أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
الله جو حڪم ڄاڻ پهتو، ان ڪري ان لاءِ تڪڙ نه ڪريو، ماڻهو ساڻس ٻيا شريڪ ٿا ڪن، تنهن کان هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
هو سندس ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن تي ملائڪن کي وحيءَ سان موڪليندو آهي ته کين انهي بابت ڊيڄاريو ته مون ڌاران ٻيو ڪو به سائين ناهي، ان ڪري مون کان ڊڄو. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
هن آسمان ۽ زمين سچ سان بنايا، جيڪي هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين تنهن کان هو مٿاهون آهي. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
هن انسان کي قطري مان خلقيو، تڏهن وري هو چٽو جهيڙا ڪار بنيو آهي! |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ هن ڍور خلقيا، انهن ۾ اوهان لاءِ گرم پوشاڪ ۽ ٻيا فائدا آهن ۽ انهن مان ڪي اوهين کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ جنهن وقت اهي شام جو آڻيو ۽ صبح جو ڇوڙيو ٿا، ته اهي اوهان لاءِ سونهن به آهن. |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
اوهان جو بار به اهڙن شهرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا، جتي اوهين پاڻ کي سخت محنت ۾ وجهڻ کانسواءِ نٿا پهچي سگهو، سچ پچ ته اوهان جو رب وڏي مهربانيءَ ۽ رحمت وارو آهي. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ گهوڙا، خچر ۽ گڏهه اوهان جي سواري ۽ سونهن لاءِ ۽ ٻيا به اهڙا پيدا ٿو ڪري، جي اوهين نٿا ڄاڻو. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ هڪ سڌو رستو الله ڏي وڃي ٿو ۽ انهن ۾ ڪي ڏنگا آهن، جي هو گهري ها اوهان سڀني کي سنئين راهه تي هلائي ها. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
هو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿو، جنهن مان پيئڻ ۽ وڻ ٿين ٿا، جي اوهين چاريو ٿا. |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
اُن سان اوهان لاءِ پوک، زيتون، کارڪون ۽ انگور، هر قسم جا ميوا اُپائي ٿو، بيشڪ ان ۾ سوچڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ هن اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي تابعدار ڪيو، تارن کي سندس حڪم سان تابع ڪيو، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ اوهان لاءِ جيڪي ڌار ڌار رنگن واريون شيون زمين مان پيدا ڪيائين، بيشڪ ان ۾ نصيحت وٺندڙ ماڻهن لاءِ نشانيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
اهو ئي آهي، جنهن درياءَ کي به اوهان جي تابع ڪيو، ته اوهان ان مان تازو گوشت کائو ۽ ان مان اهي زيور (موتي) ڪڍو، جي پايو ٿا_ ۽ تون ٻيڙين کي ڏسين، ته اهي کيس چيري هلن ٿيون، ته اوهين سندن فضل (رزق) هٿ ڪريو ۽ شڪر ڪريو. |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
زمين تي جبل رکيائين، ته اها اوهان کي ڌوڏ نه ڏئي ۽ نهرون ۽ رستا بنايائين، ته اوهين پنهنجي منزل تي پهچو. |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ ٻيون نشانيون به، تارن سان به رستو معلوم ڪن ٿا. |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
پوءِ ڇا، خلقيندڙ ڪو اڻ خلقيندڙ جهڙو ٿيندو؟ پوءِ ڀلا اوهين اهو به نٿا سمجهو. |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن اوهان الله جون نعمتون ڳڻيو ته ڪڏهن به نه ڳڻي سگهندؤ، بيشڪ الله بخشيندڙ وڏي رحمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ الله اوهان جي ڳجهي ۽ ظاهر احوال کي ڄاڻي ٿو. |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ جي شخص خدا کي ڇڏي، جن کي ٿا پڪارين سي ڪا به شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن. پر پاڻ خود (ڪنهن جا) پيدا ڪيل آهن. |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
اهي مئل آهن نه جيئرا، کين اها به خبر ڪانهي، ته ڪڏهن جيئرا ٿيندا. |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
