أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
اچي ويو امر الله جو پوءِ نه تڪڙو طلب ڪيو ان کي پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون آهي ان کان جنهن کي شريڪ ٿا بنائين . |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
لاهي ٿو ملائڪن کي روح (وحي) سان امر پنهنجي سان ان تي جنهن کي گھري ٻانهن پنهنجي مان هن سان ته ڊيڄاريو (ماڻهن کي) بيشڪ شان هي آهي ته ناهي ڪو عبادت جو لائق مون کان سواءِ پوءِ مون کان ئي ڊڄندا ڪيو . |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان مٿاهون آهي ان کان جو شريڪ ٿا بنائين ان سان، . |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
پيدا ڪيائين انسان کي (منيءَ جي) ڦڙي مان پوءِ اوچتوئي اهو جھيڙا ڪار کليل آهي . |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ جانور پيدا ڪيائين- اوهان جي لاءِ انهن ۾ بچاءُ ۽ نفعا آهن ۽ انهن مان اوهان کائو ٿا . |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ اوهان لاءِ انهن ۾ سينگار آهي جنهن وقت شام جو واپس آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت صبح جو چارڻ لاءِ ڪڍو ٿا . |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ کڻن ٿا ڳرا بار اوهان جا ان شهر ڏانهن جو نه هيئو پهچندڙ ان جا مگر سرن کي تڪليف ڏيڻ سان بيشڪ پالڻهار اوهان جو البته ٻاجھارو مهربان آهي . |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ تانته سوار ٿيو انهن تي ۽ سنيگار (ڄاڻو) ۽ پيدا ڪندو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ الله ڏانهن سڌو رستو آهي ۽ انهن مان ڪي غلط (رستا) آهن ۽ جيڪڏهن گھري ها ته البته هدايت ڪري ها اوهان سڀني کي. ع |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اهو (الله) ئي آهي جنهن لاٿو آسمان کان پاني اوهان جي لاءِ ان مان پيئڻ جو آهي ۽ ان مان جھنگ (پيدا ٿيندو) آهي ان ۾ مال چاريندا آهيو . |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
ڄمائي ٿو اوهان لاءِ ان سان پوک ۽ زيتون، کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جا ميوا بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي پروڙين ٿا . |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ مطيع ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا تابع ڪيل آهن امر ان جي سان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جو عقل رکن ٿا . |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ اهو جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ زمين ۾ مختلف آهن رنگ ان جا بيشڪ ان ۾البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جو نصيحت قبول ڪن ٿا. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن مطيع ڪيو سمنڊ کي تانته کائو ان مان گوشت تازو (مڇي) ۽ ڪڍو ٿا ان مان زيور (موتي) ڍڪيو ٿا انهن کي ۽ ڏسندين ٻيڙيون پاڻي چيري هلنديون ان ۾ تانته طلب ڪيو فضل ان جو تانته اوهان شڪر ڪندا ڪيو . |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ کوڙيائين زمين ۾ بلند مضبوط جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ نهرون ۽ واٽون (ٺاهيائين) تانته اوهان هدايت وارا ٿيو . |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ نشانيون (پيدا ڪيائين) ۽ تارن سان اهي هدايت حاصل ڪن ٿا . |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري ٿو ان وانگر آهي جيڪو پيدا نه ٿو ڪري ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو . |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن ڳڻيندو الله جي نعمتن کي ته نه ڳڻي سگھندؤ انهن کي بيشڪ الله البته بخشڻهار مهربان آهي. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا . |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کانسواءِ نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ ۽ اهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن . |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
