القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ الۡحِجۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 99


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1)

؀ﲺ (الف ــ لام ــ را)، هي آيتون آهن ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون

رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2)

پري ناهي جو هڪڙو وقت اهڙو به اچي، جو اهيئي ماڻهو جن (حق جي دعوت) قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پڇتائي چوندا ته جيڪر اسان مسلمان هجون ها

ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3)

ڇڏين ته وتن کائيندا پيئندا مزا ڪندا ۽ اجائي ســَـڌَ ڀل کين غفلت ۾ وجهي ڇڏي، سگهوئي سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندا

وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4)

اسان هن کان اڳ جنهن به ڳوٺ کي برباد ڪيو آهي ته ان لاءِ عمل جي مهلت جو مدو اڳيئي لکجي چڪو هو

ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5)

ڪابه قوم پنهنجي مقرر ڪيل وقت کان اڳ نڪي تباهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کان پوءِ بچيل رهي سگهي ٿي

وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6)

اهي ماڻهو ٿا چون ته "اي شخص جنهن تي هيءُ قرآن نازل ٿيو آهي، تون ته پڪ سان چريو آهين

لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7)

جيڪڏهن سچو آهين ته پوءِ اسان ڏي ملائڪ ڇو نه ٿو وٺي اچين؟"

ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8)

اسان ملائڪ ائين نه لاهيندا آهيون. اهي جڏهن لهندا آهن ته حق کڻي لهندا آهن ۽ پوءِ ماڻهن کي ڪا مهلت نه ملندي آهي

إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9)

هيءُ قرآن، اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جا حفاظت ڪندڙ آهيون

وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10)

اي نبي! اسان توکان اڳ ڪيترين ئي آڳاٽين قومن ۾ رسول موڪلي چڪا آهيون

وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11)

۽ وري ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جو وٽن ڪو رسول آيو هجي ۽ انهن ان تي چٿرون نه ڪيون هجن

كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12)

اهڙيءَ طرح ڏوهارين جي دلين ۾ ته اسان هن چٿر کي وجهي ڇڏيندا آهيون

لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

هو ان تي ايمان نه آڻيندا آهن. اصل کان وٺي انهيءَ قسم جي ماڻهن جو اهوئي طريقو هلندو ٿو اچي

وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14)

جيڪڏهن اسان انهن لاءِ آسمان جو ڪو دروازو کولي ڇڏيون ها ۽ هو ان مان مٿي چڙهندا به وڃن ها

لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15)

تڏهن به هو ائين ئي چون ها ته اسانجي اکين دوکو کاڌو آهي، نه پر اسان تي ته جادو ڪيو ويو آهي

وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16)

اها اسانجي ئي قدرت آهي، جو اسان آسمان ۾ ڪيترائي مضبوط قلعا بڻايا آهن، جن کي ڏسندڙن لاءِ (تارن سان) سينگاريو آهي

وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17)

۽ هر تـڙيل شيطان کان انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي

إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18)

باقي ڪو لڪي ڪجهه ٻڌي وٺي ٿو ته هڪڙي ٻرندڙ اماڙي (ميزائل وانگر) سندس ڪڍ پوي ٿي

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19)

زمين کي اسان وڇائي ڇڏيو آهي ۽ منجهس جبل کوڙي ڇڏيا آهن ۽ ان ۾ هر قسم جون زمين مان ڦٽندڙ شيون مناسب انداز ۾ اُپايون آهن

وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20)

۽ منجهس زندگي گذارڻ جا سامان مهيا ڪيا آهن، توهان لاءِ به ۽ انهيءَ مخلوق لاءِ به جن جا رازق توهان ناهيو

وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21)

ڪابه شيءِ اهڙي ناهي، جنهن جا خزانا اسان وٽ نه هجن ۽ جيڪا به شيءِ اسان نازل ڪريون ٿا، هڪڙي مقرر ڪيل مقدار ۾ نازل ڪريون ٿا

وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22)

وري پاڻيءَ سان ڀريل هوائن (يعني ڪڪرن) کي به اسان ئي موڪليون ٿا، پوءِ آسمان مان پاڻي وسايون ٿا ۽ اهو توهانکي پياريون ٿا، ۽ انهيءَ جو ذخيرو ڪو توهان جي هٿ وس ته ناهي

وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23)

۽ اسان ئي جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ئي ته سڀني جا وارث آهيون

وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24)

اسانکي معلوم آهن، جيڪي توهان مان اڳ ٿي گذريا آهن ۽ انهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي پوءِ اچڻا آهن

وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25)

بيشڪ تنهنجو رب سڀني کي ميڙي گڏ ڪندو، هو حڪمت وارو به آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ به آهي

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26)

اسان انسان کي سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڪــِـني گاري واري مٽيءَ مان پيدا ڪيو

وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27)

۽ ان کان اڳ جنن کي وري باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيو هئوسون

وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28)

پوءِ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته "مان ڪــِـني ٿيل گاري جي ٺوٺ سڪل مٽيءَ مان هڪ بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان

فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29)

پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي راس ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيان ته توهان سڀئي سندس آڏو سجدي ۾ هليا وڃجو"

فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30)