اوهان جو هڪ ئي ڌڻي آهي، پوءِ جيڪي آخرت تي ويساهه نٿا رکن، تن جون دليون انڪاري آهن ۽ اهي حق کان آڪڙجن ٿا. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
بيشڪ الله انهن جا سڀ لڪل ۽ ظاهر احوال ڄاڻي ٿو- بيشڪ هو هٺيلن کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته، ”اوهان جي رب ڇا لاٿو آهي؟“ ته چون ٿا، ”اڳوڻن جون ڳالهيون!“. |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
تنهن ڪري اهي قيامت جي ڏينهن پنهجن خواهه انهن جي گناهن جو پورو بار کڻندا، جن کي بي علمي سبب گمراهه ڪري رهيا هئا_ ياد رکو ته جيڪي کڻن ٿا سو تمام بڇڙو آهي. |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
بيشڪ کانئن اڳين به ائين رٿون رٿيون هيون، پر الله سندن بڻايل گهرن کي پاڙؤن پٽي ڇڏيو، پوءِ مٿن ڇت اچي پئي ۽ مٿن عذاب اتان آيو، جو کين خيال به نه هو. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
پوءِ قيامت جي ڏينهن الله انهن کي خوار ڪندو ۽ چوندو ته ”اوهان جا اهي شريڪ ڪٿي آهن، جن بابت اوهين جهڳڙو ڪندا هئا؟“ ڄاڻو چوندا ته ”اڄ ڪافرن لاءِ پوري خواري ۽ عذاب آهي.“ |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
جن جي جان فرشتن ڪفر جي حالت ۾ قبض ڪئي هئي، پوءِ هو صلح جي ڳالهه پيش ڪندا ته ”اسان ڪو به بڇڙو ڪم نه ڪندا هئاسون_“ ڇو نه! بيشڪ الله کي اوهان جي سڀني عملن جي پوري خبر آهي. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
تنهنڪري جهنم جي دروازن مان جنهن ۾ داخل ٿي وڃو ان ۾ هميشه رهندؤ- هٺيلن لاءِ اها رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
جيڪي شرڪ کان بچن ٿا تن کي چيو وڃي ٿو ته ”اوهان جي رب ڇا نازل ڪيو؟“ چون ٿا ”چڱائي.“ جن ماڻهن نيڪ ڪم ڪيا، انهن لاءِ هن دنيا ۾ به ڀلائي آهي ۽ آخرت ته ان کان به وڌيڪ بهتر آهي ۽ سچ پچ اهو نيڪن لاءِ چڱو گهر آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
اهي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا، جن هيٺان نهرون وهنديون هونديون- جيڪي گهرنداسو ان ۾ کين ملندو بلڪ الله سڀني نيڪن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندو. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
جن جي روحن کي جڏهن فرشتا قبض ڪن ٿا ته انهن کي چون ٿا ”السلام عليڪم، اوهين جنت ۾ گهڙو، پنهنجن ڪمن سبب.“ |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
ڇا، اهي اهو انتظار پيا ڪن، ته وٽن (موت جا) فرشتا اچن يا تنهنجي رب جو (قيامت جو) حڪم اچي؟ جيڪي هنن کان اڳ هئا، تن به ائين ئي ڪيو هو- انهن تي الله ذرو به ظلم نه ڪيو، پر هو پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
آخر کين بڇڙن ڪمن جي سزا ملي ۽ ان عذاب کين ورتو، جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ شرڪ ڪندڙ چون ٿا ته ”جي الله گهر ي ها ته، اسين خواهه اسان جا وڏا ان کانسواءِ نڪي ڪنهن جي عبادت ڪريون ها ۽ نڪي سندس حڪم کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام چئون ها!“ جيڪي (ڪافر) کانئن اڳ گذري چڪا آهن، انهن به ائين ئي ڪيو، پوءِ رسولن تي ته رڳو حڪمن کي صاف صاف پهچائڻو آهي. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ اسان هر ڪنهن امت ۾ ڪو نه ڪو رسول موڪليندا رهياسون ته اوهين خاص الله جي عبادت ڪريو غير کان بچندا رهو. پوءِ انهن مان ڪن کي الله هدايت ڏني ۽ ڪن بابت گمراهيءَ جو ثبوت مليو- پوءِ زمين ۾ ڦرو ۽ ڏسو ته ڪوڙ ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي. |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
جيڪڏهن توکي انهن لاءِ سنئين رستي تي اچڻ جي خواهش آهي، ته الله ان کي هدايت نٿو ڪري جنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ انهن جو ڪو مددگار نه هوندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
اهي زور زور سان الله جو قسم کڻن ٿا ته، ”مري ويل الله جيئرو نه ڪندو_“ ڇو نه؟ ان وعدي جو ته الله ذمون کنيو آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
