أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
اچي ويو فيصلو الله جو، پوءِ تون ان جي لاءِ تڪڙ نه ڪر، پاڪ آهي اهو بلند ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن پيا |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
اهو نازل ڪندو آهي ملائڪن وسيلي ان روح کي پنهنجي حڪم سان پنهنجي جنهن ٻانهي تي گهرندو آهي ته بندن کي ٻڌايو ته مون کان سواءِ توهان جو ڪوبه خدا ناهي، تنهن ڪري توهان مون کان ڊڄو |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
هن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي حق سان، اهو گهڻو بلند ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪندا آهن |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
هن پيدا ڪيو انسان کي هڪ ننڍڙي ڦڙي مان، پوءِ اهو هڪ جهيڙيڪار هستي بنجي ويو ظاهر ظهور |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ هن جانور پيدا ڪيا آهن جن ۾ توهان جي لاءِ پوشاڪ آهي ۽ ڪيترا فائدا به آهن ۽ کائڻ جي لاءِ کاڌو به |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
۽ توهان جي لاءِ (انهن چوپاين ۾) سونهن به آهي جڏهن شام جو اهي چاري اچو ٿا ۽ صبح جو چارڻ لاءِ ڪاهي وڃو ٿا |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ اهي توهان جو بار کڻي اهڙن هنڌن تي وڃن ٿا جتي توهان پهچي نٿا سگهو سواءِ سخت تڪليف جي. حقيقت ۾ توهان جو رب وڏو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ هن گهوڙا ۽ خچر ۽ گڏهه پئدا ڪيا جيئن توهان انهن تي سواري ڪريو ۽ اهي ٿين زندگيءَ جا ۽ گهڻو ڪجهه پيدا ڪري ٿو (الله) جن کان توهان لاعلم آهيو |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ الله جي ئي ذمي آهي سڌو رستو ڏيکارڻ، جڏهن ته انهن ۾ آهن ڏنگا به، جيڪڏهن هو گُهري ها ته توهان سڀني کي هدايت ڏئي ڇڏي ها |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اهو (الله) اهو ئي آهي جنهن وسايو آسمان مان پاڻي توهان جي لاءِ، جنهن مان پاڻ به پيئو ٿا ۽ توهان جي جانورن جي لاءِ گاهه پيدا ٿئي ٿو |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
اهو (الله) ان پاڻيءَ وسيلي پوکون پيدا ڪري ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ انگور ۽ ان مان قسمين قسمين جا ٻيا ميوا پيدا ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺن ٿا |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
اهو (الله) جنهن توهان جي ڀلائي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي، ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيو آهي ۽ سڀ تارا به ان جي حڪم سان تابع ڪيل آهن، بيشڪ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ هن ڪيتريون ئي شيون توهان لاءِ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن قسمين قسمين رنگن جون، بيشڪ انهن ۾ به نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺڻ وارا آهن |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ تابع ڪيو سمنڊ کي جيئن کائو ان مان گوشت ڪڍي ۽ ان مان سونهن جون اهي شيون ڪڍو جن کي توهان پائيندا آهيو، توهان ڏسندا آهيو ته ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيري هلندي آهي ان ۾، ۽ هي سڀ ان لاءِ آهي ته (الله جو) فضل ڳوليو ۽ ان جا شڪرگذار ٿيو |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ هن (الله) ميخون کوڙيون زمين ۾ جبلن جون ته جيئن اها توهان سميت لڙهڪي نه وڃي ۽ هن ۾ درياء وهايا ۽ قدرتي رستا بنايا ته جيئن توهان هدايت حاصل ڪريو |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ هن (الله) رستن ٻڌائڻ واريون زمين ۾ نشانيون رکيون ۽ تارن مان به رهنمائي وٺن ٿا |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
پوءِ اهو جيڪو پئدا ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪجهه به پئدا نٿا ڪن ڇا برابر آهن؟ پوءِ ڇا توهان هوش ۾ نٿا اچو؟ |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪر ڳڻڻ شروع ڪريو الله جي نعمتن کي ته ڳڻي نه سگهندؤ، حقيقت ۾ الله وڏو ٻاجهارو بخشڻهار آهي |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ الله توهان جي انهن ڳالهين کي ڄاڻي ٿو جيڪي لڪل آهن يا ظاهر آهن |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ اهي ٻيون هستيون جن کي ماڻهو سڏين ٿا الله کان سواءِ، سي ناهن خلقيندڙ ڪنهن به شيءِ جا، پر اهي ته پاڻ ئي مخلوق آهن |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
