرو) خدا جو حڪم (قيامت ڄڻ ته) اچي پهتو ته (اي ڪافرو! بي فائدو) اوهين جن جي جلد اچڻ جي گهر نه ڪريو. الله پاڪ آهي ۽ انهن کان گهڻو مٿي آهي جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
اهو پنهنجي حڪم سان پنهنجن عبدن مان جنهن ڏي گهري وحي سان ملائڪن کي موڪلي ٿو ته ماڻهن کي هن ڳالھ کان واقف ڪريو ته مون کان سواءِ ڪو به لائق عبادت نه آهي ته (پوءِ) مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
انهيءَ سڀ آسمان ۽ زمين مصلحت ۽ حڪمت سان پيدا ڪيا. ته هي ماڻهو جنهن کي سندس شريڪ بنائين ٿا ان کان گهڻو بلند آهي. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
انهيءَ ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ هو، اجهو ظاهر جهڳڙالو ٿي پيو. |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ هن چوپائي مال کي پيدا ڪيو اٿس، جن ۾ اوهان لاءِ (جسم کي) گرم رکڻ جو سامان ۽ (ٻيا ڪيئي) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ انهن ۾ اوهان جي (سونهن ۽) رونق آهي جنهن وقت (کين شام جو) وٿاڻ تي آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا. |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ جن ڳوٺن تائين سواءِ وڏي تڪليف جي پهچي نه سگهو انهن تائي اهي چوپايا اوهان جو بار کڻي هلن ٿا. بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ ان گهوڙن، خچرن ۽ گڏهن کي به پيدا ڪيو) ته جيئن اوهين انهن تي سوار ٿيو. ۽ ان ۾ زينت (به) آهي. (انهن کان سواءِ) ٻين شين کي به پيدا ڪندو جن کي اوهين نٿا ڄاڻو. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ (خشڪ ۽ تر ۾) سڌي راھ (جي هدايت) ته فقط خدا جي ذمي آهي ۽ ڪي رستا ڏنگا آهن. ۽ جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو جنهن مان پيو ٿا ۽ ان مان درخت سرسبز ٿين ٿا، جنهن ۾ (مال) چاريو ٿا. |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
ان سان اوهان لاءِ پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جي ميون کي ڦٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ سوچيندڙن لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيو اٿس، ۽ تارا سندس حڪم سان (توهان جا) فرمانبردار آهن. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ جيڪي جدا جدا رنگن واريون شيون اوهان لاءِ زمين ۾ توهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيون اٿس ان م به نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ هو اهو آهي جنهن دريا کي (به اوهان جي) قبضي ۾ ڪيو ته جيئن اوهين ان مان (مڇن جو) تازو تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيورن (جون شيون جيئن موتي وغيره) ڪڍو جن کي اوهين پهريو ٿا ۽ تون ٻيڙيون ڏسين ٿو جي دريا ۾ پاڻي تي هلن ٿيون ۽ (دريا کي اوهان جي قبضي ۾) هن ڪري ڪيو ويو ته اوهين ماڻهو سندس فضل (واپار جي نفعي) جي تلاش ڪريو ۽ پڻ اوهين شڪر ڪريو. |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ زمين ۾ (تمام ڳرا) جبل وڌا اٿس ته (ائين نه ٿئي جو) زمين اوهان سميت ڪنهن پاسي نه جهڪي (۽ اوهان ڏڪو) پڻ (ان) نديون ۽ رستا پيدا ڪيا ته جيئن اوهين واٽ لهو. |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
(تنهن کان سواءِ رستن ۾) ڪيئي نشانيون (پيدا ڪيل) آهن. ۽ ڪيترائي ماڻهو ستارن (سان به) رستو سڃاڻن ٿا. |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
ته ڇا! جيڪو (خدا ايترين شين کي) پيدا ڪري ٿو سو انهن (بتن) جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. ته ڇا اوهين (ايتري ڳالھ به) نٿا سمجهو؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي نعمتن کي ڳڻڻ گهرو (ايتريون ته آهن جو) انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. (جو اوهان جي نافرماني تي به نعمتون ڏئي ٿو). |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا (مطلب ته) خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو. |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ (اهي ڪافر) خدا کي ڇڏي جن (بتن) کي (حاجت وقت) سڏين ٿا اهي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن (پر) اهي پاڻ (ٻين جا) بنايل آهن. |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
