أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو. |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي. |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ الله ڏانھن سِڌو رستو پھچندو آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) مُڙيل آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا ته اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو. |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ ڊاکون ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي به اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ نشاني آھي. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياء کي ھن لاءِ تابع ڪيو ته اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ انھيءَ لاءِ ته اوھين سندس فضل ڳوليو ۽ ته مانَ اوھين شڪر ڪريو. |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ زمين ۾ مُحڪم جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون ۽ رستا بڻايائين ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو. |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن. |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي. |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن. |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا. |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون. |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي. |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي. |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
ھن لاءِ (وري جياريندو) ته جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو انھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ ته ڪافر ڄاڻن ته اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھوا. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
ڪنھن به شيءِ لاءِ اسان جو چوڻ ھن (چوڻ) کانسواءِ نه آھي ته جڏھن اسين اُنکي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون ته اُن لاءِ چوندا آھيون ته ٿيءُ ته ٿي پوندي آھي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اجر تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو. |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين. |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن. |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن. |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن. |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي ته ڏانھس دانھون ڪندا آھيو. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر ڪندي آھي. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
ھن لاءِ ته کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن). |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي. |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچون نج کير اوھان کي پيارينديون آھن جو پيئندڙن کي وڻندڙ آھي. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو ته ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ. |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟ |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو). |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا. |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ اُن ڏينھن سڀڪنھن ٽوليءَ ۾ سندين جنس مان مٿن شاھد کڙا ڪنداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو. |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ. |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
(اي پيغمبر) کين چؤ ته اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي. |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا. |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
(اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ. |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي. |