أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
الله جو حڪم ڄاڻو ته پهچي ويو. پوءِ ان جي لاءِ تڪڙ نه مچايو. (۽ انتظار ڪريو) الله جي ذات انهن ڳالهين کان پاڪ ۽ بلند آهي جيڪي شرڪ جون ڳالهيون، اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي ٿو تنهن ڏانهن پنهنجي حڪم سان فرشتن کي الروح (يعني وحي) سان موڪلي ٿو. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي هن حقيقت بابت خبردار ڪري ته مون الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي تنهن ڪري مون کان ڊڄو (۽ انڪار ۽ بدعمليءَ کان باز اچو.) |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
هن آسمان ۽ زمين جو هيءُ سڄو ڪارخانو تدبير ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو بي سود ۽ بي مقصد) سندس ذات هن ڳالهه کان (پاڪ ۽) بلند آهي جا شرڪ جي ڳالهه هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
هن انسان کي نطفي (جي هڪ ڦڙي) مان پيدا ڪيو، پوءِ ڏسو هو هڪ بحث ڪرڻ وارو ۽ اڀرندڙ وجود ٿي پيو. |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ (ڏسو) هن چوپايا جانور (ڍور ڍڳا) پيدا ڪيا آهن، انهن مان (يعني انهن جي کل ۽ پشم مان) اوهان جي لاءِ گرم رکڻ واري پوشاڪ ٺهي ٿي ۽ پڻ اوهان کي انهن جانورن مان گهڻائي ٻيا فائدا ملن ٿا ۽ انهن ۾ اهڙا جانور به آهن جن جو گوشت توهان کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ (ڏسو ته) انهن ۾ توهان جي اکين لاءِ ڪهڙي نه سونهن ۽ سهڻائي رکيل آهي، جڏهن توهان شام جي وقت انهن کي (چارڻ بعد) موٽائي گهر آڻيو ٿا ۽ جڏهن صبح جو (چراگاهه ڏانهن) وٺي وڃو ٿا (تڏهن انهن جو نظارو توهان کي ڪهڙو نه سهڻو ۽ وڻندڙ لڳي ٿو). |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ (وري ڏسو ته) اهي ئي جانور آهن جي توهان جا (واپار ۽ سامان جا) بار اهڙن (پري وارن) شهرن تائين کڻي وڃن ٿا جن تائين توهان وڏي سخت تڪليف کان سواءِ پهچي نٿا سگهو. بيشڪ توهان جو پروردگار وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ (ڏسو) هن گهوڙا، خچر ۽ گڏهه پيدا ڪيا آهن ته توهان انهن کان سواريءَ جو ڪم وٺو ۽ انهن ۾ سونهن ۽ رونق به آهي ۽ هو ٻيون به گهڻيون ئي شيون پيدا ڪري ٿو جن جي توهان کي خبر ئي ڪانهي. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ هي الله جو ڪم آهي ته حق جي واٽ چٽي ڪري ڏيکاري. ۽ واٽن ۾ ڏنگيون ڦڏيون واٽون به آهن. جيڪڏهن هو چاهي ها ته توهان سڀني کي (هڪ ئي) واٽ تي هلائي ها (۽ مختلف واٽون هتي پيدا ئي نه ٿين ها. پر توهان ڏسو ٿا ته مختلف واٽون ٿيون ۽ سندس حڪمت جو فيصلو اهوئي ٿيو) |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اهوئي (الله) آهي جو آسمان مان پاڻي ٿو وسائي ان مان ڪجهه ته توهان جي پيئڻ جي ڪم ٿو اچي ۽ ڪجهه (زمين کي ريج ڏئي ٿو. جنهن جي ڪري) وڻن جا ٻيلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ توهان انهن ۾ پنهنجا ڍور ڍڳا چاريو ٿا. |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
انهيءَ ئي پاڻي سان هو توهان جي لاءِ (هر قسم جي اناجن جون) پوکون به پيدا ڪري ٿو ڇڏي، پڻ زيتون، کارڪون، انگور ۽ ٻيا هر طرح جا ميوا پيدا ڪري ٿو. (يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏي نشاني آهي، جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ (ڏسو) هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن سج ۽ چنڊ مسخر ڪري ڇڏيا (جو توهان جا ڪم سر انجام ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن) ۽ اهڙيءَ طرح تارا به سندس حڪم سان توهان جي لاءِ مسخر ٿي ويا آهن، يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ زمين جي مٿاڇري تي طرحين طرحين رنگن واريون شيون جي توهان جي لاءِ پيدا ڪري ڇڏيون اٿس (تن تي به غور ڪيو) بيشڪ هن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي سوچ سمجهه وارا آهن. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيو ته ان مان تازو (۽ نرم ۽ لذيذ) گوشت (مثلاً مڇيءَ جو گوشت) حاصل ڪري کائو ۽ زيورن جون (قيمتي ۽ سهڻيون موتين جهڙيون) شيون ٻاهر ڪڍو جن کي سينگار ۽ سونهن لاءِ پائيندا آهيو. پڻ توهان ڏسو ٿا ته جهاز پاڻيءَ کي چيريندا هليا وڃن ٿا، انهيءِ لاءِ ته توهان خدا جو فضل تلاش ڪيو (يعني جهازن جي وسيلي واپار ڪيو دولت ڪمايو ۽ هڪ ملڪ جون نعمتون ٻين ملڪن ۾ پهچايو) ۽ (سندس نعمتن جو قدر ڪري) شڪرگذار رهو. |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ (ڏسو) انهيءَ ئي زمين تي جبل کڙا ڪيا آهن ان لاءِ ته متان اها زمين اوهان کي کڻي (ڪنهن طرف) جهڪي پوي ۽ هن نهرون وهائي ڇڏيون آهن ۽ رستا ڪڍيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان (برن ۽ بحرن جون واٽون لتاڙي) پنهنجي منزل تي پهچي وڃو. |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ (ڏسو) هن (مسافرن جي واٽن لاءَ طرحين طرحين) علامتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ تارن جي وسيلي ماڻهو (برن ۽ بحرن ۾) واٽ لهن ٿا، (يعني تارن جي وسيلي نه رڳو روشني ٿئي ٿي پر طرفن جي به خبر پوي ٿي.) |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
پوءِ (ٻڌايو ته) ٻئي هستيون برابر آهن ڇا؟ اها هستي جا پيدا ڪري ٿي (يعني جنهن جي ربوبيت جي فيضان هيءُ سڄو ڪارخانو بنائي ڇڏيو آهي) ۽ اها هستي جا ڪجهه به پيدا نٿي ڪري (بلڪ پاڻ پنهنجي هستيءَ جي لاءِ به پروردگار جي ربوبيت جي محتاج آهي) پوءِ ڇا توهان ايتريو به سمجهي نٿا سگهو؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته بي شمار آهن جو) توهان هرگز ڳڻي ڪونه سگهندؤ. بيشڪ الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا (سو کانئس لڪل ڪونهي.) |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ الله کان سواءِ جن هستين کي هي ماڻهو پڪارين ٿا سي ڪابه شيءِ پيدا ته ڪري نٿا سگهن پر پاڻ خود (ڪنهن جا) پيدا ڪيل آهن. |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