اهي مئل بي جان آهن ۽ ايتري به خبر نه اٿن ته ڪڏهن قيامت ٿيندي ۽ مئل ڪڏهين (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا. (پوءِ اهي ڪهڙي ڪم جا ٿيا؟ |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
اوهان جو خدا هڪڙو ئي معبود آهي ته جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن تن جون دليون ئي (اهڙي قسم جون آهن جيڪي هر ڳالھ جو) انڪار ڪن ٿيون ۽ اهي وڏا مغرور آهن. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
اهي ماڻهو جيڪي لڪائي ڪن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا ضرور ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ڪڏهن به وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جيڪڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اوهان جي پالڻهار ڇا نازل ڪيو آهي؟ ته چون ٿا ته (ڪجھ به نه بس رڳو) اڳين جا قصا آهن. (کين بڪڻ ڏي) |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
ته جيئن قيامت جي ڏينهن، پنهنجي (گناهن جا) سمورا بار ۽ جن ماڻهن کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي گمراھ ڪيو آهي تن جي (گناهن جو) بار به کين ئي کڻڻو پوندو. ٿورو ڏسو ته اهي ماڻهو ڪهڙو نه بڇڙو بار پاڻ تي کنيون ٿا وتن. |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
بيشڪ جيڪي انهن کان اڳي هئا (تن به وڏيون) مڪاريون ڪيون پوءِ خدا (جو حڪم) سندن بنايل (مڪارين) جي بنياد تي پيو. (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهيءَ (خيالي عمارت جي) ڇت انهن جي مٿان ڌو ڪري پئجي رهي (ته سڀئي خيال اڏامي وين (۽ جنهن پاسي مٿن عذاب آيو تنهن جي کين خبر به نه هئي. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
(نه رڳو ايترو پر) تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن خدا کين خوار ڪندو ۽ فرمائيندو ته (هاڻي ٻڌايو) جنهن کي اوهان منهنجو شريڪ بنايو هو ۽ جن جي باري ۾ اوهين (ايماندارن سان) جهڳڙو ڪندا هئا! سي ڪٿي آهن؟ (اي ڇا جواب ڏيندا! پر) جن ماڻهن کي (خدا جي طرفان) علم ڏنو ويو آهي، چوندا ته اڄوڪي ڏينهن خواري ۽ خرابي (سڀ ڪجھ) ڪافرن تي ئي آهي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
هي اهي آهن جو جڏهن فرشتا سندن روح قبض ڪرڻ لڳندا آهن (۽) اهي (ڪفر ڪري ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا ته اطاعت تي آماده ٿيندڙ نظر اچن ٿا (۽ چون ٿا) اسين ته (پنهنجي خيال ۾) ڪا به برائي ڪين ڪندا هئاسون (ته فرشتا کين چون ٿا) هاءُ! جيڪي اوهان جا ڪڌا ڪرتوت هئا، خدا تن کان بلڪل ڇڱيءَ ريت واقف آهي. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
(چڱو! هاڻي هلو) دوزخ جي دروازن ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ان ۾ هميشه رهندو! نيٺ وڏائي ڪندڙن جو ڪهڙو (نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن پرهيزگارن کان پڇيو ويو ته توهان جي پروردگار ڇا نازل ڪيو آهي؟ چون ٿا ته سڀ سٺي کان سٺو. جن ماڻهن نيڪي ڪئي تن لاءِ هن دنيا ۾ (به) ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي ۽ آخرت جو گهر ته (تن لاءِ) چڱو ئي آهي. ۽ پرهيزگارن جو (آخرت وارو) گهر ڪهڙو (نه) سٺو آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
اهي سدا بهار (ساوا ساوا) باغ آهن جن ۾ (يڪدم) وڃي پهچندا جن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ اهي جيڪي چاهيندا تن لاءِ موجود آهي. اهڙي طرح خدا پرهيزگارن کي (سندن نيڪ ڪمن) جي جزا عطا فرمائيندو. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جا روح فرشتا اهڙي حالت ۾ قبض ڪن ٿا جو اهي (ڪفر جي نجاست کان) پاڪ صاف هوندا آهن ته فرشتا کين (تمام خوشيءَ مان) چون ٿا سلام عليڪم جيڪي (نيڪيون دنيا ۾) اوهين ڪندا هئا تنهن جي عوض جنت ۾ (بي ڌڙڪ) هليا وڃو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
