| الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
|
الٓرٰ. هي مقدس ڪتاب ۽ قرآن مبين جون آيتون آهن |
| رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
|
اهي ڪافر گھڻيون آرزوئون ڪندا ته ڪاش اهي مسلمان ٿين ها |
| ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
توهان انهن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏيو ته کائن ۽ پيئن ۽ دنيا مان نفعو وٺن ۽ سندن ڊگھي حياتي ڀلي ته کين ايمان کان پري رکي پوءِ پاڻ جلدي معلوم ڪندا |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
|
۽ اسان نه هلاڪ ڪيا ڳوٺن وارا مگر انهن جي هلاڪت جو وقت معلوم هو |
| ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
|
ڪا امت هلاڪت جي وقت کان اڳتي پوئتي ٿي نٿي سگھي |
| وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
|
۽ ڪافرن (مذاق سان) چيو ته اهو شخص جنهن تي قرآن نازل ڪيو ويو آهي (اُهو) بيشڪ مجنون آهي |
| لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
|
جيڪڏهن تون (نبوت جي دعويٰ ۾) سچو آهين ته پوءِ ڇو نٿو ملائڪن کي آڻين (اهي شاهدي ڏين ته تون سچو رسول آهين) |
| ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
|
اسين ملائڪ نٿا نازل ڪريون مگر حق سان ۽ انهن کي ان وقت مهلت نه ڏني ويندي |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن ڪريم نازل فرمايو آهي ۽ بيشڪ اسين پاڻ ان جا محافط آهيون |
| وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
|
۽ تحقيق اسان توهان کان اَڳِيَنِ امتن ۾ به رسول موڪليا |
| وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
|
۽ نه ٿي آيو انهن وٽ ڪو پيغمبر مگر ان سان اهي مذاق ڪندا هئا |
| كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
|
اهڙي طرح اسين (مذاق کي) مجرمن جي دلين ۾ داخل ڪريون ٿا |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
(انهي سببان) اهي قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيندا ۽ تحقيق پَهِرِيَنِ ڪافرن جو به اهو طريقو هو |
| وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪڏهن (بالفرض) اسين ڪافرن لاءِ ڪو آسمان جو دروازو کولي ڇڏيون پوءِ اهي ان ۾ چڙهن |
| لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
|
تڏهن به اهي چوندا ته اسان جي نظربندي ڪئي وئي آهي بلڪ اسان تي جادو ڪيو ويو آهي |
| وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
|
۽ تحقيق اسان آسمان ۾ برج (ستارا) پيدا ڪيا ۽ اسان انهن کي ڏسندڙن لاءِ خوبصورت بنايو |
| وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
|
۽ اسان انهن کي هر شيطان مردود کان محفوظ بنايو |
| إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
|
مگر جيڪو شيطان لِڪ ڇُپ ۾ (غيب جون خبرون) ٻڌي ٿو، پوءِ ان جي پويان روشن شعلو لڳي ٿو |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
|
۽ اسان زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ اسان جبل کوڙيا ۽ اسان ان ۾ حسبِ ضرورت هر شيءِ پيدا ڪئي |
| وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
|
۽ اسان ان ۾ توهان لاءِ ضرورتِ زندگي جي هر شيءِ پيدا ڪئي ۽ انهن لاءِ به جن کي توهان رزق نٿا ڏئي سگھو |
| وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
|
۽ اسان وٽ هر شيءِ جا خزانا (موجود) آهن ۽ اسان انهن کي پنهنجي مقرر ڪيل اندازي سان نازل ڪريون ٿا |
| وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
|
۽ اسان ڪڪرن کي کڻندڙ هوائون موڪليون ٿا پوءِ اسان آسمان مان مينهن وسايو پوءِ اسان توهان کي اهو پاڻي پياريو. ۽ توهان ان پاڻي کي گڏ ڪندڙ ناهيو |
| وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ اسين ئي جياريون ٿا ۽ اسين ئي ماريون ٿا ۽ اسين ئي (هر شيءِ جا) مالڪ آهيون |
| وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
|
۽ تحقيق اسان کي معلوم آهي جيڪي توهان مان اڳتي وڌيا ۽ اسان کي معلوم آهي جيڪي توهان مان پوئتي رهيا |
| وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
|
۽ بيشڪ توهان جو رب انهن سڀني کي گڏ ڪندو، بيشڪ اهو وڏي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
|
۽ تحقيق اسان (حضرت) آدم کي کڙڪي واري مٽيءَ مان پيدا ڪيو اها مٽي ڪاري (۽) بدبودار هئي |
| وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
۽ اسان جنن کي ان کان اڳ ۾ شعله هڻندڙ باه مان پيدا ڪيو |
| وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
|
۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي حڪم فرمايو ته بيشڪ آئون هڪ انسان کي کڙڪي واري، ڪاري، بدبودار مٽيءَ مان پيدا ڪندڙ آهيان |
| فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ جنهن وقت آئون ان جي تخليق مڪمل ڪريان ۽ آئون ان ۾ پنهنجو روح ڦُوڪيان ته پوءِ توهان سڀئي ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو |
| فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ (حڪم موجب) سمورن ملائڪن گڏجي (آدم کي) سجدو ڪيو |
| إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
|
ابليس کان علاوه، ابليس انڪار ڪيو جو سجدي ڪندڙن مان هجي |
| قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
