أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
آيو اَمر الله جو، تِنهن لئي، تَڪڙايو نه تڪرار، ۽ جن کي ڀائـِينِ ڀائيوار، اُنهيان اُتم ۽ پاڪ گھڻو. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
اَمر سَندسِ مان، روح سان، لاهي مَلَڪَ موچار، سَندسِ ڀَلن بندن مان، جنهن تي، گُھري غَفّار، ته ڏيو خبر خلق کي، ته ڌڻِي نه مُون کان ڌار، پوءِ سارِي سَڀ ڄَمار، هِڪ مون کان ڊِڄو مُورِهين. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
جوڙيئـِين اُڀ ، زمِين کي، مُقرّر موجُو، جي ڀيرا ڪن بيهُود، تن کان، مَٿاهون مُورهِين. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
اُپائـِين اِنسان کي، مَنِئَ ڦُڙي مان مُور، پوءِ ظاهِر ۽ ظُهُور، ويرِي ٿيو، تِنهن وير ۾. |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ ڍور، اُپائـِين اُنهن کي، مَنجھنِ اوهان لئي مَوجُود، سِئَ کان بَچاءُ، پڻ سُود ۽ قُوت ڪمايو، ڪن مَنجھان. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ آهي اَوهان لئي اِنهن ۾، سَنگھارن سِينگار، جڏهن واريو وِچِين وار، ۽ جڏهن ڇوڙيو وَلر وَلهار ۾. |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ پَنهنجا پَراهِين شهر ڏي، برسِر ڍويو بار، جِئ کي جَفا ڏِيڻ ري، نه پُهچڻاجنهن پار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ اَهنجو رَبُّ رحِيم گھڻو. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ گھوڙا، خَچر ۽ گڏھ ٻِيا، جن تي چڙهو ڦِرو چوڌار، پڻ صُورت جو سِينگار، ۽ سي پڻ جوڙِي جوڙڻڻهار، سُواريون ۽ سِينگار، ٻِيون به، ٻُجھو نه جن کي. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ بارِئَ مَٿي بار، واٽ آهي وِچٿَري، ڪي تن مان واٽون وِنگيون، اُونڌا لَڪ آزار، ۽ جي گُھريو هوند غَفّار، تن سَڀن سُهائـِين واٽ سَنئـِين. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اُهو جنهن اُتاريو اُڀ ڪنان، آب اوهان جي هار، جنهن سان پَلر پِيڻ لئ، جِنهن سان وَليون وَڻ وَلهار، چاريو مَنجھسِ چوڌار، چوپاياچِينگھار سان. |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
آن لئي اُڀاريئـِين اُن سان، پوک پَڳھ پَڳ پَڳ، زيتون، کجيون ، ڊاک پڻ، ۽ ميوا جُھڳٽ جَڳ مَڳ، اُن ۾ عجب آيتون، آهن اَلڳ اَلڳ، لوڪ تِنهيِن لڳِ، جي سوچِينِ سَگھ سُبحان جِي. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ آندا اَهنجِي آڻ ۾، راتيون، ڏينهن ڏاتار، ۽ سج، چنڊ سَندسِ اَمر سان، پڻ تارا تابعدار، اَوس آهن اُن ۾، نِشانِيون نِروار، وَٺي جا وِيچار، ڪارڻ تنهن قوم جي. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
آن لئي پکيڙيئـِين پَٽ ۾، جِنسون ۽ جِنسار، طرحِين طرحِين، رنگ جَن ؛ اُن ۾ اُهڃ اَپار، وٺن جي ويچار، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
اُهو جِنهن اَجھاڳ سمنڊ، ڪيا حُڪم ۾ هيڪار، تان کائو خُوب اُن مان، تازا گوشت تيار، ۽ اَملھ ڪڍو اُن مان، تان پايو سَبَب سِينگار، ۽ تَرندڙ ڏِسِين تِنهن ۾، ٻيڙا مَنجھ ٻار ڀَلي ته سَندسِ ڀَال مان، طَلبِين طلبگار، ۽ اِهو سڀ اِن هار، ته کائـِي ڳايو ڳالهيون. |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ ٺوڪيئـِين جَبل زمين ۾، ته ڌُٻي نه اَوهان ساڻ، ۽ اوهان لئي واهِيون، ۽ وَنهيون واٽريون سُونهون تان سڄاڻ! |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ پڻ سَنئون هَلن هي پاڻ، نِشانين ۽ نِکٽڻ سان. |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو جوڙٖي جوڙ، اُهوڪِ جوڙ اُن جو، جو تِر نه جوڙٖي توڙ؟ پوءِ ڪِنهن پَر پِرايو ڪِين ٿا؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جي ڳَـڻِين ته ڳُڻ اَلله جا، ڳَڻي نه پَوندن پار، بشڪ بَخشڻهار، مالِڪ مِهربان گھڻو. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ سَمجھي رَبُّ سُڄاڻ، جيڪِي ڳُجھو ڪريو، يا پَڌرو، |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ ڌڻِئَ ڌاران جن کي، ڪوٺيو ڪَمن ڪاڻ، اُهي نَه خَلقِين، ڪُجھ خَلق مان، سي خلقيا وَڃن، خود پاڻ، |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