(اي رسول) ڇا هي (اهل مڪه) هن ڳالھ جا منتظر آهن ته انهن ڏي (روح قبض ڪرڻ لاءِ) فرشتا اچي رسن يا (هلاڪ ڪرڻ جو) تنهنجي پروردگار جو عذاب ئي اچي وڃين. جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن سي اهڙيون ڳاليهون ڪري چڪا آهن ۽ خدا مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو خود (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ جي جي ڪڌا ڪرتوت سندن هئا تن جي سزا ۾ برا نتيجا کين مليا ۽ جنهن (عذاب تي) ٽوڪ ڪندا هئا تنهن کين (چئني پاسن کان) اچي ورتو. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه ئي اسين ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه اسين سندس (مرضي) کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام ڪريون ها، اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن اهي به اهڙا (حيلا بهانا) ڪري چڪا آهن ته (ڀلي چون) پيغمبرن تي هن کان سواءِ ته (اهي) احڪام کي صاف صاف ٻڌائين، ٻيو ڪجھ به (بار) نه آهي. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ اسان هر امت ۾ هڪ (نه هڪ) رسول ضرور موڪليو (ته اهي ماڻهن کي چوي) ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ بتن جي (پوڄا پاٽ) کان بڇندا رهو. مطلب ته انهن مان ڪن جي ته خدا هدايت ڪئي ۽ ڪن (جي سر) تي گمراهي سوار ٿي ويئي. ته ٿورو اوهين روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (خدا جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي رسول) جيڪڏهن تو کي انهن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي تمنا آهي (ته اجائي آهي ڇو ته) خدا ڪڏهين به ان شخص جي هدايت نه ڪندو جنهن کي (نا اهل هئڻ سبب) گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ نه انهن جو ڪو به مددگار آهي. (جو عذاب کان بچائين) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ اهي ڪافر خدا جا (جيترا) قسم کڻي سگهن ٿا ته جو شخص مري وڃي ٿو ان کي خدا ٻيهر جيئرو نه ڪندو. (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ ضرور جيئرو ڪندو) هن تي پنهنجي وعدي (جي وفا ڪرڻ) لازمي ۽ ضروري آهي پر ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
ته (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪرڻ هن ڪري ضروري آهي جو) جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو (پاڻ ۾) اختلاف ڪندا آهن تن کي سندن سامهون صاف صاف کوليندو ۽ جيئن ڪافر ڄاڻن ته اهي (دنيا ۾) ڪوڙا ڪاذب هئا. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
اسين جڏهن ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪريون ٿا ته اسان جو چوڻ ان لاءِ هي هوندو آهي ته اسين چوندا آهيون ته ٿي ته يڪدم ٿي پوندي آهي. (ته مئلن کي جيارڻ به ڪا ڳالھ آهي!) |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن ماڻهن (ڪافرن جا) ظلمن تي ظلم سهڻ کان پوءِ خدا جي خوشيءَ لاءِ (گهر بار ڇڏي) هجرت ڪئي اسين انهن کي ضرور دنيا ۾ به سٺي جاءِ تي وهارينداسون ۽ آخرت جي جزا ته ان کان گهڻو سٺي آهي. ڪاش! اهي ماڻهو (آخرت جو ثواب) ڄاڻن ها. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
جن (خدا جي راھ ۾ سختين تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ئي ڀروسو رکن ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ (اي رسول) تو کان اڳ ۾ آدمين کي ئي پيغمبر بڻائي (بڻائي) موڪليوسين ته (تون مڪي وارن کي چئو ته) جيڪڏهن اوهين پاڻ نٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر (عالمن کان) پڇو. |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
(۽ انهن پيغمبرن کي موڪليوسين به ته) روشن دليلن ۽ ڪتابن سان ۽ تو ڏي قرآن نازل ڪيل آهي ته جيئن جيڪي حڪم ماڻهن لاءِ نازل ڪيا ويا آهن تون انهن کي کولي بيان ڪر ته جيئن اهي پاڻ غور فڪر ڪن. |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
ته ڇا جيڪي ماڻهو وڏيون وڏيون مڪاريون (شرڪ وغيره) ڪندا هئا تن کي هن ڳالھ جي دلجاءِ ٿي وئي آهي (۽ ڪو ڊپ نه آهي) ته خدا کين زمين ۾ ڌٻي ڇڏي يا اهڙي پاسي کان مٿن عذاب اچي جنهن جي کين خبر نه پوي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا سندن گهمندي ڦرندي (خدا جو عذاب) کين پڪڙي ته اهي ماڻهو ان کي زير ڪري نٿا سگهن. |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا اهي عذاب کان ڊڄندا هجن ته (ان حالت ۾ کين پڪڙ ڪري. بيشڪ تنهنجو پروردگار گهڻي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا انهن ماڻهن خدا جي مخلوقات مان ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺي آهي جنهن جو پاڇو ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي پاسي ٿيندو آهي جو (ڄڻ ته) خدا جي اڳيان سر بسجود آهن ۽ سڀيئي اطاعت جو اظهار ڪن ٿا. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