مئل آهن ناهن جيئرا ۽ نه ٿا شعور رکن ته ڪڏهن اٿاريا ويندا . |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ اهي جو نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي دليون انهن جون انڪار ڪندڙ آهن. اهي تڪبر ڪندڙ آهن . |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
بلاشڪ يقينًا الله ڄاڻي ٿو جيڪو لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا بيشڪ اهو نه ٿو محبت رکي پاڻ کي وڏو سمجھندڙن کي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن چيو ويو انهن کي ته ڇا نازل ڪيو آهي رب اوهان جي ته چيائون آکاڻيون پهرين جون . |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
تانته کڻن بار پنهنجا پورا قيامت جي ڏينهن ۽ انهن جي بارن مان جو گمراھ ڪن ٿا.نهن کي علم کانسواءِ خبردار برو آهي جيڪو بار کڻندا . |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
تحقيق مڪر ڪيو انهن جو اڳ انهن کان هئا پوءِ آيو (امر) الله جو عمارتن انهن جي تي پيڙهين کان پوءِ ڪري پيون انهن تي ڇتيون مٿان انهن جي ۽ آيو انهن تي عذاب اتاهين جو نه پيا سمجھن. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن خوار ڪندو انهن کي ۽ فرمائيندو ڪٿي آهن شريڪ منهن جا جو جھيڙو ٿي ڪيو اوهان انهن جي باري ۾ چيو انهن جو ڏنا ويا علم بيشڪ خواري اڄوڪي ڏينهن ۾ ۽ برائي ڪافرن تي آهي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
اهي جو وفات ڪرائيندا انهن کي ملائڪ (ان حال ۾ جو) ظلم ڪندڙ هوندا نفسن پنهنجن تي پوءِ ظاهر ڪندا تسليم ڪرڻ کي ته نه ٿي ڪئي سون ڪا برائي هائو بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اهو سڀ ڪجھ جيڪو ڪندا هيئو . |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
پوءِ داخل ٿيو دروازن جھنم جي کان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ البته بري آهي جاءِ هٺيلن جي. |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ چيو ويو انهن لاءِ جو متقي بڻيا ته ڇا هي جيڪو نازل ڪيو آهي رب اوهان جي ته چيائون ڀلائي انهن جي لاءِ جو نيڪي ڪيائون هن دنيا ۾ ڀلائي آهي ۽ البته گھر آخرت جو ڀلو آهي ۽ البته ڀلو آهي گھر پرهيزگارن جو . |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
بهشت رهڻ جا جو داخل ٿيندا انهن ۾ وهن ٿيون هيٺيان انهن جي نهرون انهن جي لاءِ انهن ۾ اهو آهي جيڪي گھرندا اهڙي طرح بدلو ڏيندو الله پرهيزگارن کي . |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
اهي جو وفات ڪرائين ٿا انهن کي ملائڪ پاڪ صاف هوندڙ چوندن سلام آهي اوهان تي داخل ٿيو بهشت ۾ عوض ان جي جيڪي عمل ڪيا هيو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
نه ٿا انتظار ڪن مگر هن جو ته اچن انهن وٽ ملائڪ يا اچي انهن وٽ امر تنهنجي رب جو اهڙي طرح ڪيو انهن جيڪي هئا، اڳي انهن کان ۽ نه ظلم ڪيو انهن سان الله ۽ پر (پاڻ) نفسن پنهنجن تي ظلم ڪيائون ٿي . |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ پهتيون انهن کي برايون ان جون جيڪي ڪيائون ۽ گھيراءُ ڪيو انهن جو، انهيءَ جنهن سان چٿر ڪيائون ٿي . |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ چيو انهن جو شرڪ ڪيائون ته جيڪڏهن گھري ها الله ته نه عبادت ڪيون ها ان کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جي اسين ۽ نه ابا ڏاڏا اسان جا ۽ نه حرام ڪيون ها اسين ان (جر امر) کانسواءِ ڪا شيءِ اهڙي طرح ڪيو انهن جو (هئا) اڳي انهن کان پوءِ ناهي رسولن جي مٿان مگر (پيغام) پهچائڻ پڌرو. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ البته تحقيق موڪليوسون هر امت ۾ پيغمبر ته عبادت ڪيو الله جي ۽ بچو بتن کان پوءِ ڪي انهن مان اهي آهن جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جو ثابت ٿي انهن تي گمراهي پوءِ سير ڪيو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي هئي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي . |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
جيڪڏهن حرص ڪندين هدايت انهن جي تي پوءِ بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڏي جنهن کي گمراھ ٿو ڪري ۽ ناهن انهن جي لاءِ ڪي مددگار. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ قسم کنيائون الله جا پڪا قسم پنهنجا ته نه اٿاريندو الله ان کي جو مرندو هائو وعدو ان تي پڪو آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
