| الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
|
اوّل نام الله جو، برڪت بي شمار، سو ڏينهن جو ڏاتار، سو سٻاجھو سڀين پرين. |
| رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
|
الٓــرٰ کي، سَمجھي رَبّ، سُبحان، هِي حُڪم ڪتاب جا، ۽ پَڌرو پاڪ قُرآن، |
| ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
ڪَئـِين ڀيرا ڀانئيون، جي ڦِريا، ته هونِ مُسلمان، |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
|
پوءِ ڇَڏِينِ ته، چَرن ڇيڪ سي، ۽ نَفعا وَٺنِ نادان، روڪين خواهش خان!، پوءِ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي. |
| ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
|
۽ نه ماريوسون، ڪو ڳوٺ. مگر هو حُڪم ٻڌل تِنهن هارِ، |
| وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
|
وار سَندسِ کان وار، ڪا اُمت نه اڳ، نه پوءِ ٿيئـٖي. |
| لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
|
چي، اُهو! اُتاريو ويو، مَٿي جنهن مَذڪور، تون بيشڪ بِنہ چَريو، |
| ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
|
آڻئـِين هُوند حُضور! مَلڪ اَسان وٽ مُور، جي صفا سَچن مان آهئـِين. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
|
اَسِين نَه اُتارِيندا آهيون، موقع ڌار، مَلڪ، ۽ هُونِ نه پاڻ پَلڪ، مُهلت وارا تِنهن مَهل ۾. |
| وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
|
اَسان ئـِي اُتاريو، ڪامِل! هِيء قُرآن، ۽ اَسِين نِگهبان، اَوَس اِنِهيءَ جا آهيون. |
| وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
|
۽ توکان اڳ اُمتن ۾، موڪليا سُون مُور، |
| كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
|
۽ نه اَچينِ نَبِي نُور، مگر ڪن مَٿانئسِ مَسخريون. |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
اِن پر پاپِين مَن ۾، وِجھون وَهم فُتور، |
| وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
|
مَڃِينسِ نَه مُور، ۽ هَلِي اچي، پَر پَهرييَنِ. |
| لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
|
کـڻي کوليون اُڀ ڪنان، طاق مَٿِن تڪرار، پوءِ تِنهن مان چَڙهنِ چوٽئـِين، |
| وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
|
ته به ٻوليائون ٻَهار اکيَن ساڻ اَسان جي، نَظربَندِي نِبار، اُٽلو اَسِين اِظهار، ڪامڻ هورِي قوم ڪا. |
| وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
|
۽ بُرج بَناياسون اُڀ ۾، ماڙيون مَڻيادار، صُورت ۽ سِينگار، ڏِنوسُونس ڏِسندڙن لئي. |
| إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
|
۽ سَڀ ڪنهن تَڙيل شيطان کان، بَچايوسونسِ بحال، |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
|
مگر جيڪو اُن مَنجھان، ٻُڌي چورِي ڳالھ، ته ڦِٽو ٿئي فِى الحال، پَڌرو اُمڙ اُن پُٺيان. |
| وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
|
۽ هِي ڀُون ڀَلا!، جنهن کي پَکيڙيو سون پَڪ ڏاڍا ڏُونگر تنهن ۾، سَٽياسون سوگھاسَڪ، تَڪ سان، تَڪن جا تَڪ ، ڪَئـِين قِسم اُڀاڙياسون اُن ۾. |
| وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
|
۽ ڪيو سون اوهان لئي اُن ۾، پاراپو پُورو، پڻ چُوڻُو ڪو چُورو، ڏِيندڙ نَه اَوهين، جن ڏيھ ۾. |
| وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
|
۽ ڪوئـِي قِسم ناهي، مگر، اُن جي اَسان وَٽِ کاڻ، ۽ بِنا مُقرّر ماڻ، اُتاريو نَه اُن کي. |
| وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
|
۽ موڪلياسون مُورهِين، ڀَرتُو باد بهار، پوءِ آب اُتاريو سون، اُڀ ڪنان، نارو نار نِبار، پِياريوسون نِيئان، پوءِ اُهو پَلُر، هر ڪِنهن پار، ۽ اَوهِين نه اِنهئَ هارِ، مڙڻ وارا مُورهِين |
| وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
