| الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
|
الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن. |
| رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
|
ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا. |
| ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا. |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
|
۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو. |
| ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
|
ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي. |
| وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
|
۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين. |
| لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
|
جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟ |
| ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
|
(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
|
اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون. |
| وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون. |
| وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
|
۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا. |
| كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
|
۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون. |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي. |
| وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن. |
| لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
|
ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون. |
| وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
|
۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون. |
| وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
|
۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون. |
| إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
|
پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
|
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون. |
| وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
|
۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو. |
| وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
|
۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون. |
| وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
|
۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو. |
| وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
|
۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون. |
| وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
|
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
|
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
|
۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو. |
| وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون. |
| وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
|
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان. |
| فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو. |
| فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. |
| إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
|
سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو. |
| قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
|
(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين. |
| قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
|
(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي. |
| قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
|
(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين. |
| وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
|
۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي. |
| قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
|
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي. |
| قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
|
(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين. |
| إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
|
ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين. |
| قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
|
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس. |
| إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن. |
| قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
|
(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين. |
| إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
|
گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي. |
| وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
|
۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي. |
| لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
|
اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
|
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا. |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
|
(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو. |
| وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
|
۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا. |
| لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
|
اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا. |
| نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
|
(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان. |
| وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
|
۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
| وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
|
۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي. |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
|
جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون. |
| قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
|
چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا. |
| قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
|
(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟ |
| قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
|
چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ. |
| قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
|
(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟ |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
|
(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي. |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
|
چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون. |
| إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
|
مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون. |
| إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
|
سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي. |
| فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
|
پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا. |
| قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
|
(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو. |
| قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
|
چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا. |
| وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
|
۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون. |
| فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
|
پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو. |
| وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
|
۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي. |
| وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
|
۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا. |
| قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
|
(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو. |
| وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
|
۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم. |
| قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
|
چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟ |
| قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
|
(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن. |
| لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
|
(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن. |
| فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
|
۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
|
بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن. |
| وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
|
۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
|
بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن. |
| وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
|
۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا. |
| فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
|
پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا. |
| وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
|
۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو. |
| وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
|
۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا. |
| وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
|
۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
|
پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو. |
| فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
|
پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
|
۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر. |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
|
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
| وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
|
۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون. |
| لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
|
اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر. |
| وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
|
۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
| كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
|
جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون. |
| الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
|
جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو. |
| فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
|
(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون. |
| عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
|
جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت. |
| فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
|
جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ. |
| إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
|
اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي. |
| الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
|
جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا. |
| وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
|
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي. |
| فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
|
۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج. |
| وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
|
۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي. |