أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
(بيشڪ) اللھ تعالى جو حڪم اچي چڪو آھي، تنهنڪري توھان ان جي نافذ ٿيڻ ۾ جلدي نه ڪريو. ھي ماڻهو جن کي شريڪ ڪن ٿا اللھ تعالى انهن کان پاڪ ۽ گهڻو بلند آھي. |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گهرندو آھي پنھنجي حڪم سان ملائڪن جي ذريعي ان تي وحي موڪليندو آھي ته جيئن ماڻهن کي خبردار ڪري ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي. تنھنڪري مون کان ئي ڊڄو. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
هن آسمانن ۽ زمين کي ھڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آھي، جن کي ھي ماڻهو شريڪ ڪن ٿا تن کان ھو انتھائي مٿانھون آھي. |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
ھُن ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو ته ھُو (پنهنجي خالق جي سامهون) يڪدم پڌرو جهيڙاڪ ٿي بيٺو. |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
ھُن ھستي جانورن کي پيدا ڪيو جن ۾ توھان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ (ٻيا) ڪيترائي فائدا رکيا آهن. ان کان علاوه ڪجهه جانورن جو توھان گوشت به کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
توھان جي لاءِ انهن (جانورن) ۾ ھڪ وڏو شان رکيل آھي. جڏھن توھان انهن کي شام جو جهنگ مان واپس گهر ڪاھي اچو ٿا ۽ وري صبح جو انهن کي گهرن مان ڪڍي جهنگ ڏانھن چرڻ لاءِ ڪاھي وڃو ٿا. |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
ھي (جانور) توھان جي سامان کي اھڙين جڳھن تائين پھچائين ٿا جتي سامان پھچائڻ توھان جي لاءِ تمام مشڪل ھوندو آھي. بيشڪ توھان جو پالڻھار وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ ھُن ئي گهوڙا، خچر ۽ گڏھ پيدا ڪيا ته جيئن انهن تي سوار ٿي توھان پنھنجي زندگيءَ کي رونق بخشيو ۽ ھُو توھان جي فائدي لاءِ اھڙيون شيون به پيدا ڪري ٿو جن جي توھان کي ڪا به خبر نه آھي. |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
سڌي راهه ٻڌائڻ اللھ تعالى جي ذمي آھي، جڏھن ته ڪي ڏنگا رستا به آھن جيڪڏھن ھو چاھي ھا ته توھان سڀني ماڻهن کي ھدايت سان نوازي ھا. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اُھا ئي ذات آھي جنھن اوھان جي لاءِ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو جنھن مان توھان (خوب) پيئو ٿا ۽ (ان مان) گاهه به پيدا ڪيو (جيڪو توهان جي جانورن جي چاري طور استعمال ٿئي ٿو.) |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
ھو ان پاڻي جي ذريعي توھان جي لاءِ پوک ــ زيتون ــ کجي ــ انگور ۽ ھر قسم جا ميوا اُپائي ٿو. بيشڪ غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ وڏي نشاني آھي. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ ھُن ھستي رات ــ ڏينھن ــ سج ۽ چنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ۽ وري ستارن کي پنھنجي حڪم سان تابع ڪري ڇڏيو آھي. بيشڪ سمجهدار ماڻهن لاءِ ان ۾ وڏيون نشانيون آھن. |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
ھُن ئي توھان جي لاءِ زمين ۾ مختلف رنگ برنگي شيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. بيشڪ سمجهه رکڻ وارن لاءِ انهن ۾ وڏي نشاني آھي. |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
اُھو به (الله) ئي آھي جنھن سمنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ته جيئن ان مان تازو گوشت کائو ۽ پنھنجي سونھن طور استعمال ڪرڻ لاءِ زيور ڪڍو ۽ توھان ڏسو ٿا ته ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيري ھلندي رھي ٿي. اھو سڀ ڪجهه اِن لاءِ ئي آھي ته جيئن توھان اللھ تعالى جو فضل تلاش ڪريو ۽ شڪرگذار ٻانها ٿي رهو . |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
ھُن زمين ۾ جبل کوڙي ڇڏيا ته جيئن زمين اوھان کي لوڏا نه کارائي سگهي، درياءَ ۽ رستا به بنايا ته جيئن سفر ۾ توھان صحيح رستا اختيار ڪري سگهو. |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
هن ٻيون به گهڻيون نشانيون پيدا ڪيون آهن ۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو صحيح رستا معلوم ڪن ٿا. |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
(ھاڻي ٻڌايو ته) جيڪو اھي سڀ شيون پيدا ڪري ٿو سو ان جھڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه به پيدا نه ڪري سگهي. ڇا توھان کي اڃا به سمجهه نٿي اچي؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
جيڪڏھن توھان اللھ تعالى جي نعمتن کي ڳڻڻ چاھيو به ته نٿا ڳڻي سگهو. بيشڪ اللھ تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