جِيَرا ڪِين جَھان ۾، مُئل مَنجھ مَساڻ، ۽ نه ڄاڻن اَصل اَڄاڻ، ڪِنهن ڏينهن اُهي اُٿاربا. |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
سائـِين اَوهان سَڀن جو، سائـِين هِڪ ستّار، اُهي، جي آخرت تي، نه آڻِين اِعتبار، تن جا اَندر، مَنجھ اِنڪار، ۽ اُهي آهِن، پَڏائـِيندڙ پاڻ کي. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
پَڪ، ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، جيڪي لِڪائـِن، کان لوڪ، ۽ جيڪِي ڪَن مُنهن موڪ، اُهو ڀانـئـٖي نه پاڻ ڀانئڻِين. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏهِين ڪَهجينِ، ته ڪُڄاڙو، اَهنجي رَبَّ اُتاريو؟ ته ٻوليائون ٻَاڙو، ته آکاڻيون اَڳَينِ جون. |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
تان کڻِن مَحشر ماڳ ۾، سَندنِ ته ساروبار، ۽ ڪُجھ بار، ڀُلايون جن کي ، عِلم عقل کان ڌار، هرگز ٿِي هُوشيار، جو بار کَڻنِ، سو بُڇڙو! |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
جيڪِي اُنهِيان اڳ هُئا، تن حِيلا ڪَيا هزار، پوءِ آيو سَندنِ اَڏاوت کي، پِيڙهيان پالڻهار، پوءِ ڪِريو سَندنِ ڪَنڌ مَٿان، ڇِت ، ڀِت، ساروبار، ۽ آينِ اُتان آزار، جِتان پاڻ پَروڙِين ڪِين پِيا. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
موٽِي مَحشر ماڳ ۾، ڪَندنِ خُوب خوار، چي، ڪِٿي جن کي مُنهنجو، ڀانئيان ڀائيوار؟ ۽ ڪندا هُئا ڪيترا، جن ۾ طبل تڪرار، جن کي، عِلم عطا ٿيو، ته وَراڻيون تِنهن وار، ته قائـِم سِر ڪُفار، اَڄ خواريون ۽ خرابيون. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
جِنهن مَهل مَلَائـِڪ اُنهن کي، مارڻ وارا مُور، ۽ جڏهين پَنهنجي جان تي، ظالِم هُونِ ضرور ته سَٽيئون صُلح جُون ڳالهيون، ته ڪَندا نه هُئا سون قصور، هائو پاڪ حُضور، ڄاڻي جيڪِي به ڪندا هُئا. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
پوءِ گِھڙو دَرن دوزخ جي ۾، سَدا مَنجھس بَند، ۽ هَٺِيلن جو هَنڌ، بِلڪُل ڪو بڇڙو ٿيو!، |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ پُڇيو وِيو تن کان، جي ڏَريا ڀَر ڏاتار، ڇا اَهنجي ربَّ اُتاريو؟ چي سَڀ ڪُجھ خير قرار؛ جن چَڱِي ڪئي هِن جاءِ ۾، هُت چڱائـِي، تن هارِ، ۽ آهي گَھر آخرت جو ، بِهتر بي شُـمار، ۽ واه جو گَھر گُلزار، مُوچارن ماڻهن جو!!! |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
ڀيڙا باغ، باغن ۾، سي وَالارِين وَلهار، هَلن هيٺان، جن جي، واهِيون ويرو تار، جيڪي طَلبِينِ تِنهن ۾، سو تِـنِين لَئي تيار، اِنپر پورهيا پار، ڪِريا تَن، ڪَرِيم ڏيئي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
مَلڪ مارِين، جن کي تَه سَرها مَنجھ سَرِير، سَدا سلام اوهان تي، کِليو ڏِين کِير، گِھڙو باغ بِهشت ۾، مَنجھ جَنت جي جاگير، سبب تِنهن سُڌير! جيڪِي ڪم ڪَندا هُئا. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
نه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر مَلائـِڪ اُنهن تي، اَچن، ڪِ اَچينِ اَمر ڪو، سَندءِ رَبَّ، ستار، اُنهِيان اَڳين اِينءَ ڪيو، ۽ نه ڏُ کويُن ڏاتار، پر پاڻهِي ڪندڙ پاڻ سان، هُئا هاڃيڪار، |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ رَسينِ رسوائي تِنهنجي، جي ڪيائون ڪم ڪار، جِنهن تي کِلندا هُئا خُوار، تِنهن ڀيري هَنين ڀَن۾. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ جن ٻِيا گَڏيا، تن ٻوليو، ته گُھريو هُوند غفار، ته اسان ، نه اَبن اسان جي، ڪنهن پُوڄيو اُنهِيان ڌار، ۽ نه روڪيوسون ڪنهن شئِ ڪنان، ري اُن جي اختيار، اِنهن ڪَنان اَڳين پڻ، ڪيا اِيئن ڪم ڪار، ناهي نَبِين تي بار، مگر پُهچائڻ پَڌرو. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