|
الله تعالى فرمايو اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪندڙن مان نه ٿِئِين |
| قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
|
ابليس چيو مون کي مناسب ناهي ته آئون هڪ انسان کي سجدو ڪريان جنهنکي تو کڙڪي واري، ڪاري، بدبودار مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي |
| قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
|
الله فرمايو تون بهشت مان نڪري وڃ پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين |
| وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
|
۽ بيشڪ توتي قيامت جي ڏينهن تائين لعنت آهي |
| قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
|
ابليس چيو اي منهنجا رب پوءِ تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي |
| قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
|
الله فرمايو بيشڪ توکي ان مقرر وقت (قيامت) تائين موڪل آهي |
| إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
|
ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين |
| قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
|
ابليس چيو اي منهنجا رب قسم سان تو مون کي گمراه ڪيو، آئون انهن کي زمين ۾ ڀلائيندس ۽ ضرور آئون انهن سڀني کي گمراه ڪندس |
| إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
تنهنجي مخلص ٻانهن کان علاوه |
| قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
|
الله تعالى فرمايو هي منهنجي طرف سڌو رستو آهي |
| إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
|
بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تنهنجي ڪابه حجت نه هلندي، سواءِ انهن جي جيڪي گمراهي ۾ تنهنجي تابعداري ڪندا |
| وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
|
۽ بيشڪ انهن سڀني جي جاءِ جهنم هوندي |
| لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
|
جهنم جا سَتَ دروازا هوندا، هر هڪ دروازي لاءِ (جهنمين جا) ڀاڱا مقرر ڪيل هوندا |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
|
بيشڪ پرهيز گار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
|
(فرشتا چوندا) توهان بهشت ۾ سلامتي ۽ امن سان داخل ٿيو |
| وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
|
۽ اسين بهشتين جي دلين مان ڪيني کي ٻاهر ڪڍنداسين، اهي پاڻ ۾ ڀائر ٿي تختن تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويهندا |
| لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
|
انهن کي بهشت ۾ ڪابه تڪليف نه پهچندي ۽ نه ئي اهي بهشت مان ٻاهر ڪڍيا ويندا |
| نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
|
رسولِ عربي توهان منهنجي ٻانهن کي ٻڌايو ته بيشڪ آئون ئي غفور رحيم آهيان |
| وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ منهنجو عذاب ئي دردناڪ عذاب آهي |
| وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
|
۽ توهان پنهنجي امت کي (حضرت) ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌايو |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
|
جڏهن انهن (فرشتن) ابراهيم وٽ پهچي السلام عليڪم چيو، ابراهيم چيو بيشڪ آئون توهان کان خوف ڪريان ٿو |
| قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
|
فرشتن چيو تون خوف نه ڪر بيشڪ اسين توکي گھڻي علم واري پٽ جي مُبارڪ ڏيون ٿا |
| قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
|
ابراهيم چيو ڇا توهان مون کي پيرسنيءَ ۾ مبارڪ ڏيو ٿا، (هاڻي) توهان مون کي ڪهڙي مبارڪ ڏيو ٿا ! |
| قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
|
فرشتن چيو اسين توکي سچي بشارت ڏيون ٿا پوءِ تون نااميدن مان نه ٿيءُ |
| قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
|
(حضرت) ابراهيم چيو ته رب جي رحمت مان گمراهن کان سواءِ ڪير به نااميد نٿو ٿئي |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
|
ابراهيم چيو اي فرشتا توهان ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
|
فرشتن چيو بيشڪ اسين هڪ مجرم قوم ڏانهن (عذاب لاءِ) موڪليا ويا آهيون |
| إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
|
لُوط جي گھراڻي وارن کانسواءِ، جن مڙني کي اسين ضرور بچائيندڙ آھيون |
| إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
|
سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ طئي ڪيوسون تہ اُھا رھيلن مان آھي |
| فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
|
پوءِ جڏهن (حضرت) لوط وٽ فرشتا (عذاب وارا) آيا |
| قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
|
لوط فرشتن کي چيو ته بيشڪ توهان ناواقف ماڻهو آهيو |
| قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
|
فرشتن چيو بلڪ اسين تو وٽ اهو (عذاب) کڻي آيا آهيون جنهن ۾ اهي شڪ ڪندا هئا |
| وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
|
۽ اسين تو وٽ سچ کڻي آيا آهيون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون |
| فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
|