تانته بيان ڪري انهن جي لاءِ جو اختلاف ڪن ٿا ان ۾ ۽ تانته ڄاڻن اهي جو ڪفر ڪيائون ته بلاشڪ اهي هئا ڪوڙا . |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
تحقيق چوڻ اسان جو ڪنهن شيءِ لاءِ جڏهن ارادو ڪيوسون ان جو هي آهي ته فرمايون ٿا ان لاءِ ”ٿي پؤ“ (پوءِ اها) ٿي پوندي آهي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن هجرت ڪئي الله (جي واٽ) ۾ ان کان پوءِ جو ظلم ڪيا ويا البته ضروري رهائش ڏينداسون انهن کي دنيا ۾ نهايت سهڻي ۽ البته ثواب آخرت جو وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها . |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ نه رسول ڪري موڪلياسون اڳي توکان مگر مرد جو وحي ڪيون پيا انهن ڏانهن پوءِ پڇو ياد ڪرڻ وارن کان جيڪڏهن آهيو اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
روشن دليلن ۽ ڪتابن سين ۽ نازل ڪيوسون توڏانهن ذڪر تانته بيان ڪرين اهو جيڪي نازل ڪيو ويو انهن ڏانهن ۽ تانته اهي فڪر ڪن . |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
ڇا پوءِ امن وارا ٿيا اهي جو رٿ ڪيائون براين جي ته غرق ڪري ڇڏي الله انهن کي زمين ۾ يا اچي انهن وٽ عذاب اتاهين جو نه سمجھن . |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا وٺي انهن کي گھمڻ ڦرڻ انهن جي ۾ پوءِ ناهن اهي عاجز ڪندڙ . |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا وٺي انهن کي ڊپ جي حالت ۾ پوءِ بيشڪ رب اوهان جو البته ٻاجھارو مهربان آهي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا نه ڏٺائون ان ڏانهن جو پيدا ڪئي الله هر شيءِ جھڪن ٿا پاڇا ان جا سڄي کان ۽ کٻي کان سجدا ڪندڙ الله جي لاءِ ۽ اهي عاجزي ڪندڙ آهن . |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا اهي جو آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جو زمين ۾ آهن جاندار ۽ ملائڪ ۽ اهي نه ٿا تڪبر ڪن . |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان مٿان پنهنجي ۽ ڪن ٿا اهو جيڪو امر ڪيا ٿا وڃن .السجدة ) |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ فرمايو الله ته نه وٺو معبود ٻه اهو ته صرف معبود هڪ آهي پوءِ خاص مون کان ڊڄو پوءِ مون کان. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ ان جي ملڪيت آهي جو ڪجھ آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ ان جوئي دين آهي مضبوط ڇا پوءِ الله جي غير کان ڊڄو ٿا . |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ جيڪا به اوهان وٽ نعمت آهي پوءِ الله جي طرفان آهي ان کان پوءِ جڏهن پهچي ٿي اوهان کي ڪا تڪليف ته پوءِ ان ڏانهن زاري ڪيو ٿا . |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
تنهن کانپوءِ جڏهن لاهي ٿو تڪليف اوهان کان ته اوچتوئي ٽولو هڪ اوهان مان رب پنهنجي سان شرڪ ڪن ٿا . |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
تانته ڪفر ڪن ان جو جيڪو ڏنو اسان انهن کي پوءِ نفعو وٺو پوءِ جلد ڄاڻندو . |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ ڪن ٿا ان لاءِ جو نه ٿا ڄاڻن ڀاڱو ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي الله جو قسم آهي ته البته ضرور پڇا ڪيا ويندو ان جي باري ۾ جو ٿي بهتان هنيُوَ.. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ ٺاهين الله جي لاءِ ڌيئرون پاڪائي آهي ان جي ۽ انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي پسند ڪن ٿا . |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
۽ جڏهن بشارت ڏنو ويو هڪڙو انهن مان ڌيءَ جي ته هميشہ رهيو منهن ان جو ڪارو ۽ اهو ڪاوڙ کائيندڙ آهي . |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
لڪي ٿو قوم کان ان کي بري سمجھڻ جي ڪري جنهن جي بشارت ڏنو ويو ڇا روڪي رکي ان کي ذلت سان؟ يا پوري ڇڏي ان کي مٽيءَ ۾؟ خبردار برو آهي اهو جو فيصلو ڪن ٿا . |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