مئل آهن زنده نه آهن ۽ انهن کي ڪجهه به معلوم ناهي ته کين ڪڏهن وري اٿاريو ويندو |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
توهان جو خدا بس هڪ ئي خدا آهي، پر جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن، ته انڪار گهر ڪيو آهي انهن جي دلين ۾، ۽ اهي تڪبر ۾ پئجي ويا آهن |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
پڪ سان انهن جا جرم الله ڄاڻي ٿو، اهي لڪل آهن يا ظاهر ۽ اهو هرگز انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي نفس جي غرور ۾ مبتلا آهن |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن به ڪو انهن کان پڇي ٿو ته هي ڪهڙي شيءِ نازل ڪئي آهي توهان جي رب، ته چوندا آهن (سائين!) اهي اڳين دورن جون ڪهاڻيون آهن |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
اهي ڳالهيون ان لاءِ ڪندا آهن ته اهي پنهنجا بار به قيامت جي ڏينهن پورا کڻن ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن جا به بار کڻن جن کي گمراهه ڪري رهيا آهن اڻڄاڻائي ۾، ڏسو ڪيڏي ذميواري اهي پنهنجي سر تي کڻي رهيا آهن |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
ان کان اڳي به اهي ماڻهو فريب ڪاريون (حق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ) ڪري چڪا آهن، پوءِ ڏسو الله انهن جي فريب ڪارين جي پاڙ پٽي اڇلي ڇڏي، ۽ ان جي ڇت انهن تي اچي ڪري مٿان کان انهن جي مٿن تي ۽ اهڙي پاسي کان انهن تي عذاب آيو جتان کان اچڻ جو کين گمان به ڪونه هو |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
وري قيامت جي ڏينهن به الله کين ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ انهن کي چوندو، ٻڌايو هاڻي ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن بابت توهان (حق وارن سان) تڪرار ڪندا هيؤ؟ جن ماڻهن کي دنيا ۾ علم حاصل هو سي چوندا، بيشڪ اڄوڪي ڏينهن ته خواري ۽ بدبختي آهي ڪفر ڪرڻ وارن لاءِ |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
اهي ئي ڪافر جيڪي گرفتار ٿيندا فرشتن هٿان پنهنجي ظلم سبب نفس تي، اهي (آڪڙ ڇڏي) هڪدم صلح پيش ڪندا ۽ چوندا، اسان ته ڪوبه قصور نه ڪيو هو. (فرشتا چوندا)، بيشڪ الله واقف آهي توهان جي ڪرتوتن کان جيڪي توهان ڪيا هئا |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
هاڻي گهڙي وڃو دروازن ۾ دوزخ جي، اتي توهان کي هميشه رهڻو آهي، حقيقت هيءَ آهي ته برو ٺڪاڻو آهي وڏائي خورن لاءِ |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ ٻئي پاسي جڏهن پرهيزگارن کان پڇيو ويندو، ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا رب جي طرفان نازل ٿي آهي، ته چوندا بهترين لٿي آهي، ان قسم جي نيڪ ماڻهن لاءِ ته هن دنيا ۾ به ڀلائي آهي ۽ آخرت جو گهر به ضرور انهن جي حق ۾ بهترين آهي |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
ڏاڍو سٺو هميشه وارين جنتن ۾ داخل ٿيندا انهن هيٺان نهرون وهنديون هونديون۽ سڀڪجهه اتي سندن مرضي مطابق ٿيندو جيڪي هو چاهيندا، اهڙيءَ طرح ئي بدلو ڏيندو آهي الله پرهيزگارن کي |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
انهن پرهيزگارن جا روح پاڪ حالت ۾ جڏهن فرشتا قبض ڪندا آهن ته چوندا آهن، سلام هجي توهان تي، داخل ٿي وڃو جنت ۾ پنهنجن (سهڻن) عملن جي ڪري جيڪي ڪندا هئا |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
(اي نبي!) هاڻي جو اهي ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن ته ان کان سواءِ باقي ڇا رهيو ته فرشتا اچي پهچن يا تنهنجي رب جو فيصلو صادر ٿئي؟ اهڙي قسم جو نٺرپڻو انهن ماڻهن کان اڳ ڪيترا ئي ڪري چڪا آهن، ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ظلم انهن تي ٿيو الله جو نه هو پر سندن پنهنجو ئي هو جيڪو انهن پاڻ سان ظلم ڪيو هو |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