هو مئل مردا آهن نه جيئرا. کين اها به خبر ناهي ته ڪڏهن (موت بعد) اٿاريا ويندا. |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
توهان جو معبود ته هڪ ئي معبود آهي. (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) پوءِ جيڪي ماڻهو آخرت جي زندگيءَ تي يقين نٿا رکن تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن. هو (سچائيءَ جي مقابلي ۾) هٺ وڏائي ڪري رهيا آهن. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
يقيناً (الله تعاليٰ هنن جي حال کان بي خبر ناهي) اهي ماڻهو جيڪي جيڪي (دل ۾) لڪائين ٿا ۽ جيڪي جيڪي ظاهر ڪري چئي ڏين ٿا سو سڀ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. هو هٺ وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن انهن ماڻهن کان پڇيو وڃي ٿو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا توهان جي پروردگار نازل ڪئي آهي؟ تڏهن هو چون ٿا ته اها ڪجهه ناهي، فقط اڳين وقتن جا افسانا ۽ ڪهاڻيون آهن. |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
(هنن جي انهيءَ چوڻ جو نتيجو هيءُ ٿيندو ته) هو قيامت جي ڏينهن (پنهنجي گناهن جو) پورو پورو بار کڻندا ۽ انهن ماڻهن جي بار جو به هڪ حصو کڻندا جن کي علم ۽ روشنيءَ کان سواءِ (اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي) گمراهه ڪري رهيا هئا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه خراب بار آهي، جو هو پاڻ تي لڏي هليا آهن. |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
ياد رکو ته، هنن کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن تن به (حق جي خلاف) تدبيرون ڪيون هيون، پر (نتيجو ڪهڙو نڪتو؟) هنن پنهنجي تدبيرن جي جيڪا عمارت بنائي هئي تنهن جي بنياد جون سرون به الله تعاليٰ اکوڙي ڇڏيون. پوءِ انهن جي مٿان (سندن ئي بنايل) ڇت اچي ڪري ۽ اهڙي طرف کان ۽ اهڙيءَ طرح مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو، جنهن جو کين وهم ۽ گمان به ڪونه هو. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
پوءِ (ان بعد) قيامت جو ڏينهن (اچڻو آهي. ان ڏينهن هو) انهن (ڪافرن) کي خوار خراب ڪندو ۽ پڇندو ته اڄ اهي هستيون ڪاڏي ويون جن کي توهان مون سان شريڪ بنايو هو ۽ جن جي باري ۾ توهان (حق جي دعوت ڏيندڙن سان) جهڳڙا ڪندا هئو (۽ مخالفت ڪندا هئو؟ ان وقت) اهي ماڻهو جن کي (حقيقت جو) علم ڏنو ويو هو چوندا ته، بيشڪ اڄوڪي ڏينهن جي خواري خرابي سراسر ڪافرن جي لاءِ آهي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
(انهن ڪافرن جي لاءِ خواري خرابي آهي جو) جڏهن فرشتن انهن جا روح قبض ڪيا هئا، تڏهن به پنهنجي جانين تي پاڻ پنهنجي هٿن سان ظلم ڪندا رهيا هئا. (يعني موت تائين گناهه ڪندا رهيا) انهيءَ وقت اهي (ڪافر) فرمانبرداري جو اظهار ڪندا. چوندا ته اسان (پنهنجي علم ۽ عقل موجب) ڪابه برائي ڪانه ڪئي. (علم وارا جواب ڏيندا ته توهان غلط آهيو) توهان ضرور برائي ڪئي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪندا رهيا هئو سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
تنهن ڪري هاڻي توهان جي لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ دروازي کان (ٽوليون ٽوليون ٿي) داخل ٿي وڃو. توهان کي هميشه لاءِ ان ۾ رهڻو آهي. سو (ڏسو حق جي مقابلي ۾) تڪبر ڪرڻ وارن جي ڪهڙي نه خراب رهڻ جي جاءِ ٿي! |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ (جڏهن) متقي ماڻهن کان پڇيو ويندو ته، اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا توهان جي پروردگار نازل ڪئي آهي؟ تڏهن هنن چيو ته، بلڪل خير ۽ برڪت جي ڳالهه آهي. (سو ڏسو ته) جن ماڻهن هن دنيا ۾ چڱايون ڪيون تن جي لاءِ (هتي به) چڱائي آهي ۽ يقيناً (هنن لاءِ) آخرت جو گهر به خير ۽ برڪت ئي جو گهر آهي. پوءِ متقي ماڻهن جو (جنت ۾) گهر ڪهڙو نه چڱو گهر ٿيو! |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
(اهو آخرت جو گهر آهي) دائمي (رحمت ۽ خوشي جا باغ) جن ۾ اهي (متقي) داخل ٿيندا. انهن باغن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري ڪڏهن به سڪي ڪونه وينديون) اهي متقي اتي جيڪي به چاهيندا سو انهن جي لاءِ مهيا ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ متقين کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيندو آهي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
اهي (متقي) جن کي فرشتا هن حال ۾ موت ڏين ٿا جو (هو دل جي آرام ۽ ايمان جي يقين سببان) خوشحال ٿين ٿا. فرشتا کين چون ٿا ته توهان تي سلامتي هجي، جنت ۾ داخل ٿي وڃو. اهو نتيجو آهي انهن (نيڪ) ڪمن جو جي توهان ڪندا رهيا آهيو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
(اي پيغمبر) هي ماڻهو جو انتظار ڪري رهيا آهن، سو ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن، سواءِ هن ڳالهه جي ته فرشتا هنن ڏانهن لهي اچن يا تنهنجي پروردگار جو (مقرر) حڪم ظهور ۾ اچي؟ ائين ئي انهن ماڻهن به ڪيو هو، جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن (جو سرڪشي ۽ فساد کان باز نه آيا، تان جو خدائي حڪم يعني شڪست ۽ عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو) ۽ الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪونه ڪيو هو، بلڪ هو پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