جيتريون شيون (سج، چنڊ ۽ ستارا وغيره) آسمانن ۾ آهن ۽ جيترا ساھ وارا زمين ۾ آهن، سي سڀ خدا جي ئي اڳيان سر نوايل آهن ۽ فرشتا ته (آهن ئي) ۽ اهي (خدا جي حڪم سان) سرڪشي نٿا ڪن. |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
(۽) پنهنجي پروردگار سان جو انهن کان (گهڻو) برتر ۽ اعلى آهي ڊڄن ٿا ۽ جو حڪم (کين) ڏنو وڃي ٿو يڪدم پورو ڪن ٿا. |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
پڻ خدا فرمايو هون ته ٻه معبود نه بڻايو. معبود ته اهو ئي اڪيلو (خدا) آهي ته فقط مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ (جيڪي) زمين ۾ آهي (مطلب ته) سڀ ڪجھ انهيءَ جو ئي آهي ۽ خالص فرمانبرداري (سدائين) ان جي (لازم) آهي ته ڇا اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان ڊڄندا آهيو؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ جيتريون نعمتون اوهان سان آهن سي (سڀئي) خدا جي طرف کان ئي آهن. پوءِ جڏهن اوهان کي (ڪا به) تڪليف وٺي ٿي ته اوهين ان جي اڳيان فرياد ڪرڻ لڳو ٿا. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
وري جڏهن اهو اوهان کان تڪليف پري ڪري ٿو ته يڪدم اوهان مان ڪجھ ماڻهو پنهنجي پروردگار جو شريڪ بنائين ٿا. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
ته جيئن (جيڪي نعمتون) اسان کين ڏنيون آهن تن جي ناشڪري ڪن، ته خير دنيا جا (ٻه ٽي ڏينهن) مزا وٺو. پوءِ ته جلد اوهان کي خبر پئجي ويندي. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي ان مان هي ماڻهو (انهن بتن جو) حصو به مقرر ڪن ٿا تنهن جي حقيقت کي به نٿا ڄاڻن. ته خدا جو (پنهنجو) قسم ته اوهين جيڪي ٺاھ ٺاهيو پيا تنهن بابت (قيامت ۾) اوهان کان ضرور پڇيو ويندو. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ اهي ماڻهو خدا جي لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا، (سبحان الله) اهو ان کان بلڪل پاڪ صاف آهي ۽ پنهنجي لاءِ (وري پٽ!) جي وڻندڙ آهن. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائجي ته ڏک مان سندس منهن ڪارو ٿو وڃي ٿو. ۽ اهو ڄڻ زهر جهڙو ڍڪ پي ڍڪر ۾ اچي ٿو. |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
(ڌي جي) عار کان جنهن جي کيس خوشيءَ خبري ڏني ويئي آهي، قوم جي ماڻهن کان پيو لڪندو ڇپندو. (۽ پيو سوچيندو) ته ڇا ڪري!خواري (سر تي) کڻي کيس جيئرو ڇڏي يا کيس (جيئرو ئي) زمين ۾ پوري ڇڏي. (ڏسو ته! اهي ڪهڙو نه بڇڙو حڪم لڳائين ٿا. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
بڇڙيون ڳالهيون ته انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ مناسب آهن جي آخرت جو يقين نٿا رکن. ۽ خدا جي شان جي لائق ته اعلى صفتون آهن (الوهيت ربوبيت) ۽ اهو ئي ته غالب (۽) حڪيم آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
پر جيڪڏهن خدا پنهنجي ٻانهن جي نافرمانين (۽ بي ادبين) جي پڪڙ ڪري ها ته هوند! روءِ زمين تي ڪنهن هڪ ساھ واري کي به نه ڇڏي ها. مگر هو ته هڪ مقرر وقت تائين انهن سڀني کي مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته هڪ گهڙي پٺتي ويندا ۽ نه اڳتي وڌي سگهندا. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ اهي خدا جي لاءِ هي شيون مقرر ڪن ٿا جن کي پاڻ (به) پسند نٿا ڪن. پڻ پنهنجي زبان سان هيءَ ڪوڙي دعوى ته (آخرت ۾ به) انهن لاءِ چڱائي آهي (چڱائي ته نه آهي پر) هاءُ هنن جي لاءِ دوزخ جي باھ ضرور آهي ۽ اهي ئي سڀني کان اول (ان ۾ اڇليا ويندا. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي رسول) خدا جو (پنهنجو) قسم تو کان اڳ اڳين امتن ڏي ڪيئي پيغمبر ويا ته شيطان سندن ڪرتوت سٺا ڪري ڏيکاريا، ته اهو ئي اڄ به سندن سرپرست بڻيل آهي. جيتوڻيڪ هنن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) ته هن ڪري نازل ڪيو ته جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو پاڻ ۾ اختلاف (وڙهن) ڪن ٿا تنهن کي کولي صاف صاف بيان ڪرين ۽ (تنهن کان سواءِ هي ڪتاب) ايماندارن جي لاءِ ته (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ خدا ئي ته آسمان مان پاڻي وسايو ته ان سان زمين کي مرده (پيل) هئڻ کان پوءِ جيئرو (سائو) ڪيو. بيشڪ هن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ جي ٻڌن ٿا (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ چوپائي (مال) ۾ به اوهان لاءِ عبرت (جي ڳالھ) آهي، جو انهن جي پيٽ ۾ (ڌوڙ بلا) ڇيڻو ۽ رت (جو ڪجھ آهي) تنهن مان اسين اوهان کي خالص کير پيارون ٿا جيڪو پيئڻ وارن جي لاءِ مزيدار آهي. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ (اهڙي طرح اسين اوهان کي) کجور ۽ انگورن جي ميون مان (رس پياريون ٿا) جنهن مان (ڪڏهين ته) اوهين شراب بنائيندا آهيو ۽ (ڪڏهن) چڱي روزي (سرڪو وغيره) بيشڪ ان ۾ به سمجهڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ (اي رسول) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالھ وڌي ته تون جبلن ۽ وڻن ۽ ماڻهن جي مٿاهين (بنايل) ڇتن گهر بنائي! |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