مُڪو سون هر ميڙ ۾، مُرسل، ڪو مَهندار، ته پُوڄيو پَرور پاڪ کي، ۽ ٿيو بُتن کان بيزار، پوءِ تن مان سُهائـِي ڪن سَنئـِين، سائينءَ رَبَّ، ستار، مَنجھانئُن، مُونجھارو ڪِن مَٿي، بِيٺو برقرار، پوءِ مُلڪ گُھمو مُورهِين، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِنهن پَر پويان پار، ڪوڙن ڪافرن جا. |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
جي سَڌِين سَندنِ سُونهپ تي، ته اُنهن کي اَلله، سَنئـِين نه سُهائي ، جن کي، ڪَيئـِين گَس ڪنان گُمراه، ۽ وَهر، وَسِيلو واھ، توڙان ناهي، تن جو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ کَنيائون سُنهن سائـِينءَ جو، سَندن سعيو سونهن تَمام، ته اَلله نَه اُٿارِيندو اُن کي، جو، مُئو، ته مُئو مُدام، هائو حَق پارڻو، اُنهِئ تي اَنجام، پر اَڪثر ماڻهو عام، صفا سَمجھَن ڪِين ٿا. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
تان سَمجھايو، وَڃٖينِ سو، جِنهن ۾ جھڙا ڪَن، ۽ جي ڦِريا، جانچي تن، ته مُورهل، ڪُوڙا مُورِهين. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
آهي چوڻ اَسان جو، جَڏِهن گَھڙڻ گُھريو سون، ڪو ٽول، ته ٻولايونسِ ٻول“ٿِي” ته پوءِ ٿِي پَوي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن ربَّ جي راه ۾، مُلڪ ڇَڏيو مُور، جِنهن بَعد اُنهن سان، بيگناه ڪَيا وِيا ڪَلُور، ڏِينداسونِ هِن ڏيھ ۾، جايون خُوب ضرور، ۽ آخرت جو اَجر وَڏو، پرجي پَوينِ هُوند پَرُوڙ، |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
جن سِر تي سَٺا سُور، ۽ رَکن سَندنِ ربَّ مَٿي. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ نه موڪلياسون مَرد مَگر، توکان اڳي اَڳواڻ، وَحِئَ وَسِيلي موڪليون، اُنهن ڏي اُهڃاڻ؛ پُڇِي ڏِسو پڙهِيَن کان، جي نه پَروڙيو پاڻ، سَچِين ثابتِين ساڻ، پڻ صَحِيح صَحِيفن سان. |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
۽ اُتاريوسون تو مَٿي، موچارو مَذڪُور، تان اُنهن ڏي، جو اُتاريو وِيو، سو ماڻهنِ سَمجھائـِين مُور، تان مانَ، سي مَغرور، سوچِين سَچيون ڳالهيون. |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
ڇا سُک ٿِي ويٺاسيٺ؟، جن سِٽيون سِٽائون بُڇڙيون، ته ڌَرتِي سَميت تن ڌڻي، هَڻِي هَلائـٖي هيٺ، يا اَچٖين عَذاب نيٺ، جِتان پاڻ پَروڙِين ڪِين ڪِي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا گِرهٖين سَندنِ گَشت ۾، پوءِ هِي نَه ڏِيندڙ هار، |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا وَٺينِ خوف خيال ۾؛ پوءِ اَهنجو پالڻهار، بِلڪُل بَخشڻهار، ۽ مَرهِڻ وارو مُورهِين.. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا سوچِيائون نَه، سي شيون ؟ جي جوڙيون جوڙڻهار، مُڙندڙ پاڇا، تن جا، سَڄي، ۽ کَٻي پار، نَمندڙ هادِئَ هارِ، ۽ اُهي ڪَندڙ آهن ڪُرنشون. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ سَجدو ڪَن سُبحان کي، جيڪِي اُڀ ۽ ڀُون اَندر، مَلڪ، ڍڳا ڍور سي، تِر نَه ڪَن تڪبّر، |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