انهن جي لاءِ جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي صفت بري آهي ۽ الله جي لاءِ شان بلند آهي ۽ اهوئي غالب، حڪمت وارو آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن پڪڙي ها الله ماڻهن کي سببان ظلم انهن جي ته نه ڇڏي ها ان تي ڪو چرندڙ ۽ پر ڍر ٿو ڏئي انهن کي مدي مقرر تائين پوءِ جڏهن ايندو مدو انهن جو ته نه پوئتي ٿيندا هڪ گھڙي ۽ نه اڳتي ٿيندا . |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ ڪن ٿا الله جي لاءِ اهو جو پاڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ بيان ٿيون ڪن زبانون انهن جون ڪوڙ ته بلاشڪ انهن جي لاءِ ڀلائي آهي بلاشڪ يقينًا انهن جي لاءِ باھ آهي ۽ بيشڪ اهي جلد اڳتي موڪليل آهن. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
الله جو قسم آهي ته البته تحقيق رسول موڪلياسون امتن ڏانهن توکان اڳتي پوءِ سينگاريا انهن لاءِ شيطان عمل انهن جا پوءِ اهو مددگار انهن جو آهي اڄ ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ نه نازل ڪيوسون توتي ڪتاب مگر تانته بيان ڪرين انهن جي لاءِ اهو جو اختلاف ڪيائون ان ۾ ۽ هدايت ۽ رحمت ڪري ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا . |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ الله نازل ڪيو آسمان کان پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين ان جي برباد هجڻ کان پوءِ بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي ٻڌن ٿا . |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين جانورن ۾ البته عبرت آهي پياريون ٿا اوهان کي ان مان جو پيٽن انهن جي ۾ آهي وچان ڇيڻي ۽ رت جي، کير خالص، پيئڻ ۾ آسان پيئندڙن جي لاءِ . |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ ميون کجيءَ جي مان ۽ انگورن مان ٺاهيو ٿا ان مان نپوڙو ۽ رزق سهڻو بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ وحي ڪيو رب تنهنجي ماکيءَ جي مک ڏانهن ته ٺاھ تون جبلن ۾ گھر ۽ وڻن ۾ ۽ ان ۾ جيڪي ڇتيون ٺاهين ٿا . |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
تنهن کان پوءِ کاءُ هر قسم جي ميون مان پوءِ پنهنجي رب جي (فضائي) رستن سان رواني ٿي آسان ٿيندڙ نڪري ٿي پيٽن ان جي مان اهڙي پيئڻ واري شيءِ جو مختلف آهن رنگ ان جا ان ۾ شفاء آهي ماڻهن جي لاءِ بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي فڪر ڪن ٿا. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ الله پيدا ڪيو اوهان کي تنهن کان پوءِ وفات ڪرائيندو اوهان کي ۽ ڪو اوهان مان اهو آهي جو موٽايو ٿو وڃي ضعيف عمر ڏانهن تانته نه ڄاڻي ڄاڻڻ کانپوءِ ڪجھ به بيشڪ الله ڄاڻندڙ، قدرت وارو آهي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ الله وڌايو هڪڙن کي اوهان مان ٻين تي رزق ۾ پوءِ ناهن اهي جو وڌايا ويا موٽائيندڙ رزق پنهنجي جا انهن تي جو مالڪ ٿيا هٿ انهن جا پوءِ اهي ان ۾ برابر آهن ڇا پوءِ الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا . |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ الله ٺاهيون اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون ۽ ٺاهيائين اوهان لاءِ زالن اوهان جن مان پٽ ۽ پوٽا (اڳتي ايندڙ نسل) ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شيون ڇا پوءِ باطل تي ايمان آڻين ٿا ۽ الله جي نعمت جي اهي بي شڪري ڪن ٿا . |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ عبادت ڪن ٿا الله کانسواءِ ان جي جيڪو نه ٿو مالڪ ٿئي انهن جي رزق جو آسمانن ۽ زمين مان ڪجھ به ۽ نه ٿا طاقت رکن. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
پوءِ نه هڻو الله جي لاءِ مثال بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
