القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ الۡحِجۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 99


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1)

الرا. هي ڪتاب (خدا) ۽ واضح قرآن جون آيتون آهن.

رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2)

(هڪ ڏينهن اهڙو به اچڻو آهي جو) جو ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا آهن گهڻا دل سان خواهش ڪندا ته جيڪر اسين به مسلمان هجون ها.

ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3)

(اي رسول!) کيس سندن حال تي ڇڏي ڏي ته کائي (پي) وٺن ۽ (دنيا ۾ ڪجھ ڏينهن) مزو وٺن پڻ (سندن) خواهشن کين کيل تماشيءَ ۾ رکن. جلد ئي (ان جو) نتيجو کين معلوم ٿيندو.

وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4)

۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ کي برباد نه ڪيو پر هن حالت ۾ جو ان لاءِ (اڳي ئي) هڪ مقرر ڪيل وقت لکيل هو.

ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5)

ڪا به قوم پنهنجي وقت کان اڳ نه اڳيان وڌي سگهي ٿي ۽ نه پٺتي وڃي سگهي ٿي.

وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6)

(اي رسول مڪي جا ڪافر تو کي) چون ٿا ته اي شخص! (جنهن کي هي سواد آهي) ته مٿس (وحي ۽ ڪتاب) ٿو نازل ٿئي، ضرور تون چريو آهين.

لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7)

جيڪڏهن تون پنهنجي دعوى ۾ سچيو آهين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نٿو آڻين.

ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8)

(هوڏانهن) اسين ملائڪن کي (ظاهر رڳو عذاب سان) فيصلي جي لاءِ ئي موڪليندا آهيون. پوءِ جيڪڏهن (ملائڪ نازل) ٿين ته وري کين (جان بچائڻ جي) مهلت ئي نه ملي.

إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9)

بيشڪ اسان ئي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ۽ اسان ئي ته سندس نگهبان به آهيون.

وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10)

۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ ۾ به اڳين امتن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) رسول موڪليا.

وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11)

(۽ انهن جي به اها ئي عادت هئي ته) انهن ڏي جيڪو به رسول آيو تنهن تي ضرور مسخريون ڪندا هئا.

كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12)

اهڙي طرح اسين اڳ (گمراهيءَ) کي (انهن) ڏوهارين جي دلين ۾ وجهي ڇڏيون ٿا.

لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

اهي ڪافر هن (قرآن) تي ايمان نه آڻيندا ۽ (اها ڪا نئين ڳالھ نه آهي) بيشڪ اڳين جو دستور به اهڙو ئي هو.

وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14)

۽ جيڪڏهن اسان (پنهنجي قدرت سان) آسمان جوهڪ دروازو به مٿن کوليون ۽ اهي ان ۾ مٿي چڙهندا وڃن.

لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15)

ته به (اهو ئي) چوندا ته اسان جي نظر بندي ڪيل آهي (يا نه ته) اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.

وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16)

۽ اسان آسمان ۾ برج پيدا ڪيا ۽ ڏسڻ وارن لاءِ اسان ان کي (ستارن سان) سينگاريو.

وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17)

۽ سڀ ڪنهن تڙيل شيطان (جي آمد رفت) کان ان جي نگهباني ڪئي اٿئون.

إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18)

پر جيڪو لڪي (اتي جي ڪا ڳالھ) ٻڌي ٿو ته شهاب جي دکندڙ آماڙي (ٻارڻ لاءِ) ان تي پوي ٿي.

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19)

۽ زمين کي (به پنهنجي مخلوقات جي رهڻ سهڻ لاءِ) اسان ئي پکڙيو ۽ ان ۾ (ميخن وانگر) جبل وڌا ۽ ان ۾ اسان هر قسم جي مناسب شيءَ ڦٽائي اٿئون.

وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20)

۽ اسان ئي ان ۾ اوهان جي لاءِ حياتيءَ جا سامان بنايا پڻ (انهن جانورن جي لاءِ به) جن کي اوهين روزي نه ٿا ڏيو.

وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21)

۽ اسان وٽ ته هر شيءِ جا (بيشمار) خزانا (ڀريا) پيا آهن، ۽ اسين (ان مان) مقرر اندازي سان موڪليندا رهندا آهيون.

وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22)

۽ اسين اهي هوائون موڪليون جيڪي ڪڪرن کي مينهن سان ڀريندڙ آهن. پوءِ اسان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان ئي اوهان کي اهو پاڻي پياريو ۽ اوهان ته ڪو ان کي ڪٺو ڪري ڪين رکيو هو.

وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23)

۽ بيشڪ اسين ئي (اوهان کي) جياريون ٿا ۽ اسين ئي ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀ جا والي ۽) وارث آهيون.

وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24)

۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳين کي به ڄاڻون ٿا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.

وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25)

۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن سڀني کي (قيامت ۾ قبرن) مان اٿاريندو بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي.

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26)

۽ بيشڪ اسان ئي انسان چيڪيءَ مٽي مان جا سڙي (سڪي) ٽڪريءَ (وانگر) کڙڪڻ لڳي، پيدا ڪيو.

وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27)

۽ اسان ئي جنن کي (آدمي کان) اڳ ۾ باھ مان جا لڪ (جهڙي) هوا مان هئي پيدا ڪيوسون.

وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28)

۽ (اي رسول!، اهو وقت به ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پروردگار ملائڪن کي چيو ته پڪ آءُ هڪ ماڻهو چيڪيءَ مٽي مان جا خمير ٿي (۽ سڪل) ٽڪري جيان کڙڪندي هجي پيدا ڪرڻ وارو آهيان.

فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29)

پوءِ جڏهن ان کي چڱيءَ طرح ٺاهيان ۽ ان ۾ پنهنجي (طرف کان) روح ڦوڪيان، ته ان جي اڳيان سڀئي سجدي ۾ ڪري پئجو.

فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30)

پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31)

سواءِ ابليس (ملعون) جي جنهن سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ هئڻ کان انڪار ڪيو.

قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32)

(تنهن تي) خدا فرمايو او شيطان! آخر تو کي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان شامل نه ٿئين؟

قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33)

هو (وڏائي سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙو ويل ته نه آهيان جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي سجدو ڪري وهان جنهن کي تو سڙيل (ٺڪري جيان) کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي!

قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34)

(خدا) فرمايو ته پوءِ تون هتان (جنت مان) نڪري وڃ! ڇو ته تون تڙيل آهين.

وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35)

۽ پڪ تو تي ڏينهن قيامت تائين ڦٽڪار وسندي رهندي.

قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36)

(شيطان) چيو، اي منهنجا پالڻهار چڱو! مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ (ماڻهن کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.

قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37)

خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويئي.

إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38)

مقرر ٿيل وقت جي ڏينهن تائين.

قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39)

شيطان چيو اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته تون مون کي رستي کان الڳ ڪيو، آءُ به انهن لاءِ دنيا ۾ (گناهن کي) سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراھ ڪندس.

إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40)

تنهنجن انهن عبدن کان سواءِ جي انهن مان تنهنجا مخلص (بندا) آهن.

قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41)

خدا فرمايو ته اها ئي راھ سڌي آهي جا مون تائين _(پهچي) ٿي.

إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42)

بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) بندا آهن ان تي تو کي ڪنهن طرح جي حڪومت نه آهي، سواءِ انهن گمراهن جي جن تنهنجي پيروي ڪئي (انهن تي تنهنجو زور هلندو)

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43)

۽ (هاءُ! هي به ياد رهي ته) انهن سڀني جي لاءِ (آخري) وعدو بس جهنم ئي آهي.

لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44)

جنهن جا ست دروازا هوندا. هر دروازي (۾ وڃڻ) لاءِ انهن گمراهن جي لاءِ جدا جدا ٽوليون آهن.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45)

۽ پرهيزگار ته (بهشت جي) باغن ۽ چشمن ۾ ئي پڪ هوندا.

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46)

(داخل ٿيڻ وقت فرشتا کين چوندا ته) بي فڪر ٿي سلامتي سان انهن ۾ داخل ٿيو.

وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47)

۽ (دنيا جي تڪليفن جو) جيڪو سندن دلين ۾ رنج هوندو تنهن کي به اسان ڪڍي ڇڏينداسون ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هر هڪ تخت تي اهڙي طرح ويٺا هوندا جهڙا پاڻ ۾ ڀائر.

لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48)

کين جنت ۾ ڪا تڪليف ويجهو به نه ايندي ۽ نه ڪڏهن ان مان ڪڍيا ويندا.

نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49)

(اي رسول) منهنجن ٻانهن کي آگاھ ڪر ته بيشڪ آءُ وڏو بخشڻهار مهربان آهيان.

وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50)

پر (تنهن سان گڏ هي به ياد رهي) ته منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب آهي.

وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51)

۽ کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌائي.

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52)

ته جڏهن اهي ابراهيم وٽ آيا ته (اول) انهن سلام ڪيو ابراهيم (سلام جو جواب ڏئي) چيو اسان کي ته اوهان کان ڊپ ٿو لڳي.

قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53)

هنن چيو بلڪل نه ڊڄ! (ڇو ته) اسين ته تو کي هڪ دانا (۽ بينا) فرزند (جي پيدائش) جي خوش خبري ڏيون ٿا.

قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54)

ابراهيم چيو ته ڇا اوهين مون کي (پٽ ٿيڻ جي) خوش خبري ڏيو ٿا جو مون کي پير سني پهتي آهي، پوءِ ڇا جي خوش خبري ڏيو ٿا؟

قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55)

انهن فرشتن چيو اسان تو کي بلڪل سچي خوش خبري ڏني آهي ته تون (خدا جي بارگاھ مان) نااميد نه ٿي.

قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56)

ابراهيم چيو ته پنهنجي پالڻهار جي رحمت کان گمراهن کان سواءِ (ٻيو) ڪير نا اميد ٿيندو.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57)

(وري) ابراهيم چيو اي (خدا جا موڪليل (ملائڪ!) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58)

انهن چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط جي) گنهگار قوم ڏي (عذاب نازل ڪرڻ لاءِ) موڪليو ويو آهي.

إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59)

سواءِ لوط جي گهروارن جي بيشڪ اسين انهن سڀني کي ضرور بچائينداسون.

إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60)

پر سندس زال جنهن کي اسان مقرر ڪيو آهي ته اها ضرور (پنهنجن ٻارن کان) پٺتي (عذاب ۾) رهجي ويندي.

فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61)

مطلب ته جڏهن (اهي خدا جا) موڪليل (فرشتا) لوط جي گهر وارن وٽ آيا.

قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62)

تڏهن لوط چيو اوهين ته (ڪي) اجنبي ماڻهو (ٿا معلوم) ٿيو.

قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63)

انهن چيو ته (ائين نه آهي) پر اسان تو وٽ (تنهنجي گنهگار قوم لاءِ) اهو (عذاب) آندو آهي. جنهن ۾ اهي شڪ ڪندا هئا.

وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64)

۽ اسان تو وٽ (عذاب جو) قطعي حڪم وٺي آيا آهيون ۽ اسين بلڪل سچ ٿا چئون.

فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65)

ته پوءِ تون پنهنجي گهر وارن کي رات ئي رات وٺي هليو وڃ ۽ تون انهن جي پٺيان هل ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري به ڏسي ۽ جتي اوهان کي حڪم ڏنل آهي (شام ڏي) اوڏانهن سڌا هليا وڃو.

وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66)

۽ لوط تائين اسان هيءُ قطعي خبر پهچائي ته صبح ٿيندي ۽ انهن جي پاڙ پٽي ويندي.

وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67)

۽ (اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته) شهر جا ماڻهو (مهمانن جي خبر ٻڌي بد نيت سان) خوشيون ڪندا آيا.

قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68)

(لوط کين) چيو ته هي ماڻهو منهنجا مهمان آهن، اوهين (کين تنگ ڪري) مون کي خوار نه ڪريو.

وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69)

۽ خدا کان ڊڄو مون کي ذليل نه ڪريو.

قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70)

هنن چيو ته ڇا، اسان تو کي (ٻين) قومن جي (ٽڪائڻ) کان نه روڪيو هو.

قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71)

لوط چيو جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو ئي آهي ته منهنجي (قوم جون) ڌيئرون موجود آهن (تن سان نڪاح ڪريو)

لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72)

(اي رسول) تنهنجي سر جو قسم ته اهي پنهنجي مستيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي ڦري رهيا هئا.

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73)

(لوط جي ڪٿي ٿا ٻڌن) نيٺ سج اڀرڻ جي وقت کين دهشت ناڪ آواز ورائي ويو.

فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74)

پوءِ انهن (شهرن) جي مٿئين پاسي کي انهن جو هيٺيون پاسو (يعني اونڌو) ڪيوسون، ۽ مٿن چنهبن وارا پٿر وسايوسون.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75)

بيشڪ (هن ڳالھ ۾) تھ تائين پهچڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76)

پڻ اهو اونڌو ٿيل شهر (هميشه هلندڙ) عام رستي تي آهي.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77)

بيشڪ هن ۾ ايمان وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.

وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78)

۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي وارا) وڏا سرڪش هئا.

فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79)

ته انهن کان به اسان (نافرماني جو) بدلو ورتو. ۽ اهي ٻئي شهر (قوم لوط ۽ شعيب جا) هڪ کليل شاهراھ تي (اڃا تائين) موجود آهن.

وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80)

۽ اهڙي طرح حجر جي رهڻ وارن ۽ (قوم صالح) به پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو

وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81)

۽ (جيتوڻيڪ) اسان کين پنهنجون نشانيون ڏنيون تڏهن به انهن کان منهن موڙ ڪيائون.

وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82)

۽ بي فڪر ٿي جبلن کي ٽاڪي گهر ٺاهيندا هئا.

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83)

نيٺ صبح ٿيندي ئي کين دهشت ناڪ آواز نابود ڪيو.

فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84)

پوءِ جيڪي اهي حفاظت جون تدبيرون ڪندا هئا (خدا جي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڪجھ به ڪم نه آين.

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85)

۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي. ته تون (اي رسول! انهن جي بي ادبي کي) چڱي نموني درگذر ڪر!

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86)

بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87)

۽ اسان تو کي سبع مثاني (سورت الحمد) ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي.

لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88)

۽ اسان جو انهن ڪافرن مان ڪجھ ماڻهن کي (دنيا جي مال دولت سان) نهال ڪري ڇڏيو آهي تون (ان ڳالھ) ڏي نهار به نه ۽ نه سندن (بي دينيءَ) تي ڪجھ افسوس ڪر ۽ ايماندارن سان (اگرچه) غريب هجن نوڙي ملندو ڪر.

وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89)

۽ چوين ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90)

(اي رسول اسين انهن ڪافرن تي اهڙي طرح عذاب نازل ڪنداسون) جيئن اسان انهن ماڻهن تي نازل ڪيو.

الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91)

جن قرآن کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (ڪن کي مڃيئون ڪن کي ڪين).

فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92)

ته (اي رسول!) تنهنجي رب جو (پنهنجو قسم ته اسين انهن سڀني کان (تمام سختي سان) پڇنداسون.

عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93)

جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪندا هئا.

فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94)

پوءِ جيڪو تو کي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ.

إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95)

بيشڪ تنهنجي لاءِ اسين انهن مسخري ڪندڙن لاءِ ڪافي آهيون.

الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96)

جي الله سان گڏ ٻيو معبود مقرر ڪن ٿا، پوءِ کين جلد ئي خبر پئجي ويندي.

وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97)

۽ تون جو انهن (ڪافرن ۽ منافقن) جي ڳالهين کي دل تنگ ٿئين ٿو، اسين ان کي پڪ ڄاڻون ٿا.

فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98)

ته تون پنهنجي پروردگار جي حمد (۽ ثنا) سان سندس تسبيح ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ٿي وڃ!

وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99)

۽ جيستائين تو وٽ يقيني (موت) اچي پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ لڳو رھ.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025