ڊِڄن، مَٿان پنهنجي، سندنِ سائـِين ڀَر، ۽ پارِينِ اُهائـِي پَرِ، جِھنجو اَمر ٿـئـٖي اُنهن کي. |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ فرمايو اَلله، ته ٻه دَرگاهون، نه ڌاريو، سو ڌُران هِڪ دَرگاه، پوِ ڊِڄو مون کان مُورهين. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ آهِن هِڪ اُنهئ جا، اُڀ ڀُون ۾، جي جَھان، ۽ رُڳو، ڏِيَڻا اُن کي ڏان، پوءِ ڇو رَبَّ ري، ڊِڄو ٻِين کان؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ جيڪِي اَوهان تي نِعمتون، سي سَڀ، ڪَنان سُبحان، پو، گھيريا جَڏهن گَھمسان، ته رڳو رَنڀو ٿا اُن ڏي. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
وَري اَسان اوهان کي جڏهن، لاٿو، سولاچار، ته اِجھو اَوهان پاڻ مَنجھان، ٻارِي ڪا ٻِيهار، مالِڪ سَندِن سان مُفت ٻِيا، ڀانئـِينِ ڀائيوار، |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
تان جيڪِي ڏِنيوسُون ڏاتِيون، اُن کان ڪن اِنڪار، مَروَٺو وَٽِ، ڪا وار، پوءِ سَمجِھي وِيندا سگھڙٖي. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ ڪَڍنِ پُوريون تن جون، پَريان جن نه پَرُوڙ، آن کي ڏِنوسون روز، جو تُورن پُٺيان، تُور، قَسم رَبَّ ڪريم جو، مَهندان پُڇبان، مُور، ڪنان ڪُوڙ فُتور، جي جاٽَنِ بابت جوڙيو. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
ڌِيئون ٺاهِنِ ڌَڻِئَ لئ، جو پاڪ سَدائـِين پاڻ، ۽ آهن اُنهنِ ڪاڻ، جيڪِي گُھرن گھوٽيا. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
جڏهن اُنهن مان، ڪِنهن هيڪڙي، ڌِئ جي مِلِي ڌِيرَ، ميرو ٿيو مُنهن اُن جو، ۽ آهي اِهو دِلگِير، |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
لِڪي پيو لوڪ کان، ڪنان خوارِئ کِير، ته روڪيسِ رُسوائي سان،يادَ ڪيس مِٽئَ ۾ مِير، جا فتوا ڏِين فَقِير ، سا بِلڪُل آهي بُڇڙِي. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
اُنهن لئي آخرت تي، نه آڻِينِ اِعتبار، صِفت صَفا بُڇڙِي، ۽ صِفت رَبَّ، سَتّار، اَعلىٰ آهي اَپار، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ مولىٰ ماڻهن کي وَٺي، جي سَبب سَندنِ آزار، ته اَصل نه ڇَڏيائـِين اُن مَٿي، ڪو وانِگي مَنجھ وَلهار، پَر مُهلت مُقرّر مَهل سِين، ڏٖينِ ٿو ڏاتار، مُقرّر مَهل اُنهن جِي، جڏهن آئـِي آخِرڪار، ته وَرِي هِڪڙي وار، اَڳ پوءِ نَه ٿِيَنِ، اُن ڪنان. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ مُقرّر مالِڪ لئي ڪَن، جنهن کي بُرو ڀانئـِين پاڻ، ۽ ڪَن ڪُوڙ زِبانون اُنهن جُون، ته سَڀ خوبيون سَندنِ ڪاڻ، بيشڪ باھِ سنَدنِ ڀاڻ، ۽ اُهي آهن، اُکتل حَد ڪنان. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
سائـِينءَ جو سوڳنڌ، ته اُمتن ڏي، توکان اَڳي، موڪليون سون مُورهِين، هِدايتون هَر هَنڌ، پوءِ شيطان سَندنِ شرارتون، پَساينِ پَسند، سو دوست سَندنِ دِلبند، اَڄ ۽ اُنهن لئي ، سَخت عذاب ڪو. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ قرآن ڪريم تو مَٿي، نه لاٿو سون لال! مگر جَهڳڙن جِنهن ۾، سو سَمجھايَئـِينِ سُوال، ۽ ڏَس ڀَلو ۽ ڀال، سَمجھن سَچو، تِنهن ساٿ لئي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ الله آسمان کان، پاڻِي لاٿو پاڻ، جِنهن سان، جِيارَيئـِين زَمين کي، سَندس سُڪڻ پُڃاڻ، اُنهئ ۾ اُهڃاڻ، جي سُڻن، تِنهن ساٿ لئي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ اوهان لئي عِبرت، موجُود اوهان جي مال ۾، پِيارِيو سون نِيئان، اُن جي پيٽ مان، وِچان ڇيڻي، رت، کِير اَڇو اَلبت، پَسند پِيئندڙن کي. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ ميوا کَجِي ۽ ڊاک جا، جن مان پِيڙيون پاڻ، چُڪو ۽ چَڱو قُوت پڻ، اُنهِئ ۾ اُهڃاڻ، قوم اُنهِئَ ڪاڻ، جي وِيچارِين وُجود ۾. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ تُنهنجي مالِڪ ماکِئَ ڏي، وَحِي ڪيو وريام، ته وَٺ وَڻن، پَهڻن مان، جايون پَنهنجيون جام، پڻ تن مان تمام، جِنهن مان، ماڻهون جوڙِين ماڙيون. |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