ان لاءِ ته جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪندا هئا، سي سندن اڳيان ظاهر ڪري ۽ ڪافرن کي (پورو) يقين ٿي وڃي، ته اهي برابر ڪوڙا آهن. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
اسين جنهن ڪم لاءِ گهرون ٿا، ان لاءِ اسان جو ايترو چوڻ بس آهي، ته ”ٿي پئو“ ته اهو ٿي پوي ٿو! |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن ماڻهن ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله جي لاءِ پنهنجو وطن ڇڏيو، انهن کي اسين دنيا ۾ ضرور چڱي جاءِ ڏينداسون ۽ آخرت جو ثواب (ته ان کان به) وڌيڪ آهي، جيڪر اهي ان ڳالهه کي ڄاڻن! |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
اهي اهڙا آهن جي صبر ڪن ٿا، پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ اسان توکان اڳ به رڳو مردن ماڻهن کي رسول بنائي معجزا ۽ ڪتاب ڏيئي پئي موڪليو جن ڏانهن وحي ٿي ڪيوسون، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي علم نه آهي ته ٻين علم وارن کان پڇو. |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
۽ توتي به اهو قرآن لاٿو اٿئون، ته جيڪي ماڻهن ڏانهن موڪليو اٿئون، سو تون کين پڌرو ڪري ٻڌائين، ته اهي فڪر ڪن. |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
جيڪي شخص بڇڙيون رٿون رٿين ٿا، ڇا اهي انهن کان بي فڪر آهن، ته متان الله انهن کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي! يا مٿن اتان عذاب آڻي، جتان انهن کي گمان به نه هجي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا انهن کي گهمندي ڦرندي پڪڙ ڪري؟ پوءِ هو عاجز ڪرڻ وارا نه آهن. |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا ڊپ جهڙيءَ طاقت ۾ کين پڪڙ ڪري؟ پوءِ پڪ تنهنجو رب شفقت وارو، وڏو مهربان آهي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا هنن الله جي انهن پيدا ڪيل شين کي نه ڏٺو آهي جن جا پاڇا ڪڏهن هڪ طرف ته ڪڏهن ٻئي طرف الله کي سجدو ڪندي جهڪن ٿا ۽ اهي عاجزي ڪندڙ آهن. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آهن، سي ۽ فرشتا به الله کي سجدو ڪندا آهن، اهي تڪبر نه ٿا ڪن. |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
اهي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، جو سندن مٿان آهي ۽ جيڪي به حڪم ٿيندو اٿن سو ڪندا آهن. (سجدو) |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ الله جو حڪم آهي ته ٻه يا وڌيڪ سائين نه بڻايو، بس اهو ئي هڪ سائين آهي، ان ڪري مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سندس آهي ۽ ان جي ئي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي_ ڇا پوءِ الله ڌاران ٻين کان ڊڄو ٿا؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
اوهان وٽ جيڪا به نعمت آهي، سا الله کان آهي، پوءِ جڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ان کي فرياد ڪريو ٿا. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
پوءِ جڏهن هو اوهان کان تڪليف لاهي ٿو، ته اوهان مان ڪي پنهنجي رب سان شرڪ ڪن ٿا. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
ته اسان جي ڏنل نعمت جي ناشڪري ڪن_ پوءِ ڪجهه ڏينهن خوش گذار ي وٺو، جلد ئي اوهان کي خبر پوندي. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ اهي اسان جي ڏنل شين ۾ انهن جو حصو رکن ٿا، جن بابت انهن کي ڪو علم نه آهي_ الله جو قسم! اوهان جي انهن گهڙيل ڳالهين جي اوهان کان پڇا ٿيندي. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ الله لاءِ ڌيئر رٿين ٿا! هو پاڪ آهي، ۽ هو پاڻ لاءِ بهتر شيءِ گهرن ٿا. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءَ جي خوشخبري ڏجي ٿي ته، سندن منهن ڪاراٽجي وڃي ٿو ۽ هو اندر ۾ پيو ڪڙهي. |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
جنهن جي کيس خبر ڏني وئي آهي ان جي عار کان ماڻهن کان لڪندو رهي ٿو، ته يا ته ان ذلت کي پاڻ تي کڻي يا ان کي جيئري ئي مٽي ۾ پوري ڇڏي. ٻڌو! انهن جي اها رٿ تمام خراب آهي. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