اللھ تعالى توھان جي لڪيل ۽ ظاھري حال کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا، اھي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن. (بلڪ) هو ته خود پيدا ڪيا ويا آھن. |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
اُھي مُئل آھن، زنده آھن ئي ڪونه ۽ کين اھا به ڄاڻ نه آھي ته انهن کي ڪڏھن ٻيھر ساهه وجهي زندهه ڪيو ويندو؟ |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
توھان جو معبود بس ھڪڙو ئي معبود آھي، جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين، تن جون دليون حقيقت کان انڪاري ٿي ويون آهن ۽ اُھي وڏائي ۽ تڪبر ۾ پيل آھن. |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
اللھ تعالى يقيناً لڪيل ۽ ظاھري حال کان خوب واقف آھي. بيشڪ ھو ڪنھن به وڏائي خور کي پسند نٿو ڪري. |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏھن مغرور ماڻهن کان پڇا ڪبي آھي ته توھان جي پالڻھار ڪھڙي شيءِ نازل ڪئي آهي؟ ته ھو چوندا آھن ته ھي ته رڳو گذري ويل ماڻهن جا قصا۽ ڪھاڻيون آھن. |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
ھي ماڻهو اھڙيون ڳالهيون ان ڪري ڪندا آھن ته جيئن ھو قيامت جي ڏينھن پنھنجا بار ۽ انهن ماڻهن جا ڪجهه بار به کڻن جن کي بغير ڪنھن علم جي گمراهه ڪري رھيا آھن. ياد رکو ته ھي ماڻهو ڪيڏو نه بدترين بار کڻي رھيا آھن. |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
(اي نبيﷺ!) ھنن ماڻهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به وڏا ڳجها منصوبا جوڙيا ھئا پر اللھ تعالى انهن جي جوڙيل بنيادن کي ئي پاڙون پٽي ڇڏيو ۽ ان جو وزن انهن جي مٿان ئي ڪري پيو ۽ انهن تي اھڙي طرف کان عذاب آيو جتان کين وھم ۽ گمان به نه ھو. |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
وري اللھ تعالى کين قيامت جي ڏينھن ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ کين فرمائيندو ته: ڪٿي آھن اُھي منھنجا شريڪ، جن جي ڪري توھان منھنجي مؤمن ٻانھن سان وڙھندا ھئا؟ (اللھ تعالى جو خوف رکندڙ ۽) علم وارا چوندا ته بيشڪ اڄوڪو ڏينھن ته ڪافرن لاءِ وڏي رسوائيءَ ۽ عذاب وارو ڏينهن آھي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
جڏھن جو ملائڪ انهن ڪافرن جو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ واري حالت ۾ ساهه ڪڍندا آھن ته هو فوراً تابعداري (۽ عاجزي) اختيار ڪندي (ڍنڍورو مچائيندي) چوندا آھن ته اسان ته ڪو به برو ڪم نه ڪندا ھئاسين (کين چيو ويندو ته) توھان جو اھو چوڻ غلط آھي. بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ھر بري ڪم کان خوب واقف آھي. |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
(بس!) توھان جھنم جي دروازن مان اندر داخل ٿي وڃو (ھاڻي) توھان ھميشه ان ۾ ئي پيل رھندا. وڏا ئي ڪرڻ وارن لاءِ (اھا) انتھائي بري جاءِ آھي. |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
وري پرھيزگارن کان پڇيو ويندو ته توھان جي پالڻھار ڪھڙي شيءِ نازل ڪئي آهي؟ جواب ۾ ھو چوندا ته (اسان جي لاءِ) ڀلائي واري شيءِ نازل ڪئي آهي، جيڪي نيڪ ٻانھا ھوندا انهن جي لاءِ دنيا ۾ به ڀلائي آھي ۽ آخرت جو گهر ته ان کان به بھتر آھي، سو ڏسو ته پرھيزگارن لاءِ ڪيڏو نه بھترين گهر آھي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
ھو ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون ۽ انهن ۾ سندن خواھش مطابق ھر شيءِ موجود ھوندي. اللھ تعالى پرھيزگار ماڻهن کي اھڙو ئي اجر ڏيندو آھي. |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
وري جڏھن ملائڪ (پرھيزگار ماڻهن جو شرڪ کان) پاڪ حالت ۾ ساهه ڪڍندا آھن ته ملائڪ کين چوندا آھن ته: السلام عليڪم (توھان جي مٿان سلامتي ھجي) توھان پنھنجي اعمال جي بدلي ۾ جنت ۾ داخل ٿي وڃو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
(اي نبيﷺ!) ڇا (مڪي جا هي ماڻهو) ان انتظار ۾ آھن ته ھاڻي وٽن رڳو ملائڪ (ساهه ڪڍڻ لاءِ) اچي حاضر ٿين يا تنھنجي پالڻھار جو (مٿن) عذاب ئي اچي، بلڪل اهڙو ئي رويو انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن جو به ھو، اللھ تعالى مٿن تِر جيترو به ظلم نه ڪيو هو بلڪ انهن خود پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ سندن برايون سندن ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون ۽ جنھن عذاب تي هو ٽوڪون ڪندا ھئا سو ئي عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو. |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏھن اللھ تعالى کي منظور ھجي ھا ته اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڏھن به ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪن ھا ۽ نه ئي اسان ان جي حڪم کان سواءِ ڪنھن شيءِ کي حرام ڪريون ھا. اھڙي ئي روش انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به اختيار ڪئي ھئي (ڳالھ صاف ظاھر آھي ته) رسولن جي ذمي رڳو اللھ تعالى جا حڪم پھچائڻا ھوندا آھن. |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ اسان ھر امت (۽ قوم) ۾ ڪو نه ڪو رسول سڳورو ضرور موڪليو آهي، جنهن قوم کي اللھ تعالى جي بندگي ڪرڻ ۽ شيطان جي پوڄا ڪرڻ کان منع فرمايو هو، پوءِ انهن ماڻهن مان ڪن کي اللھ تعالى (سھڻن روين جي ڪري) ھدايت ڏني ۽ ڪن جي مٿان (خراب روش جي ڪري) گمراھي مسلط ٿي وئي. پوءِ زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته رسولن کي ڪوڙو ڪرڻ وارن جو ڪھڙو انجام ٿي چڪو آھي؟ |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ توھان کي اھڙن ماڻهن جي ھدايت واري واٽ تي اچڻ جي ڪيتري به تمنا ھجي پر اللھ تعالى جنھن لاءِ (پنھنجي حڪمت تحت) گمراھيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آھي ته، ان کي ھدايت نه ملندي آھي ۽ اھڙن ماڻهن لاءِ ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه هوندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
ھي ماڻهو ته اللھ تعالى جا وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته اللھ تعالى مرڻ وارن کي ٻيھر جيئرو نه ڪندو (آخر ڇو نه ڪندو؟) ٻيھر جيئرو ڪرڻ لاءِ ته اللھ تعالى خود پڪو وعدو ڪيو آھي پر گهڻا ماڻهو ان کي سمجهن ئي نٿا. |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
(اللھ تعالى ان ڪري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو ته) جيئن هو انهن جي سامھون دنيا جي اختلافي ڳالھين جي حقيقت کي ظاهر ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن کي يقين ٿي وڃي ته واقعي ھو خود ڪوڙا ھئا. |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
(بھرحال) اسان جنھن شيءِ کي ٺاھڻ جو ارادو ڪندا آھيون ته رڳو اھو چوندا آھيون ته “ٿي” ته اھا شيءِ “ٿي پوي” ٿي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن ماڻهن مظلوميت جي حالت ۾ اللھ تعالى جي رضا لاءِ پنھنجو وطن ڇڏيو تن کي اسان دنيا ۾ (بدلي طور) ضرور ڀلائي ڏينداسين، آخرت وارو اجر ته تمام گهڻو آھي. ڪاش! ھي (مظلوم مؤمن) اھا ڳالھ سمجهي وٺن. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
اھڙن ماڻهن ئي صبر ڪيو ۽ اهڙائي ماڻهو پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو رکندا آھن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ ماڻهن کي ئي رسول ڪري مٿن وحي جو سلسلو جاري رکيو ھو. (اي حق جو انڪار ڪندڙؤ!) جيڪڏھن توھان کي حقيقت معلوم نه آھي ته علم وارن کان ئي پڇا ڪري وٺو. |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
انهن رسولن کي واضح دليل ۽ ڪتاب ڏيئي ڪري موڪليو ھو ۽ ھاڻي اسان توڏي ھي قرآن نازل ڪيو آھي ته جيئن تون ماڻهن کي ان جي تعليم واضح طريقي سان سمجهائين ته جيئن هو غور ۽ فڪر کان ڪم وٺن. |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
ڇا ھي ماڻهو (اللھ تعالى جي مقابلي ۾) بري منصوبه بندي ڪري رھيا آھن؟ ڇا ھو ھن ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھن ته متان اللھ تعالى کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا مٿن اھڙي طرف کان عذاب اچي ڪڙڪي جتان کان کين وھم ۽ گمان به نه ھجي. |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا کين ھلندي ڦرندي ڪنھن مصيبت ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي پوءِ ھو (پنھنجي غلط چالبازين سان) کيس بي وس نٿا ڪري سگهن. |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا کين خوف واري حالت ۾ پڪڙ ڪري (پوءِ ته ھي ماڻهو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن) بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
ڇا انهن اللھ تعالى جي انهن شين کي غور سان نه ڏٺو آھي جن جا پاڇا اللھ تعالى کي سجدو ڪندي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جهڪندا رھن ٿا (حقيقت ۾) ھي سڀ شيون اللھ تعالى جي آڏو بي وسيءَ جوا ظھار ڪن ٿيون. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
آسمانن ۽ زمين جي ھر مخلوق ۽ ملائڪ سڀ جا سڀ پنھنجي پنھنجي حساب سان اللھ تعالى جي آڏو سجدي ۾ جهڪيل آھن ۽ ھو (ڪڏھن به) تڪبر نه ڪندا آھن. |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
ھو سڀ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي کان ڊڄندا آھن ۽ ھر اھو ڪم سرانجام ڏيندا آھن جنھن جو کين حڪم ڏنو ويندو آھي. |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