پوءِ هر قسم جي ميون (جي ٻور) مان (ان جو عرق) چوس پوءِ پنهنجي پالڻهار جي راھ ۾ اطاعت سان هل. انهن مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي (بيمارين جي) شفا (به آهي) بيشڪ ان ۾ (غور ۽) فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ خدا ئي ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي اوهان کي (دنيا مان) کڻندو. ۽ اوهان مان ڪي اهڙا به (ته) آهن جيڪي ذليل زندگي (تمام پوڙهائپ) ڏي موٽايا وڃن ٿا، جي (گهڻو ڪجھ) ڄاڻڻ کان پوءِ (به اهڙا سڪي ويا جو) ڪجھ به نه ٿا سمجهن. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ (هر قسم جي) قدرت رکندڙ آهي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ خدا ئي اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ رزق (۽ دولت) ۾ ترجيح ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سي پنهنجي روزيءَ مان انهن کي جن تي سندن پهچ آهي (غلام يا ٻانهيون ۽ نوڪرن کي) نه ٿا ڏين. (هوڏانهن) ان مان ۾ ته سڀئي (مالڪ ۽ غلام وغيره) برابر آهن. ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي نعمت جا منڪر آهن؟ |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ خدا ئي اوهان لاءِ اوهان جون زالون اوهان مان (اوهان جهڙيون انسان) بنايون ۽ ان ئي اوهان جي لاءِ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا ۽ اوهان کي پاڪ پاڪيزه روزي کائڻ لاءِ ڏني ته ڇا اهي ماڻهو بلڪل باطل (شيطان بت وغيره) تي ئي ايمان رکن ٿا ۽ خدا جي نعمت (۽ وحدانيت وغيره) کان انڪار ڪن ٿا. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شيءَ کي پوڄين ٿا جي آسمانن ۽ زمين مان کين رزق ڏيڻ جو ڪجھ به اختيار نٿا رکن ۽ نه طاقت حاصل ڪري سگهن ٿا. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
ته اوهين (دنيا جي ماڻهن وانگر) خدا جا مثال نه گهڙيو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
هڪ مثال خدا ٻڌايو آهي ته هڪ غلام آهي جو ٻئي جي ملڪ آهي (۽ اهو) ڪجھ اختيار نه ٿو رکي ۽ هڪ شخص اهو آهي جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان چڱي (ڀلي) روزي عطا ڪئي آهي ته اهو ان مان لڪائي ۽ ڏيکاري (مطلب ته هر طرح خدا جي راھ ۾) ڏئي ٿو. ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه) الحمد لله (جو اهي ان ڳالھ جا اقراري آهن) پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نٿا ڄاڻن. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ خدا هڪ (ٻيو) مثال بيان فرمائي ٿو: ٻه آدمي آهن جن مان هڪ بلڪل گونگو (۽ ٻيو وري غلام آهي) جيڪو ڪنهن به (ڳالھ ڪرڻ) جي طاقت نٿو رکي ۽ (ان ڪري) اهو پنهنجي مالڪ لاءِ بار ٿي پيو آهي جو کيس جيڏانهن موڪلي ٿو (خير سان) ڪڏهين به چڱائي نٿو آڻي. ڇا اهڙو (غلام) ۽ اهو شخص جو ماڻهن کي عدل (۽ شرافت) جو حڪم ڪري ٿو ۽ اهي پاڻ به بلڪل سڌي راھ تي قائم آهي (ٻئي) برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن نه) |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي غيب جون ڳالهيون خدا جي لاءِ ئي خاص آهن. قيامت جو برپا ٿيڻ ته ائين آهي جيئن اک جو ڇنبڻ بلڪه ان کان به جلدي بيشڪ خدا هر شيءِ تي ڪامل قدرت رکي ٿو. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ خدا ئي اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ مان ڪڍيو (جڏهن) اوهان صفا بي سمجھ هئو! ۽ اوهان کي ڪن ڏنائين ۽ اکيون (عطا ڪيون)دليون (عنايت ڪيائين) ته جيئن اوهين شڪر ڪريو. |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن ماڻهن پکين ڏي غور نه ڪيو جيڪي آسمان جي هيٺان هوا ۾ گهريل (اڏندا رهندا) آهن. کين ته فقط خدا ئي (ڪِرڻ کان) جهلي ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ به (خدا جي قدرت جون) ايماندارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ خدا ئي اوهان جي گهرن کي اوهان جي ٽڪڻ جون جايون بنايون آهن ۽ اوهان لاءِ ڍورن جي کلن مان (خيما) بنايا اٿس جي هلڪا هئڻ سبب سفر ۽ حضر ۾ ڪم آڻيو ٿا ۽ (رڍن) جي ان ۽ (اٺن) جي ملس ۽ (ٻڪرين) جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت خاص (قيامت) تائين اوهان جا ڪيئي اسباب ۽ ڪارآمد شيون (بنايون). |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪي شيون الله پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانو آرام لاءِ بنائي اٿس، ان ئي اوهان لاءِ (لڪي وهڻ) لاءِ پهاڙن ۾ گهروندا (غار وغيره بنايا) ۽ ان اوهان لاءِ ڪپڙا بنايا جيڪي اوهان کي (سردي ۽) گرميءَ کان محفوظ رکن ۽ (لوھ جا) چولا جيڪي اوهان کي هٿيارن جي ڌڪ کان بچائين ٿا، اهڙي طرح خدا توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ٿو ته جيئن اوهين سندس فرمان برداري ڪريو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي ماڻهو (ايمان کان) منهن موڙين ته (اي رسول) تنهنجو فرض فقط (احڪام جو) صاف صاف پهچائڻ (ئي) آهي. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
اهي ماڻهو خدا جي نعمت کي سڃاڻن ٿا تڏهن به (ڄاڻي واڻي) تنهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا بيشڪرا آهن. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان (سندن پيغمبر کي) شاهد (بنائي) قبرن مان اٿاري کڙا ڪنداسون پوءِ ته ڪافرن کي نه (ڳالهائڻ) جي اجازت ڏني ويندي ۽ نه سندن عذر ئي ٻڌو ويندو. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جن ماڻهن (دنيا ۾) شرارتون ڪيون هيون، جڏهن اهي عذاب کي ڏسندا ته، نه انهن جي عذاب ۾ گهٽائي ڪئي ويندي ۽ نه کين مهلت ئي ملندي. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن (دنيا ۾ خدا جو) شريڪ بنايو هو جڏهن پنهنجن (انهن) شريڪن کي (قيامت ۾) ڏسندا ته چوندا اي اسان جا پروردگار! هي ته اسان جا اهي شريڪ آهن جن کي اسين (مصيبت جي وقت) تو کي ڇڏي، سڏيندا هئاسون. ته اهي شريڪ (ڦيرائي) سندن ڳالھ انهن تي هڻندا ته اوهين ته وڏا ڪوڙا آهيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ ان ڏينهن خدا جي اڳيان (پنهنجي) فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ جيڪي دنيا ۾ شرارتون ڪندا هئا سي انهن کان ڀلجي وينديون. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيو، تن جي فساد ڦهلائڻ جي عوض مٿن عذاب تي عذاب وڌائندا رهنداسون. |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين هر گروھ ۾ انهن ئي مان مٿن هڪ شاهد کڙو ڪنداسون ۽ (اي رسول) تو کي وري انهن (سڀني) ماڻهن تي (سندن) سامهون شاهد بڻائي کڙو ڪنداسون ۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو جنهن ۾ هر شيءَ جو (شافي) ذڪر آهي ۽ مسلمانن جي لاءِ (سموري) هدايت ۽ رحمت ۽ خوش خبري آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ کي ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ قرابتدارن کي (ڪجھ) ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ بڇڙي ڪمن ۽ سرڪشيءَ ڪرڻ جي منع ڪري ٿو، اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيئن اوهين سبق پرايو. |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن پاڻ ۾ انجام ڪريو ته الله جي انجام کي پورو ڪيو، ۽ قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي نه ڀڃو. ڇو ته اوهان الله کي پنهنجو ضامن بڻائي چڪا آهيو. جيڪي اوهان ڪريو ٿا خدا تنهن کي ضرور ڄاڻي ٿو. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ اوهين (قسمن ٽوڙڻ ۾) ان زال جهڙو نه ٿيو جنهن پنهنجي ڪتيل پشم کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. (متان ائين) اوهين پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو ٺهرايو، هن لاءِ ته هڪ ٽولو ٻئي ٽولي کان وڌي وڃي. الله رڳو ان سان (يعني هڪٻئي کان وڌڻ سان) اوهان کي آزمائي ٿو. ۽ جنهن ڳالھ ۾ اوهان اختلاف پيا ڪريو سا ضرور قيامت جي ڏينهن اوهان تي ظاهر ڪندو. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي هڪ (ئي) جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ته هدايت ڪري ٿو ۽ جيڪي اوهين (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن بابت اوهان کان ضرور پڇيو ويندو. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو نه ٺهرايو، متان (ماڻهن جا) قدم ڄمي وڃڻ کان پوءِ (اسلام کان) ترڪي وڃن. ۽ (پوءِ نيٺ قيامت ۾) اوهين االله جي راھ کان روڪڻ ڪري سزا چکيو. ۽ اوهان کي وڏو عذاب ٿئي. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ الله جي انجام جي بدلي ۾ ٿورو ملھ (دنيوي فائدو) نه وٺو. جيڪڏهن اوهين سمجهدار آهيو ته (ياد رکو!) جيڪي خدا وٽ آهي سو هن کان گهڻو چڱو آهي. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