انهن جي ڪرتوتن جون خرابيون آخرڪار انهن کي ئي وڪوڙي ويون اها ئي شيءِ مٿن طاري ٿي وئي جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ چوندا آهن اهي مشرڪ ته جيڪڏهن چاهي ها الله ته نه اسين عبادت ڪريون ها ڪنهن به ٻي شيءِ جي اسان ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا، ۽ نه ان جي حڪم کان سواءِ حرام چئون ها ڪنهن شيءِ جي لاءِ، اهڙا ئي بهانا ٺاهيندا هئا انهن کان اڳيان ماڻهو اڳي ڀي، ته ڇا رسولن تي صاف ڳالهه پهچائڻ کان سواءِ ٻي به ڪا ذميواري آهي ظاهر ظهور؟ |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ اسان موڪليو هو هر ڪنهن امت ۾ هڪ رسول ۽ ان وسيلي سڀني کي خبردار ڪيو ته، بندگي ڪريو الله جي ۽ بچو طاغوت جي پوڄا کان، ان کان پوءِ انهن مان ڪن کي هدايت بخشي الله ۽ انهن مان ڪن تي طاري ٿي وئي گمراهي، پوءِ ٿورو گهمي ڦري ڏسو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي ٿي ڪوڙو چوڻ وارن جي؟ |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي نبي!) تون کڻي ڪيترو ئي حرص ڪندڙ هجين انهن جي هدايت جو، پر الله هدايت نه ڏيندو آهي جنهن کي گمراهه ڪندو آهي ۽ ڪوبه انهن لاءِ نٿو ٿي سگهي مددگار |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ اهي ماڻهو وڏا قسم الله جي نالي جا کڻي چوندا آهن ته، نه اٿاريندو آهي الله وري جيئرو ڪري ڪنهن به مرڻ واري کي، اٿاريندو ڇو نه! اهو ته وعدو سچو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لازم آهي پر گهڻا ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
۽ ائين ٿيڻ ان لاءِ ضروري آهي ته الله انهن جي آڏو اها حقيقت کولي جيئن اهي ماڻهو اختلاف پيا ڪن ۽ حق جي منڪرن کي معلوم ٿئي ته اهي ڪوڙا آهن |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
(باقي رهيو ان جو امڪان ته) بيشڪ اسان کي ڪا شيءِ وجود ۾ آڻڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو نه پوندو جو ان کي حڪم ڏيون ”ٿي پؤ“ ۽ اها ٿي پوندي آهي |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي هجرت ڪري ويا آهن الله جي خاطر ظلم سهڻ کان پوءِ، تن کي اسان ڏينداسين دنيا ۾ ئي سٺو ٺڪاڻو، ۽ اجر آخرت جو ته ان کان تمام وڏو آهي، ڪاش اهي ڄاڻي وٺن |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
اهي ماڻهو جن صبر ڪيو (مظلومن) ۽ رب جي ڀروسي تي ڪم ڪيو (سٺي پڄاڻي جي انتظار ۾) |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ (اي نبي!) جڏهن به رسول موڪلياسين تو کان اڳ ۾، اهي انسان ئي موڪليا آهن جن ڏي اسان وحي موڪليندا هئاسين، پڇي ڏسو ڪتاب (ذڪر) وارن کان، جيڪڏهن توهان پاڻ (ان باري ۾) نٿا ڄاڻو |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
اسان پڌريون نشانيون ۽ دليل ڏنا، اڳين رسولن کي ۽ کين ڪتاب ڏئي موڪليو هو ۽ هاڻي هي ذڪر (ڪتاب) توتي نازل ڪيو آهي جيئن تون انهن ماڻهن آڏو (ان تعليم جي تشريح ڪرين) جيئن پاڻ سوچ ويچار ڪن |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
پوءِ ڇا اهي ماڻهو جيڪي (پيغمبر جي سڏ تي) مخالفت ۾ بڇڙيون چالون هلن پيا، ان ڳالهه کان بلڪل بي خوف ٿي ويا آهن ته الله کين ڳهائي زمين ۾ يا ڪٿان کان مٿن آڻي عذاب جتان ان جي اچڻ جو (کين) وهم ۽ گمان به نه هجي |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا وري پڪڙي وٺي انهن کي پوءِ اهي نٿا ڪري سگهن عاجز (الله کي) |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا اهڙي حالت ۾ کين پڪڙي جڏهن کين خوف هجي ان مصيبت اچڻ جو ۽ اهي بچڻ جي فڪر ۾ هجن، حقيقت ۾ توهان جو رب ٻاجهارو ۽ مهربان آهي |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
۽ ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ڪنهن خلقيل شيءِ الله جي کي، جو ان شيءِ جو پاڇو ڪيئن نه لڙندو وڃي ٿو ساڄي کان کاٻي پاسي سجدا ڪندو سندس حضور ۾؟ اهي سڀ جا سڀ ظاهر ڪن پيا عاجزي |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ الله جي آڏو سجدي ۾ آهن آسمان ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي جاندار مخلوق ۽ جيترا به فرشتا آهن ۽ اهي هرگز تڪبر نه ڪندا آهن |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