نتيجو هي نڪتو جو جهڙا هنن جا عمل هئا تهڙيون مصيبتون مٿن اچي ڪڙڪيون ۽ جنهن ڳالهه تي مسخريون ڪندا هئا (۽ چوندا هئا ته عذاب ايندو ئي ڪونه) سو عذاب انهن کي گهيرو ڪري ويو. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ مشرڪ چون ٿا ته، جڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، ڪڏهن به ائين نه ٿئي ها جو اسان يا اسان جا ابا ڏاڏا الله کانسواءِ ٻين هستين جي پوڄا ڪن ها، نڪي ائين ٿئي ها جو سندس حڪم کان سواءِ ڪنهن شيء کي حرام ٺهرايون ها. اهڙي ئي روش انهن ماڻهن به اختيار ڪئي هئي جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن. پوءِ (ٻڌايو ته) پيغمبرن جي ذمي هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي ته حق جو پيغام صاف صاف پهچائي ڏين. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان (دنيا جي) هر امت ۾ ڪوئي نه ڪوئي رسول ضرور پيدا ڪيو (انهيءَ لاءِ ته انهيءَ حق جي پيغام جو اعلان ڪري) ته الله جي ٻانهپ ڪيو ۽ سرڪش (شيطاني) قوتن کان بچو. پوءِ انهن امتن مان ڪي اهڙيون هيون جن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ۽ ڪي اهڙيون هيون جن تي گمراهي ثابت ٿي ويئي. (يعني جن سمجهه ڪم آندي ۽ حقيقت کي قبول ڪيائون تن کي خدا به چڱيءَ واٽ تي آندو، پر جن تڪبر ۽ خود غرضي سببان عقل ئي ڪم نه آندو ۽ پنهنجي ضد تي قائم رهيا تن کي خدا به گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ اهي گمراهيءَ جي لائق هئا) پوءِ توهان ملڪن جو سير ڪيو ۽ ڏسو ته جيڪي قومون (سچائي کي) رد ڪرڻ واريون هيون تن جي پڇاڙي (آخرت) ڪهڙي نه خراب ٿي. |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي پيغمبر!) تون هنن ماڻهن جي هدايت لاءِ ڪيترو به خواهشمند ٿيئن. پر (هو هدايت ڪونه وٺندا، ڇو ته) الله تعالي انهيءَ ماڻهو لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڪڏهن به نٿو کولي جنهن لاءِ (سندس ضد ۽ سرڪشيءَ سببان) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي. ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪوئي مددگار به ڪونهي (جو کين بدعملن جي نتيجن کان بچائي وٺي.) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ (ڏسو) انهن ماڻهن الله جا سخت ۾ سخت قسم کڻي چيو ته، جيڪو مري ٿو وڃي تنهن کي الله ٻيهر ڪڏهن به نه اٿاريندو. (هو غلط آهن) خدا ضرور ٻيهر اٿاريندو. اهو سندس واعدو آهي. ۽ ان جو پورو ڪرڻ مٿس لازم آهي. پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جو هن ڳالهه جو علم (ئي) ڪونه اٿن. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
(الله تعاليٰ ضرور ماڻهن کي قيامت لاءِ اٿاريندو) هن لاءِ ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪن ٿا تن ڳالهين جي حقيقت (ان ڏينهن ڪافرن لاءِ به) چٽي ڪري ڇڏي ۽ پڻ هن لاءِ ته منڪرن کي خبر پوي ته هو (سچ پچ غلط ۽) ڪوڙا هئا. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
جڏهن اسان ارادو ڪيون ٿا ته ڪا شيء پيدا ڪيون تڏهن اسان فقط هي چئون ٿا ته، ٿيءُ ته بس اها شيءِ (پيدا) ٿي پوي ٿي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ (ياد رکو) جن ماڻهن تي (سندن ايمان آڻڻ جي ڪري) ظلم ٿيا ۽ ظلمن سهڻ بعد هنن الله جي راهه ۾ هجرت ڪئي تن کي اسان ضرور دنيا ۾ چڱي رهڻ جي جاءِ ڏينداسين ۽ آخرت جو بدلو ته ان کان گهڻو گهڻو وڌيڪ ۽ بهتر آهي، جيڪڏهن هي ماڻهو ڄاڻن (۽ سمجهن). |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
اهي ماڻهو جيڪي (هر قسم جي مصيبتن ۾) ثابت قدم رهيا ۽ جن پنهنجي پروردگارتي ڀروسو رکن ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان جيڪي به رسول موڪليا سي ماڻهو هئا (نه فرشتا) اسان هنن ڏي وحي موڪليندا هئاسين، پوءِ (اي حق جا منڪرؤ) جيڪڏ هن اوهان کي هيءَ ڳالهه معلوم ناهي ته انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي (خدائي ڪتابن جو) علم ۽ سمجهه رکن ٿا (يعني اهل ڪتاب عيسائين ۽ يهودين کان پڇي ڏسو ته، سندن پيغمبر انسان هئا يا فرشتا؟) |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
اسان انهن رسولن کي روشن دليلن ۽ ڪتابن سان موڪليو هو (يعني انهن تي وحي رستي ڪتاب نازل ڪيا هئاسين) ۽ (ساڳيءَ طرح) توتي به الذڪر (عيني قرآن) نازل ڪيو اٿئون، انهيءَ لاءِ ته جيڪا تعليم ماڻهن جي لاءِ موڪلي ويئي آهي، سا انهن کي چٽي ڪري سمجهائين، پڻ هن لاءِ ته هو غور ۽ فڪر ڪن (۽ هدايت جي راهه حاصل ڪن). |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
پوءِ جن ماڻهن برن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ بريون تدبيرون (اختيار) ڪيون آهن سي هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن، ڇا ته الله تعاليٰ کين زمين ۾ پوري ڇڏي يا ڪنهن اهڙي نموني اوچتو مٿن عذاب اچي ڪڙڪي جنهن جو کين وهم ۽ گمان به ڪونه هجي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا (هيئن ٿئي جو جنهن وقت هو پنهنجي برين ڪوششن ۾) ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا هجن تنهن وقت خدائي عذاب اچي مٿن ڪڙڪي؟ جنهن ڪري هو الله (جي تدبيرن) کي (پنهنجي تدبيرن سان) روڪي ڪونه سگهندا. |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا (هيئن ٿئي جو الله تعاليٰ) هنن کي (پهريائين) خوف ڏئي (۽ خبردار ڪري) پوءِ کين پڪڙ ڪري، ڇو ته بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏو مهربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا هنن ماڻهن الله تعاليٰ جي مخلوقات مان ڪنهن به شيءِ تي غور نه ڪيو آهي؟ (هنن ڪونه ڏٺو آهي ڇا ته) هر هڪ شيءِ جو پاڇو ساڄي طرف کان ۽ کاٻي طرف کان لڙندو رهي ٿو ۽ الله جي اڳيان سجدو ڪندو لڙندو وڃي ٿو ۽ (ڪونه ڏٺو اٿن ڇا ته) سڀ (شيون ۽ جانور) الله جي اڳيان عاجز ۽ نماڻا آهن. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ آسمانن ۾ جيڪي به شيون آهن ۽ زمين تي جيڪي به جانور آهن سي سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهن ۽ فرشتا به سجدي ۾ ڪريل آهن. اهي تڪبر ۽ سرڪشي ڪونه ٿا ڪن. |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