موٽِي مِڙِني ميون مَنجھان، کاءُ کاڌا خُوشگوار، تُنهنجي رَبّ جي راهن تي، هَل تَهدِل تابِعدار، پِيَڻ نِڪريس پيٽ مان، جِنهنجا رنگ به ڌاروڌار، مَنجھسِ ماڻهنِ لئي، صحت پڻ؛ اُنهئَ ۾ پَڌرا پار، وَٺنِ جي وِيچار، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ اَلله اوهان کي جوڙيو، آن کي موٽِي، سو ماري، اوهان مان، عُمر رَدِئ ڏي، وَرِي ڪِن وارِي، تان سَڀ ڪُجھ سَمجھڻ پُٺيان، سَمجھ نه ڪُجھ ڌارِي، بارِي هر باري، سَگھ وارو ۽ سَمجھدار گھڻو. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ رَبَّ اوهان مان، رزق ۾ ڪيا، ڪِن کان، ڪي ڪَثر، پوءِ اُهي، جَن اِملاڪ ۾، وِيو وَرسايو ويتر، سي موٽائـِيندڙ نه، سَندنِ مال کي، ٻانهن تي ٻِيهر، سَندنِ سَڄن هٿن جو، سَنڀالو جن سِر، ته هڪ جھڙا هُونِ اُن ۾، خادِم، خان ، نَفَرَ، ڇا مَڃِين نَه، سي مُنڪر، الله جي اِنعام کي؟ |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ الله اوهان مان جوڙيون، جُويون اَوهان هارِ، ۽ جوڙيئـِين اَوهان جي، جويون مان، پوٽا ، پُٽ قطار، ۽ ڏِنان سُٺين شين مان، روزِي رَبَّ سَتّار، پوءِ ڪِ ڪارٖي ڪوڙ تي، آڻينِ اِعتبار؟ ۽ اُهي ڪَن اِنڪار، الله جي اِنعام کان. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ ڌڻئَ ڌاران تن کي، ڀيٽِينِ بي شُعور، جي اُڀ، ڀُون ۾، اُنهن جي رِزق جا، مالِڪ نه آهن مُور، ۽ ذَرو نه رکنِ ضرور، قُوَّتِ سَندِن، قُوتَ جِي. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
پوءِ اَوهين اَصل ڪِين ڏِيو، مالِڪ لئي مِثال، صاحِب صُورتحال، سَمجھي، ۽ نَه سَمجھو ٿا اوهِين. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
مالِڪ ڏِنو مِثال، گولي زَر خريد جو، جِنهنجو وَس نَه، ڪِنهن وَٿ مَٿي ۽ ٻِيو سو نيڪ نِهال، پاڻ وَٽان، جِنهن کي، ڏِنو سُون موچارو مال، پوءِ ڳُجھو، پَڌروجِنهن مان، خرچي خود خيال، ڇا مَٽ ٿِين سي مُورِهين؟ واه ! ڀَلي جا ڀال، بَلڪ گھڻا بَطال، صَفا نَه سَمجھن، تن مَنجھان. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ مِثال ٻن مَردن جو، بارِئَ ڏِنو بَس، هِڪ گُنگو، ٻوڙو ٻِن مان، وَٿ نه ڪا، جِنهن وَس، ۽ اُهو بار سَندسِ سَردار تي، ڪَسر بدران ڪَس، جيڏانهن اُماڻٖيسِ، ته نَه اَچي، جڏو ساڻ جَس، ڇا مَٽ ٿِئي سو، ۽ ٻِيو، جو ڏي عَدل جو ڏَس؟ ۽ اُهو گوهر مَٿي گَسِ، گَسَ بِه سِڌيٖ سَنئـِين مَٿي. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ اُڀ، ڀُونءَ جا ڳُجھ، اَلله لئ، ناهي قِيامت ڪار، مگر مِثل اَک ڇِنڀ جي،يا اوڏِي سا اَپار، صاحِب ربَّ، سَتّار، قادر هر ڪِنهن ڪَم مَٿي. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ آن کي اَهنجي، مائن جي، پيٽن مان پَرور، ٻاهِر ڪَڍيان ٻارِڙا، ڪُجھ پَرُوڙِيو نه ڪِنهن پَر، ۽ ڪيائـِين آن لئي ، ڪن، اکيون ۽ مَن پڻ مُنور، تان ڪريو مانَ قدر، ۽ ڳُڻ اُنهِئَ جا ڳايو. |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا ڏِٺئون نه پَکينِ پار؟، ته تابِع اُڀ جي خال ۾، نه جَھليٖن ڪير جبار ري؛ اُن ۾ پَڌرا پار، جي آڻِينِ اِعتبار، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ اَلله اوهان جي گھرن کي، ڪيو اَهنجو آستان، ۽ جوڙيئـِين کَلُن مان، جانَورِين خِيمان آن لئي خان!، پَنهنجي سانگ ۽ وانڍ ڏِينهن، جَن اُٺايو آسان، ۽ اُن، وار، ڏَاس اُنهن جا، سَندو گَھر سامان، نَفعو پڻ نِڌان، ڪِنهن مُقرر مَهل سِين. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله اَوهان هارِ، پاڇويا پَکيڙيا، جيڪِي جوڙيئـِين ، تِنهن مَنجھان، وَڻ ٽِڻ مَنجھ وَلهار، پڻ آن لئي جوڙيئـِين جَبلن ۾، غارون گَھر گُلزار، ۽ ڪُڙتا، ڪوٽ اَوهان لئي، جوڙيا جوڙڻهار، جھولو جَھلِينِ، اَوهان ڪنان، ۽ ٻيون زِرهون زوردار، جَھلِينِ اوهان جي جنگ ۾، ڀالا، تِير، تَرار، اِهو اِن آڌار، ته سدا سَلامِي ٿِي رهو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