اللھ تعالى (پيار ڀرئي انداز ۾) فرمائي ٿو ته توھان ٻه معبود نه ٺاھيو، بيشڪ معبود صرف ھڪ ئي آھي. تنھن ڪري مون کان ئي ڊڄندا رھو. |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
آسمانن ۽ زمين ۾ ھر شيءِ ان جي ئي آھي (تنھن ڪري) اللھ تعالى جي فرمانبرداري بجا آڻڻ انهن سڀني شين تي لازم آھي، ڇا توھان اللھ تعالى کي ڇڏي ٻين کان ٿا ڊڄو؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
حالانڪ توھان وٽ موجود ھر نعمت اللھ تعالى جي ڏنل آھي پوءِ جيڪڏھن توھان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي ته وري ان کي ئي ٻاڏايو ٿا. |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
جڏھن هو تڪليف ھٽائي ٿو ته توھان مان ڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار سان شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
انهن جي (شرڪ جو مقصد اھو ھوندو آھي ته) جيئن ھو ڄاڻي واڻي اللھ تعالى جي ڪيل احسانن جي ناشڪري ڪن. پوءِ ٺيڪ آ، مزا ڪري وٺو (نتيجي جي) توھان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي. |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
ھي ماڻهو اسان جي ئي ڏنل رزق مان اھڙن جا حصا ڪڍن ٿا جن جي حقيقت جي کين ڪابه خبر نه آھي. اللھ تعاليٰ جو قسم! توھان کان توھان جي گهڙيل ڳالهين جو ضرور پڇاڻو ٿيندو. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
اھڙا ئي ماڻهو اللھ تعالى جي لاءِ اولاد طور ڌيئرون مقرر ڪن ٿا ، حالانڪه اللھ تعالى جي ذات اھڙن رشتن کان پاڪ آھي ۽ وري ٻئي طرف پنھنجي لاءِ مَن پسند رشتا مقرر ڪن ٿا. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
(اللھ تعالى جي لاءِ اولاد طور ڌيئرون مقرر ڪرڻ وارن جو ھي حال آھي ته) جڏھن انهن مان ڪنھن کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي ته سڄو ڏينھن سندس منھن ڪاراٽيل رھي ٿو ۽ اندر ئي اندر ۾ لڙھڪيل نظر ايندو آھي. |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
ڌيءَ جي ڄمڻ واري خبر کان پوءِ ماڻهن کان پيو منھن لڪائيندو وتندو آھي ۽ دل ئي دل ۾ ڪُڙھندو رھندو آھي ته ذلت سان ڌيءَ کي برداشت ڪريان يا جيئرو ئي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيانس. (افسوس!) ڏسو ته ھي ماڻهو ڪيڏا نه برا فيصلا ڪن ٿا. |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن تن جي حالت خراب آھي ۽ اللھ تعالى جي صفت تمام بلند آھي ۽ ھو زبردست حڪمت وارو آھي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
جيڪڏھن اللھ تعالى ماڻهن کي سندن ظلم جي ڪري جلدي پڪڙ ڪري ھا ته زمين تي ڪير به ساھوارو زنده نه رھي سگهي ھا، پر ھو سڀني کي ھڪ مقرر ڪيل وقت تائين عمل ڪرڻ جي مھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن انهن جو مقرر وقت ايندو آھي ته ھڪ گهڙي به اڳتي پوئتي نه ٿيندي آھي. |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
ھي ماڻهو اللھ تعالى جي لاءِ اھڙيون شيون پسند ڪن ٿا جن کي ھو خود پنھنجي لاءِ ناپسند ڪندا آھن ۽ پنھنجي لاءِ چڱي انجام جي سندن دعوى بالڪل ڪوڙي آھي، يقيناً انهن جي لاءِ جھنم جي باهه آھي . بيشڪ اهي ئي سڀ کان پھريان ان ۾ وڌا ويندا. |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
اللھ تعاليٰ جو قسم! (اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان توهان کان اڳ ڪيترن ئي قومن ڏانھن پنھنجا رسول سڳورا موڪلي چڪا آھيون پر شيطان سندن عملن کي سھڻو بنائي ڌوڪي ۾ وڌو، اڄ به شيطان انهن جي رھنمائي ڪري ٿو، تنھن ڪري انهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ عذاب آھي. |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
اسان ته تنھنجي مٿان ھي ڪتاب ان ڪري نازل ڪيو آھي ته جيئن سندن اختلافي ڳالهين ۾ تون انهن کي دليل طور پيش ڪرين. (حقيقت ھي آھي ته) قرآن، مؤمنن جي لاءِ سراسر ھدايت ۽ رحمت آھي. |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ اللھ تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو جنھن جي ذريعي مئل زمين به (سرسبز ٿي) زنده ٿي وئي. بيشڪ ان (مثال) ۾ غور سان ٻڌندڙن لاءِ نشاني آھي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
بيشڪ توھان جي لاءِ چوپائي مال ۾ به ھڪ وڏي عبرت آھي. اسان توھان کي انهن جي پيٽ ۾ موجود ڇيڻي ۽ رت جي وچ مان خالص کير ڪڍي پياريون ٿا جيڪو ھر پيئندڙ لاءِ تمام گهڻو لذيذ ۽ وڻندڙ ھوندو آھي. |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ کجين ۽ انگورن جي ميون مان به توھان نشي ۽ سٺي خوراڪ جون شيون ٺاھيو ٿا بيشڪ ان ۾ عقلمند ماڻهن لاءِ وڏي نشاني آھي. |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مک کي وحي جي ذريعي ھي ڳالھ سيکاري ته ھوءَ جبلن، وڻن ۽ ماڻهن جي گهرن جي ڀتين ۽ مَنھَن تي لڳل ولين ۾ پنھنجو مانارو ٺاھي. |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