جيڪي آخرت تي يقين نٿا رکن، انهن جي حالت بڇڙي آهي، ۽ الله لاءِ ته اعليٰ صفتون ثابت آهن ۽ هو غالب وڏيءَ ڏاهپ وارو آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ظلم ڪري پڪڙ ڪري ته ان (زمين) تي ڪنهن به چرندڙ کي نه ڇڏي ها، مگر هو انهن کي هڪ وقت تائين مهلت ڏئي ٿو_ پوءِ جڏهن سندن وقت ايندو ته نڪي هڪ گهڙي پوئتي هٽندا، نه اڳتي وڌي سگهندا. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
هو الله لاءِ اهڙيون ڳالهيون رٿين ٿا، جي کين به نٿيون وڻن ۽ پنهنجي زبان سان ڪوڙ بڪندا آهن، ته انهن لاءِ هر طرح جي ڀلائي آهي، بيشڪ انهن لاءِ دوزخ جي باهه آهي ۽ بيشڪ اهي حد کان لنگهندڙ آهن. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
الله گواهه آهي، ته توکان اڳين امتن ڏي رسول موڪلياسون، سو انهن کي به شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا، پوءِ اڄ اهو ئي سندن همراهه آهي_ ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ اسان تو تي هي ڪتاب رڳو ان لاءِ لاٿو آهي، ته جن ڳالهين ۾ هو ڌار ڌار رايا رکن ٿا، سي مٿن ظاهر ڪرين_ ۽ هو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
الله آسمانن مان پاڻي وسايو، پوءِ زمين کي مئل هجڻ کان پوءِ جيئرو ڪيائين، ان ۾ ٻڌندڙن لاءِ وڏا دليل آهن. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ چوپاين جانورن ۾ به اوهان لاءِ عبرت آهي، جو انهن جي پيٽ مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان اوهان کي صاف آسانيءَ سان پيئڻ وارو کير بڻائي اوها ن کي پياريون ٿا. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ پڻ کجين ۽ انگورن جي ميون مان نشي ۽ چڱيءَ خوراڪ جون شيون ٺهن ٿيون، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ وڏا دليل آهن. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجي رب ماکيءَ جي مک جي دل ۾ وڌو ته جبلن ۾ گهر بڻائي ۽ وڻن ۽ ماڻهن جي ٺاهيل عمارتن ۾ به. |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
پوءِ هر قسم جي ميون کي چوسيندي رهه ۽ پنهنجي رب جي سولن رستن تي نياز سان هل، انهي جي پيٽ مان ڌار ڌار رنگن جي پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي، ان ۾ (به) سوچيندڙن لاءِ وڏو دليل آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ اوهان کي الله پيدا ڪري ٿو پوءِ ماري ٿو ۽ اوهان مان ڪو بيڪار عمر کي پهچي ٿو ته ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ڄاڻي بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ سگهه وارو آهي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان روزيءَ ۾ وڌايو آهي، پوءِ جن کي وڌايو ويو آهي، سي سندن مال غلامن کي ان طرح ڪڏهن به نه ڏيندا جو سڀ برابر ٿي وڃن- ڇا پوءِ به الله جي نعمت جو انڪار ٿا ڪن! |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ الله اوهان مان اوهان لاءِ زالون بڻايون ۽ اوهان جي زالن مان اوهان لاءِ پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوهان کي چڱا کاڌا ڏنائين_ ڇا پوءِ به باطل تي ايمان رکندا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪندا رهندا؟ |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ الله کي ڇڏي اهڙن جي عبادت ڪندا رهندا، جي آسمانن خواهه زمين مان ڪجهه به رزق پهچائي نٿا سگهن، نڪي طاقت رکن ٿا. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
تنهن ڪري اوهين الله لاءِ اهڙا مثال نه ٺاهيو، الله خوب ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
الله هڪ مثال ٿو ٻڌائي، ته هڪڙو ڪنهن جو غلام آهي جنهن کي ڪو به اختيار ناهي ۽ هڪ شخص آهي جنهن کي اسان چڱي روزي ڏني آهي ۽ هو ان مان ڳجهو خواهه پڌرو خرچ ڪري ٿو، ڇا اهي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ سڀ تعريف الله کي ئي جڳائي ٿي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
