| الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
|
الر. اهي آيتون ڪتاب ۽ واضح قرآن جون آهن. |
| رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
|
ڪافر ڪنهن وقت خواهش ڪندا ته جيڪر مسلمان هجن ها. |
| ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
(اي پيغمبر !) ڇڏين ته کائي (پيئي) وٺن ۽ مزا ماڻين ۽ کين (ڊگهي) اميد غافل ڪري پوءِ ڄاڻي وٺندا. |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
|
۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ کي برباد نه ڪيو پر هن حالت ۾ جو ان لاءِ (اڳي ئي) هڪ مقرر ڪيل وقت هو. |
| ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
|
ڪابه قوم پنهنجي وقت کان نه اڳي (هلاڪ) ٿئي ٿي ۽ نه اهي پٺتي رهن ٿا. |
| وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
|
۽ ڪافرن چيو ته اي شخص جنهن تي قرآن لاٿو ويو آهي بيشڪ تون ضرور چريو آهين. |
| لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
|
اسان وٽ ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين جيڪڏهن تون سچن مان آهين. |
| ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
|
اسين ملائڪن کي رڳو مضبوط تجويز سان نازل ڪريون ٿا ۽ ان وقت انهن (ڪافرن) کي مهلت نه ڏني ويندي. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
|
بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. |
| وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ اسان توکان اڳي پهرين جماعتن ۾ (رسول) موڪليا. |
| وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
|
۽ وٽن ڪوبه رسول نه آيو پر ان تي مسخريون ڪندا هئا. |
| كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
|
اهڙيءَ طرح اسين ان (مسخريءَ) کي ڏوهارين (مڪي جي ڪافرن) جي دلين ۾ داخل ڪريون ٿا. |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
اهي قرآن تي ايمان نه آڻيندا ۽ بيشڪ پهرين جو دستور گذري چڪو آهي. |
| وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون پوءِ اهي ان ۾ مٿي چڙهندا وڃن، |
| لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
|
ته به (اهوئي) چوندا ته اسان جي نظر کي ٻڌو ويو آهي (نه فقط اهو) پر اسان ماڻهن تي جادو ڪيل آهي. |
| وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
|
۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ برج پيدا ڪيا ۽ ڏسڻ وارن لاءِ ان کي اسان سينگاريو. |
| وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
|
۽ سڀ ڪنهن تڙيل شيطان کان ان جي نگهباني ڪئي اٿون، |
| إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
|
پر جيڪو لڪي ٻڌي ٿو ته ان جي پٺيان ظاهر اماڙي پوي ٿي. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
|
۽ اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا ۽ ان ۾ سڀ ڪا شيءِ اندازي ڪيل (ڦٽائي) اٿون. |
| وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
|
۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا سامان ۽ جن کي اوهين روزي ڏيندڙ نه آهيو سي (سڀ) پيدا ڪيا آهن. |
| وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
|
۽ اهڙي ڪا شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن ۽ اسين ان کي مقرر اندازي سان ئي لاهيون ٿا. |
| وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
|
۽ اسان وائن کي جيڪي ڪڪرن کي مينهن سان ڀريندڙ آهن، موڪليو پوءِ آسمان مان پاڻي وسايوسون پوءِ اهو (پاڻي) اوهان کي پياريوسون، ۽ اوهين ان کي گڏ ڪرڻ وارا نه آهيو. |
| وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ اسين ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسين ئي وارث آهيون. |
| وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
|
۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳين کي به ڄاتو |
| وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
|
۽ بيشڪ اسان پوين کي به ڄاتو. ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي انهن کي گڏ ڪندو. بيشڪ اهوئي حڪمت وارو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
|
۽ بيشڪ اسان انسان کي چيڪيءَ مٽي مان جا ڪاري (۽) سڙيل هئي، |
| وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پيدا ڪيو. ۽ جنن کي هن کان اڳي باهه مان جا لُڪَ جهڙي هوا ۾ هئي پيدا ڪيوسون. |
| وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
|
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ چيڪيءَ مٽيءَ مان جا ڪاري (۽) سڙيل هوندي، هڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آهيان. |
| فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ جڏهن ان کي برابر ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو. |
| فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو، |
| إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
|
سواءِ ابليس جي، جنهن سجدي ڪندڙن سان گڏ هئڻ کان انڪار ڪيو. |
| قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
|
الله فرمايو ته اي ابليس! تو کي ڇا ٿيو آهي جو سجدي ڪندڙن سان نه ٿو ٿئين؟ |
| قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
|
ان چيو ته آءُ ڪڏهن به اهڙي ماڻهوءَ کي سجدو ڪرڻ وارو نه آهيان جنهن کي تو چيڪي مٽيءَ مان جا ڪاري (۽) سڙيل هئي پيدا ڪيو آهي. |
| قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
|
الله فرمايو ته پوءِ تون هتان (جنت مان) نڪري وڃ ڇو ته تون تڙيل آهين، |
| وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
|
۽ بيشڪ توتي قيامت جي ڏينهن تائين لعنت آهي. |
| قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
|
ابليس چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي |
| قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
|
جنهن ۾ کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين. |
| إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
|
مقرر ڪيل وقت جي ڏينهن تائين. |
| قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
|
ابليس چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهن ڪري آءٌ انهن لاءِ زمين ۾ (گناهن کي) سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي گمراهه ڪندس. |
| إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
تنهنجن انهن ٻانهن کان سواءِ جي انهن مان (تنهنجا) پسند ڪيل آهن. |
| قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
|
الله فرمايو ته هيءَ (اخلاص) مون تائين سڌو رستو آهي. |
| إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
|
بيشڪ منهنجن ٻانهن تي تنهنجي ڪا حڪومت نه آهي |
| وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
|
سواءِ انهن گمراهن جي جن تنهنجي تابعداري ڪئي. ۽ بيشڪ انهن سڀني لاءِ وعدي ٿيل جاءِ جهنم آهي، |
| لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
|
ان کي ست دروازا آهن. سڀ ڪنهن دروازي (مان داخل ٿيڻ) لاءِ انهن (دوزخين) مان هڪ جدا جدا ڪيل حصو آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
|
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا. |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
|
(کين چيو ويندو ته) بي فڪرا ٿي سلامتيءَ سان انهن ۾ داخل ٿيو. |
| وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
|
۽ سندن سينن ۾ جيڪو ڪينو هوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون، جو پاڻ ۾ ئي ڀائر ٿي تختن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون (ويهندا) |
| لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
|
اتي کين ڪا تڪليف نه پهچندي ۽ نه انهن مان کين ڪڍيو ويندو. |
| نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
|
(اي رسول !) منهنجن ٻانهن کي خبر ڏي ته آءُ ئي گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. |
| وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
|
۽ منهنجو عذاب ئي هڪ دردناڪ عذاب آهي. |
| وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
|
۽ (اي رسول !) کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌاءِ، |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
|
جڏهن اهي ان وٽ آيا پوءِ سلام ڪيائون. ابراهيم چيو ته بيشڪ اسين اوهان کان ڊڄون ٿا. |
| قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
|
انهن چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ اسين توکي علم واري پٽ جي خوشخبري ڏيون ٿا. |
| قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
|
ابراهيم چيو ته ڇا اوهين مون کي هن هوندي به خوشخبري ڏيو ٿا جو مون کي پيرسني پهتي آهي پوءِ ڇاجي خوشخبري مون کي ڏيو ٿا. |
| قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
|
انهن چيو ته اسان توکي سچي خوشخبري ڏني آهي پوءِ نااميدن مان نه ٿيءُ! |
| قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
|
ابراهيم چيو ته پنهنجي پاليندڙ جي رحمت کان گمراهن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نااميد ٿيندو؟ |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
|
ابراهيم چيو ته پوءِ اي (الله جا) موڪليل (ملائڪ) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي؟ |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
|
انهن چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط جي) گنهگار قوم ڏي موڪليو ويو آهي، |
| إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
|
سواءِ لوط جي گهر وارن جي. بيشڪ اسين لوط جي سڀني گهر وارن کي بچائڻ وارا آهيون، |
| إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
|
سواءِ سندس زال جي جا اسان مقرر ڪيو آهي ته اها پوئتي رهيلن مان آهي. |
| فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
|
پوءِ جڏهن لوط جي گهر وارن وٽ موڪليل (ملائڪ) آيا، |
| قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
|
تڏهن لوط چيو ته بيشڪ اوهين اڻ سڃاڻ ماڻهو آهيو، |
| قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
|
انهن چيو (ائين نه آهي) پر اسان تو وٽ (تنهنجي گنهگار قوم لاءِ) اهو (عذاب) آندو آهي جنهن ۾ اهي شڪ پيا ڪن. |
| وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
|
۽ اسان تو وٽ پڪي ڳالهه آندي آهي ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. |
| فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
|
پوءِ تون پنهنجي گهر وارن کي راتو رات وٺي هليو وڃ ۽ تون انهن جي پٺيان هل ۽ اوهان مان ڪوبه منهن ڦيري نه ڏسي ۽ جتي اوهان کي حڪم ڪيو وڃي ٿو اتي وڃو. |
| وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