اهي ڊڄندا آهن پنهنجي رب کان جيڪو انهن جي مٿان (غالب) آهي ۽ اهو ئي اهي ڪم ڪندا آهن جيڪو حڪم ڏنو ويندو آهي |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ فرمان آهي الله جو ته نه ٺاهيو ٻه خدا، هڪڙو ئي ته آهي خدا حقيقت ۾ پنهنجي هيڪڙائيءَ ۾، تنهن ڪري توهان صرف مون کان ئي ڊڄو |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ سڀ ڪجهه سندس ئي ته آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي ۽ خالص انهيءَ دين جو جيڪو (سڄي ڪائنات ۾) هلي رهيو آهي، پوءِ ڇا توهان (هڪ) الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کان ڊڄندؤ؟ |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ توهان کي جيڪا به حاصل آهي نعمت سا الله جي ئي طرفان آهي پوءِ جڏهن ڪو سخت وقت اچي ٿو توهان تي توهان پاڻ فرياد کڻي ڏانهس ڊوڙندا آهيو |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
پر جڏهن ان وقت کي ٽاريو ويندو آهي توهان تان ته اوچتو ئي هڪ ٽولو توهان مان پنهنجي رب سان (شڪريه طور) ٻين کي شريڪ ڪندو آهي |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
جيئن ناشڪري ڪري (الله جي) ڪيل احسان جي، چڱو مزا ماڻي وٺو پوءِ سگهوئي توهان کي معلوم ٿي ويندو |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ اهي حصا مقرر ڪندا آهن جن جي حقيقت کان واقف نه آهن، اسان جي ڏنل رزق مان، خدا جو قسم توهان کان ضرور پڇيو ويندو ته اهي ڪوڙ توهان ڪيئن ٺاهيا هئا؟ |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ اهي الله جي لاءِ ڌيئرون تجويز ڪندا آهن، سبحان الله! ۽ انهن جي لاءِ اهي جيڪي هي پاڻ گهرن؟ |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به ڌيءُ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني ويندي آهي ته سندن چهري تي ڪارنهن ڇانئجي ويندي آهي ۽ اهو رت جو ڍڪ پي ويندو آهي |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
لڪندو وتندو آهي ماڻهن کان ته کين ڪيئن منهن ڏيکاري انهيءَ بري خبر کان پوءِ، سوچيندو آهي ته ذلت سان ڌيءُ کي رکيو ويٺو هجي يا مٽيءَ ۾ ان کي پوري ڇڏي؟ ڏسو ڪهڙا نه برا حڪم آهن جيڪي خدا جي باري ۾ ڏين ٿا |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي يقين نٿا رکن آخرت تي، برن مثالن ۽ صفتن جي لائق آهن ۽ باقي رهيو الله، ته ان لاءِ سڀ کان اعليٰ صفتون آهن ۽ اهو ئي ته سڀني تي غالب ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهي |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جي پڪڙي وٺي ها الله ماڻهن کي سندن ظلمن جي ڪري ته ساري زمين تي ڪنهن جاندار کي نه ڇڏي ها، پر اهو سڀني کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏيندو آهي، پوءِ جڏهن اهو وقت اچي ويندو آهي ته نه ٿي سگهندي ان کان پوءِ ڪا هڪڙي گهڙي اڳتي پوئتي |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ اڄ هي شخص الله جي لاءِ اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي کين پسند نه آهن، سندن زبانون ڪوڙ ڳالهائينديون آهن ته انهن لاءِ بهتر آهي، جيڪا هڪ ئي شيءِ آهي بيشڪ اها آهي دوزخ جي باهه ۽ ضرور اهي سڀ کان پهرين اتي پهچايا ويندا |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
خدا جو قسم (اي نبي!) موڪليا آهن رسول ڪيترين قومن ۾ تو کان اڳي (۽ ائين ئي ٿيو آهي ته) سهڻا ڪري ڏيکاريا شيطان کين سندن برا ڪرتوت (۽ رسولن جي ڳالهه انهن نه مڃي) اهو ئي (شيطان) اڄ سرپرست آهي سندن ۽ اهي دردناڪ سزا جا حقدار ٿيا آهن |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ نازل ڪيو آهي اسان توتي هي ڪتاب ان لاءِ ته تون کولي رکين اها حقيقت انهن جي سامهون سندن اختلافن جي، جن ۾ اهي پيل آهن، ۽ (هي ڪتاب) رهنمائي ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ان کي مڃين |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