|
۽ اَسِين جِياريون ۽ مارِيون ۽ اَسِين وارث جڳ، |
| وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
|
آخر جي اوهان مان، توڻي اَوهان اڳ، سَڀيئـِي اَلڳ اَلڳ، مَعلوم اَسان کي مُورِهين. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
|
۽ ميڙيندو مِڙن کي، سَندئـِي رَبُّ سَتّار، سو حِڪمتِي هوشيار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
| وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
۽ ماڻهو جوڙيو سون مُور، مارِيل گَندِئَ گَپ مان، |
| وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
|
جنُّ جوڙيون سون ضَرُور، ڄيري ڄِڀِئَ مان، اَڳ ۾. |
| فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
|
۽ جڏهن تُنهنجي ڌَڻِي ڌُرڪنان، ڪيو فِرشتن فَرمان، ته مارِيل گَندِئَ گَپ مان، مُون کي، اُپائڻو اِنسان، |
| فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
|
جڏهن تِنهن کي ڪيو تيارمُون، جوڙي جُنگ جُوان، ۽ فورًا ڦوڪيمِ اُن ۾، جان پَنهنجِي، مان جان، پوءِ خاطر تِنهن خان، ڪِرو سَڀ سُجود ۾. |
| إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
|
پوءِ مڙيئـِي مَلڪ نَميا، |
| قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
|
مگر اِبليس ڪِيو اِنڪار، هِن کان، ته هُجي هَموار، ساٿِي سَجدي ڏِيندڙين. |
| قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
|
چي، اي اِبلـِيس! توکي آهي، ڇا ٿيو؟ ته ٿيئـِين نه خَرخَبِيث!، ساٿِي سَجدي ڏِيندڙين. |
| قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
|
چي، اِئَ نَه مُنهنجِي ڪار، تَه نَمان اُن انسان کي، جوڙيئــِي جِنهن جَبَّار!، مارِيل گَندِئَ گَپ مان. |
| وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
|
چي، پوءِ نِڪر اِن مَنجھان تَڙيل تون تڪرار، |
| قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
|
۽ ڏيھ شَرع جي، ڏِينهن سِين، توڻي ڌُوڻ ڌِڪار، |
| قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
|
چي، مُهلت ڏِينمِ تِنهن مَهل سِين، سانيم رَبَّ؛ ستّار! تان اِهي اُٿاريا وَڃن، قَبرن مان قطار، |
| إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
|
تان اِهي اُٿاريا وَڃن، قَبرن مان قطار، |
| قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
|
تون مُهلتيَن مان مُورهِين. |
| إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
چي مون کي مُنجھايئـِي، تنهنجو قَسم سَندمِ ڪلتار، ته ڏِيندسِ بديُنِ کي ڀُونء، سَندنِ لئي سِينگار، ۽ مُنجھائي مِڙن کي، |
| قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
|
نَيندسِ نِگُو سار، تُنهنجي ٻانهنِ ڌار، آجا تُنهنجا، اُنهن مان. |
| إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
|
چي، سَنئون سَنواٽو مون ڏي، هِي آهي، گھاڙُو گَس، |
| وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
|
سَندمِ سَچن ٻانهن تي، وارنَه، تُنهنجو وَس، مگر لَڳو لَڙھ تُنهنجي، جيڪو ڀُلين مان بَس، |
| لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
|
۽ اَنجام آگ اَوَس، تن مِڙن مُوڙ هلن جو. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
|
آهن سَت اُن جا، دَر، دَروازا ڌارو ڌار، هر دَروازي هارِ، جد جَماعت، تن مَنجھان. |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
|
ڀليرا باغن ۾ ۽ چَشما ٻِيا چوڌار، |
| وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
|
سَلامتِي ۽ سُک سان ڪريو مَنجھ قرار، |
| لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
|
۽ ساڙ سَندنِ سِينن مان، ڪياسون ڪَڍِي ٻَهار، ڀاءُ، بِرادر، ڀار، سَڀ سيڄڻ مَٿي سامهان. |
| نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
|