هو پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهن ٿا جو هنن جي مٿان موجود آهي ۽ جيڪو به حڪم کين ڏنو وڃي ٿو تنهن جي تعميل ڪن ٿا. |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، پنهنجي لاءِ ٻه ٻه معبود نه ٺهرايو ۽ بنايو. حقيقت فقط هيءَ آهي ته اهو (الله) ئي هڪ معبود آهي. (سو ڏسو ته) فقط مان ئي (معبود) آهيان، تنهن ڪري فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجا حڪم مڃو). |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
جيڪي جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو انهيءَ الله جي لاءِ ئي آهي ۽ انهيءَ ئي لاءِ دين (۽ فرمانبرداري) آهي هميشه جي لاءِ، پوءِ ڇا توهان الله کان سواءِ ٻين هستين کان ڊڄو ٿا؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ نعمتن مان جيڪي به نعمتون توهان کي حاصل ٿيل آهن، سي سڀ الله ئي جي طرف کان آهن. پوءِ جڏهن توهان کي ڪو ايذاءُ يا مصيبت پهچي ٿي تڏهن توهان انهيءَ ئي جي اڳيان آهه زاري ڪيو ٿا. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
پوءِ جڏهن (هيئن ٿئي ٿو جو هو) اوهان کان اهو ڏک دور ڪري ٿو ڇڏي، (۽ مصيبت لاهي ٿو ڇڏي) تڏهن توهان مان هڪ ٽولي هڪدم پنهنجي پروردگار سان ٻين هستين کي شريڪ بنائڻ لڳي ٿي. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
ته جيڪا نعمت اسان کيس عطا ڪئي هئي تنهن جي (پوريءَ طرح) بي شڪري ڪري. چڱو! (حياتيءَ جا ٿورا ڏينهن) مزا ماڻي وٺو. پوءِ هڪڙو وقت ايندو جڏهن (پنهنجي بي شڪرين جو نتيجو) معلوم ڪري وٺندو. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ وري (ڏسو) اسان جيڪو رزق هنن کي عطا ڪيو آهي، تنهن مان انهن هستين جو حصو به ٺهرائين ٿا جن جي حقيقت جي کين خبر به ڪانهي. خدا جو قسم! توهان کان ضرور هن باري ۾ پڇاڻو ڪيو ويندو ته (حقيقت جي خلاف) ڪهڙا ڪهڙا ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندا رهيا آهيو. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ اهي ماڻهو الله جي لاءِ ڌيئرون ٺهرائين ٿا. پاڪائي هجي الله جي لاءِ! (ڀلا الله جي لاءِ ڌيئر!) ۽ سندن لاءِ وري اهي جن جي لاءِ خواهشمند آهن (يعني پٽ). |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
جڏهن انهن ماڻهن مان ڪنهن کي ڌيءُ جي ڄمڻ جي خبر ڏني وڃي ٿي تڏهن (رنج ۽ غم کان) ان جو منهن ڪارو ٿي ٿو وڃي، ۽ ڏک ۾ ڀرجي ٿو وڃي. |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
جنهن ڳالهه جي خبر (کيس) ڏني ويئي آهي سا (هن جي نظر ۾) اهڙي ته بڇڙائي جي ڳالهه آهي جو (شرم ۾ ٻڏي) ماڻهن کان لڪندو رهي ٿو (۽ سوچيندو رهي ٿو ته) سر تي خواري کڻي ڌيءُ کي ائين ڇڏي پاڻ وٽ رکان يا مٽي ۾ پوري ڇڏيانس (ته مري وڃي). افسوس انهن ماڻهن تي! ڪهڙو نه برو فيصلو آهي جو هو ڪن ٿا. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
(حقيقت هيءَ آهي ته) جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن تن جي لاءِ (ائين ئي ٿيڻو آهي ته) هو (الله جي صفتن جو) برو تصور ڪن (يعني الله تعاليٰ کي برين صفتن وارو ٺهرائين) حالانڪه الله جي لاءِ ته (هر طرح) بلند ترين تصور آهي (ته هو اعليٰ ۽ ڪامل صفتن سان موصوف آهي) هو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ ماڻهن کي سندن ظلم سببان (هڪدم) پڪڙ ڪري ها ته زمين جي مٿاڇري تي هڪ به چرڻ پرڻ وارو (ساهه وارو) باقي نه ڇڏي ها. پر هو هڪ خاص ٺهرايل وقت تائين مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن اهو مقرر وقت اچي پهچي ٿو تڏهن نڪي هڪ گهڙي اُهي ماڻهو پوئتي رهي سگهن ٿا نه هڪ گهڙي اڳتي. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ هي ماڻهو الله سان اهڙيون ڳالهيون منسوب ڪن ٿا جن کي خود (پنهنجي لاءِ به) پسند نٿا ڪن. هنن جون زبانون ڪوڙيون دعوائون ڪن ٿيون (۽ هو چون ٿا) ته هنن جي لاءِ چڱائي ئي چڱائي آهي. نه نه! بلڪ هنن لاءِ (دوزخ جي) باهه آهي. بيشڪ اهي سڀني کان اڳ ۾ ان (باهه) ۾ پوڻ وارا آهن. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي پيغمبر!) هن ڳالهه جي سچائي تي اسان پاڻ شاهد آهيون ته اسان توکان اڳي ڪيترن ئي امتن ڏي رسول موڪليا. پوءِ (ڇا ٿيو جو) شيطان ماڻهن کي سندن بدعمل سهڻا ڪري ڏيکاريا) (هنن سچائيءَ جي دعوت تي عمل نه ڪيو) اهوئي شيطان اڄ به هنن (مڪي جي ڪافرن) جو رفيق آهي ۽ (آخر) هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ اسان توتي الڪتاب (يعني قرآن) فقط هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته جن ڳالهين ۾ هي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن، تن جي حقيقت انهن لاءِ چٽي ڪري ڇڏين ۽ اهو ڪتاب مؤمنن لاءِ هدايت ۽ رحمت ٿئي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو. پوءِ ان (جي ريج) سان زمين کي، جا مري چڪي هئي (نئين سر) زنده ڪري (سرسبز ۽ آباد ڪري) ٿو ڇڏي. بيشڪ هن صورت حال ۾ انهن ماڻهن لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي (حق جي دعوت کي دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين جانورن ۾ (سوچڻ سمجهڻ جي) وڏي عبرت آهي. (ڏسو) اسان انهن جي جسم مان رت (مُٽ ۽) ڇيڻن واري گندگيءَ جي وچ ۾ کير پيدا ڪيون ٿا. اهو کير پيئڻ وارن لاءِ اهڙو ته خالص ۽ لذيذ ٿئي ٿو جو (وڏي شوق سان) اهو کڻي پيئي وڃن ٿا. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