الله ٻيو مثال ٿو ٻڌائي ته ٻه ماڻهو آهن جن مان هڪ ته گونگو آهي جو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، اهو سندس مالڪ تي بار آهي جو جتي به ٿو موڪليس چڱائي ڪا نه ٿو ڪري، ڇا اهڙو شخص انهي سان برابر ٿي سگهي ٿو جو چڱين ڳالهين جي تعليم ڏئي ۽ پاڻ به سڌي رستي تي هجي؟ |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
آسمانن ۽ زمين جون لڪل ڳالهيون فقط الله وٽ آهن ۽ قيامت جو معاملو بس اهڙو هوندو، جيئن اک ڇنڀڻ، يا ان کان به ويجهو، بيشڪ الله هر ڪنهن ڪم تي وس وارو آهي. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ الله اوهان کي مائرن جي پيٽان اهڙيءَ حالت ۾ ڪڍيو، جو اوهان کي ڪا خبر ڪا نه هئي ۽ اوهان کي ڪن، اکيون ۽ دل ڏنائين، ته اوهين شڪر ڪريو. |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا هو پکين کي نٿا ڏسن، جي آسمان جي ميدان ۾ قابو آهن، انهن کي فقط الله ئي جهلي ٿو، بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ الله اوهان لاءِ اوهان جي گهرن ۾ رهڻ جي جاءِ بڻائي آهي ۽ اوهان لاءِ جانورن جي کلن مان گهر (تنبو) بڻايا اٿس، جن کي اوهين هلڻ واري ڏينهن ۽ ٽڪڻ واري ڏينهن هلڪو ڀانيو ۽ سندن ان وارن ۽ ڏاس مان گهر جو سامان ۽ هڪ مدت تائين هلڻ واريون فائدي جون شيون ٺاهيو ٿا. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله اوهان لا ءِ پنهنجي مخلوق جو پاڇو بڻايو آهي، ۽ اوهان لاءِ جبلن ۾ پناهه جي جاءِ بڻايائين ۽ اوهان لاءِ ڪپڙا بڻايائين، جي اوهان کي گرميءَ کان بچائين ٿا ۽ اهڙا ڪپڙا جي لڙائي ۾ بچائين ٿا، ائين اوهان تي سندس نعمتون پوريون ڪري ٿو، ته من اوهين سندس حڪم مڃيو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ جي اهي منهن موڙين، ته توتي رڳو حڪم پهچائڻ آهي. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
اهي الله جي نعمت کي ڄاڻن ٿا، پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ گهڻا انهن مان بي شڪر آهي. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ جنهن ڏينهن اسان هر هڪ امت مان هڪ گواهه کڙو ڪنداسون، ته پوءِ ڪافرن کي نڪا اجازت ڏبي ۽ نه انهن جا عذر قبول ڪبا. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جڏهن ظالم عذاب کي ڏسندا، ته نڪي انهن تان گهٽائبو، نڪي انهن کي مهلت ڏبي. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
اهي اسان جا مشرڪ سندن سائين کي ڏسندا، ته چوندا ”اي اسان جا رب! اهي اسان جا سائين هي آهن جن کي اسان توکان سواءِ پوڄيندا هئاسون_ ”تڏهن اهي به کين چئي ڪڍندا ته، ”اوهين بلڪل ڪوڙا آهيو.“ |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ هي (مشرڪ ۽ ڪافر) ان ڏينهن الله وٽ فرمانبرداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا ۽ کانئن اهي گهڙيل ڳالهيون ڀلجي وينديون. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
۽ جيڪي ڪفر ڪندا هئا ۽ الله جي واٽ کان روڪيندا هئا تن کي سزا مٿان سزا وڌائينداسون جو هو فساد ڪندا هئا. |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ ان ڏينهن اسين هر هڪ امت مان مٿن هڪ شاهد انهن مان ئي کڙو ڪنداسون ۽ توکي به هن امت تي شاهد ڪري آڻينداسون ۽ اسان ئي توتي قرآن لاٿو آهي، جو هر ڳالهه کولي بيان ڪري ٿو ۽ مسلمانن لاءِ ته واٽ ڏيکاريندڙ، رحمت ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ الله انصاف، چڱائي ۽ مٽن مائٽن کي ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ پڌري بڇڙائي ۽ گناهه ۽ ظلم کان جهلي ٿو، اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته اوهين نصيحت قبول ڪريو. |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ اوهين الله جي عهد کي پنهنجي ذمي کڻڻ کان پوءِ پورو ڪريو، قسمن کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ نه ٽوڙيو، جو اوهين الله کي گواهه به بڻائي چڪا آهيو- جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو الله کي معلوم آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ ان زال جهڙا نه ٿيو، جا پنهنجي سٽ کي ڪتڻ کان پوءِ ذرا ذرا ڪري ڇڏي- اوهين پنهنجن قسمن کي هڪ ٻئي ۾ فساد وجهڻ جو ذريعو بڻائڻ لڳي نه وڃو، ته هڪ ٽولو ٻئي کان وڌي وڃي_ الله ان سان اوهان جي آزمائش ڪري ٿو ۽ جن ڳالهين ۾ اوهين تڪرار ٿا ڪريو، سي قيامت ڏينهن اوهان اڳيان ظاهر ڪندو. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جي الله کي منظور هجي ها، ته اوهان کي هڪ امت ڪري ها، مگر جنهن کي وڻيس ٿو، ان کي بي راهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو، ان کي رستي تي آڻي ٿو ۽ اوهان کان اوهان جي سڀني عملن جي پڇا ٿيندي. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
اوهين پاڻ ۾ پنهنجن قسمن کي فساد وجهڻ جو ذريعو نه بنايو- ته پير ڄمڻ کان پوءِ ترڪي نه وڃن_ پوءِ اوهان کي الله جي راهه کان روڪڻ سبب تڪليف ڀوڳڻي پوندي ۽ اوها نکي وڏو عذاب ٿيندو. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
اوهين جي عهد کي ٿورڙي ملهه تي نه وڪڻو، جيڪي به الله وٽ آهي سو جيڪڏهن ڄاڻو ته اوهان لاءِ بهتر آهي. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪي اوهان وٽ آهي سو کٽي ويندو، پر جيڪي الله وٽ آهي سو هميشه رهندو ۽ صبر ڪندڙن کي اسين سندن چڱن ڪمن جي بدلي ۾ اجر ضرور ڏينداسون. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جيڪو مرد خواهه زال ڪو نيڪ ڪم ڪندو ۽ هو مومن به هوندو ته اسين کيس (دنيا ۾) پاڪ زندگي ڏينداسون ۽ آخرت ۾ سندس چڱن ڪمن جو اجر ڏينداسون. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
جڏهن تون قرآن پڙهڻ گهرين، ته تڙيل شيطان کان الله جي پناهه گهرندو ڪر. |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
بيشڪ سندس زور انهن تي نه ٿو هلي، جي ايمان رکن ٿا ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
سندس زور رڳو انهن تي هلي ٿو جي ساڻس لاڳاپو رکن ٿا ۽ جي الله سان شرڪ ڪن ٿا. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
جڏهن اسين هڪ آيت بدران ٻي ٿا آڻيون، ۽ الله کي پوري خبر آهي جيڪي موڪلي ٿو تڏهن هي چون ٿا ته ”تون ئي اها ٿو ٺاهين،“ بلڪه انهن مان گهڻا جاهل آهن. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
چئو ته پاڪ روح ان کي تنهنجي رب طرفان سچ سان آندو آهي، ته ايمان وارن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري ٿئي. |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
بيشڪ اسان کي معلوم آهي، ته ڪي ماڻهو چون ٿا ته نبيءَ کي ڪو ماڻهو سيکاري ٿو، پر جنهن بابت چون ٿا ان جي ٻولي ته عجمي آهي ۽ هيءَ صاف عربي ۾آهي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻين_ انهن کي الله به رستي تي نه آڻيندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
بيشڪ ڪوڙ گهڙيندڙ ته اهي آهن، جي الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين ۽ اهي ئي ڪوڙا آهن. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جيڪو ايمان آڻڻ کان پوءِ الله سان ڪفر ڪري ٿو، سواءِ انهيءَ جي، جنهن تي زبردستي ڪئي وڃي ۽ ان جي دل ايمان سان آرامي هجي، مگر جيڪو دل کولي ڪفر ڪندو، ته اهڙن تي الله جو غضب ٿيندو ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اهو هن ڪري، جو انهن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت جي مقابلي ۾ پسند ڪيو ۽ (هن ڪري به) ته الله ڪافرن کي هدايت نه ڪندو آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
هي اهي آهن، جن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين تي الله مهر ڪئي آهي ۽ اهي ئي غافل آهن. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
تنهن ڪري ضروري آهي، ته اهي آخرت ۾ بلڪل نقصان ۾ رهندا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