هنيو الله هڪ مثال ٻانهو ملڪيت ڪيل نه ٿو قادر ٿئي ڪنهن به شيءِ تي ۽ اهو شخص جو رزق ڏنوسون ان کي پاڻ وٽان رزق سهڻو پوءِ اهو خرچ ٿو ڪري ان مان لڪل ۽ ظاهر ڇا برابر ٿي سگھن ٿا؟ سڀ ساراھ الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪه گھڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ هنيو الله مثال ٻن مڙسن جو هڪڙو انهن مان گونگو آهي نه ٿو قادر ٿئي ڪنهن شيءِ تي ۽ اهو بار آهي سردار پنهنجي تي جيڏانهن به ٿو موڪلي ان کي ته نه ٿو آڻي چڱائي ڇا برابر ٿو ٿئي اهو ۽ جيڪو امر ٿو ڪري انصاف جو؟ ۽ اهو واٽ سڌي تي آهي. ع |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ الله جي لاءِ آهي غيب آسمانن ۽ زمين جو ۽ ناهي امر قيامت جو مگر ڇنڀڻ اک جي وانگر يا اهو وڌيڪ ويجھو آهي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ الله ڪڍيو اوهان کي پيٽن مائرن اوهان جي مان نه ٿا ڄاڻو ڪجھ به ۽ ٺاهيائين اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون تانته اوهان شڪر ڪندا رهو . |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا نه ڏٺائون پکين ڏانهن مطيع ڪيل آسمان جي فضا ۾ نه ٿو جھلي سگھي انهن کي مگر الله بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ الله ٺاهيائين اوهان لاءِ گھرن اوهان جن مان وهڻ جي جاءِ ۽ ٺاهيائين اوهان جي لاءِ کلن چوپاين جي مان گھرن کي جو هلڪو ٿا سمجھو انهن کي منجھ ڏينهن سفر پنهنجي ۽ منجھ ڏينهن گھرن ۾ رهڻ پنهنجي ۽ انهن جي ان مان ۽ انهن جي ڏاس مان ۽ انهن جي وارن مان گھر جو سامان ۽ استعمال جون شيون مقرر وقت تائين . |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله ٺاهيائين اوهان جي لاءِ ان مان جو پيدا ڪيائين ڇانئون ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ جبلن ۾ پناھ گاهون ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ اهڙ ڪپڙا جو بچائين اوهان کي گرميءَ کان ۽ اهڙا لوھ جا لباس جو بچائيندا اوهان کي اوهان جي جنگ ۾ اهڙي طرح پوري ڪري ٿو نعمت پنهنجي اوهان تي تانته اوهان فرمانبردار رهو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرائين پوءِ توتي پيغام پهچائڻ آهي کليل طرح . |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
سڃاڻن ٿا الله جي نعمت کي تنهن کان پوءِ انڪار ڪن ٿا ان جو ۽ گھڻا انهن مان ڪافر آهن . |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ ان ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان شاهد ان کان پوءِ نه اجازت ڏني ويندي انهن کي جو ڪفر ڪيائون ۽ نه اهي توبہ جي مهلت ڏنا ويندا . |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جڏهن ظالم عذاب ڏسندا تڏهن کائن (عذاب) نڪي هلڪو ڪبو ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏبي . |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن ڏسندا اهي جو شرڪ ڪيائون (هٿرادو) شريڪن پنهنجن کي ته چوندا اي اسان جا رب اهي آهن شريڪ بنايل اسان وارا جن کي پوڄيندا هئاسون توکان سواءِ پوءِ ورائيندا انهن ڏانهن جواب ته بيشڪ اوهان البته ڪوڙا آهيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ پيش ڪندا الله ڏانهن ان ڏينهن عاجزي ۽ غائب ٿيندو انهن کان اهو جيڪو بهتان هڻندا هئا . |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
اهي شخص جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان وڌائينداسون انهن کي عذاب تي عذاب ان سببان جو فساد ڪند اهئا . |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ جنهن ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان شاهد انهن تي انهن مان ۽ آڻينداسون توکي شاهد بنائي هنن تي ۽ نازل ڪيوسون توتي ڪتاب بيان ڪري هر شيءِ جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت ۽ بشارت واسطي مسلمانن جي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بلاشڪ الله امر ٿو ڪري عدل ۽ احسان جو ۽ قرابت دارن جي ڏيڻ جو ۽ روڪي ٿو بيحيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ بغاوت کان نصيحت ٿو ڪري اوهان کي تانته اوهان نصيحت حاصل ڪيو . |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ وفاداري ڪيو الله جي عهد جي جڏهن عهد ڪيو اٿوَ ۽ نه ڀڃو قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ تحقيق ڪيو اوهان الله کي پنهنجي مٿان زمي وارو بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪيو ٿا . |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ نه هجو ان (عورت) وانگر جنهن ڇني ڇڏيو ڪتيل ڌاڳي پنهنجي کي پڄاڻان مضبوط ڪرڻ جي ٽڪرا ٽڪرا وٺو ٿا قسمن پنهنجي کي خيانت ڪري پاڻ ۾ ته هجي هڪ جماعت اها وڌيڪ نفعي واري ٻي جماعت کان تحقيق آزمائي ٿو اوهان کي الله ان سان ۽ البته کولي بيان ڪندو اوهان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن اهو جو ان ۾ ٿي اختلاف ڪيُوَ. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته بنائي ها اوهان کي امت هڪڙي ۽ پر گمراھ ٿو ڪري جنهن کي گھري ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گھري ۽ البته ضرور پڇا ڪيا ويندؤ ان جي باري ۾ جيڪي ڪيو پيا . |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ نه بنايو قسمن پنهنجن کي دخل جو بهانو پاڻ ۾ پوءِ ترڪي پئي قدم ثابت هجڻ کان پوءِ چکو سزا ان جي بدلي جو روڪيو پيا الله جي واٽ کان ۽ اوهان جي لاءِ عذاب وڏو آهي . |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ نه خريد ڪيو الله جي عهد جي بدلي ۾ ملھ ٿورو.لاشڪ جيڪو الله وٽ آهي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ جيڪڏهن آهيو جو ڄاڻو ٿا. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪو اوهان وٽ آهي ختم ٿي ويندو ۽ جيڪو الله وٽ آهي باقي آهي ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي جن صبر ڪيو سندن ثواب جو عوض سهڻي ان ڪم جي جيڪو ڪندا هئا . |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جنهن به ڪيو نيڪ عمل مرد يا عورت حالانڪه اهو مؤمن آهي پوءِ البته ضرور حياتي ڏينداسون ان کي حياتي پاڪ ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي سندن ثواب جو نهايت سهڻو ان جي بدلي جو ڪندا هئا . |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
پوءِ جڏهن پڙهين قرآن ته پوءِ پناھ گھر الله سان شيطان تڙيل کان . |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
بيشڪ شان هي آهي ته ناهي ان جي لاءِ طاقت انهن تي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا . |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
بيشڪ غلبو ان جو انهن تي آهي جيڪي دوست رکن ٿا ان کي ۽ انهن تي جيڪي اهي ان سان شرڪ ڪندڙ آهن. ع |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن بدلايون ٿا هڪ آيت کي بجاءِ ٻي آيت جي ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان جي باري ۾ جيڪو نازل ٿو ڪري چيائون بلاشڪ تون ته پنهنجو ٺاهيندڙ آهين بلڪه اڪثر انهن جا نه ٿا ڄاڻن . |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
فرماءِ ته: لاٿو ان کي روح القدس طرفان رب تنهنجي حق سان تانته ثابت رکي انهن کي جن ايمان آندو ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي مسلمانن جي لاءِ . |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ البته تحقيق ڄاڻون ٿا اسين ته بيشڪ اهي چون ٿا بلاشڪ سيکاري ٿو ان کي هڪ انسان زبان ان جي جو نسبت ڪن ٿا ان ڏانهن عجمي آهي ۽ هيءَ زبان عربي چٽي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين الله جي آيتن تي نه هدايت ڪندو انهن کي الله ۽ انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي . |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
بلاشڪ ٺاهين ٿا ڪوڙ اهي جو نه ٿا ايمان آڻين آيتن الله جي تي ۽ اهيئي ڪوڙا آهن . |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جنهن ڪفر ڪيو الله جو پڄاڻان ايمان آڻڻ ان جي مگر جيڪو مجبور ڪيو ويو ۽ دل ان جي مطمئن آهي ايمان تي ۽ پر جنهن کوليو ڪفر سان.ڀني کي پوءِ انهن تي غضب آهي طرفان الله جي ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اها (سزا) ان جي ڪري آهي جو يقينًا انهن پسند ڪئي حياتي دنيا واري آخرت جي بدلي ۽ بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري ڪافر قوم کي . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
اهي ئي ته اهي آهن جو مهر هنئي الله دلين انهن جي تي ۽ ڪنن انهن جي تي ۽ اکين انهن جي تي ۽ اهي ئي غافل آهن . |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
بلاشڪ پڪ آهي آخرة ۾ اهي ئي نقصان وارا آهن . |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
تنهن کان پوءِ يقينًا رب تنهنجو انهن لاءِ جن هجرت ڪئي.ڄاڻان ان جي فتني ۾ وڌا ويا ان کان پوءِ جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنهنجو رب پڄاڻان ان جي البته بخشڻهار مهربان آهن. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