(اهڙيءَ طرح) انگور جي وڻن جا ميوا آهن جن مان نشو ڪندڙ عرق ۽ پڻ چڱي وڻندڙ ۽ مفيد غذا، (ٻنهي قسمن جون شيون) حاصل ڪيو ٿا، بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ (فهم ۽ بصيرت جي) هڪ (وڏي) نشاني آهي جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ (ڏسو) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وجهي ڇڏي ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ انهن جاين ۾ جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ٺاهيون وڃن ٿيون، پنهنجو مانارو ٺاهه. |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
پوءِ هر قسم جي گلن مان رس چوسيندي وتُ، پوءِ پنهنجي پروردگار جي ٺهرايل واٽن تي پوري فرمانبرداريءَ سان گامزن ٿيءُ. (سو ڏسو) سندس پيٽ مان مختلف رنگن جي رس نڪري ٿي. ان ۾ انسان جي لاءِ شفا آهي. بيشڪ هن صورت حال ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ (ڏسو) الله ئي اوهان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ اهوئي آهي جو توهان جي زندگي پوري ڪري ٿو (يعني ماري ٿو) ۽ اوهان ۾ ڪو اهڙو به ٿئي ٿو جو (پوڙهائيءَ جي) انتهائي عمر تائين پهچي ٿو. تان جو (علم ۽ عقل جي) سمجهه رکڻ بعد وري اهڙو نادان ٿي وڃي ٿو جو ڪجهه به نٿو ڄاڻي. بيشڪ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (هر ڳالهه جي) قدرت رکندڙ آهي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان رزق جي باري ۾ بهتري ڏني آهي (جو ڪي زياده ڪمائين ٿا ۽ ڪي گهٽ) پوءِ ائين ڪونه ٿو ٿئي جو جنهن کي زياده رزق ڏنو ويو آهي سو پنهنجو رزق پنهنجي زيردستن کي ڏيئي ڇڏي. حالانڪ سڀ ان ۾ هڪ جهڙا حقدار آهن. پوءِ ڇا هي ماڻهو الله جي نعمتن کان صريحاً منڪر ٿي رهيا آهن؟ |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان ۾ ئي اوهان جي لاءِ جوڙا پيدا ڪري ڇڏيا آهن (يعني مرد جي لاءِ عورت ۽ عورت جي لاءِ مرد) ۽ توهان جي جوڙن مان توهان جي لاءِ پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا آهن (۽ ائين ڪرڻ سان اوهان جو خاندان وسيع ٿي ويو آهي. توهان سڀ آدم جا پوٽا آهيو ۽ هڪ ڪٽنب آهيو) پڻ توهان جي روزيءَ لاءِ چڱيون چڱيون شيون مهيا ڪري ڇڏيون اٿس. پوءِ ڇا هي ماڻهو ڪوڙيون ڳالهيون ته مڃي وٺن ٿا پر الله جي نعمتن جي حقيقت کان انڪار ٿا ڪن. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
اهي الله کان سواءِ انهن هستين جي پوڄا ٿا ڪن جي آسمان ۽ زمين مان رزق ڏيڻ جو ڪجهه به اختيار نٿا رکن ۽ نه انهن کي ڪنهن به (اهڙي) ڳالهه ڪرڻ جي طاقت آهي. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
پوءِ (دنيا جي بادشاهن جو مثال وٺي پنهنجي ڪم عقليءَ کان) الله جي لاءِ مثال نه گهڙيو ۽ ٺاهيو. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
الله تعاليٰ هڪڙو مثال بيان ڪري ٿو (ان تي غور ڪيو) هڪڙو غلام آهي جو ڪنهن ٻئي ماڻهو جي ملڪيت آهي. اهو غلام پاڻ ڪنهن به ڳالهه جي طاقت يا اختيار نٿو رکي ۽ هڪ ٻيو ماڻهو آهي (خود مختيار) اسان پنهنجي فضل سان هن کي چڱو رزق ڏنو آهي، ۽ هو ظاهرظهور توڙي مخفي طرح (جيئن وڻيس ٿو تيئن) ان کي خرچ ڪري ٿو هاڻي ٻڌايو ته ڇا اهي ٻئي ماڻهو برابر ٿي سگهن ٿا (پوءِ توهان ڪيئن ٿا مخلوق کي خالق سان شريڪ ڪري برابر بنايو؟) سڀ ۽ خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (ان جي برابر ڪوبه ڪونهي) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه) نٿا ڄاڻن. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ هڪ (ٻيو) مثال بيان ٿو ڪري، ٻه ماڻهو آهن هڪ گونگو آهي، ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ جي طاقت ڪانهيس، پنهنجي مالڪ تي ٻوجهه ۽ بار آهي. ڪاڏي موڪليس ته ڪابه چڱائي جي ڳالهه هن کان ڪانه ٿي صادرٿئي ۽ ٻيو اهڙو آهي جو (گونگي هئڻ بدران) ماڻهن کي عدل ۽ انصاف جي ڳالهين جو حڪم ڏئي ٿو ۽ پاڻ به (عدل ۽ سچائيءَ جي) سڌيءَ راهه تي آهي. ڇا پهريون ماڻهو ۽ هي ٻيو ماڻهو برابر ٿي سگهن ٿا؟ |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ آسمانن ۽ زمين جون جيڪي به مخفي ڳالهيون آهن، تن سڀني جو علم الله ئي کي آهي ۽ (اچڻ وارو) مقرر وقت جو معاملو اهڙو سمجهه جهڙو اک جو ڇنڀڻ بلڪ ان کان به تڪڙو. بيشڪ الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ مان ٻاهر آندو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ آندو جو اوهان (ٻاراڻي حالت ۾) ڪجهه به نه ڄاڻندا هئو. پوءِ توهان جي لاءِ ٻڌڻ ڏسڻ ۽ عقل هلائڻ جون قوتون پيدا ڪيائين، انهيءِ لاءِ ته توهان شڪرگذار رهو. (يعني انهن نعمتن جو قدر ڪري انهن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي خوشحال ٿيو.) |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا هو پکين کي نٿا ڏسن جي آسمان جي فضا ۾ مطيع ۽ فرمامبردار (اڏامي رهيا) آهن. الله کان سواءِ ڪير آهي جو هنن کي (مٿي) جهليون بيٺو آهي. بيشڪ ايمان وارن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (حق جي قدرت جون) وڏيون ئي نشانيون آهن. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان جي گهرن کي اوهان جي لاءِ رهڻ ۽ آرام وٺڻ جي جاءِ بنايو آهي. پڻ توهان جي لاءِ چوپاين جانورن جي کلن مان گهر ٺاهيا آهن. (يعني خيما ۽ تنبو جن کي پاڻ سان کنيون وتندا آهيو) ڪوچ ڪيو يا ٽڪي پئو، ٻنهي حالتن ۾ تمام هلڪا آهن ۽ وري انهن چوپاين جانورن جي اُن مان، پشم مان ۽ وارن مان ڪيترو ئي سامان ۽ مفيد شيون آهن جي هڪ خاص وقت تائين ڪم ڏين ٿيون. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله تعاليٰ پنهنجي خلقيل شين مان توهان جي لاءِ ڇانوَ پيدا ڪئي آهي (جو جن کي تنبو ناهن ته وڻن جبلن وغيره جي ڇانو ۾ پناهه ٿا وٺن) ۽ جبلن ۾ پناهه وٺڻ جون جايون بنايون آهن، ۽ لباس پيدا ڪيو آهي جو (لڪ ۽ جهولي جي) گرميءَ کان بچائي ٿو. پڻ لوهو لباس (يعني زره ڍال وغيره) جو هٿيارن جي زد کان بچائي ٿو. ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجو نعمتون پوريءَ طرح بخشي رهيو آهي، انهيءَ لاءِ ته سندس اڳيان (فرمابرداريءَ ۾) جهڪي وڃو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن انهيءَ هوندي به ماڻهو منهن موڙين (۽ سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿين) ته (فڪر نه ڪر) تنهنجي ذمي جيڪي آهي سو آهي فقط صاف صاف حق جو پيغام پهچائي ڏيڻ. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