(ڇو ته دنيا جو مال) جيڪي اوهان وٽ آهي (هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو) ۽ جيڪي (اجورو) خدا وٽ آهي سو سدائين هوندو. ۽ جن ماڻهن دنيا ۾ صبر ڪيو هو تن کي (قيامت ۾) انهن نيڪين جو اسان چڱي کان چڱو اجر (۽ ثواب) عطا ڪنداسون. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
مرد هجي يا عورت جيڪو به نيڪ ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو اسين تنهن کي (دنيا ۾ به) پاڪ صاف زندگي ڏيئي جيارينداسون، ۽ (آخرت ۾ به) جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو چڱي کان چڱو اجر ۽ ثواب عطا ڪنداسون. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
۽ جڏهن اوهين قرآن پڙهڻ لڳو ته شيطان مردود (جي وسوسن) کان خدا جي پناھ طلب ڪندا ڪريو. |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
بيشڪ جيڪي ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا تن تي ان جو ڪو زور نه آهي. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
ان جو زور ته رڳو انهن تي آهي جيڪي ان سان دوستي رکن ٿا ۽ جيڪي ان کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندڙ آهن. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ (اي رسول) اسين جڏهن هڪ آيت جي بدلي ٻي آيت نازل ڪندا آهيون ته به خدا (جا ڳالھ) نازل ڪندو آهي تنهن (جي مصلحتن) کي خوب ڄاڻي ٿو (پر) اهي ماڻهو (تو کي) چون ٿا ته تون ته رڳو ڪوڙ ٻڌندڙ آهين. بلڪه خود انهن مان گهڻا (مصلحت کي) نٿا ڄاڻن ٿا. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
(اي رسول کين صاف) چئو ته هن (قرآن) کي ته روح القدس (جبرائيل) اوهان جي پروردگار جي طرفان حق (سچ) نازل ڪيو آهي ته جيئن جيڪي ماڻهو ايمان آڻي چڪا آهن تن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ ته(سمورو) هدايت ۽ خوش خبري آهي. |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ (اي رسول) بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي (ڪافر) چون ٿا ته ان (رسول) کي ڪو ماڻهو قرآن سيکاري ٿو، (اهو بلڪل غلط آهي) جنهن ڏي اها نسبت ڏين ٿا تنهن جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف عربي ۾ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته جي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين تن کي الله توڙ تائين نه پهچائيندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
ڪوڙو بهتان ته رڳو اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي خدا جي آيتن تي ايمان نه ٿا رکن ۽ (سچ ته) اهي ئي ماڻهو ڪوڙا (ڪاذب) آهن. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
ان شخص کان سواءِ جو (ڪفر جي ڪلمي تي) مجبور ڪيو وڃي، پر سندس دل ايمان تي برقرار هجي، جيڪو به ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪندو بلڪه دل کولي ڪفر ڪري تن تي خدا جو ڏمر آهي پڻ انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اهو هن ڪري جو انهن ماڻهن دنيا جي فاني حياتيءَکي آخرت کان زياده پسند ڪيو. ۽ انهيءَ ڪري خدا ڪافرن کي ڪڏهين به توڙ تي ڪين پهچائيندو آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي ۽ سندن ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي خدا هڪ هڪ نشاني مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته اهي ايمان نه آڻيندا) ۽ اهي ئي ماڻهو (بلڪل) بي خبر آهن. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ نقصان پائڻ وارا آهن. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
وري (هن ۾ شڪ نه آهي) ته تنهنجو پرودگار انهن انسانن کي جن مصيبت سهڻ کان پوءِ پنهنجو وطن ڇڏيو وري (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو، بيشڪ تنهنجو پروردگار انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