مُنهن موڙِينِ جيڪڏهن، پوءِ تو مَٿي نه مُور، مگر سو مَذڪور، پُهچائـِڻ پَڌرو. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
صَحِيح سُڃاڻن صاحب جون، نِعمَتون نِبار، پوءِ اُن کان، ڪَن اِنڪار، ۽ گُن چور گھڻا اُنهن ۾. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ اُٿارِينداسون، هَر اُمّت مان، شاهِد جڏهن ضَرُور، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، تن موڪل نه مِلندِي مُور، ۽ نَڪِي ڪَبو مَنظور، ڪو عُذر، بَهانو اُنهن جو. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جن ڏِٺو عذاب کي، ڪَيا جن ڪَلُور، تن کي، نه تن کان مُور، گَھٽائـِبو، نه گَھٽ ڪبو. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڏِٺائون اُنهن کي، جن ڀاتئون ڀائيوار، چي هِي هَمراه اَسان جا، سانيمِ رَبَّ سَتّار!، ڏِينداهُئاسون ڏيھ ۾، جن کي دانهون ، توکان ڌار، پوءِ اُڇليائون، اُنهن پار، قول، ته ڪُوڙا آهيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ سَٽائون سائـِينءَ ڏي، سَندِي صُلح ڳالھ، ۽ جيڪِي جوڙيئون جوڙِيوال، سي ويا، کانئُنِ وِڃائجِي. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
اُهي، جن ڪفر ڪيو، ۽ روڪيئون ربَّ جِي واٽ، تن کي وڌائينداسون وَرِي. اُساٽ تان، اساٽ، جيلانهن جوڙٖي، جاٽ، فَساد ڦيلائـِيندا هُئا. |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
اُٿارِينداسُون هَر اُمت مان، جڏهن شاهِد مُعتبر، اُنهن تي، اُنهن پاڻ مَنجھان؛ ۽ توکي مَنجھ مَحشر، ساکِي سامهون هِنن مَٿي، بيهارِينداسون بَرسِر؛ ۽ ڪِتاب ڪريم تو مَٿي، اُتاريوسون اَنور!، صَفائـِي سَڀ ڳالھ جِي، ۽ سُونهپ سَربسر، ۽ ٻَهون ٻاجھ ٻِيهر، ۽ مبارڪِي مُؤمنِين. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
اوهان کي عَدل، اِحسان، جو، ٿو حُڪم ڏي حُضور، پڻ پَنهنجن سان پَر گَھور جو؛ ۽ مَنع ڪري ٿو مُور، ڪَچِي ڳالھ، ڪَم ڪِنو، پڻ زُورِي کان ضَرُور؛ ڏِينِيان نَصِحيت نُور، ته پڙِهي مانَ پِرائيو! |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ پُورِيءَ طرح پارِيو، اَلله ساڻ اَنجام، ۽ قَسم ڪِين ٽوڙيو، اُن جي، تاڪِيد َبعد تمام، ۽ جڏهن ڪيَئان ڪَفِيل پاڻ تي، آگو، رَبُّ عَلام، مالِڪ ٻُجھٖي مُدام، جيڪِي ڪَم ڪَندا آهيو. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ نه ٿِيو اُنهئَ مِثال، جنهن سَندسِ سُٽ ڪَتيل کي، ڪَتڻ پڄاڻا، ڪيو وَرِي، پُرزا ۽ پائـِمال، پَنهنجا قَسم پاڻ ۾، ڪَريو نَه، چالاڪِي چال، تان ٽولِي ٻِي ٽولِئَ ڪَنان، ٿيئٖي لاڀاتِي لال!،آزمائي اوهان کي، اِنهئَ ۾ جَلَّ جَلال، تان آن تي ڪري، قيام ڏينهن، صفا سَمورِي ڳالھ، جِنهن ۾ ٻَڌندو ٻائـٖيتال، پَٿ بَنائـٖي پاڻ ۾. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
جي گُھريو هُوند غَفار، ته آن کي، اُمت هِڪ ڪيو، پر وَڻيسِ، تنهن کي واٽ ڪَنان، ڪري بَرڪِنار، ۽ وڻيسِ، تِنهن کي واٽ سَنـِئين، سُهائي سَتار، ۽ ڪريو جي ڪَم ڪار، پُڇابا پَڇاڙِئَ، تَن ڪنان. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ ڪَريو نَه پَنهنجن قَسمن کي، ڌوڪو هِڪ ٻِئي ساڻ، پوءِ پَڪايسِ پُڄاڻ، پير ٿِڙي پارڻ ڪَنان. ۽ کائو سُور تِنهن سَبَب، جو روڪيان ربَّ جِي راھ، ثابِت آهي صُباح، آن لئي، وِره وَڏاندڙو. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ وِڪڻو نَه، ٿوري مُلھ مَٿي، قادِرساڻ قَرار، جيڪِي آهي اَلله وَٽ، سو توهان لئي تَڪرار، بِهتر بَرقرار، جي صحِيح سَمجھندا آهيو. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