(توهان هر برسات ۾ ڏسو ٿا ته) الله وسايو آسمان مان پاڻي پوءِ جان وڌي زمين ۾ ويران ٿيڻ کان پوءِ، بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي ٻڌڻ وارن جي لاءِ |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ توهان جي لاءِ جانورن ۾ هڪ سبق موجود آهي، اسان توهان کي پياريون ٿا (اها شيءِ جيڪا) انهن جي پيٽن مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان هڪ خالص (نڪرندڙ) کير وڻندڙ آهي پيئڻ وارن لاءِ |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ (اهڙيءَ طرح) کجين جي وڻن ۽ انگورن جي ولين مان به هڪ شيءِ توهان کي پياريندا آهيون جنهن کي توهان نشو ڏيندڙ به (شراب) ٺاهي وٺو ٿا ۽ رزق پاڪ به، بيشڪ ان ۾ به هڪ نشاني آهي عقل کان ڪم وٺڻ وارن لاءِ |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ ڏس وحي ڪئي تنهنجي رب ماکيءَ جي مک ڏي اها ڳالهه ته جبلن ۾، ڇپرن ۾ ۽ وڻن ۾ چاڙهيل ولين ۾ پنهنجا مانارا ٺاهه |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
۽ هر ڪنهن قسم جي ميون جو رس چوس ۽ پنهنجي پالڻهار جي هموار ڪيل راهن تي هلندي رهه، ان مک جي اندران نڪري ٿو پيٽ مان رنگا رنگ هڪ شربت جنهن ۾ آهي شفا ماڻهن لاءِ. بيشڪ هڪ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ (ڏسو)، الله پئدا ڪيو آهي توهان کي پوءِ وري اهو موت ڏيندو آهي توهان کي ۽ توهان مان ڪو پهچايو وڃي ٿو بيڪار عمر ڏي جيئن سڀڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ به هو وري ڪجهه نه ڄاڻي. سچ هي آهي ته الله علم ۾ ته ڪامل آهي پر قدرت ۾ به |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ (ڏسو) الله فضيلت عطا ڪئي آهي توهان مان هڪڙن کي ٻين تي رزق ۾، پوءِ جن ماڻهن کي اها فضيلت ڏني وئي آهي سي اهڙا ته آهن جو ڦيريندا آهن پنهنجو رزق پنهنجن ٻانهن ڏي جيئن ٻئي ان ۾ بنجي وڃن برابر حصيدار، ته ڇا اهو احسان الله جو مڃڻ کان انهن ماڻهن کي انڪار آهي؟ |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ اهو الله آهي جنهن توهان جي لاءِ توهان جون هم جنس زالون بنايون آهن ۽ هن انهن ئي زالن مان توهان کي پٽ ۽ پوٽا عطا ڪيا ۽ توهان کي کائڻ جي لاءِ عطا ڪيون آهن سٺيون (شيون)، پوءِ ڇا اهي ماڻهو (سڀڪجهه ڄاڻندي به) باطل کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت (۽ احسان) جو انڪار ڪندا آهن؟ |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ پوڄيندا آهن ٻين کي الله کي ڇڏي، جن جي هٿ مان کين نه رزق ملي ٿو آسمانن مان ۽ نه زمين مان ڪا به شيءِ، ۽ نه ان ڪم جي ڪا سگهه ئي رکن ٿا |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
ته پوءِ نه ٺاهيو الله جي لاءِ مثال، بيشڪ الله ئي ڄاڻي ٿو ۽ توهين (ڪجهه) نٿا ڄاڻو |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
ڏئي ٿو الله مثال ته هڪ آهي (اهو) ٻانهو جيڪو ٻئي جو غلام آهي ۽ اهو نٿو رکي پاڻ ڪوبه اختيار ڪنهن شيءِ تي ۽ ٻيو آهي اهڙو شخص جنهن کي رزق ڏنو آهي اسان سٺو رزق ۽ اهو ان مان خرچ ڪري ٿو خوب لڪل توڙي ظاهر، ته پوءِ ٻڌايو ته اهي ٻئي برابر آهن؟ سڀ ساراهه ته الله جي لاءِ آهي، پر گهڻا ماڻهو ته (اها سڌي سنئين ڳالهه به) نٿا سمجهن |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ ڏئي ٿو الله هڪ ٻيو مثال، ٻه ماڻهو آهن هڪڙو انهن مان آهي گونگو ٻوڙو، ڪوبه ڪم ڪري نٿو سگهي ۽ اهو هڪ بار آهي پنهنجي مالڪ تي، جيڏانهن به کيس موڪلي ته ڪوبه چڱو ڪم ان کان ٿئي نٿو، ٻيو شخص اهڙو آهي جيڪو حڪم ڏئي ٿو انصاف جو ۽ اهو پاڻ به آهي سڌي راهه تي قائم (ڇا هي ٻئي برابر آهن؟) |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ الله کي ئي غيب جو علم آهي آسمانن ۽ زمين جو، ۽ ڪابه دير نه لڳندي قيامت جي قائم ٿيڻ ۾، فقط ايتري جو ماڻهو جي اک ڇنڀجي وڃي پر ان کان به گهٽ، بيشڪ حقيقت هيءَ آهي ته الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ الله توهان کي ڪڍيو توهان جي مائرن جي پيٽن مان، اهڙيءَ حالت ۾ جو توهان ڪجهه نه ڄاڻندا هئا، ۽ هن توهان کي ڏنا ڪن ۽ اکيون ۽ (سوچڻ واريون) دليون، جيئن توهان شڪرگذار ٿيو |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
۽ ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي پکين کي ڪڏهن، جيڪي تابع ڪهڙي طرح ٿيل آهن آسماني فضا ۾؟ انهن کي ٻئي ڪنهن جهلي رکيو آهي الله کان سواءِ؟ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ الله توهان جي لاءِ توهان جي گهرن کي آرام جي جاءِ بنايو آهي ۽ هن (الله) بنايا آهن توهان جي لاءِ جانورن جي کلن مان اهڙا گهر، جن کي توهان سفر توڙي گهر ۾ رهڻ ٻنهي حالتن ۾ هلڪو ڏسندا آهيو. هن (الله) جانورن جي ڏاس، اُن ۽ وارن مان توهان جي پائڻ ۽ واپرائڻ جون ڪيتريون ئي شيون پئدا ڪيون آهن جيڪي حياتيءَ ۾ مقرر مدت تائين توهان کي ڪم اچن ٿيون |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