(۽ کيس اھو به سيکاريو ته) ھر قسم جي ميون جو رس چوسيندي رهه ۽ پنھنجي پالڻھار جي ڏسيل آسان فطري رستي تي ھلندي رهه، ماکيءَ جي مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي هڪ شيءِ (يعني ماکي) نڪري ٿي، جنهن جا مختلف رنگ آهن، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آھي، بيشڪ ان مثال ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ ھڪ وڏي نشاني آھي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
اللھ تعالى ئي توھان سڀني کي پيدا ڪيو آهي، اهو ئي توھان کي موت ڏئي ٿو ۽ توھان مان وري ڪن ماڻهن کي ڊگهي عمر ڏئي صفا جهور پوڙھو ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن ھو سڃاڻڻ کان پوءِ ڪنھن به شيءِ کي نه سڃاڻي سگهي. بيشڪ اللھ تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي طاقت وارو آھي. |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ اللھ تعالى رزق ۾ توھان کي ھڪ ٻئي تي فضيلت بخشي آھي پوءِ جن ماڻهن کي وڌيڪ مال ڏنو ويو آھي هو پنھنجي حصي مان پنھنجي غلامن کي ڪڏھن به ايترو مال نه ڏيندا جو مالڪ ۽ غلام ٻئي برابر ٿي وڃن. ڇا پوءِ به ھي ماڻهو اللھ تعالى جي نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا؟ (يعني ھي ماڻهو توحيد ۾ اللھ تعالى سان گڏ ٻين کي ان جي برابر سمجهن ٿا پر پنھنجي مال ۾ هو غلامن کي ڪڏھن به برابر نٿا سمجهن، پوءِ اھا توحيد جي ناشڪري ناهي ته باقي ان کي ٻيو ڪھڙو نالو ڏجي؟) |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
اللھ تعالى توھان جي ئي جنس مان توهان لاءِ زالون پيدا ڪيون، ۽ زالن مان وري توھان کي پُٽ ۽ پوٽا ڏنا ۽ کائڻ لاءِ پاڪ شيون عطا ڪيون. ڇا پوءِ به ھي ماڻهو (ڄاڻي واڻي) بي بنياد شين کي مڃين ٿا ۽ اللھ تعالى جي نعمتن جو انڪار ڪن ٿا؟ |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ ھي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان ڪنھن به قسم جي روزي نٿا پھچائي سگهن، ايئن ڪرڻ انهن جي وس جي ڳالھ ئي نه آھي. |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
توھان اللھ تعالى جي لاءِ ويھي مثال نه ٺاھيندا ڪريو. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ کي ڄاڻي ٿو پر توھان کي ڪابه خبر نه آھي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
اللھ تعالى ھڪ مثال پيش ڪري ٿو ته ھڪ ماڻهو ڪنھن جو غلام ۽ ان جي ملڪيت آھي ۽ ان کي ڪنھن به شيءِ جو ڪوبه اختيار نه آھي. ٻيو شخص (يعني غلام جو مالڪ) آهي جنھن کي اسان پنھنجي طرفان سٺي روزي ڏني آهي ۽ ھو ان مان ظاھري طرح ۽ لڪائي خوب خرچ ڪري ٿو، ڇا اُھي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏھن به نه) الحمدلِلھ! پر انهن مان گهڻا ماڻهو اِھا ڳالھ سمجهن ئي نٿا. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
وري اللھ تعالى ٻن (ٻين) ماڻهن جو مثال بيان ڪري ٿو، انهن مان ھڪ ته گونگو آھي، ھو ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهي، پنھنجي مالڪ تي بار آھي، کيس مالڪ جيڏانھن به موڪلي ٿو ته صحيح ڪم ڪري ئي نٿو اچي ــ ٻيو شخص اھڙو آھي جيڪو ( مالڪ جي ڳالهه ٻڌي ) ٻين کي انصاف جو حڪم ڪري ٿو ۽ پاڻ به سڌي راهه تي قائم آھي. ھاڻي ٻڌايو ته ڇا ھي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
آسمانن ۽ زمين جا سمورا ڳجهه اللھ تعالى کي ئي معلوم آھن ۽ قيامت جو معاملو رڳو اک ڇنڀ جي ڳالھ آھي، بلڪ ان کان به جلدي . بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ تي طاقت رکندڙ آھي. |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ اللھ تعالى توھان کي پنھنجي مائرن جي پيٽن مان اھڙي حالت ۾ ڪڍيو جو توھان کي ڪنھن به شيءِ جي ڪا خبر ئي نه ھئي، پوءِ ھُن توھان کي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عقل کان ڪم وٺڻ (۽ سوچڻ) جي صلاحيت بخشي ته جيئن توھان شڪرگذاري وارو رستو وٺو. |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن ماڻهن پکين کي نه ڏٺو آھي جيڪي آسماني فضائن ۾ فرمانبرداري واري انداز ۾ اڏرن ٿا، اللھ تعالى کان سواءِ ڪنھن انهن کي قابو ۾ رکيو آھي؟ بيشڪ ايمان وارن لاءِ ان ۾ وڏيون نشانيون آھن. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