اهي ماڻهو الله جي نعمتن کي سڃاڻين به ٿا، تڏهن به انهن کان انڪار ڪن ٿا ۽ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن، جن کي سچائيءَ کان (قطعي) انڪار آهي. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ جنهن ڏينهن (هيئن ٿيندو جو) اسان هرهڪ امت مان هڪ شاهد (يعني پيغمبر) اٿاري کڙو ڪنداسين تنهن ڏينهن پوءِ ڪافرن کي (ڳالهائڻ جي) موڪل نه ڏني ويندي، نڪي کين چيو ويندو ته توبهه ڪريو. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي سو جڏهن عذاب پنهنجي سامهون ڏسندا تڏهن ائين هرگز نه ٿيندو جو انهن لاءِ عذاب کي هلڪو ڪيو ويندو، نڪي کين مهلت ملندي. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن، الله سان شريڪ ٺهرايا آهن سي جڏهن (قيامت جي ڏينهن) پنهجي ٺهرايل شريڪن کي ڏسندا تڏهن پڪاري چوندا ته اي پروردگار هي آهن اسان جا (ٺهرايل) شريڪ جن کي اسان توکان سواءِ پڪاريندا هئاسين، تنهن تي اهي (ٺهرايل شريڪ) انهن ڏانهن پنهنجو جواب موڪليندا ته، نه توهان بلڪل ڪوڙا آهيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ انهيءَ ڏينهن بيشڪ الله جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائيندا ۽ اهي سڀ ڪوڙا ٺاهه جي (دنيا ۾) ٺاهيندا هئا کانئن گم ٿي ويندا. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪيو (تن جي شرارتن جي بدلي ۾) اسان کين عذاب مٿان عذاب نازل ڪنداسون (هڪڙو عذاب ڪفر جو ۽ ٻيو ٻين ماڻهن کي حق کان روڪڻ جو). |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ انهيءَ ڏينهن اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد (يعني پيغمبر) اٿاري کڙو ڪنداسين جو انهن مان ئي هوندو (۽ ٻڌائيندو ته ڪهڙيءَ طرح هن حق جو پيغام پهچايو ۽ ڪهڙيءَ طرح ماڻهن اهو ٻڌو مڃيو) ۽ (اي پيغمبر!) توکي هنن ماڻهن جي لاءِ (جيڪي توکي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن) شاهد بنائينداسين. (انهيءَ ئي ڪري) اسان توتي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي (دين جي) سڀني ڳالهين کي چٽو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ۽ هن لاءِ ته مسلمانن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت ۽ خوشخبري ٿئي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
(مسلمانو!) الله تعاليٰ حڪم ٿو ڏئي ته (هر معاملي ۾ ۽ هرهڪ ڳالهه ۾) انصاف ڪيو، (سڀني سان) ڀلائي ۽ نيڪي ڪيو ۽ مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪيو- ۽ هو اوهان کي (هنن ڳالهين کان) روڪي ٿو، بي حيائيءَ جي ڳالهين کان، هر قسم جي برائين ۽ گناهن کان ۽ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ڪمن کان، هو توهان کي نصيحت ٿو ڪري انهيءَ لاءِ ته (سمجهو ۽) نصيحت وٺو. |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن توهان پاڻ ۾ واعدو يا عهدنامون ڪيو ته (سمجهي ڇڏيو ته ڄڻ الله سان عهد ڪيو اٿوَ) پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله جو عهد پورو ڪيو ۽ ائين نه ڪيو جو قسمن تي (واعدو يا عهد نامون) پڪو ڪري وري ان کي ٽوڙي ڇڏيو، حالانڪ توهان الله کي پنهنجي مٿان نگبان ٺهرائي چڪا آهيو، (يعني الله جو قسم کڻي کيس شاهد ڪري چڪا آهيو) يقين ڪيو ته توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله کان لڪل ڪونهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
(واعدو ۽ عهدنامون ٽوڙي توهان) انهيءَ عورت وانگر نه ٿيو جنهن وڏيءَ محنت سان سُٽ ڪتيو ۽ پوءِ ان کي ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. توهان هڪ ٻئي جي معاملن ۾ پنهنجي قسمن کي مڪر ۽ فساد جو ذريعو بنايو ٿا هن لاءِ ته هڪڙي جماعت (يا قوم يا سلطنت) ٻيءَ جماعت کان (طاقت ۾) وڌي ويئي آهي. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هن معاملي ۾ توهان جي (سچائي ۽ استقامت ۽ محڪم رهڻ جي) آزمائش ٿو وٺي (ته توهان طاقت واري قوم جي پاسخاطري ڪرڻ ٿا لڳو يا پنهنجي عهدنامي تي قائم ٿا رهو) جن جن ڳالهين ۾ توهان اختلاف ٿا ڪيو تن جي حقيقت ضرور قيامت جي ڏينهن توهان جي لاءِ چٽيءَ طرح ظاهر ڪئي ويندي. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته توهان سڀني کي هڪ ئي امت ڪري ڇڏي ها (يعني مختلف جماعتون ۽ مختلف خيال ۽ طريقا ظهور ۾ ئي نه اچن ها) پر (توهان ڏسو ٿا ته هن ائين نه چاهيو) هو جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ۽ (پوءِ) ضرور هيئن ٿيڻو آهي ته توهان کان انهن ڪمن جو پڇاڻو ٿيندو جيڪي (دنيا ۾) ڪندا رهو ٿا. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ هڪٻئي جي معاملن ۾ پنهنجي قسمن کي مڪر ۽ فريب جو ذريعو نه بنايو، جو ماڻهن جا قدم ڄمي بيهڻ ۽ کپي وڃڻ بعد وري اکڙي وڃن، ۽ هن ڳالهه جي بدلي ۾ جو توهان ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪيو توهان کي برن نتيجن جو برو ذائقو چکڻو پوي ۽ آخرڪار توهان هڪ وڏي عذاب جا لائق ٿي وڃو. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ الله جي نالي تي ڪيل واعدا ۽ عهدناما (دنيا جي) تمام ٿورڙي فائدي لاءِ وڪڻي نه ڇڏيو. (سچائيءَ جو) جيڪو اجر الله وٽ آهي، سو توهان جي لاءِ گهڻو بهتر آهي، بشرطيڪ توهان ڄاڻو ۽ سمجهو. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪي به توهان وٽ آهي سو (ڪڏهن نه ڪڏهن) ختم ٿي ويندو، پر جيڪي الله وٽ آهي سو ختم ٿيڻ وارو ناهي. جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهيا (۽ زندگيءَ جون وقتي مشڪلاتون ۽ مصبتون صبر سان سٺيون) تن کي ضرور اسان انهن جو اجر عطا ڪنداسين، انهن جهڙا جهڙا چڱا عمل ڪيا آهن، تهڙوئي اسان جو اجر به کين ملندو. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جيڪو به چڱا عمل ٿو ڪري، مرد هجي خواهه عورت ۽ اهو مؤمن به هجي تنهن کي اسان ضرور (هن ئي دنيا ۾) چڱي زندگي بسر ڪرائينداسين ۽ آخرت ۾ به ضرور هن کي وڏو اجر ڏينداسين. هنن جيڪي به چڱا ڪم ڪيا آهن تن جي مطابق اسان جو به چڱو اجر کين ملندو. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهڻ لڳين، تڏهن توکي گهرجي ته مردود شيطان (جي وسوسن) کان الله جي پناهه گهرندو ڪر. |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پروردگار تي ڀروسو ٿا رکن تن تي سندس زور يا حڪم هرگز ڪونه هلندو. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
هن (شيطان) جو زور ته انهن تي ٿو هلي جيڪي کيس پنهنجو رفيق ٿا بنائين ۽ جيڪي هن جي ڪري شرڪ ٿا ڪن. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن اسان هڪ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت نازل ٿا ڪيون ۽ الله ئي بهتر ڄاڻندڙ آهي ته هو ڇا نازل ڪري رهيو آهي. تڏهن هي ماڻهو (توکي) چون ٿا ته تون ته پنهنجي دل مان (ڳالهيون) گهڙي ٺاهيندو آهين، حالانڪ انهن مان گهڻن کي معلوم ناهي ته حقيقت ڇا آهي. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
(اي پيغمبر!) تون چئه ته (هي قرآن منهنجو ٺاهيل ناهي، نڪي مان ٺاهي سگهان ٿو) هي حقيقتاً توهان جي پروردگار جي طرفان روح القدس نازل ڪيو ويو آهي ۽ هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته ايمان وارن جي دل کي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي، فرمانبردار بندن لاءِ رهنمائي ٿئي ۽ (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏئي (مسلمانن کي). |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ بيشڪ اسان کي خبر آهي ته هي ماڻهو (قرآن متعلق) چون ٿا ته هن شخص (يعني پيغمبر) کي هڪڙو ماڻهو (اهي ڳالهيون) سيکاري ٿو ڇڏي. پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ماڻهو جنهن ڏانهن اهو اشارو ڪن ٿا (ته اهو پيغمبر کي سيکاري ٿو) تنهن جي ٻولي ته عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف ۽ چٽي عربي زبان ۾ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن تي يقين نٿا ڪن تن کي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڪڏهن به نٿو ڏيکاري ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب اچڻ وارو آهي. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
پنهنجي دل مان ڪوڙ گهڙي ٺاهڻ ته انهن جو ڪم آهي، جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نٿا رکن (الله تي ايمان رکڻ وارو ڪڏهن به ڪوڙا ٺاهه نٿو ٺاهي سگهي) اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر ڪوڙا آهن. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ايمان آڻڻ بعد وري الله کان منڪر ٿئي ٿو ۽ سندس دل ان انڪار تي راضي ٿي وڃي ٿي ته اهڙن ماڻهن تي الله جو غضب آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪفر (جي ڪنهن ڳالهه چوڻ) تي مجبور ڪيو وڃي (۽ بيوس ٿي جان جي خوف کان اهڙي ڳالهه چئي ڏئي) ۽ هن جي دل (اندر ئي اندر) ايمان تي راضي ۽ محڪم هجي (ته اهڙن ماڻهن تي ڏوهه ڪونهي). |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اهو (عذاب ۽ غضب) هن ڪري آهي جو هنن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگيءَ سان محبت رکي. پڻ هن ڪري جو الله (جو قانون آهي ته هو) منڪرن لاءِ (بهبودي ۽ سعادت جي) راهه نٿو کولي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي، ڪنن تي ۽ اکين تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (ڇو ته سندس قانون آهي ته جيڪي ماڻهو عقل ۽ حواس کان ڪم نٿا وٺن سي ان جي روشنيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿا) ۽ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۾ غرق آهن. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
بلاشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي آخرت ۾ تباهه حال ٿيندا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
پوءِ جن ماڻهن (ڪفر ۽ ايمان جي) آزمائش ۾ پوڻ بعد هجرت ڪئي ۽ وري (حق جي راهه ۾) جهاد به ڪيائون ۽ (هر طرح جي مصيبتن ۾) صبر ڪري ثابت قدم رهيا تن جي لاءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار انهن عملن بعد ضرور بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ ٿيندو. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن هرهڪ نفس (يعني شخص) فقط پنهنجي لاءِ سوال جواب ڪندو ايندو (يعني ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي جو فڪر ڪونه هوندو) انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس عملن جو پورو پورو نتيجو ملي ويندو. ڪنهن سان به بي انصافي ڪانه ٿيندي. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