۽ (ان ڏينهن کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجي جان جي باري ۾ جهڳڙو ڪندو ايندو، ۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو کيس پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ خدا هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي جو امن ۽ اطمينان سان هو، ان کي سڀ ڪنهن هنڌان ڪشادگيءَ سان سندن روزي پهچندي هئي. پوءِ انهن ماڻهن خدا جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي ته خدا به سندن (ڪڌن) ڪرتوتن ڪري کين مزو چکائي ڇڏيو جو بک ۽ خوف کي اوڍڻ (اوڇڻ) بنائي ڇڏيو. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ منجهائن هڪ رسول وٽن آيو ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو، پوءِ کين (خدائي) عذاب اچي گهيرو ڪيو ۽ اهي ظالم (ته) هئا ئي. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ خدا جيڪا اوهان کي پاڪ حلال روزي ڏني آهي تنهن مان (مزي سان) کائو، ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي ئي عبادت (جي دعوى) ڪريو ٿا ته سندس نعمت جو شڪر ادا ڪندو ڪريو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
اوهان تي رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيل آهي. پوءِ جيڪو (بک کان) لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ئي حد کان لگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ ڪوڙ بدوڙ جيڪو اوهان جي زبان تي اچي (بنا سوچ جي) نه چئي وهندا ڪريو ته هي حلال آهي ۽ هي حرام آهي، ائين ڪرڻ سان اوهين الله تي ڪوڙي تهمت لڳائيندو. ۽ بيشڪ جيڪي خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌن ٿا سي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
(دنيا جو) فائدو ته ٿورڙو آهي ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون هيون جي تو کي هن کان اڳي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ اسان ته (ان ڪري) مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
پوءِ بيشڪ جن نادانيءَ سان برائي ڪئي تنهن کان پوءِ (سچي دل سان) توبه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون ته (اي رسول) ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار ان (توبه) کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رهم وارو آهي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ ابراهيم هڪ رهنما، خدا جو فرمان بردار ۽ باطل (مذهبن) کان بلڪل بيزار هو ۽ مشرڪن مان (هرگز) نه هو. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
سندس نعمتن جو شڪرگذار، کيس خدا چونڊيو هو ۽ (پنهنجي) سڌي راھ جي کيس هدايت ڪئي هئي. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ اسان کيس دنيا ۾ به (هر طرح جي) بهتري (۽ برتري) عطا ڪئي هئي. ۽ اهو آخرت ۾ به بيشڪ نيڪ ماڻهن مان آهي. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
(اي رسول) وري اسان تو ڏي وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
(اي رسول) ڇنڇر (جي ڏينهن) جي تعظيم ته رڳو انهن (يهود ۽ نصارى) تي لازم ڪئي ويئي جن ان ۾ اختلاف ڪيو هو بيشڪ تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا فيصلو ڪندو. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي رسول) تون (ماڻهن کي) پنهنجي پروردگار جي راھ تي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ بحث (مباحثو) ڪر به، ته اهڙي طريقي سان جيڪو، (ماڻهن ۾) سڀ کان سٺو هجي. بيشڪ جيڪي خدا جي راھ کان ٿڙيل آهن تن کي تنهنجو پروردگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ هدايت حاصل ڪيل کي به چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
پر جيڪڏهن (مخالفن) سان سختي ڪريو به ته اهڙي ئي سختي ڪريو جهڙي سختي انهن ماڻهن اوهان تي ڪئي هئي. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ بهتر آهي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
۽ (اي رسول) تون صبر ئي ڪر. ۽ خدا جي (مدد کان) سواءِ تون صبر ڪري به نه سگهندين ۽ انهن مخالفن جي حال تي ڏک نه ڪر ۽ جيڪي چالاڪيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، تنهن کان تون دل ننڍي نه ڪر. |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار آهن ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن. |