لَڳٖي ڀڳٖي نه تن کي، نَڪو سدا تِنهن ۾ سُور، نه ڪِي مَنجھانسِ مُور، اُهي نيڪو ڪار، نِڪرڻا. |
| وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
|
سُڌ ڏي سَندمِ ٻانهن کي، ڀليرا! بيشڪ، ته آءٌ آهيان پَڪ، مَرهيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
| وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
|
ٻِي پڻ سَندمِ ٻانهن کي، ڏي سارٖي سُڌ صوب، ته مُنهنجو آهي عَذاب، اُهو سُون ڀَريو ساڙڪو. |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
|
اِبراهِيم جي، اوپَرن جِي، ڪَر تن سان ڪَر، |
| قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
|
جڏهن آيسِ اوچتو، سَلام چَيئون تنهن سِر، چيٖ، آئون اَوهان ڀَر، ڏَرندڙ آهيان ڏِيل ۾. |
| قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
|
چي، وَهم نه ڪر ڪو وِير!، اَسِين توکي ٿا ڏِيون، خُوشحالِي ۽ کِير، سَمجھدارسَپُوت جِي. |
| قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
|
چي، ڪِ مُبارڪ مُون ڏِيو، هِن حال سَندمِ تي هاڻ، ته پِيرِئَ پُهتسِ پاڻ، پوءِکيرون ڏيومِ خير جون؟ |
| قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
|
چي، توکي ڏِنِي سون مُبارڪِي صَحِي ۽ ثابِت، پوءِ بِلڪُل تِنهن بابت، نااُميدن مان نَه ٿِي. |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
|
وَراڻيئـِين تِنهن وٖير، ته سائـِين سَندسِ جي ٻاجھ مان، اُميد نه لاهي ڪير، مگر مُوڙهل مُورهِين. |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
|
چي، مَلڪ مُرسل! اَهنجو، ڪِهڙو هِت ڪَم ڪار؟ |
| إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
|
اُماڻيل آهيون، ڪنهن پَهر، بُڇڙي پار، |
| إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
|
بِنا ڀاتِيُن لُوط جي، ڪَنداسون بَرقرار، آجو اُن سڀن کي، |
| فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
|
گَھر ڌَڃاڻيسِ ڌار، ڪيوسُونسِ شُـمار، پوين پَساه وارن ۾. |
| قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
|
آيا آل لُوط وَٽ، جنهن مَهل مَلڪ مِهمان، |
| قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
|
چي؟ اَوهِين آهيو اوپرِي، جماعت جُوان، |
| وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
|
چي، آيا سُونئـِي اُٽلندو، ساخبر کَڻِي خان!، شَڪ شُهبا جِنهن ۾، ڪَندا هُئاڪَفران، |
| فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
|
۽ تو وٽ آندوسون اُن جي، فَنائـِئَ جو فرمان، ۽ اَسِين بي گمان، صَفا سَچا آهيون. |
| وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
|
پوءِ پَهْرِ، پَهَرُ ڪو رات مان، پَهَرَ پَنهنجِي ساڻ، ۽ پويان سَندنِ پاڻ ٿِي، سَنڀالي سُڄاڻ، ۽ اَ ک نه اوهاڻ مان هيڪڙو، پُٺ تي ڦيري پاڻ، ۽ جيڏانهن حُڪم ٿِينان هاڻ، پُورِيو تِنهين پار ڏي. |
| وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
|
۽ ڪيوسون اُن سان فيصلو، پَڪو اِي پَرياڻ، ته وَڍيل وِهاڻِي ساڻ، پَڪ پاڇاندو اُنهن جو. |
| قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
|
۽ آيا اَناڙِي ڳوٺ جا، ٻَهڪندا ٻَهار، |
| وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
|
چي، هِي مِهمان مُنهنجا، پوءِ ڪريو مِ ڪِينَ خُوار، |
| قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
|
۽ ڪَنبو ڀَر قهار ۽ ٽَڪو ٽِڪو مُون مَ ڏِيو. |
| قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
|
چي، نه جَھليو سُو نئـِي جَھان کان، ته مِهمان رک نَه مُور، |
| لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
|
چي، اَوهان کي مَنظور، ته هُو نارِيون، نِياڻون مُنهنجون. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
|
تُنهجِي سَڀ سانڀر، هُو هوري سَندنِ حِرص ۾، |
| فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
|
پوءِ ڪڙڪي قابُو پَڪڙيِن، اُڀرئـِي سِج آخر، |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
|
پوءِ مَٿيان، هِيٺان اُن جا، ڪياسُون زير زَبر، پوءِ وَساياسون تَن مٿان، ڪَڪَرِيُن جا ڪَڪَر، |
| وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
|
ڳالهيون ڳولِيندڙ لئي، عِبرت اِن اَندر، |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
|
هُئو گُمراہ گام سو، مُحڪم مارِڳ سِر، |
| وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
|
مُؤمِنن ماتر، آهي عِبرت اُن ۾ |
| فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
|
۽ اَيڪتِي اَنڌر تي، هُئاهَلندڙ هر ڪنهن وير، |
| وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
|
پوءَ کانئُنِ وارياسون وٖير،۽ هُئاٻِئي گھاڙُو گَس مٿي. |
| وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
|
۽ ڪُوڙو ڪوٺيئون مُرسلِين، جن جا حِجْر ۾حُجرا، |
| وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
|
۽ اَسان ڏنا اُنهن کي، اُهڃاڻ ڪي اُجرا، مِڙيئـِي سَمجِھي مُجرا، هُئا مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
|
۽ ٽُڪيو ٽاڪَڙ، سُک سان، هُئا گَھر گَھڙِيندا گھوٽ، |
| فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
|
پوءِ پُهتنِ ڪو پِرھ سان، سَٽ سَٽْ سُو سٽ سوْٽ، |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
|
جي قائم ڪيائون ڪوٽ، تن ڇَوها ڇَڏايَنِ ڪِينڪِي. |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
|
۽ اَسان نه اُڀ، ڀون جوڙ-يا، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، مگر سَڀ موجودسي، پڻ آهي، اَچڻِي وار، پوءِ ٽار، ٽارڻ سُهڻو؛ |
| وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
|
سَندئـِي رَبَّ، سَتّار، سو جوڙون جوڙڻهار، پڻ سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
| لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
|
توکي ڏِنيون سون اَلْحمد مان، ست، پڻ سَڌر قرآن، |
| وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
|
پوءِ ڇِڪ نه اکيون ، تون اُن ڏي، جي ٻَڌا ڏناسونِ ڏان، تن ڪافرن مان، ڪن کي، پڻ ڪر نه تن اَرمان، ۽ هَٿ پَنهنجا، تن تي، ڍار تون، آندو جن اِيمان، |
| كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
|
۽ چئو، آهيان آئون عيان، ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو. |
| الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
|
جِيئن اُتاريو سون اَڳــئـِي، وَنڊڻ وارن سِر، |
| فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
|
پڻ ڪيو جن ڪتاب کي، پُرزا پَنهنجي سِر، |
| عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
|
سُنهن سَندئـِي صاحب جو، ته مِڙنِي کان مگر،، |
| فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
|
پُڇنداسون خُوب خَبر، |
| إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
|
پوءِ، جو حُڪم مِليئي حق کان، سو ظاهر چئو ضَرُور، مُنهن موڙي ڇَڏ مور، پَر جي پُوڄارِيُن کان. |
| الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
|
تولئي، اَسين بَس آهيون، مَسخرن کان مُور، |
| وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
|
جي سائـِين گَڏ، سائـِين ٻِيو، مُقرّر ڪن مَغرور، بلڪل بي شُعور، سَمجِھي وِيندا سِگھڙي. |
| فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
|
۽ سمجھو ٿا صَحِي، ته سِينو تو سردار!، سوڙهو ٿـئي تِنهن سَبَب، ڪَهن جو ڪُفار، |
| وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
|
سائينءَ جي ساراہ سان، پوءِ ڳائـِج ڳُڻ نِبار، ۽ سجدي وارن مَنجھ سَدا، گهارِج گڏ ڄَمار، |