(۽ ڏسو) الله تعاليٰ هڪڙو مثال ٿو ٻڌائي، هڪ بستي هئي جتي هر طرح جو امن آرام هو. هر طرف کان رزق جو سامان ايندو رهندو هو ۽ هر شخص فراغت سان کائيندو پيئندو هو. پر پوءِ ڇا ٿيو جو هنن الله تعاليٰ جي نعمتن جي بي شڪري ڪئي. پوءِ الله تعاليٰ به سندن (بد) عملن جي عيوض هنن کي نعمتن کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ (آسودگي جي بدران) بک ۽ (امن آرام جي بدران) خوف خطرو مٿن ڇانئجي ويو. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ پوءِ خود انهن مان ئي هڪ رسول به هنن ڏي موڪليو ويو (جنهن کين سعادت جي راهه جي دعوت ڏني) پر هنن کيس ڪوڙو ٺهرايو. تنهن ڪري هو عذاب ۾ گرفتار ٿيا ۽ هو (پاڻ تي پاڻ) ظلم ڪندڙ هئا. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ اوهان کي گهرجي ته جيڪو رزق الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، سو شوق سان کائو. جي حلال ۽ پاڪ شيون آهن ۽ الله جي نعمتن جو شڪر ڪيو، جيڪڏهن توهان سچ پچ سندس ئي ٻانهپ ڪندڙ آهيو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
جيڪي توهان تي حرام ڪيو ويو آهي، سو فقط هي آهي، مردار جانور، (سير واري) رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي هستيءَ جي نالي ڪيو وڃي. (يا جنهن کي ذبح ڪرڻ وقت ڪنهن ٻئي هستي جو نالو ورتو وڃي.) پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص (حلال غذا نه ملڻ سبب) لاچار ٿئي (۽ ڪا حرام شيء کائي)، پر نڪي هو (الله جي حڪم کان) منهن موڙڻ وارو هجي، نڪي (ضرورت جي) حد کان ٻاهر وڃڻ وارو هجي. (فقط جان بچائڻ لاءِ ڪجهه کائي وٺي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ رحمت وارو آهي. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ هيئن نه ڪيو جو جيڪا ڪوڙي ڳالهه توهان جي زبان تي اچي وڃي سا ٺڪ چئي ڏيو (۽ پنهنجي دل مان گهڙي حڪم لڳائي ڇڏيو) ته هيءَ شيءِ حلال آهي ۽ هيءَ شيءِ حرام آهي. اهڙيءَ طرح حڪم لڳائڻ الله تي ڪوڙ هڻڻ آهي (۽ ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙو ٺاهه مڙهين ٿا سي ڪڏهن به فلاح (۽ ڪاميابي) حاصل نه ڪندا. |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
(اهي هن دنيا جا) بلڪل ٿورڙا فائدا آهن (سي وٺڻا اٿن ته وٺن) پر آخر هنن تي دردناڪ عذاب اچڻ وارو آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ (اي پيغمبر!) يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪري ڇڏيون هيون جن جو بيان توکي اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ (اهي پابنديون جو هنن تي لڳايون ويون هيون سي سندن ئي گمراهين جو نتيجو هيون) اسان ساڻن بي انصافي ڪانه ڪئي هئي، (ڇو ته اسان جو اهو قانون ئي ناهي) پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
پر جيڪي ماڻهو نادانيءَ جي ڪري برائين ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ توبهه ڪري (گناهن کان) موٽي پيا ۽ پنهنجي حالت سڌاريائون ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار ضرور بخشڻ وارو ۽ رحمت ڪرڻ وارو آهي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ حضرت ابراهيم (پنهنجي شخصيت ۾) هڪ پوري امت هو. الله جي اڳيان جهڪيل هو، سڀني (بناوٽي) راهن کان هٽي ويل هو ۽ مشرڪن منجهان هرگز نه هو. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
هو الله جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هو. الله تعاليٰ کيس بزرگي (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊي کنيو ۽ (سچائيءَ جي) سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيو. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
اسان کيس دنيا ۾ به بهتري ڏني ۽ بلاشبهه آخرت ۾ به صالحين ۾ هوندو. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
۽ پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توڏي وحي موڪليو ته (انهيءَ) ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو هر ڪنهن (ڏنگي) واٽ کان هٽي ويو هو (فقط حق جي واٽ تي هلڻ وارو هو) ۽ هو مشرڪن منجهان نه هو. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
سبت (آرام وٺڻ ۽ ديول ڏانهن وڃڻ جو ڏينهن) ملهائڻ جو حڪم ته فقط انهن ماڻهن کي ڏنو ويو هو، جيڪي هن باري ۾ اختلاف ڪندا هئا ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ته جن جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪندا هئا تن جي اصل حقيقت ڪهڙي هئي. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار جي راهه ڏانهن ماڻهن کي سڏ، هن طرح جون حڪمت (عقل ۽ دانائي) جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني سان واعظ ۽ نصيحت ڪر، ۽ جيڪڏهن مخالفن سان بحث ڪرين ته اهڙي طريقي سان ڪر جو حسن ۽ خوبيءَ جو طريقو هجي. تنهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان نڪري گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌيءَ ۽ سچي راهه تي آهي. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
جيڪڏهن مخالفن جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪيو ته گهرجي ته اهڙي ۽ اوتري ڪيو جيتري توهان سان ڪئي ويئي آهي. پر جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (يعني هنن جي سختي سهو ۽ سختيءَ جي عيوض سختي نه ڪيو) ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ صبر ئي بهتر آهي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
(اي پيغمبر!) صبر ڪر تنهنجو صبر فقط الله جي مدد جي ڪري توکي حاصل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن جي حال تي غم نه ڪر، نڪي انهن جي (دشمنيءَ جي) تدبيرن جي ڪري دل کي پريشان ڪر. |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
يقيناً الله تعاليٰ انهن ساڻ (مددگار) آهي، جيڪي پرهيزگار آهن ۽ نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن. |