الله توهان جي لاءِ پنهنجي پئدا ڪيل ڪيترين ئي شين مان ڇانوَ جو بندوبست ڪيو آهي، توهان لاءِ بنايون جبلن ۾ پناهه گاهون (غارون) ۽ توهان جي لاءِ اهڙيون پوشاڪون ڏنيون جيڪي توهان کي گرميءَ کان بچائن ٿيون ۽ ڪي ٻيون پوشاڪون جنگ جي وقت حفاظت ڪنديون آهن، اهي نعمتون پوريون ڪري ٿو توهان جي لاءِ شايد فرمانبردار ٿيو |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا، (اي نبي!) توتي صاف صاف حق جي پيغام پهچائڻ کان سواءِ ڪا ٻي ذميواري ناهي |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
اهي سڃاڻن ٿا الله جي احسان کي. پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو حق مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ ان ڏينهن ڇا ٿيندو (کين هوش به آهي) جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد بيهارينداسين، پوءِ نه ڏنو ويندو ڪوبه موقعو انهن ڪافرن کي عذر ڪرڻ جو، ۽ نه انهن کان توبهه جو نه استغفار جو مطالبو ڪيو ويندو |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جڏهن عذاب ڏسي وٺندا اهي ظالم ماڻهو هڪ ڀيرو ته ان بعد انهن جي عذاب ۾ ڪا هلڪائي نه ٿيندي نه وري کين هڪ گهڙي جي مهلت ئي ملندي |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڏسندا اهي ماڻهو جن دنيا ۾ شرڪ ڪيو هو، پنهنجن جڙتو شريڪن کي ته چوندا، اي اسان جا پالڻهار! اهي ئي آهن اسان جا اهي شريڪ جن کي اسان پڪاريندا هئاسين توکي ڇڏي. ان تي اهي معبود کين صاف جواب ڏيندا، بيشڪ توهان بلڪل ڪوڙا آهيو |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
ان وقت اهي سڀ جهڪي الله جي آڏو پوندا، سڀ ٺاهيل ٺاهه کانئن وسري ويندا جيڪي اهي دنيا ۾ ٺاهيندا هئا |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن ماڻهن پاڻ ڪفر جي راهه ورتي ۽ ٻين کي به روڪيو الله جي راهه کان، تن کي ڏينداسين عذاب مٿان عذاب، ان فساد جي بدلي جيڪو اهي دنيا ۾ برپا ڪندا رهيا آهن |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
(اي نبي!) ۽ ان ڏينهن کان انهن کي خبردار ڪر، جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد اٿارينداسين انهن مان ئي، جيڪو ان تي ڏيندو شاهدي ۽ هنن ماڻهن جي مقابلي ۾ شاهدي لاءِ اسان توکي آڻينداسين ته اسان توتي نازل ڪيو آهي هي ڪتاب، جيڪو هر شيءِ جي چٽي وضاحت ڪرڻ وارو ۽ هدايت ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي انهن لاءِ جن (حق آڏو) سر نوايو آهي |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ الله حڪم ڏئي ٿو عدل ۽ احسان جو، ۽ همدردي ڪريو مٽن مائٽن سان ۽ روڪي ٿو هر ڪنهن برائيءَ ۽ بي حيائي ۽ ظلم کان، اهو نصيحت ڪري ٿو توهان کي جيئن توهان سبق وٺو |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ پورو ڪريو الله جي وعدي کي جڏهن ڪوبه وعدو ان سان توهان ڪيو هجي ۽ پنهنجا قسم پڪا ڪرڻ کان پوءِ (اهي) نه ٽوڙيو، ۽ جڏهن ته توهان بنائي چڪا آهيو الله کي پنهنجي مٿان (مڪمل) هڪ شاهد، بيشڪ الله واقف آهي توهان جي سڀني عملن کان |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ نه ٿئي توهان جي حالت ان عورت وانگر جنهن پاڻ پنهنجي لاءِ سُٽ ڪتيو پوءِ پاڻ ئي ان کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪيو، توهان بڻايو ٿا پنهنجي قسمن کي پنهنجن معاملن لاءِ مڪر ۽ فريب جو ذريعو، جيئن هڪ قوم وڌيڪ فائدا حاصل ڪري ٻي قوم کان، جڏهن ته آزمائيندو آهي الله (انجام ۽ عهد ذريعي) توهان کي ۽ قيامت جي ڏينهن ضرور توهان جي اختلافن جي حقيقت کي توهان تي کوليندو |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏهن الله جي مرضي هجي ها (ته توهان ۾ اختلاف نه هجي) ته توهان سڀني کي هڪ امت ڪري ها پر اهو جنهن کي گُهرندو آهي گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جنهن کي گهري سڌي راهه ڏيکاريندو آهي، ۽ ضرور پڇا ڪندو توهان کان توهان جي عملن جي |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ (اي مسلمانو!) توهان پنهنجن قسمن کي ذريعو نه بنايو پاڻ ۾ دوکي ڏيڻ لاءِ، ڪٿي ائين نه ٿئي جو پير کپڻ کان پوءِ ترڪي وڃي ۽ توهان چکو ان ڏوهه جي سزا، جو توهان ماڻهن کي روڪيو الله جي راهه کان، ڪو برو نتيجو ڏسو ۽ توهان ڀوڳيو سخت سزا |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ نه وڪڻو الله جي عهد کي ٿورڙي فائدي جي عيوض، بيشڪ جيڪو ڪجهه آهي الله وٽ سو ئي وڌيڪ ڀلو توهان جي لاءِ آهي جيڪڏهن توهان ان کي ڄاڻي وٺو |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪي ڪجهه توهان وٽ آهي سو خرچ ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي سو باقي رهڻ وارو آهي ۽ اسان سٺو اجر ڏينداسين انهن صبر ڪندڙن کي سندن (وڻندڙ) بهترين عملن جي ڪري |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جيڪو شخص به سٺا عمل ڪندو، کڻي اهو مرد هجي يا عورت، پر شرط اهو ته مؤمن هجي، تنهن کي عطا ڪنداسين (دنيا ۾) پاڪ ۽ سهڻي حياتي ۽ (آخرت ۾) اهڙن ماڻهن جا اجر سندن سهڻن عملن مطابق بخشينداسين |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
پوءِ جڏهن تون پڙهين قرآن، تڏهن پناهه گهرندو ڪر الله کان شيطان تڙيل جي سلسلي ۾ |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
بيشڪ ان کي ڪوبه اهڙو غلبو حاصل نه هوندو اهڙن ماڻهن تي جيڪي ايمان آڻيندا ۽ رکندا آهن پنهنجي رب تي پڪو ڀروسو |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
بيشڪ ان جو زور ته رڳو انهن ماڻهن تي هلندو جيڪي کيس سرپرست بنائن ٿا ۽ اهي سندس ورغلائڻ سان شرڪ ڪندا آهن |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن اسان نازل ڪندا آهيون هڪ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته اهو ڇا نازل ڪري ته چوندا آهن اهي ماڻهو ”هي قرآن تون پاڻ ٿو ٺاهين“، پر حقيقت ۾ گهڻا ماڻهو بنهه اڻ ڄاڻ آهن |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
انهن کي چؤ ته اهو نازل ڪري ٿو روح القدس ٺيڪ ٺيڪ منهنجي رب جي حڪم سان سلسليوار، جيئن پختو ڪري ايمان وارن جو ايمان ۽ سڌي راهه ڏيکاري ۽ خوشخبري ڏئي فرمانبردارن کي (ڪاميابي) |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ اسان ڄاڻون ٿا ته اهي ماڻهو چوندا آهن ته يقينًا هن شخص کي هڪ ماڻهو سيکاري ٿو جڏهن ته سندن اشارو جنهن ماڻهو ڏانهن آهي ان جي زبان عجمي (غير عربي) آهي ۽ هي ته بلڪل چٽي زبان عربي آهي |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
حقيقت هي آهي ته جيڪي ماڻهو نٿا مڃين الله جي آيتن کي ته کين صحيح ڳالهه تائين پهچڻ جي توفيق ئي نٿي ملي الله کان، ۽ اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
بيشڪ (ڪوڙ نبي نٿو ٺاهي) ڪوڙ اهي ماڻهو ٺاهين ٿا جيڪي آيتن کي نٿا مڃن الله جي، حقيقت ۾ آهن ئي ڪوڙا |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري الله تي ايمان آڻڻ کان پوءِ، اهو جيڪڏهن مجبور ڪيو ويو هجي ۽ ان جي دل ايمان تي مطمئن هجي (تڏهن ته خير آهي) پر جنهن پنهنجي رضا سان ڪفر قبول ڪيو هجي تنهن تي ته ڏمر آهي الله جي طرفان، ۽ اهڙن سڀني ماڻهن تي الله جو عذاب تمام وڏو آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اهو ان ڪري جو انهن پسند ڪيو آهي دنياوي حياتيءَ کي آخرت جي مقابلي ۾، ۽ بيشڪ الله جو قاعدو آهي ته انهن ماڻهن کي ڇوٽڪارو نٿو ڏئي جيڪي نعمت جي ناشڪري ڪن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله مُهر هڻي ڇڏي آهي سندن دلين ۽ سندن ڪنن ۽ سندن اکين تي ۽ اهي ئي غرق آهن غفلت ۾ |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
ضروري آهي ته اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۽ گهاٽي ۾ رهن |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
برخلاف ان جي تنهنجي رب جي راهه ۾ جن ماڻهن هجرت ڪئي گهر ٻار ڇڏيا، الله جي راهه ۾ سور سختيون سَٺيون ۽ صبر کان ڪم ورتو، بيشڪ انهن جي لاءِ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