اَوَس کُٽنِ، آهن جي، اَوهان وَٽ اَنبار، ۽ جيڪِي صاحِب وَٽ سَتار، اََکَٽ خَزانُو، آهي سو. ۽ پورو ڏِينداسون پورهيو، تِنهنجو پِهرئـِين پُور، جِنهن سَبَب سَٺائون سُور، ۽ نيڪيون ڪندا هُئا نڪڻي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جيڪو چڱا ڪَم ڪندو، مَرد هُجي، يا زال، بيشڪ بَخشِينداسون تِنهن کي، حَياتِي خُوشحال، ۽ اَجر سندنِ اَعمال، جي نيڪيون ڪَندا هئا نڪڻٖي. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
اَجھو جَھل اَلله جو، جڏهين پَڙِهين قُرآن، ڪَنان شرَّ شيطان جو تَڙيل آهي، توڙ کان. |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
تِنهن کي، نه طاقت تَن مَٿي، جَن آندو اِعتبار، ۽ ڀَروَسو ۽ بار، رکن سَندنِ رَبَّ مَٿي. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
اُن جِي طاقت، تن مٿي، جي دوست تِنهن ڌارِين، پڻ ساٿِي، تِنهن سارِينِ، سَندنِ مِلڪِيت ۽ مال ۾. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
آيت، آيت ماڳ تي، جڏهين مَٽائـِيسُون مُور، ۽ آگو آگاه اُن کان، جيڪي نازِل ڪري نُور، چي، اَوس تون نه آهِين، ڪَندڙ ڪُوڙ فُتور، بَلڪ بي شُعور، اَڪثر نَه ڄاڻنِ، اُنهن مَنجھان. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
چئو! رُوح پاڪ، تُنهنجي رَبَّ کان، حق تي لاٿو هِي، تان اُتَسِ، اُڀاري تن کي، جي وِسهيا کي وَحِي، سُونهپ آهي صحِيح، پڻ مُبارڪ مُؤمنِين . |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
مَعلوم اَسان کي مُور، ته هِي ڳالهيون ڳَرهِينِ پاڻ ۾، ته سيکاري پِيو اُن کي، ڪو ماڻهو هِئَ مَذڪُور، سُڃا سَڃِين، جِنهن ڏي، تِنهنجي ٻولي ٻِي ضرور، هِئَ نِسورو نُور، آهي عَربِي پَڌرِي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
آتَيُن تي، اَلله جي، نه آڻِينِ، جي اِيمان، سَنئـِين، سائـِين سُهائـِيندن ڪانه، اُنهن لئي سَخت عذاب ڪو. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
اِهي ئـِي اَلله تي، ڪُوڙا ٺاهِين ٺاھ جي نه مَڃينِ مُورهِين، آيتون اَللهَ، ۽ اِهي ئـِي گمراه، ڪُوڙا آهِن قول ۾. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
ڦِريو، جو الله کان، سَندسِ مڃڻ پُڄاڻا مُور، مگر ڪيو ويو جِنهن کي، نَه مَڃڻ تي مَجبُور، ۽ آرامِي اِيمان تي، اُن جو مَن مَعمُور، پر قَلب ڪَيو ، جِنهن ڪُفر تي، ويڪرو وَهلُور، پوءِ مَٿنِ غَضب غَفُور، پڻ عذاب وَڏو اُنهن لئي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اِهو اِن آڌار، ته نَنڍڙِئَ هِن ڄَمار کي ، آخِرت کان اَ ڳرو، ڏِنَئون پاڻ پيار، ۽ ڪافِرن ڪَلتار، سَنئـِين سُهائي ڪانه ڪا، |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
اُهي، اَلله جن کي، هَنئـِي مُهر مُقرّر، سَندنِ مَن ۽ ڪَنن تي، پڻ اُنهن جٖي اکين سِر، ۽ اُهي، آهن وٖيسلا؛ |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
پڻ آخِرت اَندر، آهن، اُهي اَبتر، نِسورٖي نُقصان ۾. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
موٽِي مالِڪ تُنهنجو، آهي اُنهن ڪاڻ، جَن پَلاڻِيون پَرديس ڏي، وِيا پَرکِيا جِنهن پار، پوءِ سَعيو ڪَيائون ۽ سَختيون، سَٺئون صبر ساڻ، تِنهن پُڄاڻا تُنهن جو، صاحِب سُرت سُڄاڻ، پُورِئَ طرح پاڻ، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