|
۽ لوط تائين اسان هيءَ ڳالهه پهچائي ته صبح ٿيندي انهن جي پاڙ پٽي ويندي. |
| وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
|
۽ شهر وارا خوش ٿيندا آيا. |
| قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
|
لوط چيو ته بيشڪ هي منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪريو |
| وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
|
۽ الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪريو. |
| قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
|
شهر وارن چيو ته ڇا اسان توکي (ٻين) قومن (جي ٽڪائڻ) کان نه روڪيو هو؟ |
| قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
|
لوط چيو ته جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻوئي آهي ته هي منهنجيون ڌيئرون حاضر آهن. |
| لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
|
(اي محمد) تنهنجي حياتيءَ جو قسم ته اهي پنهنجي مستيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي ڦرن ٿا. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ سج اڀرڻ جي وقت کين دهشت ناڪ آواز ورتو. |
| فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
|
پوءِ انهن (شهرن) جي مٿئين پاسي کي انهن جو هيٺيون پاسو (يعني اونڌو) ڪيوسون، ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پٿر وساياسون. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
|
بيشڪ هن ۾ غور سان ڏسڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. |
| وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
|
۽ بيشڪ اهي (شهر) عام رستي تي آهن. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
|
يشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ نشاني آهي. |
| وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
|
۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي) وارا ظالم هئا، |
| فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
|
پوءِ انهن کان بدلو ورتوسون. ۽ بيشڪ اهي ٻئي (لوط ۽ ايڪه جا) شهر ظاهر رستي تي آهن. |
| وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
|
۽ بيشڪ حِجر جي رهڻ وارن، رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
| وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
|
۽ اسان انهن کي پنهنجيون نشانيون ڏنيون، پوءِ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ ٿيا، |
| وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
|
۽ بي فڪرا ٿي جبلن کي ٽاڪي گهر ٺاهيندا هئا، |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
|
پوءِ صبح ٿيندي کين دهشت ناڪ آواز ورتو، |
| فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
|
پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
|
۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي پوءِ (انهن جي بي ادبيءَ کان) چٽي نموني درگذر ڪر! |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
|
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي پيدا ڪندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
| وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
|
۽ بيشڪ اسان توکي دهرايل (مضمونن واريون وڏيون) ست (سورتون) ۽ وڏو قرآن (يعني سورت فاتحه) ڏنو آهي. |
| لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
|
تون پنهنجيون اکيون کڻي ان شيءِ (دنيا جي رونق) ڏي ڪڏهن به نه ڏس جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو آهي ۽ انهن (جي ايمان نه آڻڻ) تي ڏک نه ڪر ۽ ايمان وارن جي اڳيان پاڻ کي بالڪل نرم ڪر. |
| وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
|
۽ چئو ته بيشڪ آءُ ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان |
| كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
|
(اهڙي عذاب کان) جهڙو اسان (مذهبي ڪتاب کي) ورهائيندڙن تي نازل ڪيو آهي، |
| الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
|
جن (پنهنجي) قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. |
| فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
|
پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اسين انهن سڀني کان جيڪي پيا ڪن، |
| عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
|
تنهن بابت پڇنداسون. |
| فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
|
پوءِ جيڪو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر! |
| إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
|
بيشڪ اسين تولاءِ (انهن) ٽوڪ ڪندڙن (جي شرارت) کان بس آهيون، |
| الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
|
جيڪي الله سان گڏ ٻيو معبود مقرر ڪن ٿا، پوءِ اهي جلد ڄاڻي وٺندا. |
| وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
|
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته تنهنجو سينو انهن جي ڳالهين کان تنگ ٿئي ٿو. |
| فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
|
پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ پاڪائي ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان هُج. |
| وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جي عبادت ڪر، جيستائين تو وٽ يقيني ڳالهه (يعني موت) اچي. |