پوءِ جن شخصن، جو آزمائش ۾ پوڻ کانپوءِ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيائون ۽ صبر ڪندا رهيا، ته بيشڪ تنهنجو رب انهيءَ کان پوءِ ضرور بخشيندڙ مهربان آهي. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
ان ڏينهن، جڏهن هر شخص پنهنجي لاءِ گفتگو ڪندو ۽ هر هڪ کي سندس عملن جو پورو نتيجو ملي ويندو، ساڻن ظلم نه ٿيندو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ الله هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي_ جنهن ۾ هر طرح امن آرام هو، هر هڪ جاءِ تان رزق جو سامان مزي سان آيو ٿي، پوءِ انهن الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي، ته الله به انهن کي سندن ڪمن جي بدلي ڏڪر ۽ خوف جو مزو چکايو. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
منجهانئن ئي انهن وٽ هڪ رسول آيو، ان کي به ڪوڙو ڪيائون، پوءِ انهن کي عذاب اچي پڪڙيو ۽ هو ظالم هئا. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
الله اوهان کي جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون ڏنيون آهن، انهن مان کائو ۽ جيڪڏهن خاص ان جي عبادت ڪريو ٿا ته الله جي نعمتن جو شڪر ڪريو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
اوهان تي رڳو مردار ۽ رت ۽ سوئر جي گوشت کي ۽ ان جانورن کي حرام ڪيو آهي جنهن تي الله ڌاران ٻئي جو نالو ورتو وڃي، پر جيڪو لاچار ٿي نافرماني ڪرڻ ۽ حَدَ اُڪرڻ ڌاران (انهيءَ مان به کائي) ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ جن شين بابت اوهان جي ڪوڙي زباني دعويٰ آهي، تن لاءِ ائين نه چوندا ڪريو ته ”هي شيءِ حلال آهي ۽ هي حرام آهي، انهيءَ لاءِ ته الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪوڙ مڙهين ٿا، اهي ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
اهو ٿورو عيش آهي ۽ (مرڻ کانپوءِ) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون هيون، جي اسان هن کان اڳ ۾ توکي ٻڌايون آهن ۽ اسان انهن تي ڪا اڳرائي نه ڪئي آهي مگر اهي ئي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
ها، جيڪي ماڻهو ناداني سان بڇڙاين ۾ پئجي ويا، پر پوءِ توبه ڪري پاڻ سڌاريائون، تنهنجو رب ئي ان کانپوءِ بخشيندڙ نهايت مهربان آهي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ ابراهيم وڏو اڳواڻ، الله جو فرمانبردار، هڪ رخو هو ۽ هرگز مشرڪن مان نه هو. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
هو الله جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هو_ الله ان کي چونڊيو هو، کيس سنئين رستي تي لڳايو هئائين. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
اسان کيس دنيا ۾ به خوبيون ڏنيون هيون ۽ آخرت ۾ به چڱن ماڻهن مان هوندو. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
پوءِ اسان تو ڏانهن وحي موڪليو ته تون ابراهيم جي پيروي ڪر، جو هڪ رخو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
ڇنڇر جي ڏينهن ملهائڻ جو حڪم ته رڳو انهن لاءِ هو، جن ان بابت اختلاف ڪيو هو ۽ بيشڪ تنهنجو رب قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ هو اختلاف ڪندا هئا. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
اي پيغمبر! رب جي واٽ ڏانهن حڪمت ڀرين ڳالهين ۽ چڱين نصيحتن جي وسيلي سڏ ۽ انهن سان سٺي نموني ۾ بحث ڪر- تنهنجو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو، ته ڪير سندس رستي کان ڀٽڪي ويو آهي ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي رستي تي آهي. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
جيڪڏهن بدلو وٺڻ گهرو، ته اوترو ئي بدلو وٺو، جيتري اوهان سان هلت ورتي وئي آهي- جيڪڏهن اوهين صبر ڪندؤ، ته بيشڪ صبر ڪندڙن لاءِ صبر ئي بهتر آهي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
(اي رسول) صبر ڪر، تنهنجو صبر الله جي مدد سان ئي آهي ۽ تون انهن جو غم نه کاءُ ۽ مخالفن جي تدبيرن کان تنگ دل نه ٿي. |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
بيشڪ الله انهن جو همراهه آهي، جي متقي آهن ۽ نيڪو ڪار آهن |