اللھ تعالى ئي توھان جي لاءِ توھان جي گهرن کي سڪون واري جاءِ بنايو ۽ جانورن جي کلن مان تنبوءَ جي شڪل جا گهر ٺاھيا جن جي ذريعي توھان سفر ۽ ڪٿي ترسڻ جي حالت ۾ سهولت محسوس ڪريو ٿا ۽ ھُن (رڍن جي) اُنَ، (اُٺن جي) مَلس ۽ (ٻڪرين جي) ڏاس مان پائڻ لاءِ گرم لباس ۽ گهريلو استعمال جي شين کان علاوه ٻيو گهڻو ئي ڪجهه ٺاھيو، جيڪو توھان کي مقرر ڪيل وقت تائين ڪم اچي ٿو. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
اللھ تعالى توھان جي لاءِ پنھنجي ٺاھيل ڪيترن ئي شين جا پاڇا بنايا، جبلن ۽ غارن جي صورت ۾ پناهگاھون ٺاھيائين ۽ توھان کي اھڙو لباس ڏنائين جيڪو گرميءَ کان بچاءُ ڪري ٿو ۽ اھڙو به لباس ڏنو جيڪو توھان جو پاڻ ۾ جنگ جي صورت ۾ توهان کي محفوظ رکي ٿو. اھڙي طرح اللھ تعالى توھان جي مٿان پنھنجون نعمتون پوريون ڪري ٿو ته جيئن توھان فرمانبردار ٿي رهو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
جيڪڏھن پوءِ به ھي ماڻهو حق ڳالھ کان منھن موڙين ٿا ته (اي نبيﷺ!) تنھنجي مٿان انهن تائين رڳو اللھ تعالى جو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آھي. |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
اللھ تعالى جي نعمتن کي ھي ماڻهو چڱي طرح سڃاڻن ٿا پر پوءِ به ان جو انڪار ڪن ٿا (اھو ان ڪري جو) انهن مان اڪثر ماڻهو ناشڪرا آھن. |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ اسان قيامت واري ڏينھن ھر امت منجهان (انھن جي سامھون) ھڪ ھڪ گواهه آڻي بيھارينداسين پوءِ انڪار ڪرڻ وارن جي ڪنھن به عذر کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين توبہ ۽ استغفار لاءِ چيو ويندو. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
جڏھن ظالم ماڻهو عذاب کي ڏسندا ته (کين معلوم ٿيندو ته) ھاڻي نه انهن کان عذاب ھلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين ڪا ڍر ڏني ويندي. |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
قيامت جي ڏينھن جڏھن مشرڪ پنھنجي شريڪن کي ڏسندا ته چوندا ته (يا اللھ!) ھي آھن اُھي جن کي اسان توکان سواءِ سڏيندا ھئاسون، سو شريڪ فوراً چوندا ته توھان سڀ ڪوڙا آھيو. |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
اهي سڀ اللھ تعالى جي اڳيان انتھائي نوڙت اختيار ڪندي فرمانبرداريءَ واريون ڳالهيون ڪندا. انهن کان پويون گهڙيل سڀ ڳالهيون وسري وينديون. |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن ماڻهن پاڻ ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي به اللھ تعالى جي رستي کان روڪيو ته اسان اھڙن ماڻهن کي فساد ڦھلائڻ جي بدلي ۾ عذاب مٿان عذاب ڏينداسين. |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ جنھن ڏينھن اسان ھر امت مان ھڪ ھڪ گواهه آڻي بيھارينداسين جيڪو انهن سڀني جي مٿان گواھي ڏيندو، پوءِ (اي نبيﷺ!)وري اسان توکي انهن سڀني جي مٿان گواھي ڏيڻ لاءِ آڻينداسين، اسان ئي تنھنجي مٿان هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) لاٿو آھي، جيڪو ھر شيءِ کي سھڻي طريقي سان کولي بيان ڪري ٿو ۽ خاص طور تي فرمانبردارن لاءِ ته وڏي ھدايت، رحمت ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آھي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ اللھ تعالى انصاف، احسان ۽ مٽن مائٽن سان سھڻي سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ برائي، بيحيائي، ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ کان روڪي ٿو، ھُو توھان کي سمجهائي ٿو ته جيئن توھان نصيحت حاصل ڪريو. |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
جڏھن توھان اللھ تعالى سان ڪو وعدو ڪيو ھجي ته ان وعدي کي ضرور پاڙيو ۽ پڪا قسم کڻڻ کان پوءِ انهن قسمن کي نه ٽوڙيو، جڏهن ته توھان اللھ تعالى کي پنھنجو پاڻ تي گواهه بڻائي چڪا آھيو. بيشڪ توھان جيڪو به عمل ڪريو ٿا سو سڀ اللھ تعالى کي معلوم آھي. |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
توھان ان عورت وانگر نه ٿيو جنھن وڏي محنت سان پنھنجو سُٽ وارو ڌاڳو ڪتيو پوءِ وري ان کي (ھروڀرو) ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، توھان مان ھڪڙو گروهه ٻئي گروهه کان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي کنيل قسمن کي ڌوڪي ۽ فساد جو ذريعو ٺاھي ٿي. حالانڪ اللھ تعالى توھان کي قسمن جي ذريعي آزمائي ٿو (ته توھان پنھنجا کنيل قسم پورا ڪريو ٿا يا فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ٽوڙيو ٿا) پوءِ جن ڳالهين ۾ توھان اختلاف ڪري رھيا آھيو تن سڀني جي حقيقت کي اللھ تعالى قيامت جي ڏينھن توھان جي اڳيان کولي ظاھر ڪندو. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏھن اللھ تعالى چاھي ھا ته توھان سڀني کي ھڪڙي ئي امت ٺاھي ھا پر ھو جنھن کي چاھي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪندو آھي ۽ جنھن به ان ڏانھن توجھه رکيو تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي ۽ توھان کان توھان جي عملن جو ضرور پڇاڻو ٿيندو. |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