اهڙيءَ طرح سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو

إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31)

سواءِ ابليس جي، هن سجدو ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو

قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32)

رب پڇيس: "اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تون سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿـئين؟"

قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33)

هن جواب ۾ چيو: "منهنجو اهو شان ناهي ته مان هڪ بشر کي سجدو ڪريان، جنهن کي تو ڪــِـني ٿيل گاري جي ٺوٺ سڪل مٽيءَ منجهان خلقيو آهي"

قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34)

رب چيس: "چڱو پوءِ نڪر هتان تون مردود آهين

وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35)

۽ توتي حساب ڪتاب جي ڏينهن تائين لعنت آهي"

قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36)

هن چيو: "منهنجا رب! ائين آهي ته پوءِ مونکي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جڏهن سڀئي ماڻهو وري اٿاريا ويندا"

قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37)

فرمايائين: "چڱو توکي مهلت آهي

إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38)

انهيءَ ڏينهن تائين جنهن جو وقت اسانکي معلوم آهي"

قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39)

هن چيو: "منهنجا رب! جيئن تو مونکي ڀٽڪايو آهي، تيئن مان به انهن لاءِ زمين ۾ ڪشش جا سامان پيدا ڪري انهن سڀني کي ڀٽڪائيندس

إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40)

سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جن کي تو انهن مان خالص پنهنجو ڪيو هوندو"

قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41)

فرمايائين: "اهو (اخلاص) مون تائين پهچڻ جو سڌو رستو آهي

إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42)

بيشڪ جيڪي منهنجا سچا پچا ٻانها آهن، انهن تي تنهنجو ڪوبه وَس نه هلندو. تنهنجو وس ته رڳو انهن ڀٽڪيل ماڻهن تي ئي هلندو، جيڪي تنهنجي پٺيان لڳندا

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43)

۽ انهن سڀني لاءِ جهنم جو وعيد (انجام) آهي

لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44)

اهو (جهنم) جنهن جا ست دروازا آهن، هرهڪ دروازي کي انهن مان پنهنجو حـصو ورهائي ڏنل آهي

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45)

ٻئي طرف متقي شخص باغن ۽ چشمن جي وچ ۾ هوندا

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46)

۽ کين چيو ويندو ته ٿي وڃو انهن ۾ داخل سلامتيءَ سان، بنا ڪنهن خوف خطري جي

وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47)

سندن دلين ۾ جيڪو ٿورو کوٽ هوندو، تنهنکي اسان ڪڍي ڦٽو ڪنداسون، هو پاڻ ۾ ڀائر بڻجي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون تـختن تي ٿي ويهندا

لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48)

اتي کين نڪي ڪا تڪليف ڪرڻي پوندي ۽ نه وري هو اتان ڪڍيا ويندا

نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49)

اي نبي! منهنجي ٻانهن کي ٻڌائي ڇڏ ته مان ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحيم آهيان

وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50)

پر تنهن سان گڏ منهنجو عذاب به ڏاڍو دردناڪ عذاب آهي

وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51)

۽ کين ابراهيم جي مهمانن جو قصو ٻڌاءِ

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52)

جڏهن هو وٽس آيا ۽ چيائون: "توتي سلامتي هجي" ته هن چين: "اسان کي توهان کان ڀؤ ٿو ٿئي"

قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53)

هنن جواب ڏنو: "ڊڄ نه، اسان ته توکي هڪ ڏاڍي ڄاڻ ڀري پٽ جي خوشخبري ٿا ڏيون"

قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54)

ابراهيم چيو: "ڇا توهان مونکي هن ڪراڙپ ۾ اولاد جي خوشخبري ٿا ڏيو؟ ڪجهه سوچيو ته سهين ته اها ڪهڙي خوشخبري ٿا مونکي ڏيو؟"

قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55)

انهن وراڻي ڏني: "اسان توکي سچي خوشخبري ٿا ڏيون، تون نااميد نه ٿيءُ"

قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56)

ابراهيم چين: "پنهنجي رب جي رحمت کان مايوس ته اهي ٿيندا آهن، جيڪي گمراهه هوندا آهن"

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57)

پوءِ ابراهيم پڇين: "اي (الله جا) موڪليل ملائڪو، ڪهڙي مهم تي نڪتا آهيو؟"

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58)

چيائون: "اسان هڪ ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون

إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59)

جن ۾ لوط جا گهر وارا شامل ناهن، جن سڀني کي اسان بچائي وٺنداسون

إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60)

سواءِ سندس زال جي، جنهن جو مقدر (الله ٿو فرمائي ته) اسان اهو ڪيو آهي ته هوءَ پوئتي رهجي وڃڻ وارن ۾ شامل هوندي"

فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61)

پوءِ جڏهن اهي موڪليل (ملائڪ) لوط جي گهر پهتا

قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62)

ته هن چين: "توهان ته اوپرا ٿا لڳو"

قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63)

هنن جواب ڏنو: "نه اصل ڳالهه اها آهي ته اسان اها شيءِ آندي آهي، جنهن جي اچڻ ۾ انهن شڪ پئي ڪيو

وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64)