ان ڏينهن هر نفس جھيڙو ڪندو پنهنجي پاران ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس جيڪو به عمل ڪيائين ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا . |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ هنيو الله مثال ڳوٺ جو جيڪو هو امن وارو، بي فڪر اچي پيو ان کي رزق سندس ڪشادو هر جاءِ کان پوءِ بي شڪري ڪيائين الله جي نعمتن جي پوءِ چکايو ان کي الله لباس بک ۽ ڊپ جو ان سببان جو ڪندا هئا . |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ (شان وارو) رسول انهن مان پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ ورتو انهن کي عذاب ۽ اهي ظالم آهن. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ کائو ان مان جو رزق ڏنو اوهان کي الله حلال، پاڪ ۽ شڪر ڪيو الله جي نعمت جو جيڪڏهن اوهان خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا . |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
بلاشڪ حرام ڪيائين اوهان تي مردار ۽ رت ۽ گوشت سوئر جو ۽ اهو جو ڪهڻ وقت پڪاريو ويو الله جي غير لاءِ ان تي پوءِ جيڪو مجبور ڪيو ويو نه بغاوت ڪندڙ ۽ نه تجاوز ڪندڙ پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ نه چئو ان جي لاءِ جو بيان ٿيون ڪن زبانون اوهان جون ڪوڙ ته هي حلال آهي ۽ هيء حرام آهي تانته هڻو الله تي ڪوڙ بيشڪ جيڪي ٺاهي ٿا هڻن الله تي ڪوڙ نه ڪامياب ٿيندا . |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
سامان آهي ٿورو ۽ انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ انهن تي جيڪي يهودي بڻيا حرام ڪيوسون جيڪو بيان ڪيوسون توتي اڳ ۾ ۽ نه ظلم ڪيوسون انهن تي ۽ پر نفسن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون . |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
تنهن کان پوءِ بلاشڪ رب تنهنجو انهن جي لاءِ جو ڪيائون برائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تنهن کان پوءِ توبہ ڪيائون ۽ (پاڻ کي) صالح بنايائون بيشڪ رب تنهنجو ان کان بعد البته بخشڻهار، مهربان آهي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ ابراهيم هو اڳواڻ، فرمانبردار الله جي لاءِ ۽ نه هو مشرڪن مان . |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
شڪر ڪندڙ هو ان جي نعمتن جو برگزيدو بنايائين ان کي ۽ هدايت ڪيائين ان کي واٽ سڌيءَ ڏانهن . |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ ڏني سون ان کي دنيا ۾ خوبي ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ البته صالحن مان آهي . |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
ان کان پوءِ وحي ڪيوسون تو ڏانهن ته تابعداري ڪر ابراهيم جي ملت جي حق تي هلندڙ، باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ نه هو مشرڪن مان. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
بلاشڪ (مقرر) ڪيو ويو ڇنڇر انهن تي جو اختلاف ڪيائون ان ۾ ۽ بيشڪ تنهن جو رب البته فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ جو انهيءَ ۾ ٿي اختلاف ڪيائون . |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
سڏ تون طرف واٽ رب پنهنجي حڪمت ۽ نصيحت سهڻيءَ سان ۽ ڳالهيون ڪر انهن سان ان (لهجي) سان جو اهو تمام سهڻُو آهي بيشڪ رب تنهنجو اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراھ ٿيو واٽ انهيءَ جي کان ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي. |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
۽ جيڪڏهن عذاب ڪيو ٿا ته پوءِ اوهان اوترو عذاب ڪيو جيترو ڪيا ويا آهيو ۽ البته جيڪڏهن صبر ڪندو اوهان ته البته اهو ڀلو آهي صبر ڪندڙن لاءِ . |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
۽ صبر ڪر ۽ ناهي صبر تنهنجو مگر الله (جي توفيق) سان ۽ نه غمگين ٿيءُ انهن تي ۽ نه هج تنگيءَ ۾ ان کان جو رٿين ٿا . |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
بيشڪ الله انهن سان گڏ آهي جيڪي پرهيزگار بڻيا ۽ انهن سان جو اهي نيڪي ڪندڙ آهن. |