(انهن مڙني جو فيصلو ان ڏينهن ٿيندو) جڏهن هر جيءُ پنهنجي ئي بچاءُ ۽ ڳڻ ۾ لڳل هوندو ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪيل عملن جو بدلو ڏنو ويندو۽ ڪنهن سان نه ٿيندو ذرو به ظلم |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ ڏئي ٿو مثال الله هڪڙي ڳوٺ جو، جيڪو امن سان اطمينان سان زندگي گذاري رهيو هو ۽ روزي سولائيءَ سان کيس ملي رهي هئي، پوءِ هن ناشڪري ڪئي نعمتن جي الله جي، تڏهن مزو چکايو الله کين بک ۽ خوف جو ۽ انهن تي مصيبتون ڇانئجي ويون |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ انهن وٽ آيو رسول سندن ئي قوم مان، پر انهن ان کي ڪوڙو چيو، آخرڪار کين پڪڙيو ويو عذاب ۾، جڏهن ته اهي ظالم ٿي چڪا هئا |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ (اي انسانؤ!) کائو اهو رزق جيڪو به توهان کي الله پاڪ حلال بخشيو آهي، ۽ شڪر ادا ڪريو الله جي نعمت جو، جيڪڏهن واقعي توهان ان جي بندگي ڪرڻ وارا آهيو |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
بيشڪ جيڪو حرام ڪيو ويو آهي توهان تي سو آهي مردار (مئل) ۽ رت ۽ گوشت سوئر جو،۽ اهو جانور جنهن تي ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي الله کان سواءِ جنهن تي، البته بک کان مجبور ٿي ڪو اهي شيون کائي ويٺو ۽ قانون الاهي ٽوڙڻ وارو نه هجي، ته الله بيشڪ بخشڻهار ۽ مهربان آهي |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ هي جو حڪم بيان ڪنديون آهن توهان جون زبانون ڪوڙا، ته هي شيءِ حلال آهي ۽ هو حرام، ته ان قسم جا حڪم لڳائي الله تي ڪوڙو ٺاهه نه ٺاهيو، بيشڪ جيڪي ماڻهو مڙهيندا بهتان الله تي ڪوڙا، سي ڪاميابي نه ماڻيندا |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
دنيا جو عيش ٿورڙن ڏينهن جو آهي ۽ آخرڪار انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ (هي شيون) انهن يهودين تي اسان حرام ڪيون هيون جن جو قصو اسان توتي (اي نبي!) هن کان اڳي به ظاهر ڪيو آهي ۽ اهو اسان جو انهن تي ظلم نه هو پر اهو ته انهن جو پنهنجو پاڻ تي ظلم هو |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
البته بيشڪ تنهنجو رب انهن ماڻهن جي لاءِ جن برا عمل ڪيا، پنهنجي جهالت جي ڪري پوءِ توبهه تائب ٿيا ۽ پنهنجي ان عمل جي اصلاح به ڪري ورتي، ته بيشڪ توبهه ۽ اصلاح کان پوءِ تنهنجو رب انهن جي لاءِ غفور ۽ رحيم آهي |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
بيشڪ (واقعو هي آهي ته) ابراهيم پنهنجي ذات ۾ پوري هڪ امت هو، تابعدار الله جو مڪمل هڪ طرفو هو ۽ اهو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
شڪر ادا ڪندڙ هو نعمتن (الله جي) جو، کيس چونڊيو الله ۽ کيس ئي سڌو رستو ڏيکاريو هو |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ کيس عطا ڪئي دنيا ۾ ڀلائي، ۽ بلاشڪ آخرت ۾ هوندو ڀلارن (ماڻهن) مان |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
پوءِ اسان وحي ڪيو تو ڏانهن ته ابراهيم جي طريقي تي هل هڪ مَنو ٿي، ۽ (ڇاڪاڻ ته هو) نه هو(ڪڏهن به) مشرڪن مان |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
۽ بيشڪ رهيو ڇنڇر (جو معاملو) ته اهو اسان انهن ماڻهن تي لازم ڪيو هو جن اختلاف ڪيو ان جي حڪمن ۾، ۽ بيشڪ تنهنجو رب انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندو ڏينهن قيامت جي، جن ۾ اهي ڪندا رهيا آهن اختلاف |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي نبي!) ماڻهن کي دعوت ڏي پنهنجي رب جي راهه ڏانهن حڪمت سان ۽ سٺي نصيحت سان ۽ انهن سان بحث ڪر طريقي سهڻي سان، بيشڪ تنهنجو رب ئي وڌيڪ سٺو ڄاڻي ٿو ته ڪير گمراهه آهي ان جي راهه کان ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي راهه تي آهي |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
۽ جيڪڏهن توهان تي زيادتي ڪيل آهي ته ايترو ئي بدلو وٺو انهن کان، پر جي توهان ڪم وٺندؤ صبر کان ته بيشڪ اهو سڀ کان وڌيڪ سٺو آهي صبر ڪندڙن لاءِ |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
(اي نبي!) صبر سان ڪم ڪندو رهه ۽ تنهنجو اهو صبر الله جي توفيق سان آهي ۽ غمگين نه ٿي انهن ماڻهن جي حرڪتن تي ۽ نه وري سندن چالبازين تي بيزار ٿي جيڪي اهي ڪن ٿا |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
بيشڪ الله انهن ماڻهن سان آهي جيڪي پرهيزگاري کان ڪم وٺن ٿا ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪندڙ آهن |