القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ الۡحِجۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 99


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1)

الف لام را. هي آيتون ڪتابِ (الاهي) ۽ روشن قرآن جون آهن.

رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2)

(اُهو وقت به ٿيندو جو) ڪافر گھڻو ئي خواهش ڪندا ته ”هائو جي مسلمان هجن ها“.

ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3)

انهن کي ڇڏي ڏي ته کائن (پيئن) ۽ مزا ماڻن ۽ انهن کي (ڪوڙي) اميد غافل رکي پوءِ سگھوئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.

وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4)

۽ اسان ڪوبه ڳوٺ هلاڪ نه ڪيو مگر هي جو ان لاءِ هڪ ڄاتل (مهلت جي مُدت) لکيل هئي.

ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5)

ڪوبه گروهه پنهنجي موت (جي مقرر مدت) کان نه اڳتي وڌي سگھي ٿو ۽ نه پوئتي هٽي سگھي ٿو.

وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6)

۽ (ڪافرن) چيو: ”اي شخص! جنهن تي قرآن لاٿو ويو آهي بيشڪ تون مجنون آهين.

لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7)

تون اسان وٽ ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين؟ جي تون سچن مان آهين“.

ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8)

اسان ملائڪن کي حق سان ئي لاهيون ٿا ۽ (جڏهن اهي لهن ٿا ته) ان وقت انهن (ڏوهارين) کي مهلت نه ڏني ويندي آهي.

إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9)

بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان ئي ان جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.

وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10)

۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ پهرين امتن ۾ به رسول موڪليا هئا.

وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11)

۽ انهن وٽ ڪوبه رسول نه ايندو هيو مگر اهي ان تي مسخريون ڪندا هئا.

كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12)

اهڙي طرح اسان ان (گمراهي) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪيون ٿا.

لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

اهي ان (قرآن) تي ايمان ڪونه آڻيندا ۽ بيشڪ پهرين جي رَوشِ به ائين گذري چڪي آهي.

وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14)

۽ جي اسان انهن تي آسمان مان ڪو دروازو کوليون ۽ هي ان مان (ڏينهن ڏٺي جو) چڙهندا به رهن.

لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15)

ته به ائين چوندا ته ”اسان جي نظر بندي ڪئي وئي آهي بلڪه اسان جادو ڪيل قوم آهيون“.

وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16)

۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ مضبوط قلعا بنايا آهن ۽ اسان ان کي ڏسڻ وارن لاءِ (ستارن سان) سينگاريو آهي.

وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17)

۽ هر تڙيل شيطان کان اسان ان جي نگهباني ڪئي آهي.

إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18)

پر جيڪو لِڪي ٻڌي ٿو ته چمڪندڙ اُماڙي ان جي پويان پوي ٿي.

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19)

۽ اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان مضبوط جبل وڌا ۽ اسان ان ۾ هر جنس کي (پوري) توازن سان ڄمايو.

وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20)

۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا سامان (مهيا) ڪيا ۽ ان (مخلوقات) لاءِ به جن کي اوهان رزق مهيا نه ٿا ڪيو.

وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21)

۽ اهڙي ڪا به شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن، ۽ اسان ان کي مقرر اندازي سان ئي لاهيون ٿا.

وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22)

۽ اسان هوائن کي (ڪڪرن جا) بار کڻندڙ ڪري موڪليون ٿا پوءِ اسان آسمان مان پاڻي لاهيون ٿا پوءِ اُهو اوهان کي پياريون ٿا، ۽ اوهان ان کي گڏ ڪرڻ وارا نه آهيو.

وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23)

۽ بلاشڪ اسان ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀني جا) وارث آهيون.

وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24)

۽ بيشڪ اسان انهن کي ڄاڻون ٿا جيڪي اوهان مان اڳ گذري چڪا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.

وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25)

۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن کي گڏ ڪندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻڻ وارو آهي.

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26)

۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو چيڪي (وڄندڙ) مِٽيءَ مان جا (پهريائين) ڪاري (۽) سڙيل (گارو) هئي.

وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27)

۽ جِنن کي ان کان اڳ اسان پيدا ڪيو بنا دونهين واري شديد جلائيندڙ باهه مان.

وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28)

۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي فرمايو ته: ”بيشڪ آءٌ هڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آهيان. چيڪي (وڄندڙ) مٽيءَ مان جا ڪاري سڙيل (گارو) هوندي.

فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29)

پوءِ جڏهن ان کي (ٺاهي) برابر ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهان ان جي اڳيان سجدي ۾ڪِري پئجو“.

فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30)

پوءِ سڀ ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31)

سواءِ ابليس جي. ان سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ ٿيڻ کان انڪار ڪيو.

قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32)

(الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڇا ٿيو؟ جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ نه ٿئين“.

قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33)

(ابليس) چيو: ”آءٌ اهڙو ناهيان جو ان بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو چيڪي (وڄندڙ) مٽي جا ڪاري (۽) سڙيل هئي مان پيدا ڪيو آهي“.

قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34)

(الله) فرمايو: ”پوءِ هن (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.

وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35)

۽ بيشڪ تنهنجي مٿان بدلي واري ڏينهن تائين لعنت آهي“.

قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36)

(ابليس) چيو: ”اي منهنجا مالڪ! پوءِ مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جنهن ۾ (مُردا جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا“.

قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37)

(الله) فرمايو: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين.

إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38)

ڄاتل وقت واري ڏينهن تائين“.

قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39)

(ابليس) چيو: ”اي پالڻهار! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهنڪري آءٌ به انهن لاءِ زمين ۾ (بدي) کي سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراهه ڪندس.

إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40)

سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جيڪي چونڊيل آهن“. (يعني انبياءُ و اولياء)

قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41)

(الله) فرمايو: ”هي رستو جيڪو مون تائين سڌو آهي.

إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42)

بيشڪ منهنجي (چونڊيل) ٻانهن تي تنهنجو ڪو زور نه هلندو سواءِ انهن گمراهن جي جيڪي تنهنجي پٺيان هليا.

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43)

۽ بيشڪ انهن سڀني جي لاءِ وعدي جي جاءِ دوزخ آهي“.

لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44)

جنهن کي ست دروازا آهن. هر دروازي لاءِ انهن (دوزخين) مان حصو ورهايل آهي.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45)

بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ رهندا.

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46)

(چيو ويندو) ان ۾ سلامتي سان بي خوف بنجي داخل ٿيو.

وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47)

۽ انهن جي سينن ۾ جو ڪينو هوندو سو ڪڍي ڇڏينداسين. پاڻ ۾ ڀائر بنجي تختن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويهندا.

لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48)

انهن کي ان (جنت) ۾ نه ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه ئي ان مان ڪڍيا ويندا.

نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49)

(اي نبي) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏي ته بيشڪ آءٌ ئي بخشڻهار ٻاجهارو آهيان.

وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50)

۽ بيشڪ منهنجو عذاب ئي ڏاڍو دردناڪ عذاب آهي.

وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51)

۽کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌاءِ.

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52)

جڏهن اُهي وٽس آيا ته سلام چيائون (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ اسان کي اوهان کان ڊپ لڳي ٿو“.

قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53)

چيائون: ”ڊپ نه ڪر بيشڪ اسان تو کي علم واري پُٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏيون ٿا“.

قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54)

ابراهيم چيو: ”ڇا اوهان مون کي ان حال ۾ خوشخبري ڏيو ٿا؟ جو مون کي ڪراڙپ اچي چڪي آهي سو اوهان ڇا جي خوشخبري ٿا ڏيو“؟

قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55)

چيائون: ”اسان تو کي سچي خوشخبري ڏني آهي، سو تون نا اميدن مان نه ٿيءُ“.

قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56)

(ابراهيم) چيو: ”پنهنجي پروردگار جي رحمت مان ڪير ٿو نا اميد ٿئي! سواءِ گمراهن جي“.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57)

(ابراهيم) پڇيو: ”اي موڪليل (ملائڪو) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي“؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58)

چيائون: ”بيشڪ اسان کي ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليو ويو آهي.

إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59)

سواءِ لوط جي گهراڻي جي. بيشڪ اسان انهن سڀني کي بچائينداسين.

إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60)

سواءِ سندس زال جي اسان طئي ڪيو آهي ته بيشڪ اها ضرور پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي“.

فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61)

پوءِ جڏهن لوط جي خاندان وٽ موڪليل (ملائڪ) آيا.

قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62)

(لوط) چيو ته: ”بيشڪ اوهان اڻ سڃاتل (اجنبي لڳي رهيا) آهيو“.

قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63)

چيائون: (ائين ناهي) ”بلڪه اسان تو وٽ اهو (عذاب) کڻي آيا آهيون جنهن ۾ اُهي (ڏوهاري) شڪ ڪندا هئا.

وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64)

۽ اسان تو وٽ حق (جو فيصلو) کڻي آيا آهيون ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون.

فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65)

سو تون پنهنجي گهراڻي کي رات جي ڪنهن حصي ۾ وٺي نڪر ۽ تون پاڻ انهن جي پويان پويان هل ۽ اوهان مان ڪوبه پوئتي نه واجهائي ۽ اوهان کي جتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي (اوڏانهن) وڃو“.

وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66)

۽ اسان لوط تائين اهو فيصلو پهچايو ته بلاشڪ صبح ٿيندي ئي انهن جي پاڙ پٽجي ويندي.

وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67)

۽ شهر وارا (لوط وٽ)خوش ٿيندا آيا.

قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68)

(لوط) چيو: ”بيشڪ هي منهنجا مهمان آهن پوءِ مون کي شرمسار نه ڪيو.

وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69)

۽ الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪيو“.

قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70)

چيائون: ”ڇا اسان تو کي دنيا جي ماڻهن (جي ٽڪائڻ) کان روڪيو نه هيو“.

قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71)

(لوط) چيو: ”هي منهنجون (قوم جون) نياڻيون آهن جيڪڏهن اوهان (نڪاح) ڪرڻ وارا آهيو“.

لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72)

(اي حبيب!) تنهنجي حياتيءَ جو قسم بيشڪ اهي (به لوط جي قوم وانگر) پنهنجي مستي ۾ (عقل جا) انڌا ٿيا وتن ٿا.

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73)

پوءِ انهن کي سج اڀرڻ جي وقت دهشتناڪ آواز ورتو.

فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74)

پوءِ اسان انهن جي بستي جو مٿيون حصو هيٺيون بنايوسين (يعني اونڌو ڪيوسين) ۽ اسان انهن تي پڪل مِٽيءَ جا ڪُڪرا وسايا.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75)

بيشڪ ان (واقعي) ۾ اهلِ فراست لاءِ نشانيون آهن.

وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76)

۽ بيشڪ اُها بستي (جتي اهو واقعو ٿيو سا) هڪ آباد رستي تي واقع آهي.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77)

بيشڪ ان (واقعي) ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آهي.

وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78)

۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي) وارا (قومِ شعيب جا ماڻهو به) ظالم هئا.

فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79)

پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو، ۽ اُهي ٻئي (لوط ۽ ايڪه جون اجڙيل) بستيون کلي شاهراه تي واقع آهن.

وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80)

۽ بيشڪ حجر (قومِ ثمود جي علائقي) جي رهواسين به رسولن کي ڪوڙو چيو.

وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81)

۽ اسان انهن کي پنهنجون نشانيون ڏنيون پر اُهي انهن کان منهن موڙيندڙ هئا.

وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82)

۽ بي خوف و خطر جبلن کي ڪَٽي گهر ٺاهيندا هئا.

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83)

پوءِ صبح ٿيندي ئي انهن کي دهشتناڪ آواز پڪڙيو.

فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84)

پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو (مال) کين (عذاب کان) بچائي نه سگهيو.

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85)

۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي حق سان ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي پوءِ (انهن جي ايذاء رسانين کان) سهڻي نموني درگذر ڪندو رهه.

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86)

بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ جو) پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.

وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87)

۽ بيشڪ اسان تو کي بار بار دهرايون ويندڙ ست آيتون (يعني سورة فاتحه) ۽ وڏي عظمت وارو قرآن عطا ڪيو آهي.

لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88)

۽ تون انهن (دنياوي زيب و زينت جي) شين کي اکيون کڻي به نه نهار جن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو آهي ۽ انهن جي (گمراهي) مٿان غم به نه ڪر ۽ ايمان وارن لاءِ (شفقت ۽ ٻاجهه) جون ٻانهون جهڪيل رک.

وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89)

۽ چؤ ته: ”بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.

كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90)

جيئن اسان ورهائڻ وارن (يهود و نصارى) تي (عذاب) لاٿو هيو.

الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91)

جن ماڻهن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. (يعني ڪجھه مڃن ۽ ڪجھه نه مڃن)

فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92)

پوءِ تنهنجي پالڻهار جو قسم ته اسان انهن سڀني کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين.

عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93)

انهن عملن بابت جيڪي ڪندا هئا.

فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94)

پوءِ (اي نبي) ظاهر (ظهور اعلان)ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ.

إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95)

بيشڪ اسان تو لاءِ ٽوڪ ڪرڻ وارن (جي ايذائڻ ) کان ڪافي آهيون.

الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96)

جيڪي الله سان گڏ ٻيو معبود بنائن ٿا اهي جلد (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.

وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97)

۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته تنهنجو سينو انهن ڳالهين کان تنگ ٿئي ٿو جيڪي اهي چون ٿا.

فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98)

پوءِ پنهنجي پروردگار جي تعريف سان سندس تسبيح پڙهه ۽ سجدي گذارن مان ٿي رهه.

وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99)

۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪر ايستائين جو توتي (اها آخري گھڙي) اچي جنهن جو اچڻ يقيني آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025