پوءِ تون پنهنجي گھر وارن کي رات جي حصي ۾ ٻاهر ڪڍي وڃ ۽ تون انهن جي پويان وڃ ۽ توهان مان ڪو پويان ڦِري نه ڏسي، ۽ توهان اوڏانهن هليا وڃو جيڏانهن توهان کي حڪم ڪيو ويو آهي |
| وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
|
۽ اسان لوط کي اهو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته تحقيق صبح جي وقت انهن جِي پاڙ پَٽي ويندي |
| وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
|
۽ شهر (سَدُومُ) وارا خوش ٿي آيا |
| قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
|
لوط چيو تحقيق اهي منهنجا مهمان آهن پوءِ توهان مون کي شرمندو نه ڪريو |
| وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
|
۽ الله تعالى جو خوف ڪريو ۽ مون کي خوار نه ڪريو |
| قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
|
انهن چيو ڇا اسان توکي ٻين جي معاملي ۾ پوڻ کان منع نه ڪئي هئي ؟ |
| قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
|
لوط چيو اهي منهنجو نياڻيون آهن جيڪڏهن توهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا |
| لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان جي زندگي جو قسم ته بيشڪ اهي پنهنجي نشي ۾ انڌا ٿي پيا |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ صبح جي وقت انهن تي هڪ خطرناڪ دانهن ٿي |
| فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
|
پوءِ اسان اُن ڳوٺ کي برباد ڪيو ۽ اسان انهن جي مٿان باه مان پڪل ٺڪرين جو مينهن وسايو |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن |
| وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
|
۽ بيشڪ اهو ڳوٺ ان رستي تي آهي جيڪو اڃان هلي رهيو آهي |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ مؤمنن لاءِ نشاني آهي |
| وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
|
۽ (حضرت) شعيب جي قوم وارا به ظالم هئا |
| فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
|
پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو، ۽ بيشڪ اُهي ٻَئي ڳوٺ کُليل رستي تي آهن |
| وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
|
۽ تحقيق حِجرِ وارن رسولن کي ڪوڙو سمجھو |
| وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
|
۽ اسان انهن کي نشانيون ڏنيون پوءِ انهن نشانين مڃڻ کان انڪار ڪيو |
| وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
|
۽ اهي بنا ڪنهن خوف خطري جي جبلن کي تراشي گھر تيار ڪندا هئا |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
|
پوءِ صبح جي وقت انهن کي خوفناڪ آواز پهتو |
| فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
|
پوءِ سندن مضبوط گھر ۽ ملڪيت کين عذابِ الاهي کان بچائي نه سگھيا |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
|
۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن جي وچ ۾ آهن مگر حق سان، ۽ بيشڪ قيامت ايندڙ آهي، پوءِ توهان انهن کي سهڻي نموني سان درگذر ڪريو |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
|
بيشڪ توهان جو رب ئي خوب پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي |
| وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
|
۽ تحقيق اسان توهان کي الحمد شريف ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي |
| لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
|
توهان ڪافرن جَي دنياوي ساز و سامان ڏانهن متوجه نه ٿيو ۽ ڪافرن جي ايمان نه آڻڻ تي غم نه ڪريو ۽ توهان مؤمنن سان نرمي ڪريو |
| وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
|
۽ توهان فرمايو ته بيشڪ آئون صاف ڊيڄاريندڙ آهيان |
| كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
|
جيئنڪ اسان تقسيم ڪندڙن تي عذاب لاٿو |
| الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
|
(يعنى) جن ماڻهن قرآن ڪريم کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪيو |
| فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
|
(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ اُنھن مڙني کان ضرور پڇنداسون |
| عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
|
جيڪي ڪندا آھن تنھن بابت ~ |
| فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
|
پوءِ توهان اهي شرعي احڪامات ظاهر ڪريو جنهنجو توهان کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ مشرڪن کان پاسو ڪريو |
| إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
|
بيشڪ اسين انهن مذاق ڪندڙن کي تباه ڪنداسين |
| الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
|
(يعنى) جيڪي ماڻهو الله تعالى سان شرڪ ڪن ٿا پوءِ انهن کي جلدي خبر پئجي ويندي |
| وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
|
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته تحقيق توهان جو سينو مبارڪ تنگ ٿئي ٿو انهن جي ڳالهين ٻُڌڻ سان |
| فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
|
پوءِ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تعريف ڪريو ۽ توهان سجدي ڪندڙن مان هُجو |
| وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
|
۽ آخري وقت تائين توهان عبادت تي (ثابت قدم) رهو |