جِنهن ڏِينهن هَر ڪو جان، اِيندو دَڙِيندو پاڻ لئي، ۽ جيڪِي ڪَيئـِين جَھان ۾، تِنهنجو پورو ڏِبسِ ڏان، ۽ ذرٖي جو زِيان، اَصل نه ڪَبو اُنهن جو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ مالِڪ ڏِنو مِثال، هِڪ سُکَـئـٖي سَهنجي شَهر جو، جَن تازو مِلندو روز هو، سَندنِ، جِتان ڪِٿان جال، پوءِ ڦِريا ڀَلي جي ڀَال کان؛ پوءِ اَلله جَلَّ جَلال، ڍَڪ بُکَ ۽ ڀَو جِي، چَکايَنِ چَڱِئَ چال، بَدلو تِنهن بَحال، ڪم ڪار، جي ڪَندا هُئا. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ آينِ پيغمبر پاڻ مان، پوءِ ڪوٺيئونسِ ڪُوڙو پَڪ، پوءِ آينِ سَزا سڪ، ۽ هُو بِلڪُل بي انصاف هُئا. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ کائو، تِنهن مان خُوب طرح، جيڪو مال حَلال، آن کي ربَّ روز ڏِنو، ۽ ڳايو ڀَلي جا ڀَال، ۽ بَندگِي بَحال، جي آهيو ڪَندا اُن جِي. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
بِلڪُل نه آن تي، بَند ڪيئـِين، مَگر ڪُل مُردار، رَت ۽ ماس مِرونءَ جو، پڻ جيڪا ڌڻِئَ کان ڌار، ويئـِي پُڪاري پَڌرِي، ڪِنهن ٻئي جي لئي ٻِيهار، مَگر مُحتاج اُن جو، بُک ڪنان بيزار، نه باغِي، بي فَرمان سو، نه لانگھائو، لاچار، بيشڪ بَخشڻهار، مالِڪ مِهربان گھڻو. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ جيڪِي زبانون اَهنجون، ٻَڌنِ ڪُوڙ ڪُلال! تن، مَ چئو مُورهِين، هِي حَرام، هِي حَلال، تان ٻڌو ڪوڙ ڪريم تي؛ سي مَهندان نه ڇُٽنِ مَجال، جي ٻَڌن ڪُوڙ ڪرِيم تي؛ |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
تَن ٿورو ڦَل فِى الحال، ۽ ساڙو سُورن نال، آخِرت ۾، اُنهن لئي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
جيڪِي يَهُودِيَن تي، مَنع ڪَئـِيسون مُور، ڪَيوسون قِصو تو مَٿي، مَهندِئين، سو مَذڪُور، ۽ نه ڪَيوسون، مَٿنِ ڪَلُور، پر پاڻهِي ڪَندا هُئا، پاڻ سان. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
موٽِي مالِڪ تُنهنجو، آهي اُنهن هارِ، بي وَقوفِئ کان بُڇڙا، ڪيا جن ڪم ڪار، تِنهن پُڄاڻا تُرت ٿِيا، توبه لئي تَيار، صَحِيح سُڌاريئون پاڻ کي، تِنهن کان پوءِ تڪرار، سَندئـِي رَبُّ، سَتار، مَرهِيندڙ ۽ مَهر ڀَريو. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ اِبراهِيم هو، اُمت ۽ اِمام، رُڳو سَندسِ رَبَّ جو، تابِعدار تَمام، ۽ هر گز نه هو هُمام، پَرَجي ، پُوڄارِيُن مان. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
ڳُڻ ڳائـِيندڙ اُن جو، ڌُئو کيسِ ڌَڻِي، ۽ سَنئـِين واٽ وڻِي، سائـِينءَ سُهائـِي اُن کي. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ ڏِنِي سُونسِ دُنيا ۾، نيڪِي نام نِهال، ۽ ڀَلن مَنجھان بَحال، اُهو آهي آخرت ۾. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
وَرِي ڪَيو سُونِئـِي وَحِي، ته وَٺ دِين اِبراهِيم، ٻِين کان، ڦِريل فَهِيْمَ، ۽ نه هو مُشرڪن مان مُورهين. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
ڇَنڇَر ڇَڙهو، تن مَٿي، جن ڪيو اُن ۾ اِختلاف، ڪندو ڏينهن قيام جي، تُنهنجو سائـِين صاف، اُنهن وِچ اِنصاف، جِنهن ۾، جَھڳڙن پاڻ ۾. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
تُنهنجي ربَّ جي راه ڏي، سَڏ حِڪمت سان هوشيار!، پڻ نَصِحيت نيڪ سان، ۽ ساڻِن دَڙ دِلدار! جيڪا چَڱِي، تِنهن چال سان؛ سَندئـِي رَبَّ، سَتار، جو وِرسيو سَندسِ، واٽ کان، تِنهن کان، واقِف ڪار، پڻ ڄاڻي ڄاڻـڻهار، جي سالِڪ، سَنئـِينءَ واٽ تي. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
۽ جي ويرو وَرتان، ته وير وَٺو، جِيئن آن کان وَرتئون وير، ۽ جي سَهِي سَگهو ته، خَير، سُهڻو سَهندڙن لئي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
۽ سَھ، ۽ سَهڻ نه تُنھنجو، سوا رَبَّ، سَتار، ۽ تَنگِي، تَڪلِيف جِي، نَه مَٿنِ ڪَر مَيار، ۽ نه تِنهن کان، گُھٽ ۾ گھار تون، جيڪِي مَڪر ڪَن مَڪار، |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
اَلله ٻِيليِ اُنهن جو، جي رَکن سِيل سَچَّار، پڻ سارِي سَڀ ڄَمار، هَلندڙ حُسن سُلوڪ سان. |