| الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
|
ا- ل- ر- هي ڪتاب ۽ کولي ٻڌائيندڙ قرآن جون آيتون آهن. |
| رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
|
ڪافر گهڻو ئي خواهش ڪندا ته جيڪر هو (دنيا ۾) مسلمان هجن ها! |
| ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
تون ڇڏين ته کائين ۽ سکيو گذارين ۽ سندن آسرن ۾ محو رهن، جلد ئي خبر پوندن. |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
|
اسان جيڪو به ڳوٺ ناس ڪيو آهي ان لاءِ حڪم مقرر ٿيل هو. |
| ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
|
ڪا به امت نڪي سندس وقت کان اڳ ناس ٿي ٿئي نه پوئتي هٽي ٿي. |
| وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
|
(ڪافر) چون ٿا ته ”اي قرآن لٿل شخص! تون پڪ سان چريو آهين!. |
| لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
|
ڀلا جي سچو آهين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نٿو آڻين؟“ |
| ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
|
(مگر) اسين ملائڪن کي رڳو فيصلي لاءِ موڪليندا آهيون ۽ ان وقت کين مهلت نه ملندي- |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
|
اسان ئي قرآن موڪليو آهي ۽ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. |
| وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
|
اسان توکان اڳ اڳين جماعتن ۾ به (ائين ڪتاب) موڪليا هئا. |
| وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
|
جيڪو به رسول وٽن آيو ٿي، ته ان تي مسخريون ڪندا هئا- |
| كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
|
اسين ڏوهارين جي دلين ۾ ائين ئي وجهندا آهيون. |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جو انهيءَ کي نه مڃيندا آهن ۽ اڳين جي ريت هلي ايندي آهي. |
| وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
|
۽ اسين جي، مٿن کڻي آسمان مان ڪو دروازو کوليون، جو هو ان ۾ سدائين چڙهندا رهن. |
| لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
|
ته به جيڪر ضرور چون ته اسان جي نظر بندي ڪيل آهي، بلڪه اسين جادو ڪيل ٽولو آهيون. |
| وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
|
بيشڪ اسان آسمان ۾ برج بنايا ۽ کيس ڏسندڙن لاءِ سينگاريوسون. |
| وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
|
۽ کيس هر ڪنهن تڙيل شيطان کان سنڀاليوسون. |
| إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
|
مگر جيڪو لڪي چوريءَ ٻڌندو آهي ته ان پٺيان روشن اماڙ پوي ٿو. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
|
اسان زمين کي پکيڙيو، ان ۾ ڳرا جبل وڌاسون ۽ منجهس هر چيز اندازي سان اڀاڙي سون. |
| وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
|
اسان انهيءَ ۾ اوهان خواهه انهن لاءِ روزي پيدا ڪئي، جن کي اوهين کاڌو نٿا ڏيو. |
| وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
|
ڪا به اهڙي شيءِ ناهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن، مگر اسين اها مقرر انداز موجب ئي موڪليون ٿا. |
| وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
|
اسين ڪڪر کڻندڙ هوائن کي موڪليون ٿا، پوءِ آسمان مان پاڻي موڪليون ٿا جي اوهان کي پياريون ٿا، جو اوهان گڏ ڪري نٿا سگهو. |
| وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
|
بيشڪ، اسين ئي جياريون خواهه ماريون ٿا ۽ اسين ئي باقي رهنداسون. |
| وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
|
بيشڪ اسين اوهان جي اڳين کي به ڄاڻون ٿا ۽ اوهان جي پوين کي به ڄاڻون ٿا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو رب ئي هنن کي گڏ ڪندو، اهو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
|
اسان انسان کي سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو. |
| وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
جنن کي انهيءَ کان اڳ ڄر واريءَ باهه مان ٺاهيوسون. |
| وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
|
جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته ”بيشڪ آءُ سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان هڪ انسان بڻائيندس. |
| فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ جڏهن کيس تيار ڪريان ۽ منجهس پنهنجي روح مان ڦوڪيان ته اوهان ان اڳيان سجدو ڪجو. |
| فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ ٻين سڀني سجدو ڪيو، |
| إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
|
سواءِ ابليس جي، هن سجدي ڪندڙن سان گڏ هجڻ کان انڪار ڪيو. |
| قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
|
الله چيو ”ابليس! تون ڇا جي ڪري سجدي ڪندڙن مان نه ٿئين؟“ |
| قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
|
چيائين ”آءُ سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان تنهنجي ٺاهيل انسان کي سجدو ڪري نٿو سگهان!“ |
| قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
|
چيائين ” تڏهن هن مان نڪري وڃ، جو تون تڙيل آهين. |
| وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
|
۽ توتي ڏينهن قيامت تائين لعنت آهي.“ |
| قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
|
چيائين ”اي ڌڻي! تڏهن مون کي ڏينهن قيامت تائين مهلت ڏي.“ |
| قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
|
چيائين ”توکي مهلت ڏني ويئي. |
| إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
|
مقرر وقت جي ڏينهن تائين. |
| قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
|
چيائين ”اي ڌڻي! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي، ان ڪري آءُ به انهن لاءِ زمين کي سهڻو ڪندس ۽ پڻ سڀن کي ضرور گمراهه ڪندس. |
| إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
تنهنجي سچن ٻانهن کان سواءِ.“ |
| قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
|
چيائين ”هي مون ڏانهن سڌو رستو آهي. |
| إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
|
بيشڪ منهنجي ٻانهن تي توکي ڪو به زور ڪونهي، سواءِ گمراهن جي، جي تنهنجا تابعدار ٿيا. |
| وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
|
۽ انهن سڀني لاءِ انجام ٿيل جاءِ جهنم آهي. |
| لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
|
جنهن کي ست دروازا آهن، انهن مان هر ڪنهن دروازي لاءِ انهن جا حصا وراهيل آهن. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
|
بيشڪ نيڪ باغن ۽ چشمن ۾ هوندا- |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
|
(چئبن) اوهين ان ۾ سلامتي ۽ بي ڊپائي سان داخل ٿيو. |
| وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
|
اسان هنن جي سينن مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو، جو ڀائر بڻجي آمهون سامهون تختن تي ويهندا_ |
| لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
|
هنن کي انهي ۾ نڪا تڪليف پهچندي ۽ نه اهي انهيءَ مان ڪڍبا. |
| نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
|
منهنجي بندن کي خبر ڏي ته بيشڪ آءُ بخشيندڙ مهربان به آهيان. |
| وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
|
۽ منهنجو عذاب به نهايت دردناڪ آهي. |
| وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
|
۽ کين ابراهيم جي مهمانن جي به خبر ڏي. |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
|
جڏهن هو وٽس آيا ته چيائون ”سلام!“ چيائين اسين اوهان کان ڊڄون ٿا.“ |
| قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
|
چيائون ”ڊڄ نه، اسين توکي علم واري پٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.“ |
| قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
|
چيائين ”ڇا، مون کي پوڙهائيءَ هوندي به ٿا مبارڪ ڏيو؟ پوءِ ڀلا ڪيئن ٿا مبارڪ ڏيو؟“ |
| قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
|
چيائون ”اسين توکي سچي مبارڪ ٿا ڏيون، ان ڪري تون نا اميد نه ٿيءُ.“ |
| قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
|
چيائين ”منهنجي رب جي رحمت کان گمراهن بنا ٻيو ڪير نا اميد ٿيندو؟“ |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
|
پوءِ پڇيائين ”اي ملائڪ! ڪهڙي ڪم سان آهيو؟“ |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
|
چيائون ”اسين ڏوهارين جي قوم ڏي موڪليل آهيون. |
| إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
|
سواءِ لوط جي خاندان جي، (الله فرمايو آهي ته) اسين انهن سڀني کي بچائينداسون. |
| إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
|
سواءِ سندس زال جي، ان لاءِ اسان مقرر ڪيو آهي ته هوءَ پوئتي رهندي. |
| فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
|
پوءِ جڏهن ملائڪ لوط جي گهراڻي وٽ آيا. |
| قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
|
ته چيائين ”اوهين اڻ واقف ماڻهو آهيو.“ |
| قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
|
چيائون ”اسان اهو آندو آهي جنهن ۾ ڪافر شڪ ڪندا هئا. |
| وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
|
اسان تو وٽ سچ آندو آهي ۽ اسين بلڪل سچ ٿا چئون. |
| فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
|
ان ڪري تون پنهنجي ڪٽنب سميت راتو واهه نڪر، تون سندن پوئتان هل، اوهان مان ڪو به پوئتي نه نهاري ۽ جيڏانهن حڪم ٿيئو، هليا وڃو. |
| وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