اسان توکي سچ ٿا ٻڌايون ته اسان تو وٽ حق سان آيا آهيون

فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65)

تنهنڪري تون راتو واهه پنهنجي گهروارن کي ساڻ وٺي نڪري پئجانءِ ۽ پاڻ سندن پٺيان هلجانءِ ، توهان مان ڪوبه پوئتي نه ڏسي، بس سڌا اوڏانهن هليا وڃجو جيڏانهن توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي"

وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66)

۽ کيس اسان پنهنجو اهو فيصلو ڄاڻائي ڇڏيو ته صبح مس ٿيندو ته انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي ويندي

وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67)

ايتري ۾ شهر جا ماڻهو خوش ٿيندا اچي نڪتا

قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68)

لوط چين: "اهي منهنجا مهمان آهن، مونکي خوار نه ڪريو

وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69)

الله کان ڊڄو، مونکي شرمندو نه ڪريو"

قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70)

هنن چيس: "ڇا اسان ڪيترائي ڀيرا توکي سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جو واسطيدار بنجڻ کان منع نه ڪري چڪا آهيون؟"

قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71)

لوط (تمام لاچار ٿي) چين: "جيڪڏهن توهان هروڀرو نٿا مــُـڙو ته هي منهنجون ڌيئر اٿوَ"

لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72)

تنهنجي حياتي جو قسم (اي نبي) اهي ته ان وقت نشي ۾ آپي کان نڪتا پئي ويا

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73)

نيٺ باک ڦٽندي ئي هڪ زبردست ڌڌڪي کڻي کين سوگهو ڪيو

فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74)

۽ اسان سندن آباديءَ کي صفا اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ مٿن مٽيءَ جي پڪن پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75)

ان واقعي ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور سان ڏسندا آهن

وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76)

۽ اها جڳهه جتي هي واقعو پيش آيو هو، عام لنگهه وٽ آهي

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77)

انهيءَ ۾ وڏو عبرت جو سامان آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن

وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78)

۽ ايڪه وارا (به) ظالم هئا

فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79)

پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتوسون ۽ انهن ٻنهي قومن جا ڦـٽل آثار کليل عام رستي تي موجود آهن

وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80)

۽ حجر جا ماڻهو به رسولن کي ڪوڙو سڏيندا رهيا

وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81)

اسان کين پنهنجون آيتون موڪليون پر هو انهن نشانين کان منهن موڙيندا رهيا

وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82)

هو جبل ٽـُـڪي گهر بڻائيندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي خوف خطري کان محفوظ ٿي ويٺا هئا

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83)

پر پوءِ هڪ زبردست ڌڌڪي صبح سان ئي کڻي کين سوگهو ڪيو

فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84)

۽ سندن ڪئي ڪمائي ڪنهن ڪم نه آينِ

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85)

اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ وارين سڀني شين کي حق سچ جي ئي بنياد تي خلقيو آهي ۽ فيصلي جو وقت ضرور اچڻو آهي، پوءِ اي نبي! تون (انهن جي نامناسب حرڪتن کي) سهڻي نموني درگذر ڪري ڇڏ

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86)

بيشڪ تنهنجو رب سڀني جو خالق آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي

وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87)

اسان توکي وري وري پڙهڻ لائق ست آيتون عطا ڪيون آهن ۽ پڻ وڏي عظمت وارو قرآن

لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88)

تون هن دنيا جي سامان ڏانهن اک کڻي به نه نهار، جيڪو اسان انهن مان ڪن ماڻهن کي ڏنو آهي ۽ نه سندن حالت تي ڪو ڏک ڪر. انهن کي ڇڏي ايمان وارن ڏانهن جــُـهڪ

وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89)

۽ (نه مڃڻ وارن کي) چئي ڇڏ ته "مان ته پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان"

كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90)

جهڙو چتاءُ اسان تفرقو پيدا ڪندڙن ڏانهن موڪليو هو

الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91)

جن قرآن کي حـصا بخرا ڪري ڇڏيو

فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92)

پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو، اسان انهن سڀني کان ضرور پڇنداسون

عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93)

ته اهي ڇا ڇا پيا ڪندا رهيا آهن

فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94)

تنهنڪري اي نبي! جنهن شيءِ جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي سا کولي ٻڌائي ڇڏ ۽ شرڪ ڪندڙن جي ڪابه پرواهه نه ڪر

إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95)

تنهنجي پاران انهن چٿرون ڪندڙن سان پڄڻ لاءِ اسان ڪافي آهيون

الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96)

جيڪي الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي به ٿا معبود بڻائن، تن کي ڄاڻُ ٿي خبر پوي

وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97)

اسانکي خبر آهي ته جيڪي ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن کان تنهنجي دل تي ڏاڍو بار ٿو ٿي پوي

فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98)

تنهنڪري (اهو لاهڻ لاءِ ) تون پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس تسبيح ڪر ۽ سندس بارگاهه ۾ سجدا بجا آڻ

وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99)

۽ پنهنجي رب جي انهيءَ آخري گهڙيءَ تائين عبادت ڪندو رهه، جنهن جي اچڻ جو يقين آهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025