(اي ايمان وارؤ!) توھان پنھنجي قسمن کي ھڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏيڻ جو ذريعو نه بنايو. ايئن نه ٿئي جو توھان کي ڏسي ڪو (نئون مسلمان) ايمان تي مضبوط رھڻ جي بجاءِ ڦري وڃي، پوءِ توھان کي اللھ تعالى جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿيڻ جي بدلي ۾ تڪليف ڀوڳڻي پوي ۽ ان کان علاوهه توھان جي لاءِ ھڪ وڏو عذاب به ھوندو. |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
اللھ تعالى جي نالي تي ڪيل وعدن کي ٿورڙي فائدي جي عيوض نه وڪڻو، جيڪڏھن توھان سمجهو ته توھان لاءِ اھا ئي بھتر شيءِ آھي جيڪا اللھ تعالى وٽ آھي. |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
توھان وٽ موجود هر شيءِ ختم ٿيڻ واري آھي ۽ جيڪا شيءِ اللھ تعالى وٽ موجود آھي اھا ئي ھميشه رھڻ واري آھي. ۽ جن ماڻهن (دنيا جي تڪليف تي) صبر ڪيو تن کي اسان بھترين عملن جي ڪري اجر ڏينداسين. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جيڪو به مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪندو چاھي اھو مرد ھجي يا عورت انهن کي دنيا ۾ ضرور پاڪيزهه زندگي عطا ڪنداسين ۽ بھترين عمل جي بدلي ۾ کين ضرور اجر ڏينداسين. |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
توھان جڏھن به قرآن شريف جي تلاوت شروع ڪريو ته پھريائين تڙيل شيطان کان اللھ تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو (يعني اعوذ باللھ من الشيطان الرجيم پڙھندا ڪريو). |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى تي ايمان ۽ ان تي ئي مڪمل ڀروسو رکن ٿا تن ماڻهن تي شيطان جو ڪوبه زور نه هلي سگهندو. |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
ھُن جو زور ته رڳو انهن ماڻهن تي ھلندو آھي جيڪي اُن سان ويجهڙائپ رکندا آھن ۽ شرڪ ڪندا آھن. |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ اسان جڏھن ھڪ آيت جي جاءِ تي (عمل ڪرڻ لاءِ) ٻي آيت نازل ڪندا آھيون ته حق جو انڪار ڪرڻ وارا چوندا آھن ته (اي ﷴ ﷺ!) توهان قرآن کي پنھنجي طرفان ٺاھيو ٿا، حالانڪ اللھ تعالى کي سڄي خبر آھي ته ھو ڪھڙي پس منظر ۾ ڇا نازل ڪري رھيو آھي؟ ان حقيقت کان گهڻا ماڻهو واقف ئي نه آھن. |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
انهن ماڻهن کي چؤ ته ھن قرآن کي جبرائيل ($) منھنجي پالڻھار جي طرف کان صحيح طريقي سان (مون تي) نازل ڪيو آھي ته جيئن ايمان وارن جا پير پُختا ڪري ۽ فرمانبرداري ڪرڻ وارن جي لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري جو ذريعو ٿئي. |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آھي ته ھي ماڻهو چون ٿا ته ھن (نبيءَ) کي ڪو ٻيو ماڻهو سيکاري ٿو پر جنھن ماڻهوءَ بابت ھنن جو اشارو آھي اُھو ته عربي ٻولي ڄاڻي ئي نٿو جڏهن ته ھي (قرآن) واضح طور تي عربي ٻولي ۾ آھي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى جي آيتن کي مڃيندا ئي نه، ته پوءِ اللھ تعالى به کين ھدايت جي راهه نه ڏيکاريندو. اھڙن ماڻهن لاءِ تڪليف وارو ئي عذاب آھي. |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
جيڪي ماڻهو اللھ تعالى جي آيتن کي نٿا مڃين سي ئي ڪوڙ گهرڻ ۾ لڳا پيا آھن ۽ اھي ئي ڪوڙا ماڻهو آھن. |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪنھن وڏي مجبوري جي ڪري ڪفر ڪيو پر سندن دل ايمان تي پختي آهي (اهو ته ٺيڪ آ). پر جنهن بغير مجبوري جي ڄاڻي واڻي دل سان ڪفر ڪيو آهي ته اھڙن ماڻهن تي اللھ تعالى جو ڏمر آھي ۽ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
انهن ماڻهن جو ايمان کان ڦري وڃڻ ان ڪري آھي جو انهن آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگيءَ کي پسند ڪيو ۽ اللھ تعالى ڪفر ڪرڻ وارن کي (ڪڏھن به) ھدايت نه ڏيندو آھي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
اھڙن ماڻهن جي ئي دلين، ڪنن ۽ اکين تي اللھ تعالى مھر ھڻي ڇڏي آھي. ۽ ھو (آخرت کان) غفلت ۾ پيل آھن. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
۽ پڪ سان اُھي ئي ماڻهو آخرت ۾ به نقصان ۾ رھندا. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
پوءِ جن ماڻهن (ايمان جي) آزمائش جي حالت ۾ وطن ڇڏيو، (اللھ تعالى جي راهه ۾) جھاد ڪيو ۽ صبر ڪيو ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار انهن عملن کان پوءِ کين معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
قيامت واري ڏينھن ھر ماڻهو پنھنجي پنھنجي بچاءَ ۾ لڳل ھوندو (پر) ھرھڪ کي سندن ڪيل عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