|
۽ اسان هن ڏي اهو حڪم موڪليو ته ”صبح جو هنن جي پاڙ پٽبي“. |
| وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
|
شهر وارا خوشيون ڪندا آيا. |
| قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
|
چيائين ”هي منهنجا مهمان آهن، ان ڪري مون کي شرمسار نه ڪريو. |
| وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
|
الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪريو.“ |
| قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
|
چيائون ”ڇا اسان توکي دنيا (جي مهمانيءَ) کان روڪيو نه هو؟.“ |
| قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
|
چيائين ”جي منهنجو چيو ڪريو ته هي منهنجون نياڻيون آهن.“ |
| لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
|
(اي نبي!) تنهنجي عمر جو قسم! هو سندن مستيءَ ۾ انڌا هجن ٿا. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ سج اڀرئي اچي ڪڙڪي ورتن. |
| فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
|
پوءِ اسان انهيءَ جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿن پڪن پهڻين جو مينهن وسايو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ عبرت وٺندڙن لاءِ نشاني آهي. |
| وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
|
۽ هو ڳوٺ ته شاهي رستي تي آهي. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
|
بيشڪ، انهيءَ ۾ مومنن لاءِ نشانيون آهن. |
| وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
|
۽ ”ايڪه“ (ديهه) وارا به ظالم هئا. |
| فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
|
ان ڪري اسان انهن کان به بدلو ورتو- ۽ اهي ٻئي شهر چٽن رستن تي آهن. |
| وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
|
۽ ”حجر“ (ڳوٺ) وارن به رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
|
اسان کين پنهنجيون آيتون ڏنيون، ته به هو انهن کان منهن موڙيندا رهيا. |
| وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
|
۽ هو بي ڊپائيءَ لاءِ جبلن مان گهر گهڙيندا هئا. |
| فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
|
پوءِ صبح جي وقت هنن کي سخت آواز اچي پڪڙيو. |
| فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
|
تڏهن سندن هنر کين ڪنهن به ڪم نه آيو. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
|
اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي سو مصلحت سان ئي بنايو آهي ۽ قيامت ضرور ايندي، پوءِ تون (ڪافرن کان) سهڻي نموني درگذر ڪر. |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
|
بيشڪ، تنهنجو رب وڏو خلقيندڙ، ڄاڻو آهي. |
| وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
|
اسان توکي وري وري پڙهجندڙ ست آيتون ۽ قرآن ڏنا. |
| لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
|
ڪافرن کي هر جنس جو سامان جيڪي ڏنو اٿئون انهي ڏي اکيون ڦيراءِ ۽ نڪي انهن لاءِ ارمان ڪر ۽ مومن لاءِ پنهنجيون ٻانهون جهڪيون ڪر. |
| وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
|
چئو ته بيشڪ آءُ چٽو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
| كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
|
جيئن اسان انهن (دين کي) ڀاڱا ڪندڙن تي عذاب موڪليو. |
| الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
|
جن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. |
| فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
|
پوءِ تنهنجي ڌڻيءَ جو قسم، ته اسين ضرور انهن سڀني کان پڇاڻو وٺنداسون |
| عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
|
سندن ڪمن جو |
| فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
|
پوءِ توکي جيڪي حڪم ڪجي ٿو سوکولي ٻڌاءِ ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر. |
| إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
|
اسين تو بدران انهن مسخريون ڪندڙن لاءِ ڪافي آهيون. |
| الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
|
جي الله سان گڏ ٻيا به سائين ٿا بنائين، پوءِ جلد ئي خبر پوندين. |
| وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
|
۽ اسان کي خبر آهي ته انهن جي گفتن سبب تنهنجي دل تنگ ٿئي ٿي. |
| فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
|
پوءِ تون پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ سان سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ سجدو ڪندڙ ٿي. |
| وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
|
۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي بندگي ڪندو رهه جيستائين توکي موت اچي. |