اللھ تعالى ھڪ شھر جو مثال بيان ڪري ٿو، جنهن جا رهاڪو وڏي امن ۽ آرام سان زندگي گذاري رھيا ھئا ۽ کين ھر طرح ۽ ھر طرف کان روزي ملي رھي ھئي (ته اوچتو سندن دماغ ڦري ويو) پوءِ انهن، نعمتن جي ناشڪري شروع ڪئي ته اللھ تعالى به سندن اعمال جي بدلي ۾ کين بک (ڏُڪر) ۽ خوف جو مزو چکايو. |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ بيشڪ انهن ڏي انهن مان ئي ھڪ رسول سڳورو به آيو هو پر انهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو. پوءِ کين (اسان جي) عذاب اچي ورتو حقيقت ۾ ھو ظالم ماڻهو ھئا. |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
اللھ تعالى توھان کي جيڪا حلال ۽ پاڪ روزي ڏني آھي، اُھا ئي کائو ۽ جيڪڏھن توھان ان کي ئي معبود مڃيو ٿا ته پوءِ اللھ تعالى جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندا رھو. |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
بيشڪ اللھ تعالى توھان جي لاءِ مئل جانور جو گوشت، رت، سوئر جو گوشت ۽ ان جانور جو گوشت جنھن کي اللھ تعالى جي نالي وٺڻ کان سواءِ ٻئي جي نالي تي سڏيو وڃي، سڀ جا سڀ حرام ڪيا آھن باقي بغير ڪنھن نافرماني ۽ حد کان نه لنگهڻ جي نيت سان مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن انهن شين مان ڪجهه کائي پي ورتو ته بيشڪ اللھ تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
توھان اللھ تعالى تي ڪوڙ گهڙڻ جي نيت سان پنھنجي زبان تي ڪوڙا لفظ نه آڻيندا ڪريو ته ھي شيءِ حلال آھي ۽ ھي شيءِ حرام آھي، بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى تي ڪوڙ گهڙيندا آهن، سي (ڪڏھن به) ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
بس! دنيا جا ٿورا ئي فائدا آھن، اڳتي وري انهن ماڻهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ عذاب آھي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ اسان يھودين تي رڳو اھي شيون حرام ڪيون ھيون جيڪي توھان کي اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آھيون ۽ اھي حرام ڪرڻ انهن تي ڪو ظلم نه ھو پر انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو. |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
جن ماڻهن ناسمجهي ۾ برا عمل ڪيا، ان کان پوءِ توبہ ڪئي ۽ پنھنجي عمل کي ٺيڪ ڪيو ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان عمل کان پوءِ وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ ابراھيم ($) پنھنجي ذات ۾ ھڪ انجمن (يعني جماعت) ھو، اللھ تعالى جو فرمانبردار ۽ سنئون سڌو پڪو توحيد پرست مسلمان ھو، مشرڪن سان ته سندس پري جو به واسطو نه ھو. |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
ھُو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن جو شڪرگذار ھو، اللھ تعالى کيس چونڊيو ۽ کيس سڌو رستو ڏيکاريو. |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ اسان کيس دنيا ۾ ڀلائي عطا ڪئي ۽ آخرت ۾ ھو يقيناً ڀلارن ماڻهن ۾ شامل ھوندو. |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
(اي نبيﷺ!) پوءِ اسان توکي وحي جي ذريعي ٻڌايو ته تون ابراھيم ($) جي طريقي جي پيروي ڪر جيڪو پڪو توحيد پرست مسلمان ھو ۽ سندس شرڪ سان ڪو واسطو ئي نه ھو. |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
يھودين جي مٿان ڇنڇر واري ڏينھن جي باري ۾ جيڪي سختيون ڪيل ھيون سي سڀ ڏنل حڪمن ۾ اختلافن جي ڪري ھيون ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت واري ڏينھن سندن اختلافي ڳالهين جو صحيح فيصلو ڪندو. |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي نبيﷺ! ماڻھن کي) پنھنجي پالڻھار جي رستي ڏانھن حڪمت ۽ سھڻي نصيحت سان دعوت ڏي ۽ ماڻهن سان بحث ڪريو ته سهڻي انداز سان ڪريو، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي سموري خبر آھي ته ڪير ان جي راهه کان ڀٽڪيل آھي ۽ ھو اھو به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي رستي تي آھي؟ |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
توھان پنھنجي زيادتي جو بدلو وٺي سگهو ٿا پر ايترو جيتري توھان سان زيادتي ڪئي وئي آھي پر جيڪڏھن صبر ڪندا ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ اھو عمل بھتر آھي. |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
(اي نبيﷺ!) صبر کان ڪم وٺ ۽ تنھنجو صبر ڪرڻ به اللھ تعالى جي توفيق تي مدار رکي ٿو ۽ انهن ماڻهن جي ڳالهين تي رنج نه ڪر ۽ نه انهن جي حرڪتن تي پنهنجي دل ننڍي ڪر. |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
بيشڪ اللھ تعالى پرھيزگارن ۽ نيڪوڪار ماڻهن سان گڏ آھي. |